Tuesday, June 14, 2011

خطِ استوا تي برف سان ڍڪيل جبل - الطاف شيخ


خطِ استوا تي برف سان ڍڪيل جبل
الطاف شيخ
ڪينيا ايئرويز جي هوائي جهاز جنهن جي پُڇ تي انگريزيءَ ۾ Pride of Africa لکيل هو، رات جو اٺين بجي ڌاري بتين سان جڳ مڳ ڪندڙ شهر نئروبيءَ مٿان ڦيرو ڪري ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي هتي جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لئنڊ ڪيو. جهاز جي هڪ مڪاني حبشڻ ايئرهوسٽس ٻڌايو ته ڏينهن جو وقت هجي ها ته مون واري دريءَ مان هتي جو مشهور جبل مائونٽ ڪينيا نظر اچي ها ۽ ٻئي پاسي واري دريءَ مان مائونٽ ڪلمجارو نظر اچي ها. ڪينيا جبل(Mount Kenya)  هن ملڪ جو سڀ کان اتاهون جبل آهي، جنهن جون اتاهيون چوٽيون باتيان (Batian) 5200 ميٽر، نيلائن (Nelion) 5100 ۽ لينانا 5000 کن ميٽر آهن. ياد رهي ته اسان جي ايشيا جي هماليا جبلن جي اتاهين چوٽي وارو ايوريسٽ جبل 8850 ميٽر اتاهون آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ اتاهون جبل مڃيو وڃي ٿو. سندس هي انگريزي نالو 1865ع ۾ انڊيا جي برٽش رويئر جنرل ائنڊريو واگهه جي سفارش تي رايل جاگرافيڪل سوسائٽي وارن رکيو، نه ته ان کان اڳ ايوريسٽ جبل Peak XV يعني پنڌرهين چوٽي سڏبو هو. اهڙي طرح ڪينيا جبل کي اتي جا مڪاني قبيلا مختلف نالن سان سڏيندا هئا پوءِ 1849ع ۾ هن جو نالو انگريزن ڪينيا جبل رکيو. انهن ڏينهن ۾ ڪينيا ملڪ جو وجود نه هو. آفريڪا جو هي علائقو جيڪو اڄ ڪينيا ملڪ آهي. British East Africa Protectorate سڏبو هو. 1920ع کان پوءِ انگريزن اهو نالو بدلائي ڪينيا جبل تان هن ملڪ جو نالو ڪينيا رکيو، جيڪو پهرين Kenia لکيو ويو ٿي پوءِ Kenya لکجڻ ۾ آيو. 1963ع ۾ جڏهن هن ملڪ کي انگريزن خود مختياري ڏني ۽ جومو ڪينياتا ملڪ جو پهريون صدر بڻيو ته هن به اهو ئي نالو برقرار رکيو. سندس ڪِي ڪُويُو قبيلي بابت هڪ تمام مشهور انگريزي ڪتاب آهي جنهن جو نالو آهي: Facing Mount Kenya ان جو پهريون ايڊيشن 1938ع ۾ ڇپيو هو.
ڪينيا جو هي صدر جومو ڪينياتا جيڪو هتي جي ماڻهن لاءِ اسان جي محمد علي جناح جو درجو رکي ٿو، ان جو احوال اڳتي هلي ڪنداسين. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ دوران جومو ڪينياتا جيڪي پرجوش تقريرون ڪندو هو، اهي اسان ڪاليج وارن ڏينهن ۾ (جڏهن 1960ع ۾ مئٽرڪ ۾ هئاسين) اهڙي شوق سان ٻڌندا هئاسين ۽ جوموکي ائين هيرو تصور ڪندا هئاسين جيئن ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد ذوالفقار علي ڀٽي جون تقريرون ٻڌندا هئا ۽ هن کي هيرو تصور ڪندا هئا.
ڪينيا جبل تي ۽ ان جي چوٽين باتيان، نيلائن وغيره تي چڙهي وڃڻ (expedition) جي احوال جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آهن، جهڙوڪ: سر هالفورڊ ماڪندر جو ڪتاب The First Ascent of Mount Kenya جنهن ۾ هن جي جبل جي باتيان چوٽيءَ تي پهچڻ جي ڪهاڻي آهي. هڪ ٻيو ڪتاب H.W.Tilman جو ڪتاب Snow on the Equator آهي. هن ڪتاب تان مون کي ياد آيو ته جڏهن 1849ع ۾ جوهان لڊوگ ڪراف نالي هڪ جرمن يورپي پهريون دفعو هن جبل جي هجڻ جو احوال دنيا کي ڏنو ته سائنٽيفڪ سوسائٽي اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويئي ته لڊوگ ڪراف جيڪوهن جبل جي چوٽين کي برف سان ڍڪيل چوي ٿو، واقعي سچ به آهي يا نه جو هي جبل جنهن جي Location بلڪل خط استوا وٽ آهي ۽ خطِ استوا وارو بيلٽ معنيٰ ٻارهوئي سخت گرمي اتي ڀلا برف ڪيئن ٿي ٿي سگهي! هي ائين آهي جيئن ماڻهن جڏهن چيو ته گورک هل جي چوٽيءَ تي جون جولاءِ جي مهينن ۾ به ايڏو ٿڌڪار رهي ٿو جو رات جو سوڙ پائي سمهڻو پوي ٿو ته پهرين سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته دادو جهڙو ضلعو، جتي انهن مهينن ۾ پاڻي به ٽهڪي ٿو اتي اهڙي ٿڌ ڀلا ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟
ڪينيا جبل خط استوا واري زيرو ڊگري ويڪرائي ڦاڪ جي بلڪل ڏکڻ ۾ آهي ۽ نئروبي شهر کان ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان ٺٽو. هن جبل جي آسپاس واري علائقي جي هڪ مشهور قبيلي ماسائي (Maasai) جا ماڻهو (جيڪي نيم بَدو طبيعت جا آهن)، رهن ٿا جيڪي پنهنجا وهٽ جبل جي چوڌاري چراگاهن ۾ چارين ٿا. هو هن جبل کي Ol Donyo Keri سڏين ٿا. ڪينيا جبل سان واسطو رکندڙ ڪجهه ٻيا ڪتاب جيڪي نئروبي جي ايئرپورٽ واري بڪ اسٽال ۽ هوٽلن جي لائونج ۾ نظر اچن ٿا، اهي آهن:
محمد امين ۽ ٽيٽلي جو لکيل On God’s Mountain
هامش ماڪلنيس جو The Price of Adventure
فيلائس جو No Picnic on Mount Kenya وغيره.
آفريڪا کنڊ جي سڀ کان اتاهين جبل ڪلمنجارو جو نالو اسان تڏهن ٻڌو جڏهن اسڪول جي ڏينهن ۾ اسان کي انگريزي ڪتاب پڙهڻ جو نئون نئون شوق پئدا ٿيو هو ۽ اسان جي دلپسند ليکڪن ۾ ارنيسٽ هيمنگوي به هڪ هو. انهن ڏينهن ۾ اسان هن ليکڪ جو ڪتاب The Snows of Kilimanjaro پڙهيو هئوسين. ارنيسٽ هيمنگوي 1899ع ۾ آمريڪا جي رياست الينوس ۾ ڄائو. مٿيون ڪتاب هيمنگوي جو ماسٽر پيس مڃيو وڃي ٿو جيڪو هن آفريڪا جي ٽوئر بعد لکيو، جتي هو اخباري نمائندي جي حيثيت سان ويو هو ۽ هي ڪتاب 1936ع ۾ پهرين Esquire مئگزين ۾ ڇپيو هو. ڪلمنجارو جبل ڪينيا جي ڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ آهي. جيڪو اسان جي اسڪول وارن ڏينهن ۾ ٽي الڳ ملڪ ٽانگا نيڪا، زئنزيبار ۽ نياسا لئنڊ هئا جن جون خوبصورت ٽپال جون ٽڪليون حاصل ڪري اسان خوش ٿيندا هئاسين. ڪلمنجارو جبل (جنهن