Monday, June 06, 2011

ڪوالالمپور ۾ رهائش - الطاف شيخ


ڪوالالمپور ۾ رهائش
الطاف شيخ
اهو به هڪ منجهائيندڙ سوال آهي جڏهن ڪو ٽوئرسٽ ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ ڪنهن مناسب هوٽل جو پڇي ٿو. اهڙي سوال جو جواب توهان ورلي صحيح ڏئي سگهو ٿا، جو ان بابت هر هڪ جي پنهنجي سوچ ٿئي ٿي. ڪيترا دفعا ائين ٿيو آهي ته پاڪستان کان آيل همراهه منهنجي suggest ڪيل هوٽل ۾ رهڻ بعد چوندا آهن ته هيءَ هوٽل ڪنهن ڪم جي ناهي. ظاهر آهي هر هوٽل جو ڪمرو ان جي مسواڙ مطابق ٿيندو ۽ منهنجي خيال ۾ اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي فائيو اسٽار، فور اسٽار هوٽلن جو ته نه پر ٿري اسٽار هوٽلن جو به رخ نه ڪرڻ کپي. مون ته گورن يعني انگريز ۽ يورپين کي به سادين هوٽلن ۾ رات گذاريندي ڏٺو آهي. جيڪڏهن  هو واقعي ٽوئرسٽ آهن، يعني هو پنهنجي خرچ تي گهمڻ لاءِ آيا آهن ته. باقي ڪمپني جي خرچ سان يا ڪنهن ملڪ جي يونيورسٽي ۾ ليڪچر يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪمپني يا اهو ملڪ خرچ ٿو ڀري ۽ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿو رکي ته پوءِ اسان کي تڪليف نه ٿيڻ کپي. ڪيترا دفعا هڪ جهاز تان ٻئي جهاز تي بدلي ٿيڻ مهل، ٻئي ملڪ ۾ هوائي جهاز ۾ پهچڻ تي ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رکيو وڃي ٿو يا جهاز (Ship) تي ڳري مرمت هلڻ تي، جنهن  ۾ گهڻو گوڙ شور ٿئي ٿو، اسان جهاز وارن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ٽئي ويلا ماني به اتي کارائي وڃي ٿي. اسان کي ڪو اعتراض ناهي، جيڪا ڪمپني اسان جو هزارين  روپين جو خرچ ڀري ٿي ان جا اسين ڪم به لکها ۽ ڪروڙها روپين جا ڪريون ٿا ۽ اسان کي فائيو اسٽار ۾ ڇا ڀلي ڪنهن ڇهن يا ستن تارن وارين هوٽلن ۾ رکن
.
هونءَ ته سچي ڳالهه اها آهي ته ٻئي جي خرچ ڀرڻ تي به منهنجي دل ڏکندي آهي، جو اهڙي آرام پرست ۽ Luxurious ماحول ۾ ڇو رهجي؟ چار پهر رات جا فقط ننڊ ئي ته ڪرڻي آهي ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ڊبل روٽي جون ٻه سلائيسون ۽ ٻوڙ ذري ڪافي آهي. سڄو ڏينهن جهاز جي انجڻ روم ۾ بيٺي پير ڪم ڪرڻ ڪري ايڏو ته ٿڪ ٿئي ٿو جو بستر تي ليٽڻ سان ننڊ کنيو وڃي. اهڙو ئي ٿڪ هڪ ٽوئرسٽ کي سڄو ڏينهن شهر ۾ ٽنگون هڻڻ سان ٿئي ٿو.
سو منهنجي خيال ۾ هڪ ٽوئرسٽ کي هوٽل جي ڪمري تي گهڻو خرچ نه ڪرڻ کپي ۽ نه گهڻو گَهوپيخور ٿيڻ کپي. بس ايترو آهي ته ڪمرو هوادار هجي، وهنجڻ لاءِ پاڻي هجي، صاف هنڌ بسترو هجي، مڇر ۽ جيت جڻيا نه هجن ۽ حفاظت وارو هجي.
پر مون ڏٺو آهي ته جتي گورا ٽوئرسٽ ڌارئين ملڪ جو چڪر هڻي اتي تاريخي جاين ۽ آثار قديمه جون ڳالهيون ڪندا، اتي اسان جي هم وطنين جو گهڻو زور هوٽل ۾ ننڊون ڪرڻ، هوٽلن جي سهڻن ڪمرن ۽ مئچنگ پڙدن ۽ انهن کي صاف ڪرڻ وارين نوڪرياڻين بابت خبرون هونديون آهن. اسانجا ماڻهو صبح جو ڏهين يارهين بجي ڌاري ننڊون ڪري اٿندا پوءِ وڏين هوٽلن جي ڊائننگ هال ۾ پُرتڪلف نيرن ڪري ٻارهين هڪ بجي هوٽل مان نڪري پهرين ته پُڇا ڪرائيندا يا سوچيندا ته اڄ ڪيڏانهن گهمڻ نڪرجي پوءِ ان هنڌ پهچڻ لاءِ ڏس پتا ۽ سواريون معلوم ڪندا... مطلب ته هو پرديس ۾ گهمڻ، ڏسڻ ۽ پرائڻ جو وقت ائين ئي ضايع ڪري ڇڏيندا. پر سياڻا انگريز ۽ يورپي ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏڻ کان ٻه ٽي هفتا اڳ ان نئين ملڪ ۽ ڳن جي شهرن جي روڊ رستن جا نقشا ۽ گهمڻ جون جايون چڱي طرح ذهن نشين ڪري پوءِ نڪرندا ۽ پوءِ ڌارئين شهر ۾ پهچي صبح ساڻ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري پوندا. ڏٺو وڃي ته صحيح طرح اهي ئي enjoy ڪن ٿا.
اڳئين دفعي جپان کان ڪراچي موٽڻ تي واٽ تي جهاز جو ڪئالالمپور ۾ اسٽاپ هو. ٽريول ايجنٽ ٽڪيٽ ته گهڻي سستي نه ڪئي پر ڪئالالمپور جي هوٽل ۾ هڪ ڏينهن جي رهائش مفت ڪرائي ڏني.
ڪراچي موٽيس ته ٽريول ايجنٽ چيو “مون جهازران ڪمپني کي چيو ته ٽن ڏينهن بدران ڀلي هڪ ڏينهن جي رهائش ڏيو، پر هوٽل اعلى قسم جي هجي.” دل ۾ چيم ته عجيب بيوقوف آهين ان کان ته ڪنهن سادي هوٽل ۾ ٽي ڏينهن مفت ۾ رهائش وٺي ڏين ها ته بهتر هو. اهڙي فائيو اسٽار هوٽل مون جهڙي ٽوئرسٽ لاءِ ڪهڙي ڪم جي. بيشڪ اها هوٽل آرامده ۽ وڏين سهوليتن واري هئي. هوٽل کي سئمنگ پول به هو جنهن ۾ هوٽل ۾ رهندڙ مفت ۾ سئمنگ ڪري سگهيا ٿي. پر مون جهڙي ٽوئرسٽ لاءِ اهو ڪلاڪ ٻه به شهر جو واءُ سواءُ لهڻ ضروري هو يا سئمنگ ڪرڻ. هوٽل جي هر ڪمري ۾ رهندڙ لاءِ ذاتي ٽجوڙي جو بندوبست هو جنهن ۾ هو پنهنجيون قيمتي شيون رکي سگهي. پر مون لاءِ اها سهولت به ڪهڙي ڪم جي؟ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ مان 115 رپين جي ورتل واچ ان  ۾ رکان يا 25  رپئي واري ڊالر پين رکان يا ٻٽونءَ ۾ باقي بچيل 80 ڊالر رکان؟ پندرهن ڊشن واري نيرن مفت ۾ هئي. اهڙي ڳري نيرن کائي اچي سمهي رهان ان کان بهتر آهي رستي تي ڪنهن اسٽال واري کان چانهه ۽ ڪيڪ پيس وٺي ساڻس ڪچهري به ڪريان، ۽ ڪالم لکڻ لاءِ سندس ڪهاڻي ۽ اهو دڪان هلائڻ جو احوال وٺانس. مون تي ٿڌو ٿورو ڪرڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ هوٽل جي مئنيجر ڪمري جي چاٻي ڏيندي چيو هو؛
“سر ڊبل بيڊ وارو ڪمرو پيو ڏيان.“
دل ۾ مون سوچيو ته ڊبل ڪمري وارو ڇا مون لاءِ ته بنا بيڊ وارو ڪمرو به صحيح آهي جو آئون  backache  ڪري آئون سمهان ئي پٽ تي ٿو ۽ خاص ڪري هينئر ته يڪا ٻه مهينا جپان ۾ رهي پيو موٽان جتي هر ماڻهو تڏي تي سمهي ٿو، چاهي ملڪ جو وزيراعظم هجي يا فلمي اداڪارائون.
بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته اسان جهڙن سياحن لاءِ اهڙي رهائش يا اهڙو ڪمرو ڪافي آهي، جنهن ۾ فقط بنيادي سهولتون هجن، جن جو احوال مٿي لکي چڪو آهيان، باقي مهانگين هوٽلن جون جيڪي سهولتون آهن جن جي ڪري مسواڙ ڳري ٿئي ٿي، اهي اسان لاءِ ڪهڙي ڪم جون؟ جڏهن آفيس طرفان جهاز جي خريداري يا مرمت لاءِ ٻئي ملڪ وڃبو هو يا ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي طرفان سنگاپور يا ٿائلينڊ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ وڃبو هو ته پوءِ واقعي اهڙي هوٽل جي ضرورت پوندي هئي جتي فئڪس مشين جي سهوليت هجي، جيئن پنهنجي هيڊ آفيس ڏي روز جي رپورٽ موڪلي سگهجي پر گهمڻ لاءِ آيل مسافر کي ته ڪمري ۾  ويهي ٽي وي ڏسڻ جو به وقت نٿو ملي. ٽي وي تي هلندڙ فلمون، گانا ۽ ڊراما ته هو پنهنجي ملڪ به وڃي ڏسي سگهي ٿو. پنهنجو ڀاڙو ڀري ڌارئين ملڪ ۾ آيو آهي ته شهر گهمي، ان شهر جي ماڻهن سان ملي، خبرون ڪري يا ڪمري ۾ لڳل ٽي وي تي فلمون ڏسي. مٿين هوٽل جنهن ۾ مون کي هڪ رات مفت ۾ رهائڻ جو ٿڌو ٿورو ڪيو ويو هو، ان جي ڪمرن ۾ رکيل ٽي وي لاءِ مئنيجر وڏي شان سان اهو به ٻڌايو هو ته ”سر اسان جي هوٽل جي ڪمرن ۾ عام ٽي وي نه پر فلئٽ اسڪرين واري ٽي وي رکيل آهي.“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا ٻڌائڻ چاهي ٿو. منهنجي وضاحت گهرڻ تي هن ٻڌايو ته ”سائين فلئٽ ٽي وي سڄو سڄو ڏينهن ڏسڻ سان به اکيون خراب نٿيون ٿين.“ دل ۾ مون سوچيو ته آئون هتي گهمڻ ڦرڻ ۽ شهر جو نڪ نقشو ڏسڻ آيو آهيان يا تنهنجي ٽي وي ڏسڻ! ۽ جيڪو مهمان هن ڪمري ۾ ڏينهن يا ٻه رهندو ان کي جيڪڏهن ڪلاڪ ٻه ٽي وي ڏسڻ جو شوق به ٿيو ته هن لاءِ ٽي وي کڻي ڪهڙي به هجي، چند ڪلاڪن ۾ ڪنهن جون به اکيون خراب نٿيون ٿين. پر ٿي سگهي ٿو اهڙا به چريا يا اڌ مغزي ماڻهو هجن جيڪي انهن ننڍين ننڍين ڳالهين لاءِ پريشان ٿيندا هجن ۽ کين سندن صحت خراب ڪندڙ اهڙين ڳالهين جو خوف يا  سوداءُ ٿيندو هجي. شاديءَ بعد هڪ ان قسم جو نوجوان ڊاڪٽر وٽ آيو ۽ پڇيو:
“سائين منهنجي زال هر وقت چپن تي لپ اسٽڪ لڳائي رکي ٿي. ڇا چمي ڏيڻ سان منهنجي صحت خراب ته نه ٿيندي؟“ ڊاڪٽر وراڻيس ”توکي ڇا لپ اسٽڪ ڊبل روٽي تي هڻي کائڻي ٿي پوي ڇا جو صحت خراب ٿيڻ جو خوف اٿئي؟“ سو ههڙن ڪمرن ۾رهندڙ ڇا ڏينهن رات رڳو ٽي وي ڏسڻ لاءِ ولايت اچن ٿا ڇا؟ پر توهان کي حيرت ٿيندي ته ڪيترا ماڻهو ولايت ۾ اچي گهمڻ بدران رڳو ٽي وي ڏسيو وڃن. ٻيا کڻي نه هجن پر هڪ همراهه کي سڃاڻان جيڪو زال ۽ ٻارن کي ٽن ڏينهن لاءِ بئنڪاڪ گهمائڻ  وٺي آيو. اتي پهچي زال جي مرضي شاپنگ ڪرڻ تي هئي. ٻارن چڙيا گهر، مانگر مڇن جا تالاب ۽ ٻيون ڪجهه اهڙيون شيون ڏسڻ چاهيون ٿي ۽ پاڻ ان چڪر ۾ هو ته سندس زال ٻارن کي وٺي گهمائڻ لاءِ ڪيڏانهن ٽري ته هن کي لوفر پائي لاءِ آزادي ملي سگهي. هنن جي ٽئي ڏينهن هڪ ٻئي سان کِٽ پٽ جاري رهي نتيجي ۾ هو ڪيڏانهن به وڃي نه سگهيا ۽ ٽئي ڏينهن هوٽل جي ڪمري ۾ ٽي وي ڏسي موٽي آيا. ڳوٺ پهچي جنهن تنهن کي  ٻڌائيندا رهيا ته ٿائلينڊ جي ٽي وي واهه جي آهي! زبان سمجهه ۾ نٿي اچي پر پروگرام واهه جا ٿا ڏين....
فائيو يا فور اسٽار هوٽلن ۾ ٻي وڏي مصيبت مِني بار جي هوندي آهي. يعني توهان جي ڪمري جي فرج ۾ يا ڪنهن ڪولڊرئڪ ۾ بيئر، ڪوڪ ۽ ٻين شربتن جون ڪجهه بوتلون ۽ دٻا ، ٻن ٽن قسمن جا چاڪليٽ ۽ بسڪيٽ رکيل هوندا آهن، جن جي قيمت مارڪيٽ جي قيمت کان ٻيڻي ٽيڻي هوندي آهي. منهنجو ڪالم نويس دوست امر جليل صحيح چوندو آهي ته: ”اهڙين هوٽلن کان ڀڄ پري. اسان پيئون ڪونه پر جيڪي پين ٿا، انهن کي به کپي ته بيئر جو دٻو ٻاهران وٺي اچن. بهرحال ڪمري ۾ مِني بار واري سهوليت جي آهي ته پئسي وارن موالين لاءِ آهي، اسان جهڙو ان سهوليت خاطر ڳري مسواڙ واري هوٽل ۾ ڇو رهي.“ منهنجي خيال ۾ امر جليل صحيح ٿو چوي. آئون به پنهنجي تجربي مطابق اهڙي هوٽل جي ڪمري ۾ پهچي ان ئي وقت روم سروس واري بئري کي گهرائي چوندو آهيان ته ”هن مِني بار کي چيڪ ڪري وڃ ته ڇا ڇا پيو آهي.“ ڇو جو روم ڇڏڻ وقت هوٽل وارن سان اهڙين ڳالهين تي اڪثر کِٽ پِٽ ٿيڻ جو انديشو رهي ٿي. توهان ڪابه شيءِ استعمال نه ڪريو، پر آخري ڏينهن تي روم ڇڏي هيٺ ڪائونٽر تي پنهنجو بل چڪتو ڪرڻ مهل ان ۾ ٻه بوتلون بيئر يا ڪوڪ جا به 500 رپيا کن لڳا پيا هجن ته عجيب ٿو لڳي.
