Friday, June 28, 2019

بزرگ شهرين جا حق، شڪايتون ۽ ڪجهه قانون - عبدالله عثمان مورائي


بزرگ شهرين جا حق، شڪايتون ۽ ڪجهه قانون
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
هن دنيا ۾ انسان ڪنهن خاص هنڌان آيو آهي ۽ ڪنهن خاص جڳهه ڏانهن هليو ويندو، پوءِ هي جيڪو وچ وارو وقت آهي، اهو رڳو گذارڻ لاءِ نه پر ڀرپور طريقي سان جيئڻ لاءِ هئڻ گهرجي. اڄ ننڍو، سڀاڻي وڏو پرهين پوڙهو ۽ نيٺ ماڻهو هيءَ دنيا ڇڏيندو. ڦٻيا اهي جيڪي هن زندگيءَ کي جِي ويا. ان وچ واري وقت ۾ بزرگ شهرين لاءِ به ڪوششون ٿي رهيون آهن ته جيئن اهي به رڳو گذارو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي بزرگي واري عمر ۾ به زندگيءَ مان ڀرپور لطف اندوز ٿي سگهن.


Living, not just surviving اهو نعرو آهي هڪ بين الاقوامي تنظيم HelpAge International جو جيڪا دنيا ۾ وڏي عمر جي ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سندن مک آفيس ته لنڊن ۾ آهي پر سندن ذيلي آفيسون ۽ ٻين تنظيمن سان سهڪار ۽ رابطو تقريبن پوري دنيا ۾ ڦهليل آهي. سندن خيال آهي ته انساني حق به رڳو زندگي گذارڻ ناهي پر زندگي کي بامعنيٰ گذارڻو آهي. هن تنظيم پنهنجي سهڪاري تنظيمن سان گڏجي دنيا جي 23 ملڪن مان 539 وڏي عمر جي مردن ۽ عورتن جا انٽرويو ڪيا ۽ کين هن عمر ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل بابت کانئن صلاح مشورا ورتا. مسئلا، جن بابت صلاح مشورا ورتا ويا مثال طور سوشل پروٽيڪشن ۽ سڪيورٽي، پينشن جي پيسن تي ڇا وٺي سگهڻ ۽ ڇا نه وٺي سگهڻ، نين ايجادن بابت تعليم ۽ سکيا، صحت جا معاملا بحث هيٺ آيا. اهي انٽرويو دنيا جي مختلف ملڪن مسئلن ڪينيا، اردن، مول دووا، نيپال، روانڊا، سوڊان، ڊينمارڪ، ارجنٽينا، فنلينڊ، سائوٿ آفريڪا، سربيا، تنزانيا، ليسوٿو، تاجڪستان، ڪرغزستان، سلووينيا، ماريشيس، ميانمار، منگوليا، زيمبيا، يوڪرين ۽ ڪيمبوڊيا جي وڏي عمر جي ماڻهن جا ڪيا ويا.
رپورٽ پڙهڻ کان پوءِ جيڪي ڳالهيون سامهون آيون انهن ۾ ڪن شڪايت ڪئي ته سندن پينشن صفا گهٽ آهي جنهن مان تمام گهڻو ڏکيائيءَ سان گذر سفر ٿئي ٿو. پينشن ملڻ کانپوءِ بل پياريون ٿا، دوائون وٺون ٿا، باقي تمام ٿورا پيسا کاڌي پيتي لاءِ بچن ٿا، جيڪي هڪ هفتي اندر ختم ٿي وڃن ٿا يا اسان رڳو ڏينهن ۾ هڪ ويلو ماني کائي ٿا سگهون، پر امير ملڪن جي ماڻهن يا انهن جن پنهنجي پگهار مان بچت پئي ڪئي تن جو خيال هو ته اسان جي پينشن يا بچت تمام بنيادي خرچن لاءِ ٺيڪ آهي. ڪن کي شڪايت هئي ته کين ڏند هڻائڻا آهن پر کيس پيسا ناهن، ڪنهن کي آواز ٻڌڻ جي اوزارن وٺڻ جا پيسا ڪونه هئا ته ڪنهن کي ويل چيئر پئي کپي. ڪن چيو ته اسان پنهنجا ٻار تمام بهترين نموني