Thursday, June 27, 2019

سسئيءَ جي مزار - عبدالستار منگي


سسئيءَ جي مزار
سنڌ جو سفر
عبدالستار منگي
Image result for sassi punnu ka mazarجَلِدُ جَرِيدي پَنڌَ ۾، اَدِيُون! اَڄُ ٿِياسِ؛
وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِي ٻاجھ سين. (شاه)
• اسان ويهن پنجويهن دوستن تي مشتمل هڪ جٿو آهي جيڪو سنڌ جا مختلف ماڳ مڪان گهمندو پيو اچي پوءِ ان ۾ ڪڏهن ڪو دوست نه هوندو آهي ته ٻيو دوست ان جي جاءِ تي هلندو آهي اهو سلسلو تقريبن گذريل ڏهن سالن کان ڪاميابي سان جاري آهي. ڪو به سفر جٿي يا گروپ جي صورت ۾ جڏهن ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ سڀني شين ۽ پاسن جو خيال رکڻو پوي ٿو ڇو ته هر ڪنهن جي طبيعيت ۽ مزاج پنهنجو ۽ مختلف ٿئي ٿو ۽ ماڻهون کي پنهنجي ۽ ٻين جي وزن جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ۽ اڻوڻندر ڳالهين کي برداشت ۽ ٻين جي راءِ جو احترام ڪرڻو پوي ٿو ۽ ساٿي به جڏهن مختلف سوچ، فڪر ۽ علم وارا هجن. ڪي اديب، ڪي استاد، ڪي صحافي، ڪي صحت جا، ته ڪي سياسي ڪارڪن هجن. اهڙن سفرن جو سونهون لطيف جو پارکو انور ڏنگڙائي هوندو آهي ۽ مون تي وري رابطاڪار جي ذميواري هوندي آهي.


• هن دفعي مظفر منگي تجويز ڏني ته سسئي جو ميلو ٿي رهيو آهي اهو گهمڻ هلجي، مون دوستن سان رابطو ڪيو کين ڳالھ ته پسند آئي پر امتحان هجڻ ڪري اڪثر ساٿين مجبوري ڏيکاري، جنهن تي تاج علي جوڻيجو تجويز ڏني ته رمضان ۾ لاهوت ۾ نوراني جو ميلو ٿيندو اوڏانهن هلجي ۽ ان سان گڏ سسئي جي مزار ۽ ٻيا ماڳ پڻ گهمجن. انور، عزيز بروهي ۽ ٻين ساٿين جي مشوري سان جمع سترهن مئي جو ڏينهن هلڻ لاءِ مقرر ٿيو.
• جنهن لاءِ ڇا تياريون ڪجن ۽ ڪهڙين شين جي ضرورت پوندي ان لاءِ ڏوڪري ۾ انور، تاج، عزيز، حاڪم منگي ۽ مون گڏجي رٿابندي ڪئي. جمع تي صبح جو وين جنهن سان مون اڳواٽ ڪرايو ۽ ٻيون ڳالهيون طئه ڪيون هيون ڏوڪري کان پنجن ساٿين انور، تاج، حاڪم، ضمير ابڙو ۽ صابر زهراڻي کي کڻي باڊه آئي، جتان عزيز منگي، سڪندر ابڙو، عزيز بروهي، اڪبر آزاد هيسباڻي ۽ مان وين تي سوار ٿياسين. وين سوا ستين وڳي باڊه کان هلي رستي ۾ جکرن کان اڪبر منگي ۽ امير منگي ۽ ٽاٽڙن کان مسعود منگي ۽ عبدالغفور ٽاٽڙي سوار ٿيا ڪل چوڏهن ساٿين جو قافلو جن سان گڏ وين جو عملو ڊرائيور ۽ ڪلينر روانا ٿياسين. رستي ۾ پنهنجي پنهنجي گهران آندل ماني سڀني گڏجي کاڌي ۽ هوٽل تي چانهن پيتي سين يارهن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ محبت فقير تي پهتاسين جيڪو نوراني جي ڀر ۾ آهي. جتان اڌ ڪلاڪ کن جي جابلو ورن وڪڙن لاهين چاڙهين جي ڏکئي سفر کان پوءِ نوراني تي پهتاسين جتي مزار، مسجد ۽ ميلي جي بزار گهمڻ کانپوءِ واپس اچي محبت فقير تي رات ٽڪڻ لاءِ پهتاسين.
