Saturday, May 07, 2011

هي ملائيشيا جا تُن، تُنڪو ۽ تانسري - الطاف شيخ


هي ملائيشيا جا تُن، تُنڪو ۽ تانسري....
الطاف شيخ
ملائيشيا ۾ تعليم يا نوڪري لاءِ ايندڙ توڙي هفتي ڏيڍ لاءِ گهمڻ لاءِ ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن اندر محسوس ڪن ٿا ته هي ڇا آهي جو چيني توڙي ملئي ماڻهن جي نالن ۾ تُن، تانسري، داتڪ، داتو يا سري جهڙا لفظ اچن ٿا. دراصل اهي هتي جي ماڻهن کي ملڪ جي بادشاهه، رياست جي سلطان يا گورنر طرفان خطاب آهن، جيئن انگريز پنهنجي ملڪ ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي Sir يا خانبهادر يا راءِ بهادر جهڙا لقب ڏيندا هئا. ملائيشيا ۾ مٿيان لقب/ خطاب (Titles) گهڻو ڪري ايماندارانه طريقي سان انهن ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا، جيڪي هن ملڪ ۽ ماڻهن جي لاءِ سٺا ڪم ڪن ٿا يا ڪنهن اهم فيلڊ ۾ اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين ٿا، جنهن سان سندن ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿئي. هر سال هر خطاب/ لقب لاءِ ڪجهه ماڻهو چونڊيا ويندا آهن، جن کي ملڪ جو بادشاهه ۽ رياستن جا سلطان ۽ گورنر پنهنجن جنم ڏينهن تي عطا ڪن ٿا. ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ بهتر آهي ته هو هنن لقبن جي ٿوري گهڻي ضرور ڄاڻ رکن، جيئن هو سمجهي سگهن ته ڪهڙي ماڻهوءَ جو ڪيڏو مٿاهون درجو آهي ۽ جيڪڏهن توهان جي اهڙي هنڌ تي نوڪري آهي، جتي توهان جو هنن سان واسطو رهي ٿو ته اهو پڻ ضروري آهي ته هنن سان ڪيئن مخاطب ٿجي. جيئن هڪ سفير کي هز ايڪسيلينسي چئي مخاطب ٿجي ٿو. اهڙي طرح هڪ جج کي انگلنڊ ۾ ۽ شايد اسان وٽ به يوئر لارڊ شپ چئي مخاطب ٿجي ٿو.
عام ماڻهن کي مليل خطابن کان علاوه ملڪ جي بادشاهه، رياستن جي سلطانن ۽ انهن جي راڻين، شهزادن ۽ شهزادين لاءِ پڻ مختلف لقب آهن ۽ کين مخاطب ٿيڻ لاءِ مختلف لفظ آهن. جيئن مغل بادشاهن يا ايراني شهنشاهن لاءِ مقرر ٿيل هئا. بهرحال هونءَ ته ملئي زبان ۾ هنن لقبن/خطابن (Titles & honorifics) جو هڪ عجيب مونجهاري وارو سسٽم آهي، پر ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هتي مختصر طور آسان ڪري ٿو لکان. هنن لقبن مان ڪجهه برونائي ۽ انڊونيشيا ۾ به اڄ تائين عام آهن. هيٺيان ڪجهه لقب ملائيشيا جي نون رياستن ۾ جن جا والي وارث اتي جا سلطان سڏيا وڃن ٿا (۽ برونائيءَ ۾ پڻ) اتي جي بادشاهه، سلطانن ۽ اولاد لاءِ موروثي سڏيا وڃن ٿا.
ملائيشيا جي بادشاهه کي ملئي زبان ۾ ”ينگ دي پرتئان اگونگ“ سڏجي ٿو، يعني اهو جنهن کي وڏو مالڪ بنايو ويو آهي. جيئن مغل بادشاهن کي جهان پناهه، ظل اِلاهي وغيره سڏيو ويو ٿي. بهرحال ملڪ جا  سلطان اليڪشن ذريعي پاڻ مان جنهن سلطان کي بادشاهه چونڊين ٿا، ان لاءِ اهو آفيشل لقب(Title)  آهي. يعني: Yang id- Pertuan Agong
هتي جي انگريزي اخبارن ۾ بادشاهه لاءِ King لکيل هوندو، پر ملئي اخبار ۾ لکيل هوندو ته ”ينگ دي پرتئان اگونگ اڄ هي چيو يا هيڏانهن ويو“، وغيره.