پاليا هئا سو هاڻي اهي اسان جو تمام گهڻو خيال رکن ٿا يا اسان پنهنجي پينشن به انهن کي ڏيون ٿا ته جيئن اهي پاڻ ئي سڀ ڪجهه سنڀالين. ڪن چيو ته جيڪا ڪرت يا ڪم اسان کي پهريان آيو ٿي، اهو هاڻي هن جديد دنيا ۾ غير ضروري ٿي ويو آهي. ڪن جو خيال هيو ته پهريان اسان کي جديد فون، آئي ٽي يا ٽيڪنالوجي جي خبر نه ٿي پئي پر اسان کي پنهنجي اولاد هاڻي سيکاري ڇڏي آهي يا اسان اڃا وڌيڪ سکڻ چاهيون ٿا. ڪي پريشان هئا ته اسان کي خبر ئي ناهي ته مدد لاءِ ڪاڏي وڃون. ڪجهه صفا اڻپڙهيلن جو ارمان هو ته ڪاش اسان کي پڙهڻ ۽ لکڻ اچي پر اسان کي هاڻي اسڪول وارا چون ٿا ته توهان لاءِ هاڻي تمام ڏکيو ٿيندو جو لکي ۽ پڙهي سگهو. ڪنهن هڪ اڌ جو اهو شوق به هيو ته مان ٻڪري وٺان پر اها به نٿو وٺي سگهان. ڪن شڪايت ڪئي ته اسان بجلي، پاڻي ۽ مسواڙ نٿا ڀري سگهون. ڪن کي پنهنجن پوٽن ۽ ڏوهٽن جون ذميواريون هيون ۽ انهن شڪايت ڪئي ته اسان انهن کي ڳرين فين جي ڪري اسڪول نٿا موڪلي سگهون. ڪن جو خيال هو ته اسان سٺي معيار جي ڪابه شيءِ يعني ڪپڙا، جوتا ۽ دوائون نٿا وٺي سگهون يا ضرورت پوڻ تي گهر ۾ ڪو رپيئر جو ڪم به نٿا ڪرائي سگهون. گهڻن چيو اسان مٽن مائٽن جي شادي مرادي يا ڪن ٻين تقريبن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪن شڪايت ڪئي ته اسان ته ڪا راند به نٿا کيڏي سگهون. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي. ڪن وري شڪايت ڪئي ته سندن پيسا سندن مائٽ کنيو ٿا وڃن يا اسان کان پڇڻ کانسواءِ اسان جي نالي تي قرض وٺي ٿا ڇڏين يا اسان کان پيسا ڦرجي ٿا وڃن. وغيره وغيره.
HelpAge International پاڪستان ۾ به ڪو گذريل ڏهاڪو سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ۽ 2010ع کان ايمرجنسي وارن موقعن، مسئلن ٻوڏون، زلزلا ۽ وقتي طور تي لڏپلاڻ وارن مسئلن کي منهن ڏيندي رهي آهي. هن تنظيم 2016ع کان 2018ع تائين جرمني جي فارين منسٽري جي مدد سان هڪ پروجيڪٽ جي ذريعي خيبر پختونخواه، فاٽا ۽ ٽرائيبل ايرياز ۾ وقتي طور تي بي گهر ٿيل ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ ان پروجيڪٽ جو مقصد انهن بي گهر ٿيل ماڻهن جي هر سطح جي بهتري ۽ مدد ڪرڻ هو ته جيئن هو واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي سگهن. بقول سندن رپورٽ جي ته هنن ڪافي ماڻهن جي مختلف طريقن سان مدد ڪئي آهي. مثال طور ماڻهن کي ڪن شرطن توڙي بغير شرطن جي پيسا ڏيڻ ته جيئن اهي ڪو ڌندو شروع ڪن، ماڻهن جي اکين جو علاج ڪرائڻ يا ٻين صحت جي مسئلن ۾ سندن علاج ڪرائڻ، ويل چيئر ڏيڻ، علاج معالجي لاءِ مفت ڪيمپون لڳائڻ، سندن رپورٽ مان لڳي ٿو ته هنن ڪافي ماڻهن جي مدد ڪري کين زندگي طرف موٽايو آهي.
