Tuesday, May 24, 2011

ملائيشيا جي سهڻي، امير ۽ مشهور ڳائڻي - الطاف شيخ


ملائيشيا جي سهڻي، امير ۽ مشهور ڳائڻي
الطاف شيخ
هن کان اڳ هڪ هنڌ مون ملائيشيا جي هڪ سڀ کان مشهور ڳائڻي سيتي نور هاليزه جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ننڍي عمر ۾ جيڪو نالو پيدا ڪيو آهي، ان جو مقابلو شايد ئي لتا يا دنيا جي ڪا ٻي ڳائڻي ڪري سگهي. ميهڙ يا بدين جهڙي ڳوٺ جي هڪ ملئي ڇوڪريءَ جو ننڍي عمر ۾ ڳائڻ، گانا لکڻ ۽ رڪارڊ ڀرائڻ ۾ ايڏو مٿانهون وڃڻ سڀني لاءِ حيرت جي ڳالهه آهي. دراصل ملائيشيا ۾ ملئي ماڻهن جو ڳائڻ وڄائڻ ۾ 1980ع تائين به اهڙو حال هو جهڙو سنڌ ۾ ڳوٺاڻن سنڌين جو. اسان 1982ع ڌاري جڏهن ملاڪا ۾ رهڻ اختيار ڪيو ته ان وقت ملائيشيا ۾ ٻه کن ٽي وي چئنل شروع ٿيا هئا، جن تان ملئي پروگرام هلڻ ڪري ملئي ماڻهو اڳتي وڌيا نه ته سنگاپور جي ٽي وي چئنلن تان هو انگريزي ۽ چيني گانا ٻڌي دل خوش ڪيو ويٺا هئا. ايتري قدر جو انهن چئنلن يا سئنيما هالن ۾ هلندڙ انڊين هندي فلمون ڏسي انهن جي گانن سان دل وندرائيندا وتيا ٿي. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ هو. فقط هڪڙو بلئڪ ائنڊ وائيٽ چئنل ان تي هن صوبي جي زبان جو روزانو فقط خبرون هلن يا گانا! پوءِ سڀ ڪو چوندو هو ته محمد جمن، محمد يوسف، مائي ڀاڳي، روبينا ۽ هڪ ٻه ٻين ڳائڻن کان علاوه سنڌيءَ ۾ ڳائڻا يا آرٽسٽ آهن ڪٿي؟ پوءِ پرائيويٽ چئنل KTN شروع ٿيو ۽ اهڙي طرح چار پنج ٻيا چئنل ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌي ڳائڻ وارا ۽ واريون ايتري تعداد ۾ پيدا ٿي ويون آهن جو ماڻهن ٻين زبانن جا گانا ٻڌڻ ڇڏي ڏنا آهن. اهوئي حال اسان کان ويهارو سال کن اڳ ملائيشيا ۾ ٿيو. ٽي وي چئنل وڌڻ ۽ انهن تي مڪاني زبان ملئي جو پروگرام هلڻ ڪري ويا ملئي ڳائڻا وڌندا ۽ 1991ع تائين، يعني ملائيشيا ڇڏڻ تائين خبر ناهي ڪيترا ملئي گانا ماڻهن جا دلپسند ٿي ويا ۽ اسان جهڙا ڌاريان به ملئي گانا جهونگاريندا وتيا. نه ته ان کان اڳ اٽڪل 1980ع تائين ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي انگريزي ۽ چيني گانن جي ڌم هوندي هئي. ڪيترا ملئي ڳائڻا ته اهڙا مشهور ٿيا جو هنن جا گانا ڀروارن انڊونيشيا، سنگاپور ۽ برونائي جهڙن ملڪن ۾ به هلڻ لڳا، جتي ملئي زبان ڳالهائي وڃي ٿي ۽ هاڻ هن ڳوٺاڻي ڇوڪري ”سيتي نور هاليزه“ ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملائيشيا جي اڪيلي ڇوڪري آهي، جنهن کي هڪ نه ٻه نه پر يڪا 200 کن وڏا وڏا ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ سندس سُر ۽ سونهن ماڻهن کي موهي رکيو آهي. ڳائڻ ۽ راڳ لکڻ ۽ انهن جا رڪارڊ ٺاهڻ کان علاوه هن جي نالي وڏو ڪاروبار هلي ٿو. سيتي نالي هن جي ميڪ اپ، چانهه ۽ ٻين شين جون ڪمپنيون آهن، جيئن انڊيا ۾ گودريج ۽ ٽاٽا فئملين جون مختلف ڪمپنيون آهن. سيتي نور هاليزه جي ڪمپني جي چانهه جو نالو C.Tea (سيٽي) آهي، جيڪا چانهه ڪوٽا ڪنابالو (ايسٽ ملائيشيا) جي باغن ۾ پوکي وڃي ٿي.
