Friday, June 17, 2011

نئروبي شهر جو وجود - الطاف شيخ

نئروبي شهر جو وجود
الطاف شيخ
نئروبي نه فقط ڪينيا ۾ پر سڄي دنيا ۾ هڪ عجيب شهر آهي، جنهن ۾ ٻارهوئي دنيا جا ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. صاف سٿرو ۽ سهڻو شهر آهي. منجهس جتي ماڊرن ۽ اتاهيون عمارتون ۽ هوٽلون آهن، اتي سفاري (جانورن کي کلي فضا ۾ گهمندو ڏسڻ جا موقعا)، مائونٽينرنگ (جبل تي چڙهڻ) ۽ شڪار جا شوق پورا ڪرڻ جا به بندوبست آهن. نئروبي سياسي ۽ معاشي طرح به هڪ اهم شهر آهي، جتي ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪمپنين ۽ آرگنائيزيشنن جون آفيسون آهن. نئروبي ۾ UNO جون آفيسون به آهن. نئروبي اسٽاڪ ايڪسچينج (NSE) آفريڪا جي سڀ کان وڏي آهي ۽ ٽريڊنگ واليوم ۾ آفريڪا جي چوٿين نمبر تي آهي، جيڪا روزانو هڪ ڪروڙ سودا(Trades)  ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي. جيئن ڏور اوڀر ڏي ٽوڪيو، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جهڙا شهر آهن ۽ عرب دنيا ڏي بيروت ۽ قاهره آهن ۽ اسان پاسي ممبئي آهي، تيئن آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري ڏي نئروبي شهر آهي. فرق فقط اهو آهي ته ٻيا سڀ شهر آڳاٽا آهن، نئروبي هڪ سؤ سال به پراڻو ناهي. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ يعني 1900 ۾ به ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڪو نئروبي به شهر آهي، بلڪ هو ئي ڪو نه ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر!

يورپي قومون جهاز ٺاهي سمنڊ تي حڪمراني حاصل ڪرڻ بعد آفريڪا ۽ ايشيا جا ملڪ ڳولڻ ۽ هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ اچي ويون. آفريڪا جو ڪو حصو اٽليءَ وارن کنيو ته ڪنهن تي فرينچن ۽ پورچوگالين قبضو ڪيو، ڪنهن تي اسپين ۽ انگلنڊ وارن قبضو ڪري پنهنجو راڄ قائم ڪيو. آمريڪا ملڻ تي اوڏانهن اسپين ۽ پورچوگالين وارن گهڻي ڊوڙ پاتي. ان ڪري سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪن ۽ ٻيٽن جي، باقي تي هسپانوي ۽ پورچوگالي ڇانئجي ويا ۽ اڄ چلي ۽ ڪولمبيا کان USA جي ڏاکڻين رياستن ميڪسيڪو، ٽيڪساز ۽ لوزيانا وغيره تائين آمريڪا ۾ اسپيني زبان هلي ٿي. (اسپيني ۽ پورچوگالي زبانن ۾ فقط اوڻهين ويهين جو فرق آهي، جيترو ڊئنش ۽ سئيڊش ۾ آهي يا جيترو پنجابي ۽ سرائڪيءَ ۾ آهي.) آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارو هي حصو، جيڪو هاڻي ڪينيا ۽ يوگنڊا وغيره سڏجي ٿو، انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويو. ٻين يورپين جي ڀيٽ ۾ انگريزن جو اهو گڻ ڳائڻ جوڳو آهي ته: هنن جتي به حڪومت ڪئي، ان کي ٻين يورپين وانگر ڦريو لٽيو به دل وٽان، پر هڪ سٺي ڳالهه ڪيائون ته اتي امن امان، جوڊيشري، پوسٽ جو نظام، پوليس کاتو، تعليمي نظام، ويندي روڊ رستا ۽ ريلوي سسٽم ٺاهيائون. اهو ئي سبب آهي جو ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) ۽ سنگاپور کان هانگ ڪانگ ۽ انڊيا ۾ ريل جي پٽڙين جي ڄار وڇايل آهي ۽ انگريزن جون ٺهيل آڳاٽيون ريلوي اسٽيشنون اڄ به ڪيترن شهرن ۾ قائم آهن. ويندي ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاهور کي ئي کڻي ڏسو. آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارو علائقو (جيڪو اڄ ڪينيا ۽ يوگنڊا سڏجي ٿو) جيئن ئي انگريزن جي هٿ ۾ آيو ته هنن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريل هلائڻ جو ارادو ڪيو. هيءَ 1899ع جي ڳالهه آهي. انهن ڏينهن ۾ نئروبيءَ جو نالو نشان به نه هو. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ممباسا ۽ ڪمپالا ان وقت جا بَلي بَلي ۽ تاريخي شهر هئا.