هاڻي اچون ٿا سنڌ طرف، سنڌ اسيمبلي ۾ به هڪ بل ”سنڌ جي بزرگ شهرين جي ڀلائي جو بل“ 2014ع ۾ پيش ٿيو هيو، جيڪو 2016ع ۾ پاس ٿي ايڪٽ يا قانون جو حصو ٿيو. HelpAge International وارن جي مدد سان ان سڄي ايڪٽ کي عوامي ڀلائي ۽ گهر گهر پهچائڻ لاءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪرايو ويو آهي ته جيئن سنڌ جو هر بزرگ شهري ان مان ڀرپور فائدو وٺي سگهي. هونءَ ته پاڻ وٽ کوڙ قانون آهن پر انهن تي عمل نٿو ٿئي يا بنيادي طرح ماڻهن کي انهن قانونن بابت تمام گهٽ ڄاڻ هجي ٿي. اهو حڪومت جو ڪم آهي ته جيڪي قانون اهي پاس ڪن ٿا، ان بابت عام ماڻهن کي تفصيل سان ٻڌائين ته جيئن اهي انهن مان ڪجهه فائدو حاصل ڪري سگهن. آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌ جي نوجوانن کي هن ايڪٽ کي عام ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو ۽ بزرگ شهرين جي مدد ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته اهي نوجوان جيڪي پاڻ اڄ نوجوان آهن، سڀاڻي ظاهر آ وڏا ٿيندا ۽ بزرگ ٿيندا ۽ اڳتي هلي اهو ايڪٽ کين به ڪم ايندو.
هن ايڪٽ جو مقصد سنڌ جي بزرگ شهرين جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ آهي. جڏهن ته سنڌ جي بزرگ شهرين جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ انهن کي مناسب سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ انهن جي بزرگيءَ واري عمر جي مجموعي بهتري لاءِ مدد شامل آهي ته جيئن معاشري ۾ انهن جي شموليت ٿي سگهي ۽ انهن لاءِ معاملا بهتر ٿي سگهن. ان سڄي عمل کي صوبائي سطح تي هڪ 15 ميمبرن تي مشتمل ڪائونسل هلائيندي ۽ ان قانون تي عمل ڪرائڻ هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي ذميواري آهي.
ان ايڪٽ ۾ سنڌ جي بزرگ شهرين جن جي عمر 60 يا ان کان مٿي آهي، لاءِ جن سهولتن يا فائدن بابت لکيل آهي، اهو ڪجهه هن ريت آهي ته بزرگ شهرين جي خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ پاليسيون ٺاهيندي، بزرگ شهرين کي ضروري سهولتون ۽ فائدا ڏيڻ لاءِ بزرگ شهرين جو ڪارڊ جاري ڪندي، بزرگ شهرين جي جسماني، جذباتي، معاشرتي ۽ معاشي ڀلائي ۽ فائدي لاءِ بزرگ شهرين جون رهائشگاهون قائم ڪرڻ جو ڪم ڪندي، بزرگ شهرين جي قومي ڌارا ۾ شموليت کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن جي علم، مهارت ۽ تجربي کي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جهڙا ڪم ڪندي. قومي ۽ بين الاقوامي ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن سان رابطا قائم ڪندي ته جيئن بزرگ شهرين جي مالي مدد ۽ خوشحالي لاءِ مالي سهڪار حاصل ڪري سگهجي. سرڪاري اسپتالن ۾ مفت ۾ عمر سان لاڳاپيل بيمارين ۽ انهن جي علاج ۽ صحت جون ٻيون سهولتون ۽ دوائون فراهم ڪندي. رٽائر ٿيل بزرگن کي سندن لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن مان پينشن ۽ ٻين رٽائرمينٽ جي فائدن وٺي ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. روڊ تي هلندڙ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ 25 سيڪڙو رعايت ڏيڻ ۽ بزرگ ماڻهوءَ جي ذاتي استعمال جي ضروري شين، دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين تي ان جي ٺاهيندڙ، وڪڻندڙ ۽ خدمتون فراهم ڪندڙن کان 25 سيڪڙو رعايت وٺي ڏيندي. بزرگ شهرين کي تفريحي جڳهين، سئنيما، ٿيٽر، گهمڻ ڦرڻ جي جڳهين، هوٽلن، ريسٽورينٽ، کاڌي پيتي جي جڳهين ۽ قيام گاهن تي رعايت وٺي ڏيندي. لوڪل ڪائونسل جي ذريعي بزرگ شهري جي موت تي ان جي غسل، ڪفن ۽ تدفين جو مفت انتظام ڪرائيندي، سماجي ۽ معاشي پروگرامن ۾ بزرگ شهرين لاءِ تربيتي فيس ۾ بلڪل ڇوٽ وٺي ڏيندي. بينڪن، بچت مرڪزن ۽ ٽڪيٽ گهرن تي بزرگ شهرين لاءِ خاص سهولتن جو انتظام ڪرائيندي. بزرگ شهرين جي آمدني ۽ بچت تي ڪنهن به کاتي ۽ بينڪ پاران ڪا ٽيڪس نه لڳندي ۽ هو هر قسم جي آمدني ۽ بچت تي لڳندڙ ٽيڪس کان آجا هوندا. بزرگ شهرين لاءِ روزگار جون سهولتون حاصل ڪرڻ واريون تربيتون ڪرايون وينديون. بزرگ شهرين جي سار سنڀال، علاج ۽ ٻين مالي ضرورتن لاءِ زڪوات فنڊ ۽ بيت المال فنڊ ۾ حصو مقرر ڪري مدد ڪئي ويندي. بزرگ شهرين جي بيماري جي علاج لاءِ دوائن جي خريداري تي 25 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، بزرگ شهرين جا عالمي ڏهاڙا ملهايا ويندا.
ٻيو هن ايڪٽ ۾ اهو به واضح لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪو بزرگ پنهنجي ملڪيت تحفي طور يا ڪنهن ٻي شڪل ۾ ڪنهن کي ڏئي ٿو ته ان ماڻهوءَ مٿان ان بزرگ شهري جي بنيادي ضرورتن ۽ سهولتن جي پورائي ڪرڻ جي ذميواري لاڳو ٿي ويندي. هن قانون ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته جيڪو هن قانون تي عمل نه ڪندو ۽ ان جي خلاف ورزي ڪندو ۽ سينئر سٽيزن ڪارڊ کي نه مڃيندو ۽ قانون ۾ ڏنل بزرگ شهرين کي سهولتون ڏيڻ کان انڪار ڪندو ته ان کي هڪ کان ٽي سال سخت پورهئي سان گڏ سزا ڏني ويندي ۽ ٽيهه هزار ڏنڊ جو جرمانو پڻ لڳايو ويندو. گهر جا ڀاتي يا اهڙو ڪو شخص جنهن جي ذميوارين ۾ ڪنهن بزرگ شهري جي سار سنڀال ۽ حفاظت ڪرڻ شامل آهي ۽ اهو شخص يا گهر جا ڀاتي ان کي اڪيلو ٿا ڪن يا ڪنهن اهڙي جاءِ تي ٿا ڇڏي اچن جتي اهو بزرگ شهري اڪيلو رهجي وڃي ته ان جي سزا پڻ ان قانون ۾ ٽي مهينا يا ڏنڊ مقرر ڪئي وئي آهي.
منهنجي خيال ۾ هي قانون آهي ته تمام بهترين پر ان تي رڳو عمل صحيح طريقي سان ٿيڻ گهرجي، مثال طور ڪائونسل جيڪو ڪارڊ ڏيندي اهو رڳو من پسند ماڻهن يا ڪنهن خاص تڪ جي ماڻهن کي نه ملڻ کپي، هن قانون جي ڪري ٿي سگهي ٿو ڪي ماڻهو ان جو ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن، مثال طور هر ڪم ۾ جتي بزرگن کي فائدو ملڻو هجي ۽ سندس گهر ڀاتي پاڻ اهو فائدو پاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ان بزرگ جو نالو استعمال ڪن يا ان کي اڳيان ڪري ڇڏين. جيئن سنڌ ۾ واقعي به شاگردن کان ٽرانسپورٽ ۾ اڌ ڪرايو ورتو ويندو هو پر جڏهن شاگردن وارا ڪارڊ هر ماڻهوءَ کي ملڻ لڳا ته ان جو ابتو نتيجو اهو نڪتو جو حقيقي شاگردن کي به ان جو لاڀ ملڻ بند ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment