Wednesday, January 02, 2013

پئرس جي سين ندي، الوداع! - عبدالحي پليجو


پئرس جي سين ندي، الوداع!
عبدالحي پليجو
ڪاوش ۾ ڇپيل اڳوڻي ڪالم ۾ پئرس مان لنڊن وڃڻ جي تيارين جو ذڪر ڪيو هو. اسان کي لنڊن اسهڻ جي تياري ڪرڻي هئي. واڪ ڪرڻ بعد پئرس ۾ هوٽل پهتاسين، جتي پهرين محبوب کي جلد تيار ٿيڻ لاءِ چيوسين ۽ اسان به جلد تيار ٿي پنهنجو سامان ٻاهر در جي اڳيان رکي، لفٽ ۾ چڙهي اچي هيٺ آخري ڀيرو مفت جي نيرن سان هٿ اٽڪاياسين. ڇاکائي ڇا کائجي، ٽيبل تي رکيل طعامن کي ڏسڻ سان ئي دل ڀرجيو وڃي. پر ناشتي ۾ فرانس جي روائتي ڊبل روٽي، آلپائن ميوزلي ۽ انناس جو جوس ته ماڻهو ڇڏي نٿو سگهي ۽ ائين انهن سان ئي پيٽ ڀرجيو وڃي. محبوب چيو ته لنڊن ڪيڏيءَ مهل پهچبو. مون چيس ته اٽڪل شام جو ڇهين بجي گهر پهچي وڃبو. پر جڏهن انگلش چئينل ۾ شپ ۾ سير ڪبو ته لنڊن ۽ پئرس وسري ويندي ۽ دل چاهيندي آهي ته شپ ۾ پيو سير ڪجي.