سيتي نور هاليزه لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هوءَ ملائيشيا جي امير ترين، بااثر، مشهور ترين ۽ سڀ کان گهڻا ايوارڊ حاصل ڪرڻ واري آهي. کيس داتڪ جو به خطاب مليل آهي، ان ڪري هوءَ داتو يا داتن سري سڏجي ٿي. نور هاليزه (سڄو نالو: داتن سري سيتي نور هاليزه بنت تارو دين) 1979ع ۾ تارو دين اسماعيل ۽ سلما باچيڪ جي گهر ۾ تيمير لوح شهر ۾ ڄائي. هن جي سڄي فئملي جو ميوزڪ سان خاص لڳاءُ آهي. سندس ڀاءُ سيفل باهري تارو دين ۽ ٻه ڀينرون سيتي نور سعيده ۽ سيتي سائره پڻ ڳائڻيون آهن. هن جو ڏاڏو مشهور  Violinist  ٿي گذريو آهي ۽ سندس ماءُ سلما باچيڪ ملائيشيا جي مشهور لوڪ ڳائڻي آهي، جيئن سنڌ ۾ مائي ڀاڳي يا زرينه بلوچ رهي.
سيتي نور هاليزه بنيادي تعليم پنهنجي شهر Temerloh  ۾ حاصل ڪئي،  ان بعد وڌيڪ تعليم پهانگ رياست جي ڪئالا لپيس اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي. هوءَ اسڪول ۾ اٿليٽ ۽ ڊبيٽر مشهور هئي. هن يارهن سالن جي ڄمار ۾ ئي پنهنجي ماءُ کان لوڪ راڳ سکڻ شروع ڪيا ۽ هُن سان گڏ مختلف شادين ۽ خوشي جي ڪاڄن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. 19 ورهين جي ڄمار ۾ 1998ع ۾ هن راڳ رنگ جي ڪمپني ”سيتي نور هاليزه پروڊڪشن سنڊرين برحد“ نالي ٺاهي ۽ 1998ع ۾ ڪئالالمپور ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلٿ راندين جي شروعات ۾ اڪيلي سر ۽ راندين ختم ٿيڻ تي دنيا جي ٻين مشهور اداڪارن سان گڏ فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي موهي وڌو. هيءَ Ceremony    ستر کن ملڪن ۾ ڏيکاري وئي ۽ نور هاليزه جي بين الاقوامي طور شهرت ٿي. هن فنڪشن بعد نور هاليزه کي جپان جي پنجن ڏينهن واري پروگرام  Pop Queen Festival   ۾ دعوت ڏني وئي. 1999ع ۾ کيس شنگهائي ميوزڪ فيسٽول ۾ گهرايو ويو، جيڪو چين ۾ ٿيو ۽ کيس گولڊ ميڊل مليو. بهرحال پوءِ ته کيس آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ گهرائي انعام ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو. جپان ۾ به هڪ دفعو وري يوڪوهاما ۾ ڪنسرٽ لاءِ گهرايو ويو. گرامي ايوارڊس ۾ ته کيس ريڊ ڪارپيٽ ويلڪم ڏني وئي ۽ هوءَ بيحد مصروف ترين ڳائڻي بڻجي وئي ۽ هن لاءِ آچر جو هڪ ڏينهن آرام ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو. 2009ع ۾ سندس والد تارو دين اسماعيل جي وفات تي هن 40 ڏينهن لاءِ ڳائڻ جو ڪم بند رکڻ جو اعلان ڪيو سواءِ مولود النبي جي موقعي تي نعتن ڳائڻ جي. نور هاليزه لاءِ چيو وڃي ٿو ته اڄ ڪلهه هن جي اسٽيج پروگرام جو سڀ کان گهڻو اگهه آهي. هوءَ اڌ ڪلاڪ لاءِ 45000 ملئي رنگٽ يعني اٽڪل يارهن لک رپيه في طور وٺي ٿي ۽ هڪ ڪلاڪ لاءِ 70000 رنگٽ يعني پاڪستاني سترهن لک رپيا وٺي ٿي.
