Thursday, June 23, 2011

الطاف شيخ ۽ سندس سفرناما - امتياز ابڙو


امتياز ابڙو
الطاف شيخ ۽ سندس سفرناما
(الطاف شيخ جي سالگرهه جي مناسبت سان)

محترم الطاف شيخ مون کي اهو اعزاز بخشيندي چيو ته آئون هن جي هڪ جپاني سفرنامي تي مهاڳ لکان، سو به مزاحيه! اها ڪا نئين ڳالهه ڪونه هئي ڇو ته مهاڳ هونءَ به مزاحيه هوندا آهن. توهان جيئن ئي مهاڳ لکڻ شُروع ڪندائو تيئن اهو خود بخود مزاحيه ٿيندو ويندو. توهان ڪهڙي به سنڌي ڪتاب جو مهاڳ کولي پڙهو، توهان کان ٽهڪ نڪرندا ويندا. آئون ته ڪنهن به ڪتاب گھر تي سنڌي ڪتاب ڏسندو آهيان ته ان جو مهاڳ پڙهي، ٽهڪ ڏيئي، وري واپس رکي ڇڏيندو آهيان. جيئن مون هڪ سنڌي شاعر جو ڪتاب ڏٺو، ان سڄي ڪتاب ۾ مهاڳ ئي هو ۽ آخري صفحي تي هڪ غزل هو جنهن جي هيٺيان لکيل هو: “توهان به گھڻن سان ڪئي هوندي....... اڄُ توهان سان ٿي........!

الطاف شيخ جپان جو ملڪ ايترو ته گھميو آهي جو جپانين به ايترو ڪونه گھميو هوندو. خود جڏهن ڪو جپاني ڪنهن گھٽيءَ يا روڊ جي معاملي ۾ منجھي پوندو آهي ته يڪدم پهرئين پنهنجي پاسي واري کيسي مان الطاف شيخ جو سفرنامو ڪڍي پڙهندو آهي ۽ پوءِ ان گھٽيءَ جي خبر چار وٺي اڳتي وڌندو آهي. جپان جي باري ۾ الطاف شيخ جا سفرناما ايترا ته لکيل آهن جو هڪڙي جپانيءَ ته باقاعده الطاف کي خط لکي چيو: “اسان توهان جو ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي .....يوگنڊا تي سفرنامو ڇو نه ٿا لکو؟”

سفرنامو لکڻ هڪ آرٽ آهي، جيڪو يقينن الطاف شيخ کي اچي ٿو. اسان کي نٿو اچي. اسين ته سفرنامو لکڻ ويهندا آهيون ته آخر ۾ خبر پوندي آهي ته اهو Suffer “نامو” آهي. جيئن اسان جو هڪ دوست ناول لکندو آهي ته سفرنامو ٺهي ويندو آهي ۽ سفرنامو لکندو آهي ته درسي ڪتاب ٺهي ويندو آهي!

الطاف شيخ جي ڪتابن جو تعداد هاڻي ايترو ٿي ويو آهي، جو اهي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ به هڪ عدد ملازم رکڻو ٿو پوي. ان ڪري ئي الطاف شيخ کي “سنڌي سفرنامي جو ابو” چيو ويندو ۽ باقي جيڪي سفرناما لکندڙ آهن، انهن مان ڪي ماما آهن ته ڪي چاچا!

ڪجھه ليکڪن جا سفرناما وصيعت ناما لڳندا آهن. پڙهبو ته لڳندو آخري ڀيرو لکيا ويا آهن ۽ هاڻي نه لکندو. اهي پڙهڻ کان پوءِ توهان جي دل مان آواز ايندو: “خدا ڪري هن کي هاڻ ڪنهن به ملڪ جي ويزا نه ملي!” ڪجهه ليکڪن کي وري پڙهبو ته لڳندو آهي ته ڀائوءَ سفرنامو نه پر ڊڪشنري لکي آهي. ڪجهه ليکڪن جا سفرناما اڃا پڙهڻ ئي شروع ڪبا ته يڪدم توهان کي محسوس ٿيندو ته هيءُ سفرنامو نه پر صفرنامو آهي!... الطاف شيخ وري انهن سڀني کان مختلف آهي. مختلف ان ڪري جو ٻيا سڀئي ليکڪ الطاف شيخ کان مختلف آهن!

