Sunday, June 12, 2011

آفريڪا ڏي ايشيائي ماڻهن جي آمد - الطاف شيخ


آفريڪا ڏي ايشيائي ماڻهن جي آمد
الطاف شيخ

گذريل مضمون ۾ جنهن ليڊي ڊاڪٽر رجنيءَ جي ڳالهه لکي آهي، تنهن مون سان گڏ ممبئي کان نئروبي تائين سفر ڪيو. ان ٻڌايو ته سندس ڏاڏو يا پڙڏاڏو انگريزن جي راڄ ۾ گجرات (انڊيا) جي بندرگاهه کنڀاٽ کان آفريڪا جي زئنزيبار ٻيٽ تي 1895ع ڌاري آيو هو. هن اتي هڪ ڪاٺياواڙي خوجي جي دڪان تي نوڪر ٿي ڪم ڪيو ۽ پوءِ ممباسا اچي پنهنجو هٽڙو کوليو. “منهنجو پيءُ 1950ع ۾ اسان جي ڏاڏي سان گڏ ڪمپالا اچي رهيو. 1960ع ۾ هن جي منهنجي ماءُ سان بڙودا ۾ شادي ٿي ۽ آئون ڪمپالا ۾ ڄايس ۽ وڏي ٿيس.” هن ٻڌايو.
توهان کي آفريڪا جي هن اوڀر واري ڪناري جي ملڪن ۾، خاص ڪري ڪينيا، زئنزيبار ۽ يوگنڊا ۾ جتي انگريزن جي حڪومت رهي، ڪيترا ئي ننڍي کنڊ جا ماڻهو ملندا. انهن ۾ سڀ کان گهڻا گجرات جا هندو آهن ۽ ٻئي نمبر تي انڊيا جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن شهرن جا خوجا (آغا خاني)، بوهري، سک، هندو سنڌي، ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ ٻيا نظر ايندا. انگريزن ملايا (اڄ واري ملائيشيا)، سنگاپور کان آمريڪا جي ملڪن ۾، جتي جتي سندن راڄ هو، اتي آفيسون، دڪان، ريلوي کاتو ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ چاهيون ٿي. کين ان ڪم لاءِ سڀ کان سلجهيل، هنرمند، عقلمند ۽ پڙهيل ڳڙهيل ننڍي کنڊ جا ماڻهو لڳا ٿي. ان ڪري انگريزن هنن جي همٿ افزائي ڪئي ته پنهنجو وطن ڇڏي مختلف ملڪن ۾ ڪمائڻ لاءِ هلي رهن. انگريزن هنن کي امن امان به ڏنو ٿي، ان ڪري ڪيترن ماڻهن انگريزن جي هٿ هيٺ آيل ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن سنگاپور ۾ ريلوي جي ڪم لاءِ انگريزن ڏکڻ هندستان جي تامل رهاڪن کي گهرايو، تيئن 1860ع ۾ انگريز سرڪار ننڍي کنڊ جي 30 هزار ماڻهن کي ٽن سالن جي مقاطعي (Contract) تي ممباسا کان ڪمپالا تائين جهنگ صاف ڪرڻ ۽ ريل جا پٽا وڇائڻ لاءِ آفريڪا ۾ گهرايو. هنن ۾ وڏو تعداد سکن جو هو، جن مان ڪجهه مري ويا، ٻيا وطن واپس هليا ويا. اٽڪل 7000 کن هندستانين، ڪانٽرئڪٽ ختم ڪرڻ بعد آفريڪا جي ئي شهرن ۾ رهڻ پسند ڪيو. انهن سان گڏ ڪيترا ئي، گجراتي هندو توڙي مسلمان، واپار جي خيال کان هيڏانهن ممباسا، زئنزيبار، ڪمپالا، نئروبي، دارالسلام آيا ۽ ٽڪي پيا.

وقت سان گڏ هي انڊين، جن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جا هندو واپاري به شامل هئا، خوشحال ٿيڻ لڳا. ان وقت پاڪستان وجود ۾ نه آيو هو. ان ڪري هي سڀ انڊين سڏبا هئا/ چاهي ڪو بڙودا جو گجراتي هجي، امرتسر جو سک، لاهور جو پنجابي يا شڪارپور جو سنڌي هجي. سندن اولاد، اڄ به پاڻ کي انڊين سڏائي ٿو. جيتوڻيڪ نئروبي، ممباسا يا ڪمپالا جي گهٽين ۾ ڪيترا اهڙا آغا خاني (خوجا)، بوهري ۽ سنڌي هندو ملندا جن جا مائٽ تلهار، سکر ۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا.