*نوراني جي مزار مٿاهين تي ٽڪرين وچ ۾ آهي ساڄي پاسي کان سهڻي ۽ مناسب مسجد اٿس اسان سج لٿي کان ٿورو اڳ اتي پهتا سين.ميلي جي بازار بس ايئن ئي عام رواجي هئي جيئن ٻين ميلن ۾ هوندي آهي پر ٽڪرين جي ڪري دڪانن جي بيهڪ مختلف ۽ هيٺ مٿي هئي ان ڪري سهڻي پئي لڳي. باقي بزرگ متلعق سنڌ جي ٻين درگاهن وانگر سواءِ ڏند ڪٿائن جي ڪا مستند ڄاڻ نه ملي ته بزرگ ڪٿان آيو ڪيترو وقت رهيو سندس شجرو ڪهڙو آهي ڪهڙي تعليم ڏنائين يا سندس نقطئه نظر ڇا هيو جنهن کان پڇ ته ڪرامتن تي زور ته هتان ٽٻي هڻي مديني ۽ ٻين مقدس هنڌن تي ويندو هي نوراني نور هر بلا دور .
مونکي هڪ جهوني لاهوتي جيڪو ذات جو رند هو ۽ حيدرآباد کان آيو هو ۽ سندس چواڻي ته هو گذريل پنجاه سالن کان لاهوتين جا قافلا اڳي پيادل ۽ عمر جي ضعيفي ڪري هاڻي سوارين تي وٺي ايندو آهي ٻڌايو ته شروع ۾ هتي ڪا به قبر نه هئي بس ٿلهو هوندو هيو جنهن تي ماڻهو ڪپڙا رکي ويندا هيا باقي هي قبر بعد ۾ فقيرن ۽ دلالن پاڻ ۾ ملي پئسا ڪمائڻ لاءِ ٺاهي آهي جنهن ڳالھ جي انور به پراڻن لاهوتين جي حوالي سان تصديق ڪئي. مون پڇيو ته پوءِ نوراني ڇا آهي چيائين ته نور الله پاڪ آهي جيڪو پنج تن پاڪ تي نازل ٿيو ۽ علي سائين هت آيو جنهن اتي پنهنجو نور ڇڏيو آهي بس نور ئي نور آ، هتان لاهوتي اڙانگو رستو وٺي عربستان ويندا هيا جيڪو پهاڙن مان وڃي ٿو.
پر ڪي دوست حضرت علي سائين جي هتي اچڻ کي به تاريخي حوالي سان درست نٿا سمجهن. مونکي هڪ دوست ٻڌايو ته لطيفي سير ڪتاب جيڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جو لکيل ۽ ڪافي پراڻو آهي ان ۾ نوراني جي قبر جو ذڪر آهي مون ان ڪتاب جي لاءِ سنڌ سلامت لائبريري جي لطيفيات وارو حصو کوليو ڪتاب ته هيو پر تعارف کان وڌيڪ کلي نه پيو ڪجھ نوجوانن کي ڏيکاريم پر مسئلو حل نه ٿيو ان طرف سنڌ سلامت جي دوستن خاص ڪري محمد سليمان وساڻ کي توجه ڏيڻ گهرجي يا مونکان غلطي ۾ نه کليو جڏهن ته ٻيا ڪتاب کلن ٿا. اتي موريز ٺهيل هيا جيڪي جديد نه پر صاف سٿرا ضرور هيا جتي پئسن تي ڪم پئي هليو. سنڀاليندڙن ٻڌايو ته هر شي دوڪان وغيره سردار صاحب جي ملڪيت آهن (سردار اختر مينگل) اسان ملازم آهيون ڪي وري پاڻ کي مسواڙي پيا چون.