ناول لکڻ وڏي محنت جو ڪم آهي، ان ڪري سنڌيءَ ۾ نٿو لکيو وڃي. سفرنامي لکڻ لاءِ توهان کي رڳو ڀاڙي ۽ خرچ پٺيان محنت ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري سنڌيءَ ۾ سفرناما گھڻا لکيا ٿا وڃن. اسان جو هڪ دوست ته سفر ئي ان ڪري ڪندو آهي ته جيئن گھر موٽي اچي سفرنامو لکي. جيئن هڪ دفعي لفٽ ۾ ڦاسي پيو ۽ پورا اَٺ ڪلاڪ بند رهيو ته گھر موٽي اچي 88 صفحن جو ڪتاب لکيائين ته “لفٽ ۾ اٺ ڪلاڪ”. اسان پڇيس: “ڇا اهو سفرنامو آهي؟” ته چيائين: “نه، اهو Suffer نامو آهي!” هونءَ ليکڪ جڏهن لکڻ شُروع ڪندو آهي ته سفرنامو سمجھي لکندو آهي، پر ڪيترن ئي ليکڪن کي خبر ئي نه پوندي آهي، ته اهو پڙهندڙن لاءِ Suffer نامو ثابت ٿيندو!

الطاف شيخ ايترا ته سفرناما لکيا آهن جو هاڻي مئرين اڪيڊميءَ وارا، سنڌي ڇوڪرن کي رڳو ان ڊپ جي ڪري ڪونه ٿا کڻن، ته متان اهي به سفرناما نه لکڻ لڳن! جڏهن آئون انٽر ۾ پڙهندو هوس تڏهن مون مزاحيه اداڪار جيري ليوس جي فلم “گيشا بواءِ” ڏٺي هئي. تڏهن اسان جيري ليوس جا عاشق هوندا هئاسين. گيشا بواءِ کان پوءِ، اسان کي الطاف شيخ جي ڪتابن مان خبر پئي ته جپان ۾ دراصل گيشا گرلس ئي هونديون آهن، جيڪي مردن کي وندرائيندڙ ڇوڪريون هونديون آهن. جپان واري سفرنامي ۾ الطاف شيخ، گيشا عورتن جو اهڙو ته خوبصورت انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي جو خود گيشا گرلس کي به پاڻ بابت ايتري معلومات  ڪانه هوندي جيتري الطاف شيخ کي هنن بابت آهي!

ننڍپڻ ۾ الطاف شيخ اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. اسين سڀ هن کي “ادا پَپُو” ڪري سڏيندا هئاسين. جيتوڻيڪ هاڻي هو “پَپُو” رهيو ناهي پر پوءِ به ڪيترائي اسان جا ڳوٺائي کيس پَپُو چوندا آهن. بلڪ ڪجھه پوڙها پوڙها ته هن کي اڃا تائين به “پَپُو” سمجھندا آهن.

جپان جو سفرنامو لکڻ سولو ڪم آهي. اهو ائين آهي ڄڻ توهان ٽوڪيو جي رستي تي بيهي ٽوڪيو جي ماڻهن کي ٽوڪيو! جپان جي ڏکي ۾ ڏکي ڳالهه اها آهي، ته هتي توهان کي رڳو جپاني ڏسڻ ۾ ايندا. مون کي وري جپاني ٻولي نه وڻندي آهي، ڇو ته مون کي اچي ئي ڪانه. مون کي رڳو جپاني سامان وڻندا آهن. توهان جپان ۾ ويندائو ته اتي سڀني جپانين جون شڪليون هڪ ٻئي تان فوٽو اسٽيٽ ٿيل لڳنديون. سڀني جپانين جا مُنهن هڪڙي ئي مونوگرام ۾ هوندا. خبر ناهي جپاني عورتون پنهنجا پنهنجا مڙس ڪيئن سڃاڻن ٿيون!

