Monday, June 06, 2011

ڪوالالمپور ۾ سواريءَ جو بندوبست - الطاف شيخ


ڪوالالمپور ۾ سواريءَ جو بندوبست
الطاف شيخ

ڪوالالمپور ۾ ممبئي، دهلي ۽ تهران جهڙن شهرن وانگر، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ ڪو مسئلو ناهي. بسون، ٽئڪيون، ميٽرو، ريل گاڏيون شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هلن ٿيون. ڪوالالمپور ۾ ته اڃا به گهڻيون بسون ۽ ريل گاڏيون آهن. ان کان علاوه مونو ريل به آهي. اهي سواريون بيحد سوليون ۽ سستيون آهن. ٽئڪسي ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. هڪ ٽوئرسٽ لاءِ سڀ ۾ بهترين سواري ٽرين آهي ۽ ٻئي نمبر تي بس آهي. ڇو جو هڪ ڌاريون ٽوئرسٽ جن اهم هنڌن تي گهمڻ يا خريداري لاءِ وڃي ٿو اتي ريل جي اسٽيشن يا بس جو اسٽاپ ضرور ٿئي ٿو. ٽئڪسي ته تڏهن ڪجي جڏهن ڪنهن دوست جي گهر وڃڻو هجي، جيڪو رهائشي علائقي جي ڪنهن اندرين گهٽيءَ ۾ هجي. پر ان صورت ۾ توهان جو دوست يا مائٽ توهان کي سندس گهر تائين پهچڻ لاءِ ٽئڪسي جي تڪليف ڏيڻ بدران توهان کان ٻه ڳالهيون پڇندو: “توهان جتي آهيو اتان ڪهڙي اسٽيشن ويجهي آهي؟” ۽ توهان مڪاني ماڻهوءَ کان پڇي هن کي ٻڌائي سگهو ٿا ته توهان داتو ڪرامت، KLCC يا ڪمپونگ بارو ريلوي اسٽيشن وٽ آهيو. يا کڻي چئجي ته هنگ تئاح، PWTC يا بُڪت جليل ۾ آهي. هي ائين آهي جيئن ڪراچي ۾ ڪو مهمان پهچي پنهنجي دوست کي ٻڌائي ته هو سهراب ڳوٺ، لياقت آباد، صدر يا ٽاور وٽ بيٺو آهي. توهان جو ڪوالالمپور وارو ميزبان توهان جو جواب ٻڌي ته توهان ڪهڙي اسٽيشن وٽ آهيو، توهان کي چوندو ته “ان اسٽيشن تان هڪ ڊالر (رنگٽ) يا ٻن جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهو ۽ ٽن يا چئن اسٽيشنن بعد جيڪا فلاڻي اسٽيشن ايندي، ان تي لهي ٻاهر نڪرندائو ته آئون گيٽ وٽ بيٺو هوندس.”
سو توهان ڪوالالمپور ۾ ريل رستي شهر جي مختلف جاين جا چڪر هڻندا رهو. رڳو اهو ياد رکو ته توهان ڪهڙي اسٽيشن وٽ رهيل آهيو، جيئن رلي پني واپس ان اسٽيشن تي اچي پنهنجي رهائشگاهه ڏي هليا وڃو.
هونءَ ڪوالالمپور جو شهر ممبئي ۽ ڪراچي وانگر ڊگهو ناهي. اتفاق سان اهي ٻئي شهر ڏکڻ کان اتر طرف وڃن ٿا ۽ اهڙن شهرن ۾ بس يا ريل گاڏي سڌو ئي سڌو پئي وڃي. ڪياماڙي، نيٽي، جيٽي، ٽاور، بولٽن مارڪيٽ، پاڪستان چوڪ، برنس روڊ، صدر، نمائش، گرو مندر، لياقت آباد، وغيره وغيره.
ڪوالالمپور جو شهر تهران ۽ حيدرآباد وانگر چوڌاري پکڙيل آهي. هڪ طرف ڪوٽڙي ته ٻئي طرف لطيف آباد، هوڏانهن فتح چوڪ، “اسرا” يونيورسٽي، قاسم آباد، وغيره گول دائري ۾ وڃي ڄامشوري، ڪوٽڙي، مٽياري ۽ ٽنڊوڄام کان نڪتو آهي. دهلي به ائين آهي. ان ڪري ڪراچي ۽ ممبئي وانگر توهان نئين ٽوئرسٽ کي K.L (ڪوالالمپور) سولائي سان سمجهائي نٿا سگهو. پر هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي ڪوالالمپور پهچي اهو خوف نه هجڻ کپي ته هو ڪو گم ٿي ويندو. هن کي ڪيڏانهن به وڃڻو هجي ته مڪاني ماڻهوءَ کان پڇي ته فلاڻي جاءِ تي وڃڻ لاءِ هو ڪهڙي ريلوي اسٽيشن تي لهي. هو کيس ٻڌائيندو ته سامهون موڙ وٽ يا پوئين گهٽي ۾ هن علائقي جي ريلوي اسٽيشن آهي، اتان فلاڻي اسٽيشن جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهه. ان ريلوي اسٽيشن تي پهچي، وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ ٻين مسافرن کان پڪ ڪري سگهجي ٿي. ملائيشيا اُهو ملڪ آهي، جتي هرڪو انگريزي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿو. هونءَ هتي ڪجهه اسٽيشنون نمبروار لکي ڇڏيان ٿو، جيڪي مون هڪ پني تي پنهنجي سهوليت لاءِ لکيون آهن. ڪيڏانهن نڪرڻ لاءِ پني تي اها اسٽيشن ڏسي، جائزو وٺندو آهيان ۽ ان ٽرين ۾ چڙهندو آهيان.
ڪوالالمپور شهر جي مختلف علائقن ۾ ماڻهن کي پهچائڻ لاءِ جيڪا ريل آهي، اها Rapid KL Rail نيٽ ورڪ سڏجي ٿي. هن ريل سسٽم جون ٻه لائينون آهن، هڪ ائمپنگ لائين سڏجي ٿي ۽ ٻي ڪيلانا (Kelana) لائين، جيڪا شروع ۾ پترا لين به سڏبي هئي. هتي ٻنهي ريلوي لائينن جون ريلوي اسٽيشنون نمبروار لکان ٿو، جن جي لسٽ توهان لاءِ ڪوالالمپور ۾ ئي سهوليت رهندي. ٻئي ريلوي لائينون مختلف ريلوي اسٽيشننن وٽان لنگهن ٿيون، پر ڪجهه ريلوي اسٽيشنون اهڙيون آهن، جن تان ٻنهي لائينن جون ريلون لنگهن ٿيون، جهڙوڪ مسجد جامع. ڪي اسٽيشنون اهڙيون آهن، جن تان مونو ريل به لنگهي ٿي، جهڙوڪ ٽِيٽي ونگسا، هنگ تئاح، پاسار سيني، دانگ وانگي وغيره. اهي اسٽيشنون ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪوٽڙي يا روهڙي جنڪشون جن تان هڪ مان لهي ٻئي طرف ويندڙ ريل ۾ چڙهي سگهجي ٿو.
بهرحال ائمپنگ لائين ريلي گاڏيءَ جون اسٽيشنون هن ريت آهن:

سينتل تمور
سينتل
ٽِيٽي ونگسا
PWTC (پترا ورلڊ ٽريڊ سينٽر)
سلطان اسماعيل
بندر رايا
مسجد جامع
پلازه رعيت
هنگ تئاح
پُودو
چان سو لِن Chan Sow Lin ريلوي اسٽيشن کانپوءِ ائمپنگ لائين ريل جون ٻه برانچون يعني Routes ٿين ٿيون، جيڪي مختلف طرفن ۽ علائقن کي ڪَور ڪن ٿيون. اهي Yellow روٽ ۽ Green روٽ سڏجن ٿيون. ييلو (هئڊي) روٽ جي ريل گاڏي چان سولن ريلوي اسٽيشن کانپوءِ هنن اسٽيشنن ڏي وڃي ٿي:
مِيهارجا
مالُوري
پانڊان جايا
پانڊان انڊا
چيمپڪا
چهايا ۽ آخر ۾
ائمپنگ
۽ گرين روٽ جي ريل گاڏي Chan Sow Lin ريلوي اسٽيشن کانپوءِ ڪوالالمپور شهر جي جن علائقن ۾ وڃي ٿي، انهن جون ريلوي اسٽيشنون هن ريت آهن:
چيراس
سالاڪ سيلاتان
بندر تن رزاق
بندر تاسڪ سيلاتان
سنگائي بَيسي
بڪت جليل ۽ آخر ۾،
سري پيتالنگ