اسان بس ۾ چڙهڻ کان اڳ لنڊن ۾ ڀوراڻيءَ کي فون ڪري ٻڌايو ته اسان شام لنڊن پهچي وينداسين. پاڻ دستور مطابق ٽي چار دفعا ويلڪم ويلڪم ڪري اسانکي ڀليڪار ڏنائين ۽ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ته اسان پنهنجو يورپ جو ٽوئر ختم ڪري واپس لنڊن اچي رهيا آهيون. اسان پئرس جي سرزمين تان قدم کڻي بس ۾ رکيا ۽ اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته توهان کي هاڻ ڇا ڪرڻو آهي ۽ توهان وٽ هاڻ ڇا ڇا هئڻ گهرجي. مثلاً: لنڊن وڃڻ لاءِ پاسپورٽ، ان تي ملٽيپل ويزا، لنڊن کان اڳتي هر هڪ کي پنهنجي مُلڪ لاءِ او-ڪي ٽڪيٽ ۽ وڌيڪ ڏينهن لنڊن ۾ رهڻ لاءِ مناسب ڪرنسي، شپ ۾ کڻڻ لاءِ صرف ٻه بئگون ۽ هر هڪ کي بند ليٽر ڏنائين، جنهن ۾ ڪمپنيءَ طرفان لکيل هو ته هن کي مناسب ٽِپ ڏيندا ته مهرباني. اهو پاڻ واتان ڪو نه چيائين، هڪ فولڊ ٿيل ليٽر ڏنائين، ٽِپ به انهيءَ ۾ وجهي کيس واپس ڪرڻي هئي، هٿ ۾ نوٽ  ڪو نه  ڏيڻا هئا، جيئن شخصي تذليل نه محسوس ٿئي.  توهان جي مرضي ٽپ ڏيو يا نه ڏيو ۽ ڪيتري ڏيو ڪا به هُجت يا بندش ناهي.
انهيءَ ڪارروائي دوران، بس آهستي آهستي پئرس جي حسين شهر ۾ سين نديءَ سان لڳو لڳ رستي تان اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهي آهي. سين نديءَ جي ڪنارن تي ساوڪ ۾ ننڍڙا ننڍڙا پکي چُڻي رهيا آهن ته ڪي چنهنبَ، چنهنبَ سان ملائي راند ڪري رهيا آهن يا پاڻ ۾ چنبڙي پيار ڪري رهيا آهن. ڪارا، ساوا، ڳاڙها، هيڊا ۽ رنگ برنگي پکي، هڪ ڪپر کان ٻي ڪپر ۽ سين نديءَ جي ڀرسان وڻن ۾ رانديون ڪري رهيا آهن. نديءَ ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بوٽ هلي رهي آهي. نديءَ جي ڪپرن تي روڊ جي فوٽ پاٿ تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو تيز تيز قدمن سان اچي وڃي رهيا آهن. اسانجي بس پُل پار ڪري ٻي ڪپر تي هڪ سڌي روڊ تي هلي رهي آهي. ٿوري ئي دير بعد هڪ ٻي وڏي روڊ تي چڙهي ته روڊ تي Main Street U.S.A لکيل هو. هي هڪ وڏو چوڪ آهي. جتي ڊزني لينڊ وانگر ٻارن جي تفريح لاءِ ڪئين رانديون ۽ پارڪ ٺهيل آهن. هن ڪارنر کي Disney Characters چون. هت ٻارن جي وندر لاءِ هڪ هٿرادو عاليشان ڍنڍ به ٺهيل آهي. جنهن ۾ ڪئين ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون ٻارن جي تفريح لاءِ بيٺل نظر آيون. پر هينئر هت ڪوبه ماڻهو نظر ڪونه ٿو اچي، سواءِ ڪم ڪار ڪرڻ وارن جي.  ڍنڍ جي وچ ۾ وڏو ڦوهارو ۽ پاسن کان ننڍا ڦوهارا ٺهيل آهن. پر هينئر بند پيا آهن. پاسي کان ڪيئي جڳهيون آهن، جيڪي شايد هوٽلون ۽ دُڪان آهن.انهن جي پٺيان گهوڙي گاڏيون بيٺيون آهن، هت پارڪ اندر ٻاڦ تي ٽرام به هلندي آهي. ٽرام تي ڪئين ڪارٽون ڪيترن رنگن ۾ ٺهيل نظر اچي رهيا آهن.
اسان جي بس عام بسن کان مٿانهين آهي، تنهنڪري پري پري تائين ڏسي سگهي ٿو. پر هاڻ اسان هن ٻارن جي تفريحي پارڪ کان ايترو ته پري وڃي چُڪا آهيون، جو هر شئي اکين کان غائب ٿي وئي آهي. پئرس جي بنياد رکندڙ شخص کي شايد اها خبر ئي ڪانه هئي، ته هي شهر اڳتي هلي سڄي دنيا جي سونهن ۽ سوڀيا جو اهڃاڻ بنجي پوندو. نه ته هو هن شهر کي پنهنجي نالي سان ضرور منسوب ڪري ها. دنيا جا ٻيا وڏا ۽ مشهور شهر ڪوالامپور، لاس اينجلس، نيو يارڪ، سين فرانسيڪو، ٽوڪيو، لنڊن، روم، هانگ ڪانگ، استنبول ۽ سينگاپور کي به ماڻهن سنواري سينگاري کڻي اڳيان ڪيو آهي، پر پئرس جي ڳالهه ئي ٻي آهي. پئرس قدرتي طرح حسين و جميل آهي. جنهن کي ڪنهن جي سينگارڻ سنوارڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. هن جي سونهن قدرت طرفان تحفي    ڪنهن انعام جيئن عطا ٿيل آهي. سو سڄي دنيا خودبخود هت هلي اچي ٿي. واقعي پئرس کي قدرت دائمي سونهن نصيب ڪئي آهي، سا ختم ٿيڻي ئي ڪانهي.
