Monday, June 20, 2011

ڪينيا جي مائي جوري - الطاف شيخ

ڪينيا جي مائي جوري
الطاف شيخ
اسان جڏهن نائن اليون، القاعده، افغانستان واري جنگ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڪينيا جي هن شهر نئروبي کي به ياد ڪيون ٿا جتي 7 آگسٽ 1998ع تي آمريڪا جي سفارتخاني تي بم سان حملو ڪري سفارتخاني جي عمارت کي تباهه ڪيو ويو، جنهن ۾ 12 آمريڪين سميت 212 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4000 زخمي ٿيا.

 
بمن جا هي ڌماڪا ڏهن منٽن جي وٿيءَ سان آفريڪا ۾ ٻن آمريڪي سفارتخانن تي ٿيا. هڪ هتي نئروبيءَ ۾ ۽ ٻيو ڀر واري ملڪ تنزانيا جي شهر دارالسلام ۾، جتي به 11 کن ماڻهو مارجي ويا ۽ 85 زخمي ٿي پيا. هنن بمن جو واسطو مصر جي اسلامڪ جهاد سان جوڙيو ويو، جنهن جا ماسٽر مائينڊ اوساما بن لادن ۽ ايمن الزواهري قرار ڏنا ويا. هن حملي جي جواب ۾ آمريڪا جي صدر بل ڪلنٽن ڪروز ميزائيل ذريعي سوڊان ۽ افغانستان تي حملو ڪيو. سوڊان ۾ انهن ميزائيلن اتي جي الشفا فارماسوٽيڪل فئڪٽري تباهه ڪئي جنهن ۾ سوڊان جي ماڻهن ۽ جانورن جي بيمارين جون 85 سيڪڙو دوائون ٺهيون ٿي. ڪلنٽن جي انتظاميا اهو ئي چيو ته هنن وٽ ثبوت موجود آهن ته هن فئڪٽري ۾ ڪيميائي هٿيار ٺهن ٿا، پر ميزائيلن جي ڪيل تباهيءَ بعد جڏهن چڱي طرح تفتيش ڪئي وئي ته خبر پيئي ته آمريڪا جي انٽليجنس ڊپارٽمنٽ جي اها رپورٽ غير اعتبار جوڳي هئي.
نئروبيءَ ۾ هاڻ جيڪا آمريڪا جي ايمبيسي آهي، اها نئين هنڌ تي نئين ٺاهي وئي آهي. پراڻي تباهه ٿيل ايمبيسي (سفارتخاني) جي جاءِ تي يادگار طور “ميموريل پارڪ” ٺاهيو ويو آهي.
جيئن ڪراچيءَ جو مرڪز، صدر وارو علائقو چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح نئروبي شهر جو وچ “سٽي اسڪائر” آهي. جتان چوڌاري شهر ٻاهر ڏي وڌيو آهي. ڪينيا جي پارليامينٽ بلڊنگ، هولي فئملي ڪئٿيڊرل، نئروبي سٽي هال، نئروبي جون ڪورٽون، ڪينياتا ڪانفرنس سينٽر جهڙيون اهم عمارتون، هتي سٽي اسڪائر ۾ آهن. جيئن ڪراچيءَ جو شهر ڪلفٽن، ڪياماڙي، چاڪيواڙي، رنڇوڙ لائين، ناظم آباد، لياقت آباد، ملير، ماريپور جهڙن علائقن ۾ ورهايل آهي، تيئن نئروبيءَ جا اهم علائقا آهن: مڪادار، ڪامُوڪنجي، لنگاتا، ويسٽ لئنڊس، ڪاساراني، ايمباڪاسي وغيره. ڪيترن علائقن، عمارتن ۽ رستن جا انگريزي نالا آهن، جن سان برٽش راڄ جون يادون وابسته آهن.
نئروبي خوبصورت پارڪن ۽ باغن جو شهر آهي، شايد ان ڪري نئروبيءَ کي Green City in the Sun به سڏيو وڃي ٿو. روڊ رستن تي به گهاٽا وڻ نظر اچن ٿا. شهر مان درياءُ وهي ٿو. خط استوا تي هجڻ ڪري ٻارهوئي مينهن وسي ٿو. اتاهين ليول تي هجڻ ڪري ٿڌڪار آهي. هڪ ڌارئين کي نئروبي ۾ لهڻ تي، ڪارا ماڻهو ڏسي “نئروبي” آفريڪا جو شهر لڳي ٿو نه ته نئروبي يورپ جي شهر جو ڏيک ڏئي ٿو. جيئن اڄ ڪلهه ڪوالالمپور، بئنڪاڪ ۽ سنگاپور ٿي پيا آهن. شهر ۾ کليل ميدان  جام آهن. لڳي ٿو، نئروبي شهر لئنڊ مافيا کان بچيل آهي. ظاهري طرح ته آفريڪي شهر آهي ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جا حال پورا سارا آهن، پر ڪينيا ۾ وري به قانون قاعدو سخت آهي، ان ڪري ان جي نئروبي، ممباسا توڙي ٻين شهرن جي رونق ۽ سونهن برقرار آهي. نئروبيءَ جو سڀ کان بهترين پارڪ اوهورو (Uhuru) پارڪ آهي. اوهورو جي معنيٰ آزادي آهي. عوام کي ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي ته لنڊن جي هائيڊ پارڪ وانگر ماڻهو هتي اچي مظاهرا ڪندا آهن ۽ حڪومت جي خلاف تقريرون ڪندا آهن. هن پارڪ جي وچ ۾ ملڪ جي اڳئين صدر ڊئنيل آراپ موئيءَ پنهنجي سياسي پارٽي KANU جي لاءِ 62 ماڙ هيڊ ڪوارٽر ٺاهي پارڪ جي ستياناس ٿي ڪئي، پر عوام گوڙ ڪيو، خاص ڪري “مئڊم اومگاري ماٿائيءَ” صدر خلاف وڏي مهم هلائي جنهن ۾ هن کي ڪاميابي نصيب ٿي. ماٿائيءَ جي ان قسم جي جدوجهد ۽ عوام جو ساٿ ڏيڻ جي خدمتن جي بدلي ۾ کيس 2004ع جو نوبل امن ايوارڊ مليو.
ماٿائي (سڄو نالو Wangari Muta Maathai) لاءِ سال 2004ع ۾ جيئن ئي نوبل انعام جو اعلان ٿيو ته سڀني کي، خاص ڪري آفريڪا جي شيدين کي، بيحد خوشي ٿي جو هيءَ پهرين آفريڪن عورت هئي جنهن کي هيڏي وڏي انعام لاءِ چونڊيو ويو هو. اسان کي به اهو معلوم ڪري ته هوءَ ڪينيا جي آهي هورا کورا ٿي ته ڪهڙي شهر جي آهي. هو ڇا پڙهيل ڳڙهيل آهي. هوءَ ڪهڙي نوڪريءَ ۾ آهي ۽ هن امن لاءِ ڪهڙيون خذمتون انجام ڏنيون آهن.
ماٿائيءَ جي زندگيءَ جي ڪهاڻي به عجيب آهي. هوءَ هڪ غريب جي گهر ۾ ڄائي، جنهن جي پيءُ هڪ انگريز جي فارم تي ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪيو ٿي ۽ هڪ اهڙي ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهيو ٿي جتي ڪو پرائمري تعليم به مشڪل سان حاصل ڪري سگهي. ماٿائي اڳتي هلي اعليٰ تعليم يافته عورت ثابت ٿي ۽ ڪينيا جي پهرين عورت آهي جنهن ڊاڪٽوريٽ (Ph.D) ڪئي.
ماٿائي پهرين اپريل 1940ع تي ڪينيا جي نائيري (Nyeri) ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ وانگاري مُوتا نالي سان ڄائي. سندس واسطو ڪي ڪُويو (Kikuyo) قبيلي سان آهي. جنهن سان هن ملڪ جي پهرين صدر جومو ڪينياتا جو پڻ هو. ماٿائي جي پيءُ ٻنين تي مزوري ڪئي ٿي ۽ ماٿائيءَ پنهنجن ڀائرن سان گڏ ماءُ جي ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪئي. يارهن سالن جي ٿي ته کيس نائيري شهر ۾ هڪ عيسائين جي بورڊنگ اسڪول ۾ رکيو ويو، جتي کيس عيسائي بڻائي ميري جوزفين نالو رکيو ويو. هِن اسڪول ۽ بعد ۾ ڪاليج ۾ اول پوزيشن کنئي. ان بعد هن ڪمپالا جي “يونيورسٽي آف ايسٽ آفريڪا” ۾ داخلا وٺڻ جو پروگرام ٺاهيو. هي 1960ع وارو زمانو هو، آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريز راڄ آخري پساهن ۾ اچي رهيو هو. ڪينيا جي هڪ سياستدان ٽام بويا اها ڪوشش ورتي ته سندس وطن جي نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم لاءِ گهرايو وڃي.
انهن ڏينهن ۾ جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو سينيٽر هو، تنهن ڪينيا جي هن سياستدان جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ سندس Kennedy خاندان جي فائونڊيشن ذريعي ڪينيا مان 300 هوشيار شاگردن کي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو، جن ۾ ماٿائي به هڪ هئي. هتي اهو به لکندو هلان ته نه فقط ٽام بويا (Tom Mboya) پر ڪينيا جي ٻين به ڪيترن سياستدانن پنهنجي تَر جي سوين ڳوٺاڻن نوجوانن کي يورپ ۽ آمريڪا جي مختلف ادارن کي Convince ڪري اعليٰ تعليم ۽ صحت جي ڊگرين لاءِ اسڪالرون وٺرائي ڏنيون جيئن هو تعليم ۾ ڀڙ ٿي وڃن. ملائيشيا ۾ به اتي جي سياستدانن جو اهو ئي ڪردار رهيو ۽ جهنگل جهڙو ملڪ اڄ يورپ ٿي پيو آهي. در اصل اهي ئي شيون آهن، جن ۾ اسين مار کائي ويا آهيون.
ماٿائيءَ کي آمريڪا جي ڪنساس رياست ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي جتان جي ڪاليج مان هن 1964ع ۾ بائلاجي ۾ گريجوئيشن ڪئي. ان بعد آمريڪا جي يونيورسٽي آف پيٽسبرگ مان M.Sc ڪئي. 1966ع ۾ تعليم ختم ڪرڻ بعد هن کي نئروبيءَ ۾ پڙهائڻ جو جاب مليو. جتي هن جي وانگي ماٿائي (Mwangi Mathai) سان ملاقات ٿي. وانگيءَ به هن وانگر آمريڪا مان تعليم حاصل ڪئي هئي. نئروبي اچڻ تي ماٿائيءَ پنهنجو عيسائي نالو ختم ڪري پنهنجو ڄمڻ وارو نالو ‘وانگاري موتا’ واپس رکيو ۽ پوءِ وانگيءَ سان شادي ٿيڻ تي پنهنجي نالي سان گڏ مڙس جي ذات ماٿائي لڳايائين ۽ پروفيسر ماٿائي سڏجڻ لڳي.
سال 1967ع ۾ ماٿائي ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ لاءِ جرمني جي يونيورسٽي آف ميونخ ۾ داخلا ورتي. ائناٽامي سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪيائين Ph.D ڪرڻ بعد 1969ع ۾ هوءَ واپس نئروبي آئي ۽ نئروبي يونيورسٽيءَ ۾ اهو ئي سبجيڪٽ Anatomy پڙهائيندي رهي. کيس ٻه ٻار ٿيا. هڪ پٽ واويرو نالي ۽ هڪ ڌيءَ ونجيرا نالي. سال 1977ع ۾ سندس مڙس کانئس علحدگي اختيار ڪئي ۽ ٻن سالن بعد هن زال تي الزام هڻي ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست ڏني. جج طلاق جي فيصلي ۾ مڙس جي ڳالهه کي صحيح قرار ڏنو. هن ڪيس کان ڪجهه ڏينهن پوءِ پروفيسر ماٿائيءَ Viva مئگزين کي انٽرويو دوران جج لاءِ رمارڪ ڏنا ته اهو Incompetent ۽ Corrupt آهي. هن انٽرويوءَ جج کي سخت ڪاوڙ ڏياري ۽ ماٿائيءَ تي Contempt of Court جو ڪيس هليو جنهن ۾ هوءَ ڏوهارڻ قرار ڏني وئي ۽ کيس ڇهه مهينا جيل جي سزا اچي وئي.