رياستن جا حاڪم ”سلطان“ سڏجن ٿا، پر هڪ رياست پرلس جو حاڪم سلطان نه پر ”راجا“ سڏجي ٿو ۽ نيگري سيمبيلان جو حاڪم ”ينگ دي پرتئان بيسار“ سڏجي ٿو. ان جي معنيٰ ٿي ”اهو جنهن کي لارڊ بنايو ويو آهي“.  انگريزي ۾ لفظي معنيٰ ٿيندي: He who is made Great Lord. ۽ بادشاهي جي He who is made Supreme Lord ٿيندي.
ملائيشيا ۾ جملي 13 رياستون آهن. 11 مغربي ملائيشيا ۾ ۽ ٻه سباح ۽ سراواڪ مشرقي ملائيشيا ۾ آهن. انهن مان نون رياستن جا حاڪم انهن جا سلطان آهن، باقي چئن: ملاڪا، پينانگ، سباح ۽ سرواڪ جا سربراهه گورنر آهن، جيڪي ملڪ جو بادشاهه مقرر ڪري ٿو. گورنر کي ملئي زبان ۾ ينگ دي پرتئا نيگري(Yang di- pertua Negri) سڏجي ٿو.
تئانڪو(Tuanku)  جنهن جي معنيٰ آهي My Lord ملائيشيا جي حاڪمن لاءِ لقب آهي. ڪن رياستن ۾ تئانڪو بدران Tengku ياTunku  اُچاريو وڃي ٿو. اهي لقب حاڪمن جي شهزادن ۽ شهزادين لاءِ استعمال ٿين ٿا، جيئن ڪيداح رياست جي سلطان جو پٽ عبدالرحمان، جيڪو ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم ٿيو، ”تنڪو عبدالرحمان“ سڏجي ٿو.
جيئن انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪنهن صاحب کي درخواست لکبي هئي ته هن جو عهدو لکي پوءِ لکيو ويندو هو ته شال تنهنجو اقبال بلند هجي ۽ آخر ۾ لکبو هو واڌو ادب، خادم فلاڻو.... تيئن هتي جي سرڪاري خط و ڪتابت يا نوٽيسن تي بادشاهه جي لاءِ لکيو وڃي ٿو ته:
Ke Bawah Duli Yang Maha Mulia) The Dust under the feet of his Exalted Highness)
۽ اهو ئي جملو رياستن جي سلطانن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر بادشاهه لاءِ هڪ ٻيو جملو به لڳايو ويندو آهي:
Seri Paduka Baginda) Conqueror Majesty)
اهو ائين آهي، جيئن انگريز بادشاهن لاءِ His Majesty چيو وڃي ٿو.
بادشاهه ۽ سلطانن جي ٻارن کي خطاب ڪرڻ وقت هميشه Yang Teramat Mulia  چيو وڃي ٿو ۽ ٻين وارثن (مائٽن) لاءِ فقط Yang Mulia لفظ استعمال ٿين ٿا.
تُنTun  جو خطاب سڀ ۾ وڏو آهي، جيڪو بادشاهه خاص ماڻهن کي ڏئي ٿو. جيئن اڄڪلهه جي وزيراعظم نجيب جي مرحوم پيءُ عبدالرزاق کي تن جو لقب مليل هو ۽ هو اڄ تائين تن عبدالرزاق سڏجي ٿو. پاڻ هن ملڪ جو سابق وزيراعظم هو.
Toh Puan توح پئان:
جنهن کي تُن جو لقب ملي ٿو، ان جي زال توح پئان سڏجي ٿي.
تَان سري: تُن بعد ٻئي نمبر تي وڏو خطاب تان سري آهي. ”تان سري“ جي زال ”پئان سري“ سڏجي ٿي. ڪوالالمپور جي مشهور دڪان گلوب سلڪ اسٽور جي سنڌي مالڪ ڪِشو کي اهو خطاب مليل آهي، جنهن ڪري هو ”تان ميري ڪشو“ سڏجي ٿو. هن وقت ملائيشيا ۾ اٽڪل 250 کن اهڙا ماڻهو آهن، جن کي تان سري جو لقب مليل آهي.
انهن کي اهو لقب ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمتن ڪري مليو آهي. اهو به لکندو هلان ته هي خطاب ڪوبه حاصل ڪندڙ چاهي ته ڪڏهن به واپس ڪري سگهي ٿو يا ڪنهن وقت به سندس غلط ڪم ڪرڻ ڪري يا بداخلاق حرڪت ڪري بادشاهه هن کان واپس وٺي سگهي ٿو.