الطاف شيخ جپان ۾ وڃي جيڪو جپانين تي لکيو آهي، اها همت جي ڳالهه آهي، ڇو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن هوٽل ۾ وڃو ته سڌي سنئين ماڻهوءَ کي وات مان “چون چان چين” ڪرڻي پوندي، تڏهن وڃي ماني نصيب ٿيندي. آئون سوچيندو آهيان ته جپاني پيار جو اظهار ڪيئن ڪندا هوندا. ٻن لفظن “چُون چان چان” تي ڇوڪري راضي ٿيو وڃي. هتي سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪير ڇوڪريءَ کي “چون چان چان” چوي ته ان جو مرڳو مڱڻو ئي ٽُٽي پوي ۽ ان جا مائٽ ڇوڪري کي چون چون جو مربو بنائي ڇڏين. جپانين کي انگريزي گھٽ ايندي آهي، ان جو دليل هو اهو ٻڌائيندا آهن ته “انگريزن کي ڪهڙي جپاني اچي ٿي؟” جيئن اسان وارو هڪ عظيم سنڌي دانشور آهي، چيائين: “پرائمريءَ ۾ انگريزي زبان ڇو ٿي سيکاري وڃي؟” پڇيوسين: “ڀلا ڪهڙِي زبان سيکارجي؟” ته چيائين: “شرافت جي زبان!”

الطاف شيخ جو جپان جو سفرنامو سٺو آهي، ڇو ته اهو بغير ٽڪيٽ جي توهان کي جپان گھمائي ٿو. توهان چوندائو: “نه، اسان صحيح طرح سان جپان نه گھمي سگھياسين” ته منهنجا سائين! ايترن پئسن ۾ ته توهان ايترو ئي جپان گھمي سگھو ٿا. ۽ جيڪڏهن توهان ڪتاب به پنهنجي ڪنهن دوست کان وٺي پڙهي رهيا آهيو ته جيترو به جپان توهان ڏٺو آهي، انکي گھڻو سمجهو. ڇو ته يقين ڪريو جيترو جپان توهان کي الطاف شيخ گھُمايو آهي، ايترو جپانين به ڪونه ڏٺو هوندو!

ڪنهن به ڪتاب ۾ مهاڳ رڳو ان ڪري لکايو ويندو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي ٻڌائي سگھجي ته جيڪڏهن هيءُ ڪتاب نه ڇپجي ها ته وڏي تباهي اچي وڃي ها. ان ڪري الطاف به مهاڳن تي گھڻو زور ڏيندو آهي. مون کي چيائين: “ٻه ٽي اکر لکي ڏي.” مون کي وري جپان تي لکڻ سٺو ان ڪري لڳي رهيو هو، ڇو ته جپاني ٻوليءَ ۾ به مون کي سنڌيءَ جا لفظ مليل محسوس ٿيا، جنهن مان مون کي پڪ ٿي ته اسان جي ٻولي پنج ڇا، ڪا ست اٺ هزار سال پُراڻي آهي. اهي لفظ آهن، هيرو شيما، ناگاساڪي ۽ چُون چُون..... اهي سنڌيءَ ۾ به استعمال ٿين ٿا. هيرو اسان وٽ ڪيترائي نوجوان آهن. شيما اسان جي پاڙي ۾ رهندي آهي. ناگا کي اسين “نانگا” ڪري چوندا آهيون. ساقي ته اسان جي هر ڏهن ماڻهن ۾ ڳولبو ته چار ساقي ملندا ۽ باقي رهيو، چُون چُون... اهو ته اسان وٽ سنڌيءَ ۾ جھرڪيون چونديون آهن!!

جپان دنيا جو پهريون نمبر جمهوري ملڪ آهي، جتي برداشت Tolerance ايترو ته بهترين آهي جو توهان ڪنهن به جپانيءَ کي سنڌيءَ ۾ ڇا به چئو، هو دل ۾ نه ڪندو. جپاني ٻولي دنيا جي سولي ٻولي آهي، ڇو ته اها سکڻ لاءِ توهان کي دماغ استعمال ڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي. بس ڪجھه جھرڪيون پاليو ۽ جپاني سکو. جيڪڏهن توهان ڪنهن هوٽل تي وڃي ويهو ۽ چئو: “پين پين پُون پان” ته پڪ سان اهو ڪنهن ڊِش جو نالو هوندو. جيڪڏهن ڊِش جو نالو نه نڪتو ته پوءِ توهان جي پنهنجي ڊِش ڀڳل هوندي. انهن ڳالهين جي ڪري جپان ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. جيئن مون کان هڪ دوست پڇيو: “ڇا تون ڪڏهن جپان ويو آهين؟” چيومانس: “ها.” پڇيائين: “جهاز ۾؟” چيومانس: “نه..... خواب ۾.”

No comments:

Post a Comment