هي آخري اسٽيشن ’سري پيتالنگ‘ جو اصل نالو “ڪامن ويل” (Koman Wel)  اسٽيشن هو، يعني ڪامن ويلٿ پر هاڻ اها اسٽيِشن سري پيتالنگ سڏجي ٿي. چيراس اسٽيشن جو نالو ان علائقي چيراس تان پيو آهي. چيراس وارو علائقو ڪوالالمپور جي صدر (مرڪز) واري علائقي کان ٿورو ٻاهر ڀرو آهي، جيئن ڪراچي جو ملير يا ماريپور جو علائقو صدر کان آهي. ڪيترائي ٽوئرسٽ هن علائقي جي هوٽلن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا، جيڪي وچ شهر جي گوڙ کان آجيون آهن ۽ سندن مسواڙ به گهٽ آهي. ريلوي اسٽيشن هجڻ ڪري توهان منٽن ۾ جتي وڻيوَ پهچي سگهو ٿا. هونءَ ته هي علائقو به يورپ جي ڪنهن شهر کان گهٽ ناهي. چوڌاري نئين اسٽائيل جون عمارتون شاپنگ مال نظر اچن ٿا. هڪ ٽوئرسٽ کي جي وقت هجي ته چيراس (Cheras) اسٽيشن تي لهي آسپاس جو چڪر هڻي جتي ڪيترائي شاپنگ سينٽر آهن. جهڙوڪ Leisure مال، ڪناٽ مارڪيٽ سينٽر، Carrefour، جايا جسڪو، UE3 (انچانگ ايماس)، فونيڪس پلازه (جيڪو 1995ع ۾ مشهور چيني ائڪٽر جئڪي چان کوليو)، هيرو هائير مارڪيٽ وغيره وغيره.
جيئن اسان وٽ گذريل ٽيهارو سالن کان جمع بازار يا آچر مارڪيٽون لڳڻ شروع ٿيون آهن، تيئن هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا پاسي ’پاسار مالم‘ يعني نائيٽ بازار لڳن ٿيون. پوءِ ڪنهن شهر ۾ آچر ڏينهن ته ڪنهن ۾ جمعي يا اربع ڏينهن لڳن، جتي هر شيءِ سستي اگهه تي ملي ۽ جيئن سڄي پاڪستان ۾ ڊفينس سوسائٽي ڪراچي جي “سنڊي بازار” وڏي ۾ وڏي آهي، تيئن هن علائقي چيراس جي پاسار مالم جيڪا تمن ڪناٽ ۾ لڳي ٿي، ملائيشيا جي وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ آهي.
چيراس وانگر “سنگائي بيسي” ريلوي اسٽيشن تي نالو پڻ ان علائقي تان پيو آهي. سنگائي بيسي به ڪوالالمپور جو ٻهراڙي وارو علائقو آهي، جيئن چنيسر ڳوٺ، ڪورنگي، شير شاهه وغيره ڪراچي جا ٻاهران علائقا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچي وانگر ڪوالالمپور جا به سڀ علائقا ملي هڪ ٿي ويا آهن. بهرحال “سُنگائي بيسي” تاريخي علائقو يا کڻي چئجي ته ٽائون آهي، جتي ملائيشيا جي سڀ کان اونهي قلعي (Tin) جي کاڻ هئي. شروع کان هتي لوهه جو ڪم هلي ٿو ۽ اڄ به ڪيترا لوهه ۽ اسٽيل جا ننڍا وڏا ڪارخانا آهن. شايد سُنگائي بيسي نالو به ان ڪري پيو آهي. ملائيشيا ۾ ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر آهن، جن جي نالي ۾ سنگائي ائين اچي ٿو، جيئن اسان جي شهرن ۾ “ٽنڊو”. سنگائي معنيٰ ندي. ملاڪا ۾ جتي اسان جي نيول اڪيڊمي هئي، ان جي ڀرواري ڳوٺ جو نالو “سُنگائي بارو” هو. بارو معنيٰ نئين، اهڙي طرح سنگائي لاما (جهوني ندي) نالي ڳوٺ آهي. ملاڪا جي ويجهو هڪ وڏي ٽائون جو نالو سنگائي اُڊانگ آهي. اُڊانگ معنيٰ گانگٽ، ٿي سگهي ٿو هن شهر جي ڀرسان وهندڙ نديءَ ۾ گانگٽ گهڻا هجن. ملائيشيا جتي ٻارهوئي زوردار مينهن وسي ٿو، اتي ندين جي ته کوٽ آهي ڪونه. اهڙي طرح ڪوالالمپور جي هن ٽائون ۾ لوهه، اسٽيل، قلعي جهڙن ڌاتن جي گهڻائي هجڻ ڪري هن جو نالو سنگائي بيسي يعني “لوهه جي ندي” پئجي ويو. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته هيڏانهن مڇين ۽ گانگٽن جي کوٽ آهي.
سنگائي بي سي Sea Food فوڊ کان مشهور آهي، جتي مڪاني ماڻهو توڙي ٽوئرسٽ مڇي، پلي، گانگٽ ۽ ڪيڪڙي جهڙي تازي سي فوڊ لاءِ اچن ٿا. سو ڪنهن ٽوئرسٽ کي ڪئالالمپور ۾ گهمڻ لاءِ وقت هجي ته هن ريلوي اسٽيشن “سنگائي بيسي” تي به لهي ڪلاڪ ٻه هيڏانهن هوڏانهن جو چڪر هڻي، پر جيڪڏهن هو ڪئالالمپور ۾ فقط ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آهي ۽ هو چهايا، چيراس، چيمپڪا، ميهارجا يا مالوري جهڙين اسٽيشنن تي نٿو لهي سگهي ته ڀلي نه لهي، پر مسجد جامع، سلطان اسماعيل ۽ KLCC جهڙيون اسٽيشنون مِس نه ڪري. KLCC (ڪئالالمپور سٽي سينٽر) اها ريلوي اسٽيشن آهي، جتي هتي جي وڏي عمارت پيٽرو ناس ٽاور آهي، ڪي ايل ٽاور آهي، KLCC  ماهي خانو آهي، پيٽرو سائنس ۽ پيٽرو ناس آرٽ گئلري آهي، جن شين کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. KLCC لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪئالالمپور شهر جي دل آهي. KLCC کي “شهر اندر شهر City)   (A City Within A به سڏين ٿا. هن علائقي جون خوبصورت فائيو اسٽار هوٽلون به ڏسڻ وٽان آهن. اسان جهڙو ٽوئرسٽ کڻي اهڙين هوٽلن ۾ رهي نٿو سگهي، پر ٻاهران ٻاهران انهن جي عمارتسازي (Architect)  جي سونهن جو نظارو ته ڪري سگهي ٿو... انهن اڳيان بيهي تصوير ته ڪڍرائي سگهجي ٿي.... ڪجهه هوٽلون جيڪي منهنجي اڳيان ٺهيون- بلڪ ڪئالالمپور جون سڀ وڏيون هوٽلون اسان جي اڳيان ٺهيون (ان کان اڳ ملائيشيا جا جهازي ڪراچي اچڻ تي انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل ڏسي واهه واهه ڪندا هئا)، انهن مان ڪجهه جا نالا لکان ٿو. انهن هوٽلن وٽان ڪالهه ڪار ۾ لنگهندي سندن نالا لکي ورتا اٿم
دي ائسڪاٽ ڪئالالمپور
هوٽل مايا ڪئالالمپور
Corus هوٽل ڪئالالمپور
منڊارن اورينٽل
پرنس هوٽل
Novotel Hydro Majestic
ٽريڊرس هوٽل
 Impiana KLCC & SPA
هوٽل اڪيٽوريل
شانگريلا هوٽل
ڪرائون پلازا
Renaissance K.L
پئسفڪ ريجنسي
ڪنڪورڊ هوٽل.... وغيره وغيره.