جي اوحرو چوٽي 5900 ميٽر اتاهين آهي) سڄي آفريڪا کنڊ ۾ اتاهون جبل آهي جنهن کان پوءِ ٻي نمبر تي مائونٽ ڪينيا آهي. جپان جي فُوجي جبل وانگر آفريڪا جا هي ٻئي جبل خوبصورت نظر اچن ٿا جن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل رهن ٿيون. مائونٽ ڪينيا ۽ فُوجي جبل ۾ ته تمام گهڻي هڪ جهڙائي لڳي ٿي جيڪي پاسن کان هڪ جهڙو Slope ٺاهين ٿا. جبلن جي شوقينن کي فرينچ ليکڪ رولانڊ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل From Kenya to Kilimanjaro ڪتاب پڙهڻ جي ضرور صلاح ڏيندس. خوبصورت حبشڻ ايئر هوسٽس کان سندس ايئرلائين يعني ڪيينا ايئرويز بابت پڇيم. آخري دفعو جڏهن منهنجو جهاز ڪينيا جي بندرگاه ممباسا ۾ 1975ع ۾ آيو هو ته ان وقت خواب خيال ۾ به نه هو ته ڪينيا، يوگنڊا ويندي دبئي، دوحا عرب امارت جهڙا ملڪ به ڪا هوائي جهاز ڪمپني کولي سگهندا يا ان کي هلائي سگهندا. ان وقت جهاز راني توڙي هوائي ڪمپني (PIA) هلائڻ ۾ اسان جي ملڪ جو بول بالا هو. اسان کي اهو ئي ٽانءُ هو ته اسان وڏي ڳالهه آهيون. ان وقت اهو سوچيو به نه هئوسين ته بُرن افعالن ڪري اسان جو اڄ جهڙو حال به ٿي سگهي ٿو ۽ سنگاپور، ملائيشيا ۽ UAE جهڙن ملڪن جون هوائي ڪمپنيون، جيڪي اسان جي ئي ماڻهن شروع ڪيون، دنيا جون مشهور آرامده ۽ امير هوائي ڪمپنيون ثابت ٿينديون. ناديا نالي عيسائي ڪينين ايئرهوسٽس ٻڌايو ته ڪينيا جي هيءَ قومي هوائي ڪمپني (Kenya Airways) 1977ع ۾ شروع ٿي ۽ اڄ هن وٽ 26 وڏا هوائي جهاز آهن جن جي سراسري عمر اٺن سالن کان به گهٽ آهي. سندن جهاز آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڃن ٿا. گذريل ڇهن مهينن ۾ 15 لک مسافرن سفر ڪيو آهي ۽ هيءَ هوائي ڪمپني آفريڪا جي اعليٰ ۽ امير ڪمپنين مان آهي جنهن جا جهاز مقرر وقت تي هلن ٿا ۽ مسافرن جو بيحد خيال رکيو وڃي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته حفاظت جي پهلوءَ کي هر وقت ترجيح ڏني وڃي ٿي.“ ناديا ٻڌايو،ٽيهن سالن ۾ اسان جي ڪمپنيءَ کي فقط ٻه حادثا پيش آيا آهن.“ ۽ انهن ٻنهي حادثن کان آئون چڱي ريت واقف هوس. ڪينيا ايئرويز جو پهريون موتمار حادثو 31 جنوري 2000ع تي ٿيو هو جڏهن سندن فلائيٽ نمبر 431 جي A310 ايئربس 179 ماڻهن سان ڪوٽا ڊي آئوري ملڪ جي هوائي اڏي عابد جان تان ٽيڪ آف ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃي ٽٻي هنئي. هن اڏام ۾ فقط ڏهه ماڻهو بچيا هئا 169 مري ويا.
ڪينيا ايئرويز جو ٻيو وڏو حادثو 5 مئي 2007ع تي ٿيو. سندن بوئنگ 800-737 نئروبيءَ مان 26 ملڪن جا 105 مسافر کڻي عابد جان وڃڻو هو. رستي تي هن کي دوآلا (Douala) هوائي اڏي تان ڪجهه مسافر کڻڻا هئا، پر ايئرپورٽ پهچڻ کان ٽي چار ميل اڳ ئي جهاز تباه ٿي ويو. جهاز تي موجود ماڻهن مان هڪ به بچي نه سگهيو.

No comments:

Post a Comment