Thursday, June 27, 2019

حيدرآباد جو ڪچو قلعو - عنايت کٽياڻ


حيدرآباد جو ڪچو قلعو
عنايت کٽياڻ
ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد وڃڻ ٿيو، ته مون هڪ دوست منور خاصخيليءَ کي چيو ته حيدرآباد جا ڪجهه تاريخي ماڳ ڏسڻ هلون، هن به خوش ٿي هائوڪار ڪئي ۽ اسين ٻئي ڪچي قلعي ڏانهن روانا ٿيا سين، هي قلعو حيدرآباد ريلوي اسٽيشن واري علائقي ۾ ڪچو قلعو روڊ تي آهي.
Image result for kacha qila hyderabad


سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني جي دور ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد جو پڪو قلعو ٺهرايو ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڏکڻ ۾ پير محمد شاهه مڪيءَ جي مزار واري دڙي تي هي ڪچو قلعو ۽ پڪي قلعي جي اتر ۾ به هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن کي هاڻي ميان غلام شاهه جو ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو، (ڇو ته هن ڪوٽ جي وچ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو به ٺهيل آهي) هي ٻئي ننڍا قلعا وڏي پڪي قلعي جي حفاظتي چوڪين طور ٺهرايا ويا هئا.
ڪچي قلعي جي هڪ ديوار ۾ لڳل ڪتبي مطابق ۱۰۸۳ هجري جنهن جو عيسوي سن ۱۶۷۱ چيو وڃي ٿو، ليڪن هن قلعي بابت مرزا قليچ بيگ ۱۷۷۲ع تعمير جو سن ٻڌائي ٿو، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومتي دور مطابق صحيح لڳي ٿو، ڇو ته هر تاريخ لکندڙ ان تي متفق آهي ته هي قلعو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ئي ٺهرايو آهي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي والد ميان نور محمد ڪلهوڙي ۱۱۶۸هه مطابق ۱۷۵۴ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ ميان محمد مرادياب تخت تي ويٺو، ليڪن جلد ئي سندس ٻين ڀائرن کيس هٽائي ميان غلام شاهه کي تخت تي ويهاريو، جنهنجو حڪومتي دور ۱۱۶۸ هجري مطابق ۱۷۵۴ع کان ۱۱۸۶ هه مطابق ۱۷۷۲ع تائين رهيو.
ڪچو قلعو ايراضي ۾ ننڍو ۽ ٽڪنڊو آهي، هن قلعي جو مک دروازو آهي ۽ ٻيو پير محمد مڪيءِ جي مزار وارو ننڍو دروازو آهي، قلعو مٿاهين تي آهي، ان ڪري ٻنهي دروازن کان ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، قلعي کي اڌ گول شڪل وارا ۸ برج آهن، جن مان مڪي شاهه جي مزار واري ڪنڊوارو برج ٻين برجن کان وڏو برج آهي، ڪوٽ جو مک دروازو، ديوارون ۽ برجن جا بنياد پڪين سرن جا آهن، باقي مٿي ڪچين سرن واري ديوار ۽ برج آهن، جيڪي تمام زبون حال آهن، سندن ڪنگرا ۽ پلوڙا به ڊهي ختم ٿي ويا آهن، هن وقت هن قلعي جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇو ته هي تاريخي ماڳ وچ شهر ۾ هجڻ باوجود لاوارث آهي، قلعي جي مک دروازي تي پهتاسين ته ان جي آس پاس ڪٻاڙين جا دڪان ٺهي ويا آهن، مک دروازي واري ڏاڪڻ تي به ڀڳل ٽٽل گاڏين جا ڍانچا ۽ ٻيو ڪٻاڙ پيل هو، مون ۽ منور ڪافي ڪوشش ڪئي ته مک دروازي تائين پهچجي ليڪن ڪٿان به رستو نه مليو، نه وري ڪو سٺو ڦوٽو نڪري سگهيو، ڇو ته شاهي دروازي واري ويڪري شاندار ڏاڪڻ تي ديوار ٺاهي دروازو بند ڪيو ويو آهي، هن خوبصورت دروازي جو ٻاهران پورو منظر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، دڪاندارن ٻڌايو ته قلعي ۾ وڃڻ لاءِ مڪي شاهه جي مزار واري پاسي کان وڃي سگهو ٿا، مک در سرڪاري طور تي بند ڪيو ويو آهي، دروازي جي اهڙي حال تي مون کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ڇو ته سڄي قلعي جي ديوار ۾ هي مک دروازو ئي پورو پڪين سرن جو ٺهيل هجڻ ڪري اصل شڪل صورت ۾ موجود آهي ۽ مٿي ويندڙ ويڪري ڏاڪڻ ان کي وڌيڪ شانائتو ڪري رهي آهي، ليڪن ان ڏاڪڻ تي پيل ڪاٺ ڪٻاڙ ۽ آس پاس ڳريل سڙيل گاڏين جا ڍانچا ۽ رڪشن جو سامان اسان جي هن تاريخي ماڳ جي سونهن ۽ سوڀيا کي ناس ڪري رهيو آهي، بحرحال غم ۽ غصي جي حالت ۾ پير محمد شاهه مڪيءَ جي مزار کان وڃي قلعي ۾ داخل ٿياسين، هڪ مزار کان ٻي مزار تي ان کان ٻاهر نڪري بيٺاسين ته ڪچي قلعي جي ديوار نظر آئي، اندر سڄو ميدان قبرن، آستانن ، تڪين سان ڀريو پيو آهي، اڻوندڙ ماحول ۾ اسان مجاورن ۽ موالين جي وچان گذرندي وڃي مک دروازي تي پهتاسين ، جنهن جي اندران واري اڏاوت ٻاهرين اڏاوت جهڙي خوبصورت ته نه آهي، ليڪن پوءِ به ان جون ديوارون ۽ برجن جون اندرين پاسي کان ڪجهه تصويرون ڪڍيون سين ۽ ڏک ۽ پيڙا جي حالت ۾ واپس اچي مڪي شاهه جي مجاور سان ويهي ڪجهه معلومات ورتي، جنهن ٻڌايو ته درگاهه جي بچاءُ لاءِ مک دروازو بند ڪيو ويو آهي، هن کي قلعي بابت ڪابه خبر نه هئي، قلعي جي ديوار جو مزار وارو حصو اندران مزار جي ڪري پڪو ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڪتبو به ان ۾ لڳل آهي، جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، مڪي شاهه جي مزار جي ڪري هي قلعو اوقاف کاتي وارن جي حوالي آهي.
سنڌ حڪومت جي قديمي آثارن واري کاتي کي اپيل ڪجي ٿي ته هن اهم قديمي ماڳ جي سارسنڀال ڪري، ڇو ته هي اسان جو تاريخي ورثو آهي، مڪي شاهه جي مزار کان سواءِ ٻيا جعلي پيرن (تعويذ مافيا) ۽ موالين کان قلعو خالي ڪرايو وڃي ۽ قلعي جي ٻاهران ڪٻاڙين جا قبضا ختم ڪرايا وڃن، اهي قلعي جي ديوار کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، مک دروازي جي اڳ وارو حصو به قبضا گيرن کان خالي ڪرائي قلعي جي سونهن ۽ سوڀيا کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به اسان جي هن قومي ورثي کي ڏسڻ وڃي ته ان کي ڏسي اتساهه وٺي سگهي.

(روزاني ايڪتا ۳۰ مئي ۲۰۱۹ع)

No comments:

Post a Comment