داتُڪ (Datuk):
هونءَ هن ملئي لفظ جي معنيٰ ڏاڏو آهي، پر هتي هي لقب/خطاب آهي، جيئن انگريزن وٽ Sir جو لفظ آهي. داتڪ جو خطاب بادشاهه به ڏئي ٿو ته مختلف رياستن جا سلطان ۽ گورنر به ڏين ٿا. داتڪ جي زال ”داتن“ سڏجي ٿي. هي خطاب عورت کي ملڻ سان هوءَ ”داتن پادوڪا“(Datin Paduka)  سڏجي ٿي. پر اڄڪلهه اها به داتڪ سڏي وڃي ٿي.
داتو سِري (Dato Sri):
داتو سِري Dato Sri يا Dato Seri رياست جي سلطان طرفان اعليٰ لقب آهي. جيئن اڄ جو وزيراعظم نجيب تن رزاق ”داتو سري“ سڏجي ٿو ۽ سندس زال داتن سري. اڳوڻا وزيراعظم مهاتيرين محمد ۽ عبدالله احمد بداوي جڏهن نوڪري ۾ هئا ته کين داتو سِري جو خطاب مليل هو. رٽائرڊ ٿيڻ بعد بادشاهه طرفان کين تن Tun جو لقب مليو. ان ڪري هاڻ هو ”تن مهاتير“ ۽ ”تن عبدالله احمد بداوي“ سڏجن ٿا.
اهڙي طرح برونائي ۾Pehin  ۽ داتو پادوڪا جا به خطاب ڏنا وڃن ٿا. ملائيشيا ۾ ڪيترائي ماڻهو نظر ايندا، جن کي برونائي جي بادشاهه طرفان اهي خطاب مليل آهن ۽ سندن زالون داتن پادوڪا سڏجن ٿيون.
ان کان علاوه جيئن اسان وٽ PhD جي ڊگري واري کي ڊاڪٽر، جج کي مسٽر جسٽس وغيره سڏيون ٿا، تيئن هتي جي گورنرن توڙي ٻاهرن ملڪن جي سفيرن جي نالن اڳيان T.Y.T (تئان، ينگ، تروتاما) لکيو وڃي ٿو، جيئن انگريزي ۾ His Excellency لکيو وڃي ٿو.ملڪ جي وزيراعظم، ڊپٽي وزيراعظم، رياستن جي وزيراعلائن ۽ اسيمبلي جي انهن ميمبرن جن کي تُن جو لقب مليل آهي، انهن جي اڳيان Y.A.B يعنيYang Amat Berhormat  لڳايو وڃي ٿو، جيئن انگريزي ۾ The Most Honorable لکيو وڃي ٿو. ملڪ جي پارليامينٽ جي باقي ميمبرن ۽ رياستن جي اسيمبلي ميمبرن جي نالن اڳيان Y.B يعنيYang Berhormat  لکيو وڃي ٿو، پر انهن ميمبرن ۾ جيڪڏهن ڪو شهزادو آهي، يعني بادشاهه يا سلطانن جو ڪو پٽ ته پوءِ هن جي نالي اڳيانYang Berhormat Mulia  لکيو وڃي ٿو، جيئن رزالي حمزه آهي، جيڪو پارليامينٽ جو ميمبر به آهي ته کيس تان سري جو خطاب به مليل آهي ۽ شاهي خاندان جو اولاد هجڻ ڪري تينگڪو به آهي ته هن جو سڄو نالو ٿيو:
Yang Berhormat Mulia Tengku Tansri Razaleigh Hamzah
(ينگ برحورمت موليا تنگڪو تان سري رزالي حمزه).
ملائيشيا جي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي چيف ججن ۽ ڪورٽ جي صدر لاءِ Y.A.A  يعني Yang Amat Arif لکيو وڃي ٿو، يعني تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ The Most Learned ملئي زبان ۾ Yang لفظ جي معنيٰ آهي ”جيڪو“ ۽ عارف معنيٰ ”ڄاڻو“. اهڙي طرح باقي ججن جي نالن اڳيان فقط Y.A يعني Yang Arif لڳايو وڃي ٿو يعني The Learned يا موسٽ آنربل لفظ استعمال ٿئي ٿو يا سفيرن لاءِ هز ايڪسيلنسي لفظ لڳايو وڃي ٿو.... ”هز ايڪسيلينسي مسٽر نور محمد جادماني، پاڪستان ائمبسڊر ان ٽوڪيو جپان“.... وغيره.