*محبت فقير آهي ته بلوچستان ۾ پر اتي هر طرف سنڌي ڳالهائڻ وارا هيا. هوٽلن تي دوڪانن تي مطلب هر طرف سنڌي پئي ڳالهائي وڃي. اڪبر آزاد ۽ مان سبزي وٺڻ کانپوءِ ڀرسان پاڻي ۽ بوتلون وڪڻندڙ دوڪاندار ڇوڪري وٽ وياسين جنهن ٻڌايو ته ڇهون درجو پڙهندو آهي اسڪول ۾ کين اردو ۽ انگريزي ۾ پڙهائيندا آهن اسان کيس چيو ته تون سنڌي ته سٺي پيو ڳالهائين جواب ۾ چيائين ته سنڌي آهيان سنڌ ۾ رهاڻ ٿو سنڌي ڪيئن نه ڳالهائيندس. سنڌ حڪومت جيڪڏهن اهڙن علائقن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول کولي ته جيڪر اهي سمورا جيڪي پاڻ کي سنڌي سمجهن ٿا تعليمي لحاظ کان پڻ اسان سان ڳنڍجي وڃن.
محبت فقير تي انور تاج ۽ ڪجھ ٻيا ساٿي رات جي کاڌي جي تياري ۾ ۽ ٻيا چڪر لڳائڻ ۾ مصروف ٿي ويا پر اچي تيز هوا ۽ ڌوڙ پوءِ هلڪي مينهن ورايو نيٺ تاج هڪ هوٽل واري کي چانور ۽ ٻيو سامان ڏنو ته ڀت تيار ڪري ڏئي ۽ دال انور تيار ڪئي جيڪي اسان ته کاڌو پر دال ۽ ڀت جو مقدار گهڻو هجڻ ڪري هوٽل تي موجود ٻين کي به کارايوسين. موسم ته بعد ۾ نهايت خوشگوار ٿي وئي ، هاڻي رات رهڻ جو مسئلو هيو جنهن هوٽل تي وڃ اتي فقيرن جا ڪٽڪ لٿل، رش سان گڏ دونهون ۽ چرس جي بوءِ جيڪا اسان جي برداشت کان چڙهيل هئي. نيٺ ڪي وين اندر ڪي مٿان ۽ ڪي پٿريلي پٽ تي سمهي پيا. ميدان تي هر طرف مقامي ڳائڻن ۽ ناچن جا اسپيڪر تي آواز پيا ٻڌجن. هڪ هنڌ ڇوڪرا بلوچي ڌنن تي ڏاڍو تيز ناچ ڪري رهيا هيا عزيز بروهي شوقين آهي پر هي ڏاڍو تيز هيا جنهن ڪري ست نه ساريائين باقي راڳ اهوئي کليل ٿيٽر وارو ميلائي . جيئن تيئن ڪري رات گذاري سين صبح جو هر ڪو بوتل کنيون پيو وڃي پٿرن جي اوٽ وٺڻ لاءِ پر اسانجي دوست سڪندر ابڙي نه صرف وهنجڻ لاءِ باٿ رومس پر ضروري حاجت پوري ڪرڻ لاءِ واش رومس به ڳولي لڌا ۽ هڪ ماڻهون تقريبن پنجاه روپيا پر سڀني جو ڀلو ٿي ويو. دوستن کي اڳواٽ ئي چيو هيو ته صابڻ، شيمپو، ۽ ٽوال وغيره هر ڪو پنهنجو استعمال ڪري جنهن تي سڀني عمل به ڪيو ۽ کاڌي جي معاملي ۾ پڻ دوستن پوري طرح احتياط کان ڪم ورتو. رات جو هوٽلن تي چانهن صرف پائوڊر واري کير جي بي مزي پئي ملي پر صبح جو قدري چڱي ۽ کير واري ملي. جڏهن ته انور، تاج ۽ حاڪم دوستن جي مدد سان صبح جي ماني ڪري ورتي جيڪا سڀني کاڌي پر ٻين کي پڻ کارائي.
