Monday, May 30, 2011

ملائيشيا جون ٻه چار ٻيون ڳالهيون - الطاف شيخ

 
ملائيشيا جون ٻه چار ٻيون ڳالهيون
الطاف شيخ
ملائيشيا ۾ ڳائڻ وڄائڻ خوب آهي. ملڪ جو ته قومي ترانو آهي پر هر رياست ۽ فيڊرل ٽيريٽري جو به آهي. ڪيترن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي به پنهنجي پنهنجي لوگو ۽ موٽو سان گڏ هڪ عدد ترانو به آهي. ڪئالالمپور ۾ اڪثر هيٺيون ترانو ڳايو وڃي ٿو جنهن جي انگريزي معنى به لکان ٿو.
Harmoni Wilayah Pertiwi
Semoga Sentiasa Diberkati
Wawasan Hala Pembangunan
Sebagi Semangat Perpaduan

Wilayah Persekutuan
Maju dan Sejahera (2x)

Harmonious is this country’s territory
May it always be blessed
Our vision directs our development
As the spirit of unity
Federal Territory
Progressive and Prosperity (2x)

انگريزن يا يورپين آفريڪا يا ايشيا جي جن به ملڪن حڪومت ڪئي، اتي جي ماڻهن هنن کي پسند نٿي ڪيو پر انهن ڌارين مان ڪن اهڙا چڱا ڪم ڪيا جو انهن کي اڄ به پسند ڪيو وڃي ٿو. جيئن سمجهو ته اسان وٽ سر فريئر جنهن سنڌي زبان جي اڄ واري الف ب مقرر ڪئي. اهڙي ئي هڪ انگريز سر هگ لو Sir Hugh Low کي هتي جا ماڻهو پسند ڪن ٿا خاص ڪري اهي جن جو واسطو باٽني ۽ زولاجي وغيره سان آهي. مسٽر هگ 1824ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو، سندس پيءُ وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽن جو ماهر horticulturist هو، تنهن پنهنجي پٽ هگ (Hugh) کي جڏهن 20 سالن جو ٿيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ڏي موڪليو ته اُتي جا گل ٻوٽا هٿ ڪري اچي هگ سنگاپور ۾رهي بورنيو  ٻيٽ جي گل پن (flora) تي ڌيان ڏنو. ان دوران هن جي سراواڪ جي انگريز راجا سر جيمس بروڪ سان به دوستي ٿي ۽ سندس ڪم کان علاوه کيس پيراڪ رياست جو ائڊمنسٽريٽر به مقرر ڪيو ويو. هن جي ان وقت جي ڪئپٽن چينا (چنگ ڪپنگ
ڪُوئي) ۽ ملئي حاڪمن راجاموُدا ۽ سلطان ادريس سان به سٺي دوستي رهي ۽ هن ڪاروبار اهڙي ته سٺي نموني سان هلايو جو پيراڪ رياست جيڪا قرضي ٿي وئي هئي اها هن جي ڪوششن سان امير ٿي وئي.
ملايا ۾ رٻڙ، ڪافي، ڪارا مرچ ۽ چانهه جا فصل هن انگريز سرهگ شروع ڪرايا.
1882ع ۾ هن رٻڙ جا ٻج ڇٽي ست کن رٻڙ جا ٻوٽا پيدا ڪيا، جن مان پوءِ وڌي وڌي اهڙي حالت ٿي جو سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي رٻڙ جي پوک شروع ٿي وئي.
ڪوٽا ڪنابالو جي جبلن تي جيڪا اعلى درجي جي چانهه جي پوک ٿئي ٿي ۽ اڄ سپتي نورهاليزه ڳائڻي CTea نالي چانهه جو بزنيس ڪري ٿي، اها به هن انگريز جي محنت ڪري آهي. پاڻ پهريون ماڻهو هو جيڪو ڪوٽا ڪنابالو جبل جي چوٽيءَ تي پهتو. ڪوٽا ڪنابالو جبلن جي سڀ کان اتاهين چوٽي ۽ جبلن جي پويان اونهي کاهيءَ جو نالو هن انگريز پٺيان آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن ٻوٽن،  جانورن، جيتن، پکين تي ايڏو ته ريسرچ ورڪ ڪيو جو اڄ ڪيتريون شيون هن جي نالي سان آهن ۽ دنيا جا شاگرد جن جو باٽني، زولاجي يا ائگريڪلچر سان واسطو آهي، اهي سر هگ لو جي نالي کان واقف آهن. ڪجهه شيون جن جي سائنسي نالي ۾ Sir Hugh Low جو نالو اچي ٿو هن ريت آهن.
