Thursday, May 26, 2011

ملائيشيا ۾ بادشاهت جو نرالو سسٽم.- الطاف شيخ


ملائيشيا ۾ بادشاهت جو نرالو سسٽم.....
الطاف شيخ
ملائيشيا جو بادشاهه (جيڪو ملئي زبان ۾ ينگ دي پرتوئان اگونگ Yang di Pertuan Agong سڏجي ٿو) ملائيشيا ملڪ جو سربراهه يعني Head of State آهي. ايران، ٿائلينڊ يا انگلينڊ جي بادشاهن وانگر ملائيشيا جا بادشاهه صدين کان نه هلندا اچن. فقط  50 سال کن اڳ تائين ملايا جو ڪو بادشاهه نه هو. درياهه (ملاڪا ڳچي سمنڊ) جي هڪ پاسي جاوا، سماترا ۽ بالي جهڙا ٻيٽ جيڪي انڊونيشيا سڏجي ٿو ڊچن جي هٿ ۾ هو ۽ ٻئي پاسي ملايا تي انگريزن جو قبضو هو. ملايا مختلف رياستن ۾ ورهايل هو، يعني يارهن رياستن ۾ جن مان نون تي انهن رياستن جي سلطانن جي هلي ٿي، باقي ٻن ملاڪا ۽ پينانگ رياست جو ڌڻي سائين ڪو سلطان نه هو. اهي ٻئي رياستون ڄڻ ته انگريزن جون شروع کان زرخريد هيون. بهرحال نون رياستن جا به فقط نالي ۾ سربراهه ”سلطان“ هئا، جيئن انگريز راڄ ۾ انڊيا جي مختلف رياستن جا سربراهه نواب، مير، راجا هئا، پر هلي انگريزن جي ٿي. سو ملائيشيا ۾ به ٿيو اهو ئي ٿي، جيڪو انگريزن چاهيو ٿي. هر رياست جي سلطان کي پنهنجي رياست جو ڪاروبار هلائڻ ۽ سمجهڻ لاءِ انگريز سرڪار طرفان مقرر ڪيل انگريز صلاحڪار جو چيو مڃڻو پيو ٿي. هي انگريز ريزيڊنٽ به سڏبو هو ۽ سندس رعب تاب ۽ شان شوڪت اڳيان سلطانن جي ڪجهه نٿي هلي. بهرحال انگريزن جڏهن سامان ويڙهيو ته 1957ع ۾ ملايا جي رياستن جي سلطانن پنهنجون رياستون ڳنڍي فيڊريشن آف ملايا ٺاهيو (جيڪو هاڻ ملائيشيا آهي) ۽ پاڻ مان هڪ سلطان کي چونڊي سڄي ملڪ جو بادشاهه بڻايائون. هنن عقل کان ڪم وٺي ڪجهه قاعدا قانون ٺاهيا، جيئن هرهڪ سان انصاف ٿي سگهي. انهن قانونن مان ڪجهه هي هئا.
- اليڪشن ذريعي بادشاهه چونڊيو ويندو.
- هن اليڪشن ۾ ملڪ جي نون رياستن جا سلطان حصو وٺندا.
- نون مان پنج سلطانن جي مخالف ووٽن سان اهو سلطان بادشاهه ٿي نه سگهندو.
- ڪو پاڻ بادشاهه ٿيڻ نه چاهي ته هو ڀلي نه ٿئي.
- ذهني مريض هجڻ جي صورت ۾ هن کي بادشاهه ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو.
- هر رياست جي سلطان کي واري تي بادشاهه بڻايو ويندو.
- بادشاهت جو مدو پنج سال رهندو ان بعد ٻئي سلطان کي بادشاهه بڻايو ويندو.
- ڪنهن بادشاهه جو جي انتقال ٿي ويو ته ٻئي کي پهرين جو باقي وقت پورو ڪرڻ بدران پنجن سالن لاءِ بادشاهه بڻايو ويندو.
- ننڍي عمر (نابالغ) سلطان کي بادشاهت نه ڏبي.... وغيره وغيره
بهرحال بادشاهه بڻجڻ جو هي هڪ نرالو طريقو آهي، جنهن جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. ان سان ڪجهه ملندڙ سسٽم عرب امارت ۾ ضرور آهي، جتي واري وٽي تي دبئي جو امير صدر ٿيڻ تي ابو ڌابي جو امير وزيراعظم ٿئي ٿو.