ان وقت انگريزن جي ڏينهن ۾ آيل خوجا، بوهري، سنڌي، هندو ۽ گجراتي دڪاندار ۽ سوداگر هئا، باقي ٻيا محنت مزدوري ۽ پورهئي لاءِ آفريڪا اچي رهي پيا. پر پوءِ هنن جي ٻي ۽ ٽي ٽهي (generation) تعليم حاصل ڪري سرڪاري آفيسن، بئنڪن ۽ ٻين ادارن ۾ نوڪريون به حاصل ڪيون ته پئسو گڏ ڪري ننڍو وڏو ڌنڌو ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪم به شروع ڪيو. انگريزن به هنن جي همت افزائي ڪئي ٿي جو مڪاني ماڻهن (شيدين) کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ۽ آفيسن جو ڪم ڪار هلائڻ لاءِ هنن کي انڊين ڪلارڪ، پٽيوالا ۽ ننڍي ليول جا آفيسر کتا ٿي، جيڪي پڙهيل ڳڙهيل هجڻ کان علاوه چئيوان ۽ محنتي به هئا.
هونئن ائين هرگز نه آهي ته انگريزن هندستان جي ماڻهن کي آفريڪا جي ڪناري تي آندو. انگريز ته انڊيا ۽ آفريڪا پوءِ پهتا، ان کان گهڻو گهڻو اڳ هندستان جي اولهه ڪناري يعني اڄ جي ڪراچيءَ کان گوادر، پسني، چها بهار (ايران ۽ عمان) جا ماڻهو آفريڪا آيا ويا پئي. جيڪڏهن توهان هندي وڏي سمنڊ جي نقشي ڏي نظر ڪندائو ته توهان کي حيرت نه ٿيندي ته عرب ملڪن، اوڀر آفريڪا ۽ اولهه انڊيا جي ڪنارن وارن بندرگاهن جي وچ ۾ واپار وڙو عام جام هليو ٿي، جنهن جون نشانيون 2000 سال پراڻيون آهن. انگريزن کي ته هنن سمنڊن جي خبر گهڻو گهڻو پوءِ پيئي. انهن کان اڳ جڏهن پورچوگالي ناکئو ۽ explorer واسڪو ڊي گاما 1497ع ۾ موزمبيق، ممباسا ۽ لِنڊيءَ پهتو ته: کيس اتي وڏي تعداد ۾ عرب ۽ هندستاني ڏسي، عجب لڳو. واسڪو ڊي گاما آفريڪا کنڊ جو ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ ڦيرو ڪري مٿي اوڀر ڪناري وٽ ان لاءِ پهتو هو ته ڪنهن نموني سان سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ جو گس ڳولجي. خشڪيءَ رستي ته يورپين ۽ انگريزن کي چين ويندي ڄاڻ ٿي چڪي هئي پر هنن کي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سمنڊ رستي ڪيئن پهچجي. پوءِ يورپين ۾ پهريون واسڪو ڊاگاما هو، جيڪو هندستان جي ڏاکڻي ڪناري تي پهتو پر آفريڪا ۾ رهندڙ ڪانجي مالم نالي هڪ هندستانيءَ جي مدد سان.