انهن لقبن ۽ خطابن کان علاوه ڪجهه ٻيا لقب به عام آهن، جيڪي ان ماڻهوءَ جي خاندان يا نسل يا ان جي وڏن جي عهدي بابت ٻڌائين ٿا، جيئن اسان وٽ سيد ۽ شاهه لکڻ سان سمجهڻ کپي (يا سڏائڻ وارو اسان کي ٻڌائڻ ٿو چاهي) ته هو حضور صلعم جي اولاد مان آهي يا قاضي لکڻ سان هو ٻڌائي ٿو ته ميرن جي ڏينهن ۾ يا انگريزن جي ڏينهن ۾ هن جا وڏا پڙهيل ڳڙهيل عالم هئا يا هنن جو ’جوڊيشري‘ سان واسطو هو يا ”حڪمت“ سان واسطو هو، جيئن قاضي عبدالقيوم عباسي وغيره. اهڙي طرح هتي ملائيشيا ۾ حضور صلعم جي ڏهٽن امام حسن ۽ حسين جي اولاد مان مرد حضرات سيد سڏائين ٿا ۽ عورتون شريفان سڏجن. اسان وٽ عورتون به سيد يا شاهه سڏائين، جيئن سيد در شهوار يا نورالهديٰ شاهه، انيتا شاهه لڪياري وغيره ۽ شريفان اسان وٽ فقط نالي طور استعمال ٿئي ٿو، پر ملائيشيا ۾ نالي اڳيان شريفان هجڻ معنيءِ هوءِ سيد آهي، جيئن ملائيشيا جي مشهور ڳائڻي ائني پاڻ کي شريفان ائني سڏائي ٿي. شريفن ستر واري ڏهي ۾ مشهور ڳائڻي هئي، جڏهن پاڻ به جوان هئي ته اسان ٻڌڻ وارا به جوان هئاسين. هينئر ته اهڙيون اهڙيون ڊسڪو ۽ پاپ سنگر نوجوان ڇوڪريون ميدان تي اچي ويون آهن جو پوڙهي شريفان جا ملئي گانا فقط اسان جهڙا پوڙها ٻڌي نوسٽلجيا (بقول ملئي ماڻهن جي Rindu) محسوس ڪريون ٿا.
بهرحال ڪجهه ٻيا ان قسم جا لقب جيڪي توهان ملئي ماڻهن جي نالن اڳيان ڏسندا، هن ريت آهن:
انگڪو (Ungku): سلطانن ۽ بادشاهه جي ماءُ جي خاندان سان واسطو رکندڙ انگڪو سڏائين ٿا.
ابانگ (Abang): انگريزن جي دور حڪومت ۾ اهم سرڪاري نوڪرين جي عملدارن جا ٻار ابانگ لکائين. يعني مرد ابانگ سڏائين، عورتون دايا نگ. برونائيءَ ۾ ته هونءَ به ڪنهن عورت کي عزت سان مخاطب ٿيڻ مهل دايا نگ سڏجي ٿو، جيئن ملائيشيا ۾ عورت کي چاچي ماسي يا ادي چوڻ بدران ”پئان“ سڏجي ٿو ۽ وڏي عمر جي مرد کي عزت سان سڏڻ لاءِ ”تئان“ چئي پڪارجي ٿو، جيئن پاڻ وٽ ”سائين جن“ چئون. تئان پرگي مانا؟ يعني سائين جن ڪيڏانهن وڃن ٿا. هم عمر لاءِ ’انچڪ‘ يعني مسٽر لفظ استعمال ٿئي ٿو. ”انچڪ ماهو منيوم آئر؟“ مسٽر پاڻي پيئڻ پسند ڪندائو؟ ۽ جي ننڍو آهي ته تون يا توهان Anda ۽ Awak لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ”ڊي مانا روما انڊا؟“ تنهنجو گهر ڪٿي آهي، وغيره.
اوانگ: ملائيشيا ۾ ڪيترا ئي برونائي جا ماڻهو ملندا، جيڪي اوانگ (Awang) سڏائين ٿا، يعني هنن جو برونائي جي شاهي خاندان سان تعلق آهي.