ان کان علاوه روم ۾ پهچڻ سان ٽيليفون آپريٽر کي فون ڪري چوندو آهيان ته ٻاهران ايندڙ فون ڀلي ڏي باقي هتان ويندڙ فون بند رک. ڇو جو ان تي به وڃڻ وقت کٽ پٽ رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن غلطي ۾ توهان کي انهن فونن جا به پئسا ڏيڻا پون ٿا، جيڪي توهان ڪيا ئي نه هوندا آهن. هونءَ به اڄ ڪلهه موبائل فون عام آهي. ملڪ ڇڏڻ وقت پنهنجو موبائل فون پاڻ سان کڻي نڪرو. سواءِ جپان جي هر ملڪ ۾ ساڳيا فون استعمال ٿين ٿا. توهان کي رڳو ان ملڪ جي Sim وٺڻي پوندي. يا ٻي صورت ۾ اهو بهتر آهي ته ڪمري مان نڪري هيٺ ٽيليفون آپريٽر جي آفيس يا رسيپشن تان فون ڪري اتي ئي ان بل جي ادائگي ڪري ڇڏيو.
بهرحال منهنجي نظرن ۾ هڪ ٽوئرسٽ کي فائيو يا فور اسٽاف وارين ناليرين هوٽلن ۾ رهي پئسو وڃائڻ بدران عام هوٽلن ۾ رهڻ کپي، جيئن هو اهو پئسو به ان شهر يا ملڪ کي وڌيڪ ڏسڻ تي خرچ ڪري سگهي. هونءَ به وڏين هوٽلن جون اهي سهولتون جن جي ڪري هنن جي مسواڙ هيڪاندي گهڻي ٿئي ٿي، اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ نه آهن. خاص ڪري اسان جهڙن غريب ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ. انهن نالي ڪُٺين سهولتن مان ڪجهه وڌيڪ هن ريت آهن جن جو توهان پاڻ جائزو وٺو ته اهي سهولتون اسان جي ڪهڙي ڪم جون آهن؟ ماڻهن کي بيوقوف ۽ کوکلو شان ڏئي هرکائڻ لاءِ هوٽل وارا اهڙين ٺڙڪو سهولتن جي ڳالهه  نمايان طور ڪن ٿا، جهڙوڪ:
 فٽنيس روم“ سڄو ڏينهن شهر ۾ ٽنگون هڻڻ کانپوءِ توهان کي فٽنيس روم يا جمناسٽڪ هال ۾ وڃي ورزش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ :”Kitchenette” ڪن هوٽلن جي ڪمرن ۾ هڪ ننڍي ڪچن ٿئي ٿي جيئن توهان پنهنجي پسند جون هلڪيون ڦلڪيون شيون ٺاهي سگهو. اسان لاءِ وڏو عيش ريڙهي واري کان ٻن رنگٽن جو مرتباڪ (قيمي وارو اڦرٽو) يا چڪن برياني (جنهن کي ملئي زبان ۾ ناسي ايام سڏين ٿا) وٺي پيٽ ڀرڻ ڪافي آهي. ۽ اه ماني گهمڻ دوران ڪٿي کائي وٺجي. گهمڻ بدران گيهه، مکڻ، کير، بيضا وٺي ڪمري تي اچي رڌ پچاءُ ڪرڻ ۾ ڪهڙي عقلمندي آهي!
“هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ”- توهان هفتي اڌ لاءِ گهمڻ آيا آهيو يا مائٽن دوستن کي خط لکڻ ۽ ڪمپيوٽر تي اخبار پڙهڻ، جو توهان لاءِ اهڙي سهوليت ضروري هجي. ها هڪ بزنيس مئن يا سائنٽسٽ ڪنهن ضروري ڪم لاءِ آيل آهي ته ان لاءِ اها سهولت بهتر آهي. توهان کي جي پنهنجي Mail ڏسڻي آهي ته شهر ۾ سائبر ڪيفي جام آهن. ڏيڍ ڊالر ڏئي ڪلاڪ کن وڃي ڪمپيوٽر سان رهاڻ ڪريو.
“پارڪنگ جي سهوليت”: اها به توهان لاءِ اجائي آهي. آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس ته منهنجي اداري جي انتظاميه ڪڏهن ڪڏهن مون کي اپوح، پينانگ يا جوهور بارو جهڙن شهرن ڏانهن ليڪچر ڏيڻ لاءِ يا جهاز جي سروي لاءِ موڪليندي هئي ته پوءِ آئون نخرو ڪندو هوس ته اهڙي هوٽل ۾ ڪمري جو بندوبست ڪريو، جتي پارڪنگ Facility هجي، جتي آئون پنهنجي ڪار بيهاري سگهان. پر غير سرڪاري طرح يعني پنهنجي مرضي سان انهن شهرن ۾ گهمڻ ويندو هوس ته شهر کان پري واري ڪا هوٽل ڳوليندو هوس، جيڪا سستي پوي ڀلي ڪار پارڪنگ نه هجي.