واسڪو ڊي گاما جن ڏينهن ۾ آفريڪا پهتو ته هن ڏٺو ته عرب ملڪن کان خوبصورت ڌائو ٻيڙيون آفريڪا آيون ٿي ۽ ڪيترا ئي عرب آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ۾ مسجدون ۽ گهر ٺاهي رهيا پيا هئا. انڊين گهڻي ڀاڱي عارضي طور رهيا ٿي. چؤماسي جي هوائن سان گڏ آيا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ انجڻ اڃا ايجاد نه ٿي هئي. سڄو ڪم سڙهن تي هلندو هو. ننڍن وڏن ٻيڙن کي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ٿلهي ڪپڙي جا سڙهه (Sails)  هوندا هئا. هوا جنهن طرف کان لڳندي هئي، ان جي ٻئي طرف اهي ڪاٺ جا ننڍا جهاز هلندا هئا. هوشيار ناکئا (Navigators) سڙهن کي ٿورو پاسيرو رکي پنهنجن ٻيڙن کي ٿورو ساڄي يا کاٻي ڪري سگهندا هئا. پر پٺيان پير ڪري نه سگهندا هئا. هوا جي بند ٿيڻ تي جهاز اتي بيهي ويندو هو يا لهرن جي رخ تي توائي ٿيندو هو. اهڙن موقعن تي ڪنارن وٽ لڪل سامونڊي چور پنهنجين چَپن وارين ٻيڙين ذريعي انهن جهازن تي پهچي ڦرلٽ ۽ مارا ماري ڪري ڀڄي ويندا هئا. انهن ڏينهن جا ناکئا اسان وانگر کلئي سمنڊ ۾ جهاز نه هلائيندا هئا. هو ڪنارو ڏيئي هلندا هئا، جن تي سامونڊي ڌاڙيل (قذاق) آسانيءَ سان پهچي ويندا هئا. اڄ طاقتور انجڻين ڪري اسان جهازن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ کلئي سمنڊ مان وٺي وڃون ٿا پر ڌاڙيلن جو ڊپ اڄ به رهي ٿو. هو هاڻ چپن وارين ٻيڙين (Rowing Boats) بدران اسپيڊ بوٽ ۾ اچن ٿا ۽ اڄ وٽن ڪهاڙين ۽ ڇرن بدران آٽوميٽڪ هٿيار آهن.
بهرحال پاڻ آڳاٽي زماني جي هندستانين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جڏهن هو سڙهه جي ٻيڙين ۾ سفر ڪندا هئا، جن جو دارومدار فقط ۽ فقط هوائن جي رخ تي هوندو هو. سنڌ واري ڪناري ۽ گجرات جي پُوربندر، اوکا، ڪنڊلا، ڀاونگر، سورت، کمڀات، رتناگري، ڪاليڪٽ ۽ ڪوچين جهڙن بندرگاهن مان سنڌي هندو، گجراتي مسلمان، آغا خاني، اثنا عشري، بوهري ۽ ڪڇي وغيره سياري واري چؤماسي ۾ يعني ڊسمبر کان فيبروري مهيني اندر انڊيا کان ٻيڙا هاڪاريندا هئا ته اچي آفريڪا کان نڪرندا هئا. جتي ٽي چار مهينا مال جي خريد و فروخت ڪري جيئن ئي اونهاري واريون چؤماسي جون هوائون/ مونسون (Monsoon) لڳنديون هيون ته آفريڪا جو ڪنارو ڇڏي، پنهنجي وطن انڊيا ورندا هئا. واپار وڻج جو اهم وکر عاج (هاٿيءَ جا ڏند)، مصالحا، شيدي غلام، ڪپڙو ۽ ڪپهه وغيره هوندو هو.