اهڙي طرح ميگات (Megat) ۽ پُتري لفظ آهن. ملائيشيا جي ڪن رياستن جهڙوڪ ڪيلنتان، ڪيداح ۽ ترنگانو ۾ سابق وزيراعلائن جو اولاد وان (Wan) سڏائي ٿو، جيئن اسان جو ڪئپٽن دوست ”ڪئپٽن وان شُڪري“ سڏائي ٿو. شُڪري سندس نالو آهي، جيڪو شُڪر لفظ مان نڪتو آهي. اهڙي طرح نِڪ (Nik) ۽ چي (Che) ٽائيٽل آهن. ملائيشيا ۾ ڪنهن جي به نالي سان ڪوبه لقب لڳل آهي ته يڪدم محسوس ٿئي ٿو جو هتي ذات جو چڪر نه هجڻ ڪري عام طرح هر ماڻهوءَ جو فقط هڪڙو نالو آهي، جنهن سان گڏ بن (پٽ) يا بنتِ (ڌيءَ) لکي پيءُ جو نالو لکيو وڃي ٿو. مثال طور رزالي بن يعقوب يا رحيما بنت ابوبڪر.... وغيره، ته اهڙي سيٽ اپ ۾ ڪنهن جي اڳيان وان، اوانگ، نِڪ، ابانگ، دايا نگ، تنڪو، تئانڪو، تينگڪو، داتڪ، داتو يا تانسري جهڙو لفظ لکيل آهي ته اهو نالو ٻين کان الڳ ٿلڳ ۽ نمايان لڳي ٿو ۽ سمجهي وڃڻ کپي ته هن جو واسطو ڪنهن اهم ڪڙم قبيلي سان آهي يا پاڻ اهم شخصيت آهي جو هن کي داتڪ، داتو، تن يا تانسري جهڙو لقب مليل آهي. اهي لقب خاص ڪري پوڙهن ماڻهن کي ملن ٿا، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ٿا يا سائنس، ميڊيسن، يا انجنيئرنگ جهڙن سبجيڪٽ ۾ اهم Contributory ڪم ڪن ٿا. مون جهڙي ليکڪ کي اهڙا ماڻهو، سندن ٽائيٽل مان معلوم ڪري، خبرچار يا انٽرويو وٺڻ ۾ سولائي رهي آهي. ڇو ته اهڙي هر ماڻهوءَ جي زندگي جي دلچسپ ڪهاڻي ٿئي ٿي. پر منهنجي ان ڳالهه سان ملائيشيا ۾ رهندڙ هرهڪ سهمت به نه ٿيندو ۽ ان ۾ آئون به حقيقت ڏسان ٿو ته هر داتڪ (Datuk) مثالي زندگي جو مالڪ ناهي. باوجود ڌيان سان چونڊ ڪرڻ جي ڪيترا لقب حاصل ڪرڻ وارا نالائق به ثابت ٿين ٿا. ڪيترا داتو ۽ داتڪ ڏوهن ۾ ملوث نڪتا آهن ۽ مٿن ڪيس هلي رهيا آهن. اهڙن کان سلطانن ڏنل خطاب واپس وٺي ڇڏيا آهن. اهڙن کان سلطانن ڏنل خطاب واپس وٺي ڇڏيا آهن. ان کان علاوه هرسال گهڻن ماڻهن کي خطاب ورهائڻ تي انهن خطابن/ لقبن جو ڪو قدر نٿو رهي. ان سلسلي ۾ هڪ دفعي تُن ڊاڪٽر مهاتير محمد چيو هو ته:
"Personally, I feel if you want to give value to anything, it must be limited.... if you produce a million Ferrari cars, nobody will care about buying a Ferrari."
پيراڪ رياست جي وليعهد شهزادي راجا ناظرين شاهه به ان سلسلي ۾ ان خيال جو اظهار ڪيو ته هيڪاندا گهڻا داتڪ جا خطاب ڏيڻ ڪري انهن جو قدرئي گهٽجي ويو آهي.
"Sometimes, I think we give away too many Datukaships.... it dilutes & devalues the award."
25 سالن جي اسڪاش پليئر نڪول ڊئوڊ ۽ اولمپڪ راندين ۾ چاندي جو ميڊل حاصل ڪرڻ واري لي چانگ کي جڏهن داتڪ جو خطاب ڏنو ويو ته ملڪ ۾ ڪافي بحث شروع ٿي ويو ته اهي ننڍي عمر ڪري اهڙي لقب جا لائق نه آهن. اهڙي طرح ملاڪا رياست جي حڪومت تي به ڪافي تنقيد ٿي جڏهن ملاڪا رياست طرفان هڪ غير ملائيشين ”انڊين فلمي ائڪٽر“ شاهه رخ خان کي ملاڪا ۾ فلمون ٺاهڻ تي داتڪ(Datuk)  جو خطاب عطا ڪيو.

No comments:

Post a Comment