ممباسا بندرگاه ۽ وڻج واپار ڪري، ڪمپالا وڪٽوريا ڍنڍ تي هجڻ ڪري تمام سٺي موسم ۽ اهميت وارو شهر هو. انگريزن کي ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ چانهه، ڪافي، ڪاٽن ۽ ٻيا فصل ممباسا آڻي پنهنجي وطن انگلنڊ پهچائڻا هئا، ان ڪري ٽرانسپورٽ لاءِ ٽرين ضروري هئي. ريل جا پٽا ۽ ڪاٺ جا سليپر وغيره وڇائڻ ۽ جهنگ صاف ڪرڻ لاءِ هنن ننڍي کنڊ مان هزارين مستري ۽ مزور گهرايا. خاص ڪري پنجاب کان سک- جيڪي سخت جان ۽ محنتي به هئا ته ان ڪم جا ڄاڻو به هئا. ريلوي وڇائڻ جو جڏهن ڪم شروع ٿيو ته هنن اڄ واري نئروبي واري هنڌ کي سامان رکڻ جو ڊيپو بڻايو، جو هڪ ته اهو ممباسا ۽ ڪمپالا جي بلڪل وچ ۾ آيو ٿي. جيئن ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي ٺاهڻ وارن اطالوين، نوري آباد وٽ وچ ٺاهيو جتي رستو ٺاهڻ جون مشينون ۽ ٻئي سامان جو ڊيپو ٺاهيو ويو. نئروبي وارو هي هنڌ نه فقط هن ريلوي لائين جو وچ ٿي ٿيو پر ان هنڌ کي ٻيون به خوبيون هيون. مٿانهين Elevation تي هجڻ ڪري ٿڌڪار هئي ۽ مزور ۽ انجنير آرام جي ننڊ سمهي سگهيا ٿي. اتان ئي هڪ ندي وهي ٿي جنهن کي اتي جي مڪاني قبيلي ماسائي جي ماڻهن ‘انڪاري نائي روبي’ سڏيو ٿي. بهرحال ريلوي تي ڪم ڪندڙن ۽ انگريزن هن نديءَ جو نالو نئروبي ندي رکيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ريلوي وارن جي ننڍڙي ڪالونيءَ مان ننڍڙو شهر ٿي ويو جنهن ۾ انگريزن جا سهڻا بنگلا ۽ باغ باغيچا ڏسڻ وٽان هئا ۽ هاڻ هي ننڍڙو شهر نئروبي سڏجڻ لڳو. ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسون ۽ واپارين جون ڪوٺيون ممباسا مان شفٽ ٿي نئروبي اچي ويون ۽ سال 1907ع ۾ هن علائقي جي گاديءَ جو هنڌ ممباسا بدران نئروبي ڪيو ويو.