بادشاهه Yang di Pertuan Agong کان علاوه نائب بادشاهه (جيڪو ملئي زبان ۾ ٽمبالان سڏجي ٿو) به چونڊيو وڃي ٿو. جيئن بادشاهه جي غير حاضري يا بيماري ۾ ملڪ جو ڪاروبار هلي سگهي. 1957ع ۾ ملايا (هاڻوڪي ملائيشيا) جو پهريون بادشاهه جوهور رياست جو 84 سالن جو سلطان ميجر جنرل سلطان ابراهيم چونڊيو ويو، پر وڏي عمر هجڻ ڪري هن بادشاهه ٿيڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ پهانگ جو سلطان ابو بڪر وڏي عمر جو هو، پر ان جي خلاف پنج ووٽ پوڻ ڪري هن کي بادشاهه بڻجڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. آخرڪار ”نيگري سيمبيلان“ جو سلطان تئانڪو عبدالرحمان ملڪ جو پهريون بادشاهه ٿيڻ لاءِ چونڊيو ويو، جنهن جي نالي ڪئالالمپور جي مرڪزي شهر ۾ وڏو شاهراهه جالان تئانڪو عبدالرحمان آهي. هي سلطان 1957ع کان 1960ع تائين بادشاهه ٿيو، سندس وفات بعد سلينگور رياست جو سلطان ”سلطان هشام الدين عالم شاهه“ ملائيشيا جو ٻيو بادشاهه ٿيو ۽ ساڍن چئن مهينن بعد وفات ڪرڻ تي پرلس رياست جي سلطان تئانڪو سيد پترا کي ٽيون بادشاهه بڻايو ويو. هي بادشاهه پورا پنج سال هليو. ان بعد ٻين رياستن جا سلطان هن واري وٽي موجب ملڪ جا بادشاهه ٿيندا رهيا آهن:
4- ترنگانو رياست جو سلطان اسماعيل نصيرالدين شاهه.
5- ڪيداح رياست جو تئانڪو عبدالحليم جيڪو 1970ع کان 1975ع تائين بادشاهه رهيو. اسان جڏهن پهريون دفعو ڪئالالمپور ويا هئاسين ته سلطان اسماعيل نصيرالدين شاهه بادشاهه هو ۽ ان ئي سفر ۾ هانگ ڪانگ کان وري ڪئالالمپور آياسين ته تئانڪو عبدالحليم جي بادشاهه ٿيڻ جي خبر ٻڌيسين.
6- ملائيشيا جو ڇهون بادشاهه ڪيلنتان رياست جو سلطان يحيٰ پترا 1975ع کان 1979ع تائين ٿيو. بادشاهت جو ٽرم پورو ٿيڻ کان اڳ هن جي وفات ٿي وئي.
7- پهانگ رياست جو سلطان احمد شاهه 1979ع کان 1984ع تائين بادشاهه رهيو. هن جي ڏينهن ۾ آئون سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ اچي رهيس.
8- پهانگ بعد ”جوهور“ رياست جو سلطان اسڪندر 1984ع کان 1989ع تائين ٿيو. جوهور رياست ملائيشيا جي بلڪل ڇيڙي واري رياست ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جي گاديءَ وارو شهر ”جوهور بارو“ سنگاپور ٻيٽ سان پل ذريعي ڳنڍيل آهي.
9- سلطان اذلان شاهه جو واسطو پيراڪ رياست سان آهي ۽ ملائيشيا جو نائون نمبر بادشاهه آهي. پاڻ هاڪي راند جي ڪري پاڪستان ۾ به مشهور آهي. 1998ع کان ملائيشيا ۾ مردن جي بين الاقوامي هاڪي مئچ ٿئي ٿي، جيڪا هن بادشاهه جي نالي ”سلطان اذلان شاهه ڪپ“ سڏجي ٿي. 1999، 2000 ۽ 2003ع ۾ پاڪستان چئمپين ٿيو هو ۽ 2004ع ۾ هو ٻئي نمبر تي (Runner Up) رهيو. گذريل ٻن سالن 2009ع ۽ 2010ع کان انڊيا چئمپين رهندو اچي.