اوڻيهين صديءَ ۾ هن روٽين ۾ اهم تبديلي آئي. عرب حاڪم سلطان سعيد سيد جيڪو 1806ع کان عمان جو حاڪم ٿيو هو، ان پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو شهر 1832ع ۾ مسقط مان بدلائي زئنزيبار ٻيٽ ڪيو. زئنزيبار اڄ ڪلهه تنزانيه ملڪ ۾ آهي پر انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ وانگر الڳ ملڪ هو. عرب حاڪم جي زئنزيبار ۾ لڏي اچڻ ڪري عمان جي اهميت گهٽجي وئي ۽ زئنزيبار ۽ اوڀر آفريڪا ۾ واپار وڙو وڌڻ لڳو. عمان ۾ ۽ ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ ڪيترا بلوچ پنهنجي سلطان سان گڏ زئنزيبار هليا آيا. هي اهي بلوچ هئا جن بعد ۾ ايندڙ پورچوگالين جو مقابلو ڪيو ۽ ڪينيا ۾ جيڪا بلوچ ڪميونٽي رهي ٿي اهي هنن بلوچن جو اولاد آهي، جن بابت تفصيلي تواريخي احوال “هي ٻيٽ هي ڪنارا” سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. بهرحال هتي اهو لکندو هلان ته شروع ۾ ننڍي کنڊ کان جيڪي آفريڪا آيا ٿي انهن ۾ مسلمانن جو تعداد وڏو هو. هندو جيڪي آيا ٿي انهن ۾ سنڌي هندو گهڻا هئا. هونئن جيتوڻيڪ خشڪي رستي ڪيترائي گجراتي هندو سيام ۽ ملايا ڏي هڪ طرف، ته چين ۽ عربستان ڏي ٻئي طرف وڃي نڪتا ٿي، پر ڪيترن هندن ۾ سمنڊ مٿان سفر ڪرڻ taboo سمجهيو ويو ٿي. پر سنڌي هندن سان مختلف ڳالهه هئي. هو ساڌ ٻيلو ۽ اڏيري لعل جا پوڄاري هئا. هنن لاءِ پاڻي، خوف ۽ نفرت نه پر، پاڪ ۽ پيارو هو. هو نه فقط خشڪيءَ رستي، پر سمنڊ رستي آفريڪا جي ملڪن کان علاوه ڏورانهن ٻيٽن ڏي وڃي نڪتا. ستر واري ڏهي ۾ منهنجو جهاز جڏهن لاس پاماس، برمودا، ٽرنيڊاڊ جهڙن ٻيٽن تي پهتو ته اتي مون کي سنڌي هندن جي سيڪنڊ ۽ ٿرڊ جنريشن نظر آئي. برمودا جي ٻيٽ تي مليل هڪ سنڌي هندو فئمليءَ بابت اڄ کان 40 سال کن اڳ واري هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هن جڏهن اجرڪ بابت پنهنجي پيءُ کان پڇيو ته اها ڇا ٿيندي آهي ته پيءُ بدران هن جي ڏاڏي کيس جواب ۾ ٻڌايو ته؛ اها هڪ ڳاڙهن گلن واري چادر آهي، جيڪا سنڌ ۾ مسلمان ڄٽ اوڍين ٿا.
بهرحال وقت سان گڏ ننڍي کنڊ مان نه فقط بوهري، خوجا، ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ هندو سنڌي آفريڪا ڏي ايندا رهيا، پر آهستي آهستي گجراتي هندو، ملباري ۽ ڪوڪني وغيره به اچڻ لڳا. پر هندو برهمڻن سندن زالن کي سمنڊ ٽپڻ لاءِ سختيءَ سان منع ڪيو ٿي. نتيجي ۾ هو آفريڪا ۾ ٻه ٽي سال ڪمائڻ بعد وري انڊيا موٽي آيا ٿي. جڏهن زئنزيبار جو سلطان سيد بارقش ٿيو ته هن هندن کي پنهنجين زالن کي وٺي اچڻ لاءِ ڏاڍو همٿايو. ايتريقدر جو پهرين هندو عورت جڏهن زئنزيبار اچڻ لاءِ تيار ٿي ته سلطان هن لاءِ پنهنجو ذاتي جهاز موڪليو ۽ هن کي 250 شلنگ ايوارڊ طور ڏنا. هن هندو عورتن جي رهائش لاءِ زئنزيبار جو پراڻو قلعو ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جنهن ۾ پاڻيءَ جي پائيپن ۾ چانديءَ جا نلڪا لڳايا ويا. انهيءَ دوران گجرات جي هندو عورتن، برهمڻ ٻاون خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هو ڪامياب ٿيون ۽ آهستي آهستي ٿي پنهنجن مڙسن سان گڏ آفريڪا روانيون ٿيڻ لڳيون.