ياد رهي ته هن علائقي جو ڪينيا نالو اڃان مقرر نه ٿيو هو. هي سڄو ملڪ ۽ يوگنڊا وارو ڳپل حصو اڃا “برٽش ايسٽ آفريڪا” جي نالي سان سڏجي رهيو هو. بعد ۾ ڪينيا جبل تان هن ملڪ جو نالو ڪينيا رکيو ويو. ۱۹۶۳ع ۾ انگريزن جي وڃڻ بعد، مڪاني ماڻهن به هن ملڪ جو ساڳيو نالو ڪينيا رکيو ۽ ملڪ جو ساڳيو گاديءَ وارو شهر نئروبي قائم رهڻ ڏنو. بهرحال نئروبيءَ جو شهر سطح سمنڊ کان 1800 ميٽر مٿانهون آهي ۽ شهر مان نئروبي ندي ائين وهي ٿي جيئن لنڊن جي وچ مان ٿيمس ندي ۽ ملاڪا شهر مان ملاڪا ندي وهي ٿي. هونئن جن ڏينهن ۾ ممباسا کان ڪمپالا ريلوي لائين وڇائجي رهي هئي، تن ڏينهن ۾ نئروبي وارو هي علائقو، جيڪو اڄ يورپ جي ڪنهن ماڊرن شهر جو ڏيک ڏئي ٿو، سو گهاٽي جنگل، ڊگهي گاهه ۽ پوسل ڪري اهڙو ئي هو جهڙو شروع جي ڏينهن ۾ گپ وارو شهر ڪوالالمپور. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي جام هو ۽ ٿڌڪار ڪري منجهند جو به فرحت محسوس ٿئي ٿي، پر مڇر ۽ ان ڪري مليريا جو مرض ايڏو هو جو اهو ڏينهن ڪو خالي نه هو جو ڪنهن جو لاش نٿي کڻڻو پيو ۽ هڪ دفعو ته هي شهر ڇڏي ماڻهو لڏڻ لاءِ به تيار ٿي ويا هئا.
انگريز راڄ ۾ هي شهر تمام تيز رفتاري سان وڌيو. ايتري قدر جو اوسي پاسي ۾ رهندڙ ماسائي قبيلي جا ماڻهو پنهنجي چوڌاري وڻن جي وڍجڻ ۽ عمارتن جي ٺهڻ ڪري سخت بگڙي ويا. ان بعد ڪي ڪُيو قبيلي جا ماڻهو به ڪاوڙجي پيا جن چاهيو ٿي ته انگريز جيڪي زمينون ڦٻائي مالڪ بڻجي ويا آهن، اهي کين واپس ڪيون وڃن. انگريزن هنن جي protest کي دٻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر سندن غم ۽ غصو وڌندو ويو تان جو سندن قبيلي جي هڪ ماڻهو جومو ڪينياتا ‘مائو مائو’ نالي هڪ تحريڪ ٺاهي ۽ انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. جومو ڪينياتا کي جيل ۾ به وڌو ويو پر ٺاپر نه ٿي. ٻي جنگ عظيم ڪري انگريز به ڍرڙا ٿي پيا. ننڍو کنڊ جنهن تي کين فخر هو، اهو به سندن هٿن مان نڪري چڪو هو. چوڌاري سندن مٿان پريشر وڌڻ لڳا. ملائيشيا، سنگاپور، نائيجيريا... هر ملڪ آزاد رهڻ لاءِ گهُر ڪرڻ لڳو. آخر 1963ع ۾ انگريزن ڪينيا کي خود مختياري ڏني ۽ پاڻ ٽپڙ کڻي وڃي لنڊن، لورپور، هل ۽ مانچسٽر جون اباڻيون گهٽيون وسايائون. نئروبي آفريڪا جو هڪ شهر آهي پر هن ۾ ايترا ته غير ملڪي ادارا، بين الاقوامي بزنيس فرم ويندي يونائيٽيڊ نئشن جون آفيسون آهن، جو ڌارين ملڪن جي ماڻهن جي، خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جي باشندن جي ڌم لڳي رهي ٿي. انهن ماڻهن جي رهائش لاءِ اعليٰ قسم جون هوٽلون ۽ ٽوئرسٽن لاءِ گهٽ بجيٽ وارين هوٽلن جي چوڌاري ڄار وڇائي پئي آهي. هڪ ڌاريون ماڻهو هوٽلن جي گهڻائي ۽ ٽورئسٽن جي آزاديءَ مان ملڪ جي امن امان جو اندازو لڳائي سگهي ٿو.