1982ع ۾ ماٿائيءَ پارليامينٽري اليڪشن وڙهي، بلڪ وڙهڻ ٿي چاهي ته هن کي قانون موجب نوڪري ڇڏڻ لاءِ چيو ويو. هن يونيورسٽي آف نئروبي مان استعيفا حاصل ڪري اليڪشن لاءِ فارم ڀريا جيڪي ملي ڀڳت ڪري حڪومت طرفان رد ڪيا ويا. ان بعد کيس وري يونيورسٽيءَ جي نوڪري به نه ملي سگهي. هن جو چوڻ آهي ته ملڪ جو صدر آراپ موئي هن جي خلاف هو، جو هن جو واسطو سندس مخالف قبيلي “ڪِي ڪُويو” سان هو. ايتريقدر جو کيس يونيورسٽي ڪئمپس واري گهر مان به يڪدم ڪڍيو ويو، جنهن ۾ استعيفيٰ بعد به ڇهه مهينا رهڻ جي اجازت ٿئي ٿي. ماٿائي 2002ع واري اليڪشن ۾ وري حصو ورتو، جنهن ۾ نه فقط پاڻ کٽيائين پر سندس سياسي پارٽيNational Rainbow Coalition حڪومتي پارٽي “ڪينيا آفريڪن نئشنل يونين” کي شڪست ڏني. کيس هن اليڪشن ۾ 98 سيڪڙو ووٽ مليا. ان ڪري ته جيڪب آباد پاسي جي مائي جوريءَ لاءِ چوندو آهيان ته ٿي سگهي ٿو ٻئي دفعي هوءَ پنهنجي تڪ مان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي وڃي. آخرڪار مئڊم ماٿائيءَ لاءِ به ڪنهن ٿي سوچيو ته هوءَ قبيلائي سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن سان مقابلو ڪري سگهندي! ڪينيا جي وزارت قدرتي وسائل ۽ ماحوليات جي هوءَ 2003ع کان 2005ع تائين نائب وزير به ٿي. هوءَ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي ماحوليات کي گدلاڻ کان بچائڻ ۽ عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي. جنهن وقت مئڊم ماٿائي کي نوبل پرائيز وٺڻ لاءِ سڏ ٿيو ته هن جي تعارف خاطر هي پڻ اعلان ڪيو ويو ته هن ظالم حڪومت جي خلاف هر وقت آواز بلند ڪيو ۽
She has served as aspiration for many in the fight for democratic rights and has specially encouraged women to better their situation.
 هتي اهو به لکندو هلان ته جنهن پروگرام هيٺ مئڊم ماٿائي آمريڪا ۾ پڙهي، ان ۾ هن سان گڏ آمريڪا جي هاڻوڪي صدر اوباما جو پيءُ پڻ هو. باراڪ اوباما 2006ع ۾ جڏهن آمريڪا جو سينيٽر هو ته هو آگسٽ جي مهيني ۾ نئروبي ۾ آيو هو ۽ ماٿائي سان گڏ هن اوهورو پارڪ ۾ هڪ وڻ جو ٻوٽو لڳايو. ٻوٽو هڻڻ وقت اوباما پريس جي آزاديءَ جي عزت لاءِ زور ڀريندي چيو هو:
Press freedom is like tending a garden. It continually has to be nurtured and cultivated
ماٿائي 2007ع واري اليڪشن ۾ به حصو ورتو پر ان ۾ هوءَ هارائي وئي. سندس هيٺيون تصنيفون پڙهڻ وٽان آهن:
·         Bottle-necks of Development in Africa.
·         Unbowed: A memoir (2006).
·         Rain water Harvesting (2003).
·         The challenge of Africa.

No comments:

Post a Comment