ڪار کي هوٽل جي ٻاهران ڪنهن روڊ جي پاسي کان بيهاري ڇڏيندو هوس جو  هتي چوري چڪاريءَ جو ته ڊپ آهي ڪونه، بس رڳو ڪار جا در ۽ شيشا، ان ڪري بند ٿا رکجن ته متان ڪو نانگ بلا اندر اچي نه ويهي. يا اسان پاسي، جتي آئون رهندو هوس،  يعني ملائيشيا جي ڏاکڻي پاسي، ملاڪا جي ڳوٺن ڏي ڀولڙن جو وڏو آزار هوندو هو، جيڪي ڪار جو شيشو لٿل ڏسي اندر گهڙي، ڊئش بورڊ مان ڪاغذ پٽ ڪڍي اڇلائي ڇڏيندا هئا يا چٻاڙي ضايع ڪري ڇڏيندا هئا.
“Disabled Access” :  انهن فئملين لاءِ آهي، جيڪي پاڻ سان پنهنجا پوڙها يا بيمار مائٽ کڻي گهمڻ لاءِ نڪرن ٿا ۽ سندن ڪمري تائين ويل چيئر هلڻ جي سهوليت ضروري آهي.
“Pet Friendly”: اهي نواب يا انهن جون زالون جيڪي پنهنجن پاليل ڪتن، ٻلن سان گڏ سفر ڪن ٿيون. انهن لاءِ هنن هوٽلن ۾ هنن جي جانورن جي رهائش، کاڌي پيتي، ويندي ڊاڪٽر ۽ حجام جو بندوبست ٿئي ٿو. يعني ڪتن ٻلن جي صحت ۽ هيئر ڪٽنگ لاءِ.
مساج پارلر”- ملائيشيا ۾ اڄ به چون ٿا ته اهڙا آڍ وارا حڪيم آهن، جيڪي توهان جي جسم جي مالش ڪرڻ ذريعي سور دور ڪريو ڇڏين. امير ملڪن جا ڪيترائي امير ۽ بيوقوف مرد ملندا، جيڪي ٻُڪ ٽڪن جا ڏيئي ههڙين هوٽلن ۾ مساج ڪرائيندي نظر اچن ٿا.
“شٽل سروس”- مسافرن کي ايئرپورٽ کان هوٽل تائين ۽ واپس ايئرپورٽ تائين ڇڏڻ لاءِ هر وقت هوٽل وارن جي سواري موجود رهي ٿي. اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، خاص ڪري انڊيا، ايران، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، جتي عام بس، ريل، ٽئڪسي هر وقت سهوليت ۽ سستي اگهه تي ملي وڃي ٿي. ان ڪري ڇو ويهي هوٽل جي ڪمري جي گهڻي مسواڙ ڏجي.
بهرحال پڙهندڙن جي زور ڀرڻ تي هتي ڪجهه هوٽلن جا نالا لکان ٿو. هڪ ڪئالالمپور جي دوست ذريعي انهن هوٽلن جا نالا ۽ پاڪستاني رپين ۾ ٿيندڙ مسواڙ پڻ لکان ٿو. اسان جي رپئي جو قدر هر وقت ڪرڻ ڪري ان مسواڙ ۾ واڌارو ايندو رهي ٿو، پر ان هوندي به توهان کي هتي جي هوٽلن جي اگهن بابت  Idea ٿي سگهي ٿي ته هڪ ڏينهن جي مسواڙ ڇا آهي.