صبح جو ڪچهري ڪندي انور چيو ته لطيف سائين جيڪو به قصو واقعو يا ماڳ بيان ڪيو آهي ان کي عملي طرح گهمي مشاهدو ڪري بيان ڪيو آهي ۽ سندس ڪردار يا ته باغي آهن يا عاشق، اڄ اسان هن جديد دور ۾ به ٿڪجي بيزار ٿي پئون ٿا پر ان وقت ڇا صورتحال هوندي؟ سسئي هجي، سهڻي هجي، مارئي هجي، مومل هجي يا نوري، سامي هجن، جوڳي هجن، سنياسي هجن، مهاڻا هجن، سامونڊي هجن توڙي اهي جن لاءِ چيو اٿائين لڪا ڀڻن لوڪ ۾ سڀني ڪردارن جو عملي مشاهدو ڪيو اٿائين سندس ڪردار عظيم آهن. سسئي جو ڪردار ته ڏاڍو پيارو اٿس پر لطيف پاڻ سڀني ڪردارن کان وڌيڪ عظيم ۽ اُتم آهي، جنهن انهن سڀني ڪردارن جا ڪيل اڙانگا پنڌ پيچرا اڪيلي سر يا جوڳين لاهوتين يا ٻين سان گڏجي پاڻ عملي طرح گهمي سمورين ڏکيائن مان گذري مشاهدو ڪيو آهي ۽ پوءِ ئي بيان ڪيا اٿس.
*جِتَي مَاڻِڪَ مَاڳُ، تِتَي چَورَان تَڪِيَو
سَنئَون تَنِ سَڀَاڳُ، اَمُلُ جَنِ اَوبَاهِيَو. شاه لطيف
صبح جو نيرن ڪرڻ کانپوءِ اسان جي اڳيون ماڳ لاهوت ڏسڻ جو هيو.
[ ] محبت فقير کان واپس حب چوڪي واري رستي تي ڪجھ منٽن جي سفر کان پوءِ لاهوت لاءِ رستو نڪري ٿو جيڪو اسان اڳيين ڏينهن دير ٿيڻ سبب نه گهمي سگهيا هئاسين ڇو ته اوڏانهن ويندڙ رستو اسان کي ٻڌايو ويو ته پنجين وڳي بند ڪيو ويندو آهي. وين رستي سان ڪجھ هلي بيٺي اڳتي وين جو رستو نه هيو ۽ پيادل لاهوت گهمڻو هيو. جابلو هيٺ مٿاهين ورن وڪڙن وارو رستو ڏئي دوست هليا ڪجھ هلڻ کانپوءِ چاڙهيون شروع ٿيو. جن تان هلندي ڏاڪڻين وارو رستو آيو جن تان چڙهي لاهوت واري اصل ماڳ تي پهچڻو هيو، هنن ڏاڪڻين کان اڳ لاهوتين لاءِ زنجير لڳل هوندا هيا جن تي چڙهي اتي پهچبو هيو جيڪي هيڏي هوڏي پيا لوندا هيا اڄڪله ڏاڪڻين جي سٺي سهوليت آهي.