افغانستان ۽ برنڊي جهڙن آفريڪي ملڪن وانگر اسان وٽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ به گذريل ٽيهه پنجٽيهه سالن کان اهي ئي چار پنج فائيو اسٽار هوٽلون آهن ۽ اهي به خالي خولي رهن ٿيون. اسان جي پيٽارو جو دوست محمود باويجا هر وقت چوندو آهي ته سندس “ريجنٽ هوٽل” (اڳوڻي تاج محل) ٽيهه سيڪڙو به ڀريل نٿي رهي. “ڪمائي ته هڻو کڏ ۾ ملازمن جا پگهار ۽ لائيٽ ۽ گيس جا بل به خبر ناهي ڪيئن ٿا ڇڪي پورا ڪريون.” ڪوالالمپور، سنگاپور، ممبئي، دهلي، تهران وانگر نئروبيءَ جي به گهٽي گهٽي ۾ خوبصورت هوٽلن جون عمارتون ڏسي حيرت ٿئي ٿي. مڪاني شيدي ۽ گورا ٽوئرسٽ رات جو دير تائين نئروبي جي روڊن ۽ پارڪن ۾ واڪ ڪندو ڏسي دل ۾ خواهش پئدا ٿئي ٿي، ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به اهي حالتون موٽي اچن. سٺ واري ڏهي ۾ ۽ ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ ڪراچيءَ جي شهر ۾ به ائين امن امان هوندو هو، پر هاڻ اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به نه رهيو آهي. نئروبيءَ جي رستن تان هلندي نظر ايندڙ ڪجهه هوٽلن جا نالا جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن. سٽي سينٽر واري علائقي ۾ هوٽل گرانڊ ريجنسي، هلٽن هوٽل، انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل، نئروبي سيرينا هوٽل، دي نور فوڪ، دي اسٽينلي وغيره، جيڪي فائيو اسٽار هوٽلون آهن، جن جي روز جي مسواڙ 90 کان 130 ڊالر آهي. ٿڪا روڊ تي سفاري پارڪ هوٽل پڻ فائيو اسٽار هوٽل آهي. جنهن جي مسواڙ 95 ڊالر آهي جيڪا اڄ جي حساب سان به 8 هزار رپيا ٿئي ٿي ۽ هيڏانهن اسان وٽ شيرٽن ۽ PC جهڙين هوٽلن جي روزانا مسواڙ ڏهه ٻارهن هزار رپين کان به مٿي آهي.
نئروبيءَ ۾ هڪ هنڌ ونڊسر گولف ۽ ڪنٽري ڪلب نالي پڻ فائيو اسٽار هوٽل نظر آئي جنهن جي مسواڙ 100 ڊالر آهي. آءٌ سلور اسپرنگس نالي هڪ فور يا شايد ٿري اسٽار هوٽل ۾ رهيس، جنهن جي مسواڙ 43 ڊالر هئي ۽UNO  وارن کي جيڪو 10 سيڪڙو ڊسڪائونٽ ڏين ٿا اهو به ڏنائون. نيروبيءَ ۾ ان جهڙيون فور ۽ ٿري اسٽار هوٽلون به ڪيتريون ئي آهن جهڙوڪ فيئر ويو هوٽل، بوليوارڊ هوٽل، هاليڊي اِن،Jacaranda  هوٽل، لينانا مائونٽ هوٽل وغيره.

No comments:

Post a Comment