سيتي نور هاليزه ڪمايل دولت مان خير خيرات جا به ڪم ڪري رهي آهي. سنومي (سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏ) ۾ ستايل ماڻهن جي هن دل کولي مدد ڪئي. تازو هن ٻن مسجدن ٺهرائڻ لاءِ وڏو پئسو ڏنو آهي، جنهن مان هڪ ٿائلينڊ جي شهر پٽاني ۾ ٺهي آهي ۽ ٻي هتي ڪئالالمپور ۾ ٺهڻي هئي، جنهن لاءِ نقشا وغيره به ٺهي ويا، پر هتي جي مولوين اهو چئي پئسا واپس ڪيا ته اهو پئسو جنهن طريقي سان ڪمايو ويو آهي ان مان مسجد ٺهرائڻ جهڙو اسلامي ڪم صحيح نٿو لڳي.
سيتي نور هاليزه جون داتڪ خالد سان شاديءَ جا افواهه ڪافي وقت هلڻ بعد هڪ ڏينهن 17 جولاءِ 2006ع تي جڏهن نور هاليزه ۽ داتڪ خالد گڏجي پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي شاديءَ جو اعلان ڪيو ته سيتي نور هاليزه جي ڪيترن چاهيندڙن کي اها ڳالهه نه وڻي. هر ماڻهوءَ لاءِ اها حيرتناڪ خبر ثابت ٿي ۽ ملڪ جي ميڊيا ۾ ان جي ڪافي تنقيد ڪئي وئي ته 27 سالن جي سهڻي ۽ مشهور ڇوڪري، جنهن کي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گهوٽ ملي سگهن ٿا اها پاڻ کان ويهن سالن جي وڏي عمر جي ماڻهوءَ سان شادي ڪري رهي آهي، جيڪو اڳهين شادي شده آهي ۽ چئن ٻارن جو پيءُ آهي. ماڻهن کي سيتي نور هاليزه سان ناراضگي به ٿي ته هوءَ پهاڄ بڻجي رهي آهي ۽ هن جو داتڪ خالد جي پهرين زال کي طلاق ڏيارڻ ۾ هٿ آهي. اهو معاملو هتي جي مذهبي کاتي ”جباتان اگاما اسلام، سلينگور“ وٽ پيش ڪيو ويو، جنهن پڇا ڳاڇا بعد عوام کي اهو ٻڌايو ته داتڪ خالد ۽ سندس سابق زال تينگڪو زاواه بنت تينگڪو ازهام جي طلاق ٻه سال اڳ 2004ع ۾ ٿي چڪي آهي. هو 15 سال گڏ رهيا.