سؤ سال کن اڳ ملائيشيا سڄو جنگل هو پوءِ آهستي آهستي آباديون ٿينديون ويون. عمارتون ۽ روڊ ٺهندا ويا. پليون ۽ ريلوي لائينون وڇائبيون ويون. پارڪ ۽ کيڏڻ لاءِ ميدان ٿيندا ويا ۽ هاڻ اهو دنيا جو هڪ بيحد ماڊرن شهر
ٿي پيو آهي. توهان جي باءِ روڊ ملاڪا، جوهور بارو يا سنگاپور وڃي رهيا آهيو، يا اتر طرف اپوح، پينانگ يا بارڊر ٽپي ٿائلينڊ وڃي رهيا آهيو ته سڄي واٽ هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي وٺڻ بدران ڪٿي ڪٿي توهان گهارو، گجو ۽ ٺٽي
جهڙو پراڻو نيشنل هاءِ وي وٺي ملائيشيا جي گهاٽن جهنگلن جو سير ڪري سگهو ٿا. پر جيڪڏهن ڪنهن ٽوئرسٽ وٽ ٽائيم ناهي، هو فقط ڪئالالمپور ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيو آهي ته به فڪر جي ڳالهه ناهي. هو هتي جي گهاٽي جهنگل جو فقط ڪئالالمپور ۾ رهي به سير ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ توهان کي مسجد جامع ريلوي اسٽيشن تي لهي پنڌ يا بس ۾ بڪت ناناس اچڻو پوندو. هي علائقو بلڪل وچ شهر ۾ آهي، جتي K.L  ٽاور آهي. هي ٽاور دنيا جو پنجين نمبر تي وڏو ٽيليڪميونيڪيشن ٽاور آهي. بهرحال جالان ائمپنگ، جالان راجا چُولان، جالان پي. راملي ۽ جالان سطان اسماعيل روڊن جي اندر وارو سمورو حصو بڪت ناناس سڏجي ٿو. يارهن هيڪٽرن ۾ پکڙيل هي سڄو علائقو جهڙو سؤ سال اڳ جهنگل هو، اهڙو ئي رکيو ويو آهي، جيئن ٿوري وقت لاءِ ڪئالالمپور ۾ آيل ٽوئرسٽ ملائيشيا جي گهاٽن جنگلن (Tropical Rain Forest)  جو منظر پسي سگهن. ڪئالالمپور ۾ نوڪرين يا پڙهائي سانگي رهيل توڙي گهمڻ لاءِ آيل اسان جي ملڪ جي ماڻهن- خاص ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي رهاڪن کي (جن ههڙا گهاٽا جنگل نه ڏٺا آهن) بڪت ناناس گهمڻ جو مشورو ڏيندس، اتي ئي هو K.L Tower   به ڏسي سگهن ٿا ۽ مٿي چڙهي سڄي ڪئالالمپور جو نظارو ڪري سگهن ٿا. پاڻ ڪئالالمپور ۾ هلندڙ ٻن ريلوي لائينن جي ڳالهه شروع ڪئي هئي، جنهن مان هڪAmpang Line   جون ريلوي اسٽيشنون لکي چڪو آهيان. ٻي جيڪا  Kelana Jaya Line آهي، اها پُترا لائين به سڏجي ٿي. ڪيلانا لائين يڪي هڪ لائين آهي، يعني اها ائمپنگ لائين وانگر اڳتي هلي ٻن برانچن ۾ نٿي ورهائجي. هتي اهو به لکندو هلان ته هيءَ ريلوي لائين 29 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي، جنهن تي بنا ڊرائيور جي ٽرين هلي ٿي. دنيا جي ههڙين آٽوميٽڪ ٽرينن ۾ هيءَ لائين ٽيون نمبر ڊگهي آهي. (پهرين نمبر تي ڪئناڊا جي 70 ڪلو ميٽر اسڪاءِ ٽرين آهي ۽ ٻئي نمبر تي فرانس جي 32 ڪلو ميٽر Lille Metro Val آهي.) ڪئالالمپور جي هن Kelana Jaya لائين جون هي ريلوي اسٽيشنون آهن:
گومباڪ
تمن ميلاتي
ونگسا ماجو
سري رمپائي
سيتيا ونگسا
جيلا تيڪ
داتو ڪرامت
دامائي
ائمپنگ پارڪ
KLCC
ڪمپونگ بارو
دانگ وانگي
مسجد جامع
پاسار سيني
K.L سينٽرل
بنگسار
عبدالله حُڪُوم
ڪيرنچي يونيورسٽي
تمن جايا
ايشيا جايا
تمن پئرا مائونٽ
تمن بهاگيا، ۽
ڪيلانا جايا

No comments:

Post a Comment