[ ] مٿي هڪ چڱو غار آهي. غار ۾ اندر هڪ مقدس ڏاچي جو بوتو يا فاسل آهي سندس ٿڻ مٿي آهن جن مان پاڻي جي صورت ۾ کير ايندو رهي ٿو، جنهن لاءِمختلف روايتون آهن. ڪي چون ٿا ته حضرت علي سائين جي ڏاچي آهي جيڪا ڀلاري آهي. غار ۾ هڪ پيٽ جي شڪل جهڙو سوراخ آهي جنهن کي ماءِ جو پيٽ سڏن ٿا ان مان لنگهڻ لاءِ ٿوري اٽڪل يا جسم ۾ ورڻ جي قوت وڌيڪ هجڻ گهرجي، پر ان لاءِ پڻ دقيانوسي روايت آهي ته حرامي ان مان ٽپي نٿو سگهي. مونکي حيدرآبادي رند ٻڌايو هيو لاهوت لامڪان آ معنيٰ هن کان وڌ ڪا جڳھ ناهي بس هتي نور ئي نور آهي. هي جيڪي نعرا هڻندا دونهون ڪڍندا پيا وڃن اهي رئونشي ڪوڏيا آهن اصل سان انهن جو ڪو تعلق ڪونهي باقي اصلي لاهوتي اڃا به ويٺا آهن پنهنجون رياضتون پياڪن. اسان وٽ جيئن ته سائنسي يا تاريخي معلومات ناهي نه ئي وري تحقيق ڪئي وڃي ٿي خاص طرح اهڙن ماڳن لاءِ جن سان ماڻهن جو مذهبي يا جذباتي لڳاءِ آهي ان ڪري شين ۽حالتن کي ڏسي پوءِ ڪجھ چوڻ سولو يا حقيقتن جي ويجهو نٿو رهي. ڪجھ سياڻن جو خيال آهي ته هي غار نهايت قديم آهن جبلن جي ساخت پڻ اهڙي آهي جو برساتن انهن کي ڪٽي اڀڪپرو ته ڪٿي چهنبدار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو پاڻي پڻ چشمن جو آهي جيڪو انهن سوراخن مان اچي ٿو هتي ڪي يوگي رياضتون ڪرڻ يا يوگ پچائڻ ايندا هيا يا اهڙن باغين جو هي مسڪن هيو جيڪي مختلف سببن ڪري ٽريل هوندا هيا، يا ڪا سندن سالياني گڏجاڻي يا ميلاپ وغيره ٿيندو هيو. هيڏانهن مختلف هنڌن جيئن پورب، سيوهڻ، نوراني ۽ ٻين هنڌن کان رستا اچن ٿا جيڪي ڏاڍا دشوار آهن هاڻي به ڪافي لاهوتي سيوهڻ کان پيادل ايندا آهن اسان سان گڏ اسانجي سونهي ۽ لطيف جي پارکو انور ڏنگڙائي پڻ لطيف جي هڪ ٻئي عاشق مرحوم لطف پيرزادي ۽ ٻين سان گڏ سيوهڻ واري رستي سان لاهوت جو پيادل سفر ڪيو آهي.پر هي غار ڏاڍو پراڻو ٿو ڀائنجي جتي ويٺي ويٺي اڳيين لوڪن ئي غار اندر پيل پٿر کي تراشي ڏاچي جهڙي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
[ ] هن سموري علائقي جي صاحبي منهنجي پسند جي اڳواڻ محترم اختر مينگل جي آهي پر گهمڻ کانپوءِ افسوس ٿيو ته جيڪڏهن ڪجھ ترقياتي ڪم ڪرائي سهوليتون ڏجن ته علائقو سياحتي مرڪز ٿي سگهي ٿو پر شايد هتان جا اڳواڻ به اسان وارن وانگر ئي آهن.
*سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نه باسي ڪا؛
جيهيءَ تيهيءَ ذاتِ جيِ، جُنبَشِ ڪانهي ڪا؛
مون سين هلي سا، جا جِيُّ مِٺو نه ڪَري. شاھ
لاهوت کانپوءِ اسانجي اڳلي منزل سسئي جي مزار هئي جيڪا بنيادي طرح گهمي ڏسڻ جي تجويز آئي هئي. لاهوت کان حب چوڪي روڊ تي تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر تي سسئي جي مزار جو بورڊ لڳل هيو جنهن جي نشاندهي هڪ ڏينهن اڳ اسانجي ساٿي اڪبر آزاد ڪئي هئي، پر مختلف ماڻهن مختلف رستا پئي ٻڌايا ڪن چيو ته اهو رستو خراب آهي وين نه هلي سگهندي تنهن ڪري حب چوڪي کان ڦري وڃو پر جڏهن بورڊ واري جڳھ پهتا سين ته سسئي جي مزار ويه ڪلوميٽر لکيل هئي ان ڪري اهو رستو ئي اسان ورتو جيڪو بظاهر ته روڊ هيو پر ڪچي جي رستن کان به چڙهيل ڪٿي اڀڪپرو جابلو، ڪٿي پاسيرو، ڪٿي وري هيٺاهون مطلب ته هوءِ ڪار هئي.