 بهرحال آگسٽ 2006ع ۾ داتڪ خالد ۽ سيتي نور هاليزه جي شادي ڌام ڌوم سان ٿي. ملئي شاديون سادگي کان مشهور هونديون آهن، پر هن شاديءَ تي چون ٿا ته 30 لک آمريڪن ڊالر (يعني پاڪستاني اڍائي ڪروڙ رپيا) خرچ ڪيا ويا، جيڪو بعد ۾ جوڙي غلط قرار ڏنو ۽ هنن چيو ته شادي تي فقط 5 لک ملائيشيا جا رنگٽ يعني پاڪستاني ڏيڍ ڪروڙ رپيا خرچ آيو. سندن نڪاح جي رسم ڪئالالمپور جي هڪ مسجد ۾ منعقد ڪئي وئي، ان بعد وڏي دعوت جو بندوبست ڪئالالمپور ڪنوينشن سينٽر (KLCC) ۾ رکيو ويو. بهرحال توهان جو ملائيشيا اچڻ ٿئي ته توهان پاڻ سيتي نور هاليزه جا ڪجهه گانا ضرور ٻڌجو. بلڪ ائين ٿي نٿو سگهي ته توهان ڏينهن ٻن لاءِ ملائيشيا ۾ رهو ۽ هوٽل ۾ يا دوست جي گهر هلندڙ ٽي وي جي ڪنهن چئنل تي سيتي نور هاليزه موجود نه هجي. ٻه مهينا کن اڳ E- News Asia طرفان سيتي نور هاليزه ۽ سندس مڙس داتڪ سري خالد ايشيا جو ٽيون نمبر من پسند جوڙو قرار ڏنو ويو آهي. پهرين نمبر تي چيني جوڙو سائمن ياد ۽ هن جي زال ڪِڪِي QiQi آهي ۽ ٻئي نمبر تي بالي ووڊ جي اداڪاره ايشوريه راءِ ۽ هن جو مڙس اڀيشيڪ بچن آهن.
 قوم ۽ ملڪ جي يڪجهتي لاءِ جيئن اسان وٽ قومي تراني جي درجي جا ٻيا به ڪيترائي راڳ آهن، جيئن”هم ايڪ هين“ يا انڊيا وارن لاءِ اقبال جو ترانو ”ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“، تيئن ملائيشيا ۾ به ڪجهه اهڙا گانا آهن، جيڪي قومي ڏينهن تي يا اسڪول ۽ ڪاليجن جي فنڪشن تي قومي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڳايا وڃن ٿا، جن مان هڪ آهي: ”ساتو ملائيشيا“ يعني ملائيشيا هڪ آهي. ملائيشيا ۾ ملئي، چيني، انڊين ۽ ٻيون قومون (Races) رهن ٿيون، جن جا مختلف دين ڌرم آهن، مختلف زبانون آهن، ايتري قدر جو چيني ماڻهن جون به انيڪ زبانون آهن. سڀ کان ٿورا انڊين آهن، جن مان گهڻن جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي ۽ جن جون به ڪيتريون ئي زبانون، مثلن تامل، مليالم، ڪنهڙ ۽ تيلگو آهن، پر ان کان علاوه پنجابي، سنڌي، پشتو، گجراتي، بنگالي، ملباري، سنهالي ۽ ٻيون به انيڪ زبانون ڳالهائڻ وارا آهن، ان هوندي به ملائيشيا وارا اهو ئي ڳيچ ڳائين ٿا ته هو هڪ قوم آهن. بهرحال هنن جو هي هڪ ملائيشيا Satu Malaysia گانو چڱو پاپولر آهي ۽ ڪيترن ئي ڳائڻين ڳايو آهي، پر سڀ کان سريلي آواز ۾ سيتي نور هاليزه جو چيو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ رهڻ سان هي راڳ توهان جي ڪن تي ضرور ٻُرندو رهندو، جنهن جا ٻول آهن:
 
تنهنجي ڪاميابي     Kejayaanmu
منهنجو فخر            Kebangganku
اسان جي هڪ جنگ آهي   Semuanya atas satu perjuangan
تنهنجي شڪر گذاري           Kesyukuranku
منهنجو امن            Keamananmu
سڀ اسان جي هڪ هجڻ ڪري آهي  Segalanya atas satu perpaduan
قوم هڪ ٿي ئي ترقي ڪري ٿي   Rakyat bersatu seiring dan maju
اسان جي منزل ڪاميابي ماڻڻ آهي  Pencapaian jadi mercu
مختلف هجڻ جي باوجود به هڪ قوم آهيون  Satu tak mengenal bangsa
اسان کي ڪو جدا نٿو ڪري سگهي  Tak memisahkan kita
اسان مضبوط رهنداسين       Terus Perkasa
اسين هڪ ملائيشيا آهيون    Kita satu Malaysia
پاڻ ۾ مضبوط   Teguh ikrar bersama
منهنجي قوم منهنجي چاهت   Negaraku tercinta
هڪ قوم هڪ ملائيشيا       Satu bangsa Satu Malaysia

No comments:

Post a Comment