منهنجي هوندي جيڪي ملائيشيا جا اڄ تائين بادشاهه ٿيا آهن، انهن ۾ سلطان اذلان شاهه وڌيڪ پسند ڪيو ويو ٿي، شايد ان ڪري جو هو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ نياز مندي واري طبيعت سان پيش آيو ٿي. سلطان اذلان شاهه 1928ع ۾ پيراڪ جي شهر باتو گاجاح ۾ ڄائو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد ڪئالا ڪنگسار شهر جي مشهور ”ملئي ڪاليج“ مان پڙهيو ۽ پوءِ 1953ع ۾ هن يونيورسٽي آف ناٽنگهام مان LLB جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ”سوسائٽي آف لنڪن اِن“ طرفان انگلش بار ۾ داخل ٿيو. پنهنجي ملڪ موٽي هن مختلف سرڪاري نوڪريون ڪيون، ان بعد 1965ع ۾ جج به ٿيو. اهڙي طرح اڳتي هلي هو فيڊرل ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ 6 سال رکي 1979ع ۾ هو ملائيشيا جو بادشاهه مقرر ٿيو ۽ 1994ع تائين تخت تاج جو مالڪ رهيو. اهو به لکندو هلان ته اذلان شاهه ڪنهن شاهي خاندان جي ڇوڪريءَ سان نه پر هڪ عام ڇوڪري بئنون بنت محمد علي سان شادي ڪئي. بئنون پينانگ جي ڪنهن اسڪول ۾ ٽيچر هئي ۽ بئنون پهرين عام (Commoner) ڇوڪري آهي، جيڪا ملائيشيا جي راڻي ٿي. کين پنج ٻار آهن: ناظرين شاهه، اذورين، اشمان، ايلينا ۽ صوفيا.
10- نيگري سيمبيلان رياست جو سلطان تئانڪو جعفر 1994ع کان 1999ع تائين ملائيشيا جو ڏهون بادشاهه ٿيو. هي ملڪ جي پهرين بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان جو پٽ هو، پاڻ 2008ع ۾ وفات ڪيائين.
11- سلينگور رياست جو سلطان صلاح الدين عبدالعزيز 1999ع تي ملڪ جو ٻارهون بادشاهه ٿيو، ٻن سالن بعد 2001ع ۾ وفات ڪيائين.
12- پيرلس رياست جو سلطان تئانڪو سيد سراج الدين 2001ع کان 2006ع تائين ملائيشيا جو ٻارهون بادشاهه ٿي رهيو. پاڻ 1943ع ۾ ڄائو هو ۽ هن وقت 68 سالن جو آهي ۽ هاڻ پنهنجي رياست پيرلس جو سلطان آهي.
13- تئانڪو ميزان زين العابدين موجوده ۽ تيرهون نمبر بادشاهه آهي، جيڪو ترينگانو رياست جو سلطان هو. پاڻ 2006ع ۾ ملائيشيا جو بادشاهه چونڊيو ويو ۽ پنهنجي ٽرم جي بادشاهت جا 5 سال پورا ڪري 2011ع ۾ پنهنجي رياست ترينگانو روانو ٿيندو.
ان بعد ڪيڊاح جو سلطان، ملڪ جو بادشاهه ٿيندو. ملائيشيا جي سلطانن ان ريت رياستن جا نمبر ٺاهي ڇڏيا آهن، جنهن موجب هڪ هڪ رياست جو سلطان واري تي بادشاهه ٿيندو رهندو. اهي نمبر هن آرڊر ۾ آهن.
ڪيڊاح، ڪيلنتان، پهانگ، جوهور ۽ آخر ۾ پيراڪ. 
ان بعد وري مٿان کان نيگري سيمبيلان، سلينگور، پيرلس، ترنگانو، ڪيڊاح... وغيره کان شروعات ڪئي ويندي.

No comments:

Post a Comment