هلُ هينئين سين هوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ؛
رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙِہُ رُوحانِي سَسُئِي!
نيٺ ڊرائيور ويچارو هنياءِ جي سڄائي تي ۽ ڪجھ اسان جي ساٿي ضمير ابڙو جي گوگل جي نقشي جي مدد سان جنهن کي سڀ پيا چون ته گوگل بس ٽارگيٽ ڏسيندي آ پر ٺيڪ نه هوندو آ پر ٿوري دير بعد سڀ وري ضمير کان پڇن پيا ته گوگل ڇا ٿي چوي ڪٿي پهتا آهيون ڪلاڪ ڏيڍ ڪڏهن آهستي ڪڏهن تيز اڙانگي سفر کانپوءِ نيٺ وڃي سسئي تي پهتا سين.
جَبلُ مارَي جَکَ، جو آڏو عَجِيبَنِ کي
توڻي لَڪَنِ لَکَ، سڀِ لَنگهندِيَسِ سِڪَ سان. شاھ
ڇا ته خوبصورت نظارو هيو جهڙي ننڍي ۽ سهڻي مزار اهڙي ئي ننڍي ۽ سهڻي ڀر ۾ ساڄي پاسي مسجد ۽ ساڄي اتر طرف ٿوري وٿي تي ٻڪرار جي قبر جنهن لاءِپڻ مختلف روايتون آهن پر سسئي جو اتي مانُ ڏسي مونکي نٿو لڳي ته ٻڪرار جي دل ۾ ڪو ميرُ پيدا ٿيو هوندو ڇو ته اُتي سسئي کي مقامي ماڻهون جيجا امان پيا سڏن . ٿي سگهي ٿو ته ايڏي ڏکي ۽ ڏورانهن منزل ڪرڻ کانپوءِ سسئي ۾ اڳتي وڃڻ جي طاقت ئي نه رهي هجي ۽ اتي زميني حقيقت ڏسڻ کان پوءِ اها ڳالھ نظر اچي ٿي واٽون ويھ ٿيون ڪوه ڄاڻا ڪاڏي ويا. مزار جي اندر چوڌاري لطيف سائين جا بيت اڪريل جيڪا مونکي بلڪل به عجيب ڳالھ لڳي اصل سموريون ڏکيائون دور ٿڪ ئي لهي ويا. وسيع ويڪرا ميدان هڪ ٻه ننڍا هوٽل مانڊڻيون ۽ پڪوڙائي جو دڪان جن تي پاڻي بوتلون ۽ چانهن پئي ملي اسان بسڪوٽ ۽ پڪوڙا ورتا ڪجھ دوستن چانهن پيتي پر مزو نه آين.
سسئي جيڪا علامت آهي عشق جي مسلسل جدوجهد جي ورچي نه ويهڻ جي ڪٿي ڀنڀور ڪٿي هي پٻ جبل جنهن پنهنجي عمل قوت ارادي ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان اسانجي لطيف کي متاثر ڪيو. انور ڏنگڙائي جي منهنجي وس هجي ته مان سندس نالو مٽائي انور لطيفي ڪري ڇڏيان مزار تي ٻڌايو ته لطيف پنهنجي رسالي جو ٽيون حصو سسئي کي ارپي ڇڏيو آهي. هونئن ته رسالي ۾ ٽيه سر آهن ۽ لطيف انهن مان پنج سر سسئي تي لکيا آهن ۽ اُهي آهن به چڱا نه ته رسالي ۾ ڪجھ سر ته ننڍا به آهن. ڪجھ وقت کان پوءِ ساڳئي رستي سان اسان واپسي ڪئي ٻيو رستو وندر وارو هيو پر ڊرائيور چيو هاڻي هي رستو ڏٺو اٿم سو ان سان ٿا هلون ٻيو وري الاءِ ڪيئن .
*سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين؛
تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين. شاه
سسئي جي مزار کان پوءِ واپسي جي تياري هئي ساڳيو رستو ڏئي حب چوڪي پهتاسين حب ٻاهران آباد زمينون ۽ سايون پوکون ڏسي انتهائي خوشي ٿي پر اچرج به ٿيو ته هت پاڻي جو انتطام ڪيئن ٿيو عزيز بروهي ٻڌايو ته هي علائقو ساڪران جو آهي. حب شهر حب ندي تي ٺهيل آهي جنهن ۾ برساتن کان پوءِ پاڻي مختلف چشمن ۽ نين مان وڏي مقدار ۾ ايندو آهي هي جيڪي روڊ تي پليون ٺهيل آهن اهي تازيون ٺهيون آهن نه ته اڳ نيون وهي اينديون هيون ته رستو بند ٿي ويندو هيو ۽ سواريون بيهجي وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته نقصان به ٿيندو هيو. هتان جي زمين نهايت زرخيز آهي، جنهن کي آباد ڪرڻ لاءِپاڻي حب ڊيم ۾ ذخيرو ڪري آبادي ڪئي پئي وڃي. حب ۾ سي اين جي ڀرائي. اسان کي گهمڻ لاءِ اڃا هڪ ڏينهن هيو پر گهمڻ لاءِ ڪٿي وڃجي ۽ رات ڪٿي رهجي. ساٿي مسعود منگي ڪراچي ۾ ڪنهن دوست سان رابطو ڪري رات رهڻ جو انتطام ڪري مونکي ٻڌايو مان به رات ڪراچي ۾ رهي سمنڊ ڪناري چڪر ڏيڻ ۽ ڊرائيور کي آرام ڏيڻ پئي چاهيو، پر ڊرائيور پاڻ ڪراچي هلڻ لاءِ تيار نه هيو جو کيس سلينڊر کسجڻ جو خدشو هيو. کيس ٻين ڊرائيورن سي اين جي سلينڊر متعلق ٻڌايو ته پوليس گاڏين مان سلينڊر پئي لاهي. انور چيو ته رات ڀٽ شاه هلي ترسجي ان تي سڀ متفق ٿيا ڊرائيور به چيو ٺيڪ آهي رات جي ماني ڪراچي ناردرن باءِ پاس هوٽل تي اچي کاڌي ۽ پوءِ رات جو تقريبن ٻارهين وڳي اچي ڀٽ شاه پهتاسين. رهڻ لاءِ سڀ هوٽلون ڀريل هر هنڌ لاهوتين جا ديرا نيٺ هڪ هوٽل جي ڇت تي انور ڪوشش ڪري سمهڻ جو انتظام ڪيو ڪجھ دوستن کي مزو نه آيو وري ڪنهن ٻئي هوٽل جي تلاش ۾ ويا پر ڪجھ دير کانپوءِ واپس آيا جو ڪٿي به جڳھ نه هئي. ڪي اتي سمهي پيا ڪي لطيف جو سلام ڪرڻ ۽ لطيفي راڳ ٻڌڻ لاءِ مزار تي ويا اتي سمورو اڱڻ ماڻهن سان ڀريل عورتون ته ڪجھ وڌيڪ هيون لطيف جو راڳ به جاري هيو بس مزو اچي ويو. صبح جو اٿي تيار ٿي مزار تي وياسين پر ناشتو به ڪرڻو هيو هوٽلن تي اوڦراٽا پچي رهيا هيا اسان بهتر جي تلاش ۾ اڳتي وياسين ته هوٽلون بند ٿيڻ شروع ٿيون ان ڪري هڪ هوٽل ۾ وڃي ناشتو ڪيو پر ماني کٽي پيس بهرحال جيئن تيئن ڪري وين ۾ سوار ٿياسين اڳتي لاءِ.

No comments:

Post a Comment