اسانجي بس  وڪٽري اسڪوائر / فتح چوڪ جي يادگارن کان ڦرندي پري کان شانزلي شاهراهه جو ديدار ڪرائيندي، اڃا شهر جي حدن ۾ ڊوڙون پائيندي اڳتي وڃي رهي آهي. بس جي اندر صفا چُپ لڳي پئي آهي. سڀ ڪو پنهنجي ليکي شايد پئرس کان موڪلائي رهيو آهي يا وري اچڻ لاءِ سوچي رهيو آهي  يا شايد پئرس کي ڇڏڻ لاءِ دل ئي ڪانه ٿي چوي يا لنڊن پهچڻ جو انتظار آهي يا پنهنجو شهر ياد اچي رهيو آهي. ڪجهه ته آهي جو ايتري خاموشي آهي. انهن خيالن ۾ ئي اسانجي بس پئرس کي ڇڏي فرانس جي ڪشادي ۽ صاف سٿري، وڻن ۽ گلن سان سينگاريل سنواريل موٽر وي تي پهچي وئي، جت بس ڪجهه اسپيڊ ورتي ته مسافر اکين تي ڪا شيءَ رکي آرامي ٿي پيا. مون ڊائري کڻي ڪجهه نوٽس لکڻ شروع ڪيا. ڇا لکان، ڪٿان شروعات ڪريان، پوءِ لکندس ۽ اهو سوچي واپس ڊائري رکي ڇڏيم. مِنا بلڪل سُتي پئي آهي، سندس پرس هيٺ لڙڪي رهيو آهي. مون خيال ڪيو ته پرس ٺاهي رکان پر دل ۾ خيال آيو ته ننڊ خراب ٿيندس. ننڍي هوندي سُتل ٻارن کي گهر ۾ اُٿاري ماني کارائبي هئي يا  رات جي وقت سواءِ ماني کائڻ جي سمهي پوندا هئاسين ته ننڊ مان اٿاري گهر وارا ماني ڪونه کارائيندا هئا، ڇو ته بابا سائين جو چوڻ هوندو هو ته ننڊ مانيءَ کان وڌيڪ بهتر آهي. تنهنڪري ڪنهن به ٻار کي ننڊ مان اُٿاري ماني کارائڻ جو ته سوال ئي ڪونه ٿي اُٿيو. سو انهيءَ نظريي تي اسان به عمل ڪندا  اچون  ٿا.
ڊيگال جا قول آهن ته ”عظيم ماڻهن کانسواءِ، عظيم مقصد حاصل ڪرڻ، ناممڪن آهي.“ سو دنيا ۾ جتي ملڪن جي ترقيءَ ۾ قدرتي وسيلن جو وڏو اثر آهي، تيئن وري ڪن ملڪن کي اهڙا ته عظيم حاڪم مليا، جن انهن قومن ۽ ملڪن جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي. ۱. چارلمين ۲. پوئنڪير ۳. نيپولين بونا پارٽ ۴. جون آف آرڪ ۵. پئپري ۶. چارلس ڊيگال ۷. جانڪالون ۸. هينريIV  ۽ ۹. ڪلمينشو  جهڙا فرانس کي عظيم حاڪم مليا، جن هن ملڪ کي به عظيم ملڪ ڪري ڏيکاريو ۽ جن هن ملڪ جي تقدير ئي بدلائي  ڇڏي، انهن سڀني پنهنجي وقت ۾ فرانس جي وڏي خدمت ڪئي، انهن ۾ هينري IV به هڪ آهي. تاريخ ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو ملندا، جن پنهنجي ملڪ جي ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ڪمائتين شخصي خوبين سان ايتري خدمت ڪئي هوندي، جيتري نواري جي هينري، جيڪو پوءِ فرانس جو هينري IV ٿيو، تنهن پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪئي. هو هڪ اهڙي زماني ۾ فرانس جو محب وطن ۽ ملڪي مدبر ثابت ٿيو. جڏهن سندس ملڪ جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي مذهبي اختلافن ۽ خانداني جهيڙن ۾ ڦاٿل هئا، هن نه صرف پنهنجي تيز فهميءَ سان فوجي ڪاميابيون حاصل ڪيون، پر عقيدي جي معاملي ۾ دنياوي لذتن کان پاسو ڪندي، انهيءَ ميدان ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. بادشاهي معاملن ۾ آپشاهي هلائڻ سان گڏوگڏ درگذر کان به ڪم ورتو، هينري بوربان گهراڻي جو پهريون بادشاهه هو. هن پنهنجي ملڪ فرانس کي ٽيهن سالن کان هلندڙ مذهبي جنگين کان نجات ڏياري، ان کي خوشحال، طاقتور ۽ يورپي قومن ۾ منفرد حيثيت جو مالڪ بڻايو. ٽيهن سالن جي تجربي هينريءَ کي قائل ڪري ڇڏيو هو ته رياست ۾ صرف ۽ صرف بادشاهه جا اختيار هلڻ گهرجن. هو گهڻو ڪري چوندو هو ته سندس بادشاهي ”عوام جي حفاظت هيٺ“ آهي، پر هن فرانس جي نمائنده ادارن (اسٽيٽ) اڳيان وڌيڪ سچائيءَ سان ڳالهائيندي چيو هو ته ”توهانجي سڀ کان قيمتي موڙي بادشاهه جي حمايت آهي“

No comments:

Post a Comment