ٻوٽا ۽ گل:
Arachnis Lowii
Dendrobium Lowii
Lowiara (Hybrid orchid)
Sobralia Lowii
Vatica Lovii
Nepenthes Lowii (Pitcher Plant)
۽ ٻيا ڪيترا.
اهڙي طرح ڪجهه جانور:
Ptilocercus lowii
(Pen tailed Tree shrew)
Sundasciurus Lowii
(Low’s Squirrel).
سر هگ لو جي نالي پيراڪ رياست جي گادي واري شهر اپوح ۾ هڪ روڊ Hugh Low Street به آهي. وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مون کي سال ۾ ٻه دفعا کن اپوح جي انگڪو عمر پوليٽيڪنڪ ۾ پڙهائڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو ته آئون اڪثر هن روڊ جي ڪنهن هوٽل ۾ رهندو هوس. هي ڪراچي جي صدر جي زيب النساءِ اسٽريٽ جهڙو بارونق هو. هاڻ ته اپوح جا ٻيا علائقا ۽ روڊ به وڌيڪ ماڊرن ٿي ويا آهن.
هن روڊ جو هاڻ جيتوڻيڪ “جالان سلطان اسڪندر” نالو رکيو ويو آهي پر ماڻهو اڄ به هن روڊ کي “هگ لو اسٽريٽ” سڏين ٿا.
سر هگ هڪ سٺو ليکڪ به هو ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب آهن. اسان جا پاڪستاني جيڪي ايسٽ ملائيشيا (يعني بورنيو ٻيٽ تي) نوڪري ڪن ٿا، انهن کي Suggest ڪندس ته هو سر هگ جا هي ڪتاب ضرور پڙهن، جيڪي مون وٽ ملائيشيا ۾ گڏ هئا پر پوءِ 1991ع ۾ اهي ۽ ٻيا ڪتاب جن جو ملائيشيا (خاص ڪري بورنيو) سان واسطو هو، نيوز لائين رسالي ۾ ڪم ڪندڙ رضيه ڀٽي، حسن مجتبى ۽ نفيسه شاهه کي ڏئي ڇڏيم. نفسيه شاهه ته پاڻ به بورنيو ٻيٽ تي وئي ۽ News line رسالي لاءِ ڪافي لکيو. مسٽر هگ جا ڪتاب:
Sarawak. Its Inhabitants & Productions.
A Botanist in Borneo.
Selesilah (Book of Descent) of Rajas of Brunei.
مٿين ڪتاب جو نالو “سلسله” ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنى ساڳي آهي جيڪا اسان وٽ سنڌي اڙدو ۾ آهي يعني سلسلو، شجرو، نسل وغيره. سر هَگ تي به هڪ تمام مشهور ڪتاب آهي جيڪو چارلس. ايف. ڪو وان لکيو آهي ۽ پهريون ڇاپو 1969ع جو آهي. ڪتاب جو نالو آهي:
Sir Hugh Low (1824-1905)
“سر هگ لو” اٽليءَ جي شهر Alassio ۾ 18 اپريل 1905ع تي وفات ڪئي.
ڪئالالمپور ۾ گهمڻ جون جايون هڪ نظر ۾:
. سينٽرل مارڪيٽ
. هئنڊي ڪرافٽ ڪامپليڪس
. جالان مسجد انڊيا
. جامع مسجد
ڪئالالمپور برڊ پاڪ
ڪئالالمپور زو نگارا (Zoo Negara)
KLCC پارڪ
. ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن ۽ سندس ائڊمن بلڊنگ.
مسجد نگارا .
نئشنل مانومينٽ .
نئشنل اڪئريم (ماهي گهر) .
پيتالنگ اسٽريٽ .
پيٽروناس Twin ٽاورس .
رُوما پينگهولو ابو سيمان .
سلطان عبدالصمد بلڊنگ .
بڪت ناناس . K.L ٽاور .
فئملي پارڪ .
باتو غارون (Batu Caves)
 . سينٽ مئري ڪئٿيڊرل .
نئشنل ميوزيم  . National Planetarium
بٽر فلاءِ پارڪ
داتاران مرديڪا (Dataran Merdeka) .
هرڻن جو پارڪ .
اسلامي آرٽ ميوزيم .
استانا نيگارا (Istana Negara) .
تمن تاسڪ پرڌانا .
ڪئالالمپور ميموريل لئبرري .
ڪئالالمپور ٽيڪسٽائيل ميوزيم .
نئشنل اسپورٽس ڪامپليڪس .
چوڪِٽ (Chowkit) ڀاڄي ۽ گوشت مارڪيٽ.
سکن جو مندر.
چائنا ٽائون ۽ اتي جو چيني مندر.
برڪس فيلڊ   (Bricksfield)علائقو ۽ اتي جا هندو، ٻڌ ۽ چيني مندر .
تمن تاسڪ (Taman Tasik)  پرمئشوري

No comments:

Post a Comment