- جالان سلطان اسماعيل تي هوٽل ڪرائون پلازه- Rs 6000
- جالان اسٽيشن سينٽرل تي هلٽن هوٽل- Rs 13000
- جالان ايمبي تي Melia هوٽل- Rs 6000
- جالان ايمبي تي رٽز ڪارلٽن هوٽل- Rs 13000
- جالان ائمپنگ تي هوٽل مايا- Rs 8000
- جالان سلطان تي پاڪ رايل هوٽل- Rs 7000
- جالان ڪِيا پينگ تي Novotel سٽي هوٽل- Rs 6000
- جالان سلطان اسماعيل تي Renaissance هوٽل- Rs 8000
- جالان بڪت بنتانگ تي گرانڊ ملينيم هوٽل- Rs 9000
- جالان راجا چولان تي هوٽل راستانا- Rs 6000
- جالان Tiong Nam تي سائٽرس هوٽل- Rs 4000
- جالان سلطان اسماعيل تي  هوٽل اڪيٽوريل- Rs 5000
- جالان پنچاڪ تي هوٽل پئسفڪ ريجنسي- Rs 5000
- جالان بڪت بنتانگ تي مئريٽ هوٽل- Rs 12000
- جالان بولان ۽ جالان بڪت بنتانگ وٽ هوٽل ڪئپيٽل- Rs 5000
-  جالان بڪت بنتانگ تي فيڊرل هوٽل- Rs 6000
- جالان سلطان اسماعيل تي شانگريلا هوٽل- Rs 10000
- جالان سلطان اسماعيل تي شيرٽن امپيريل- Rs 7000
- جالان بڪت بنتانگ تي ويسٽن هوٽل- Rs 10000
- جالان Belia ۽ جالان راجا لائوت وٽ هوٽل گرانڊ ڪانٽيننٽل ڪئالالمپور- Rs 4000
- جالان تئانڪو عبدالرحمان تي Swiss  هوٽل- Rs 2000
- جالان پيتالنگ تي هوٽل چانا ٽائون- Rs 2500
- جالان تئانڪو عبدالرحمان تي هوٽل سهارا- Rs 2200
- جالان سلطان اسماعيل وٽ هوٽل فارچونا- Rs 4500
- جالان پيتالنگ تي هوٽل چائنا ٽائون 2K- Rs 2000
- جالان پودو تي هوٽل Zass- Rs 2000
- جالان مسجد انڊيا تي پئلس هوٽل- Rs 4000
- پيتالنگ اسٽريٽ تي پيتالنگ اسٽريٽ هوٽل- Rs 1500
- جالان مسجد انڊيا تي هوٽل Start Point- Rs 3500
- جالان Berangan تي Attapsana گيسٽ هائوس هاسٽل- Rs 1500 اهي ته ٿيون ڪئالالمپور جي وچ شهر جون ڪجهه هوٽلون. شهر کان ٻاهر به سوين هوٽلون آهن، جن جي مسواڙ گهٽ ٿئي ٿي. هڪ ٽوئرسٽ کي کپي ته هو پنهنجي ملڪ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ واري ٽريول ايجنٽ ذريعي پنهنجي بجيٽ مطابق هوٽل اڳواٽ بُڪ ڪرائي ته اهو بهتر آهي. ٻيو نه ته هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ ڪنهن به هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي نڪري، جيئن ڌارئين ملڪ ۾ ايئرپورٽ تان نڪرڻ مهل سڌو ان هوٽل ۾ هليو اچي ۽ پوءِ جي اها هوٽل پسند ناهي ته ڪجهه دير سفر جو ٿڪ ڀڃي پوءِ آرام سان پنهنجي پسند جي هوٽل ڳولهي.
ڪو پئسو بچائڻ چاهي ٿو ته ان کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته شهر کان ٻاهر طرف ڪا هوٽل ڏسي ڇو جو هتي سواري جو ڪو مسئلو ناهي. هو ڪٿي به رهيل هجي، ڊالر ڏيڍ بس يا ٽرين جي ٽڪيٽ ڀري وچ شهر تائين پهچي سگهي ٿو. ائين ته وچ شهر ۾ به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون هوٽلون آهن، جيڪي سستيون آهن. جيئن ڪراچي ۾ صدر واري علائقي جي گهٽين ۾ آهن، پر ان لاءِ هرڪو پاڻ پنهنجي ضرورت ۽ بجيٽ کي ڌيان ۾ رکي رهائش جو انتظام ڪري ته اهو صحيح رهي ٿو.

No comments:

Post a Comment