هڪ ڳالهه آهي جتي انڊين (خوجن، بوهرين، هندو، سنڌين، گجراتين، سکن ۽ ٻين) آفريڪا ۾ اچي پاڻ ڪمايو ۽ پنهنجي لاءِ خوشحالي حاصل ڪئي، اتي هنن انگريزن جي سسٽم کي سٺي نموني سان هلڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ان ڌرتي ۽ ان جي رهواسين لاءِ به بهتري ڪئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه انڊين جي غلط ڪرتوتن، ڪنجوسپائي ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين کي ڪمتر سمجهڻ ڪري، هنن لاءِ مڪاني ماڻهن جي دلين ۾ سخت نفرت هئي. اسان جڏهن سٺ جي ڏهي کان آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ وڃڻ شروع ڪيو ته ڪيترن ملڪن کي سندن انگريز، پورچوگالي ۽ فرينچ حاڪمن آزادي ڏني هئي يا ڏئي رهيا هئا. بهرحال ڪينيا، يوگنڊا، موزمبيق، سينيگال جهڙن ملڪن مان انگريز ۽ يورپين جي لڏي وڃڻ بعد انڊين اتي ئي رهيا ۽ وڏي خير خوبيءَ سان ملڪ جو معاشي ڪاروبار هلائي رهيا هئا، پر پوءِ ڏٺوسين ته هنن لاءِ مڪاني ماڻهن (آفريڪن) جي دلين ۾ نفرت وڌندي وئي. هو اهو محسوس ڪرڻ لڳا ته يورپين مان جان آزاد ڪرائيسين ته هي انڊين حاڪم ٿي ويهي رهيا آهن ۽ سڄي ملڪ جو ڪاروبار هنن جي هٿن ۾ آهي ۽ مڪاني ماڻهو ساڳي غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي. ان جو نتيجو اهو ئي نڪتو ته عيدي امين جهڙن ليڊرن انڊين کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو. 4 آگسٽ 1972ع تي يوگنڊا جي صدر عيدي امين، يوگنڊا ۾ رهندڙ انڊين کي (جن ۾ 90 سيڪڙو گجراتي هئا) ملڪ ڇڏڻ لاءِ 90 ڏينهن ڏنا. هن تقرير ۾ اهو چئي حڪم ڏنو ته هن خواب ۾ ڏٺو آهي ته خدا هن کي انڊين کي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ لاءِ چئي رهيو آهي. گجراتي هڪ هڪ ٿي ملڪ ڇڏي ويا. ڪي پاڪستان ۽ انڊيا ته ڪي آمريڪا، ڪئناڊا. گهڻا انگلنڊ هليا ويا جو انهن کي برٽش پاسپورٽ هو. يوگنڊا جي فوج ۽ مڪاني داداگيرن لڏي ويل انڊين جي دڪانن ۽ گهرن ۾ ڦرلٽ ڪري في الحال خوب جاوا ڪيا. انڊين جو ڪاروبار ۽ نوڪريون مڪاني ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ته ويون پر هو نه هنرمند هئا ۽ نه انڊين وانگر پڙهيل ڳڙهيل، نه وري واپار وڙي جي آرٽ کان واقف. نتيجي ۾ چند سالن اندر يوگنڊا جي ايڪانومي وڃي پٽ سان لڳي. ان کان علاوه عيدي امين به ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي. آخر ۾ سعودي عرب ڀڄي وڃي هن پنهنجي جان بچائي. گجراتين کي وري يوگنڊا ۾ گهرايو ويو. کين واپار جون سهولتون ڏنيون ويون. ڪجهه موٽيا، گهڻا نه آيا. انهن ئي موٽي اچڻ وارن ۾ ڊاڪٽر رجني جا والدين به آهن جنهن جو احوال گذريل مضمون ۾ ڪيو اٿئون.
عيدي امين جي منجهيل شخصيت ۽ سندس ڪيل ظلمن، خاص ڪري سالن کان رهندڙ انڊين کي ملڪ مان ڪڍڻ جي ڪهاڻيءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب ۽ فلمون اچي چڪيون آهن، انڊين کي يوگنڊا مان ڏيهه نيڪالي ڏيڻ جي بهترين عڪاسي The last king of Scotland نالي ناول ۽ مٿس ئي 2006ع ڌاري ٺهيل فلم ۾ ڪئي وئي آهي. ڏيهه-نيڪاليءَ واري ڪهاڻي، 1991ع جي هڪ فلم “مسيسپي مصالحا” ۾ به ڪئي وئي آهي. شهناز نانجي جي هڪ ناول Child of Dandelions ۾ پڻ ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
مغرب جي ماڻهن کي يوگنڊا ۾ ٿيل هن ڏيهه-نيڪاليءَ جي ظلم کان سڀ کان پهرين ويسٽ انڊيز جي انڊين ناول نويس وي. ايس. نائيپال پنهنجي ناول A bend in the River ذريعي ڪرايو.

No comments:

Post a Comment