Friday, January 25, 2013

”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو - الطاف شيخ

”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو
الطاف شيخ
جپان جي هن شهر ڪوڪورا جي اتر واري علائقي ۾ نتسومي رهي ٿي جيڪا هتي جي ڪجهه ٻين عورتن وانگر ڌارين ملڪن کان ايندڙ شاگردن ۽ انهن جي فئملين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ٿي. هي عورتون ”هوسٽ مدر“ پڻ سڏيون وڃن ٿيون. شروع وارن سالن ۾ نتسوميءَ منهنجي ڌيءَ ۽ ان جي ٻارن جي به ڏاڍي مدد ڪئي، جڏهن هن جو مڙس هتي جي يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. بهرحال هن جي اڃا تائين هنن سان عليڪ سليڪ قائم آهي. هينئر اسان جي اچڻ جو ٻڌي هوءَ پنهنجي سترهن سالن جي پٽ يُوجيءَ سان گڏ اسان سان ملڻ آئي. سندس پٽ هتي جي هڪ پرائيويٽ ۽ مهانگي ٽائيپ اسڪول ۾ پڙهي ٿو، جتي عام اسڪولن جي ابتڙ ڪيترائي سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو يوُجي سٺي لهجي سان مون سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو ۽ ويندي انگريزيءَ جا اهي اکر جيڪي جپانين کي اچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي اهي به چٽي طرح ڳالهائي رهيو هو. مون يُوجيءَ جي سٺي انگريزيءَ جي ماڻس (نتسومي) سان تعريف ڪئي. هن ان جو ڪريڊٽ اسڪول کي ڏيڻ چاهيو ۽ مون کي اهو اسڪول گهمڻ لاءِ چيو. مون به تڪلف طور ها ته ڪئي پر گهٽ ۾ گهٽ هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ان ڪم پٺيان وقت ضايع ڪرڻ نٿي چاهيو. پر هن ٻئي ڏينهن ئي اسڪول پهچي ان جي پرنسپال کي منهنجو جپان بابت ڇپيل ڪتاب به ڏنو ۽ ان سان منهنجيون وڏيون تعريفون ڪري آئي ته آئون پاڪستان کان آيو آهيان ۽ هتي جپان ۾ ڪيترا سال جهاز هلائڻ ۽ نوان ٺهرائڻ کان علاوه گذريل ڏهاڪو کن سالن کان ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهي. يعني تعليم جو ماهر آهي. پرنسپال نتسومي کي چيو ته الطاف کي دعوت ڏيئي اسڪول وٺي اچ.

آئون ان ڏينهن گهر پهتس ته نتسومي جو نياپو مليو پر ان جو مطلب مون اهوئي سمجهيو ته سندس پٽ يُوجيءَ جي اسڪول ۾ هلڻو آهي ۽ مون سمجهيو ته شايد ڪو اسڪول جو فنڪشن يا ”والدين جو ڏينهن“ آهي، جنهن تي نتسومي مون کي به پاڻ سان وٺي ٿي هلي. پهرين مون هلڻ کان نٽايو پر پوءِ نتسومي جي گهڻي زور ڀرڻ تي مون هلڻ لاءِ حامي ڀري.
نتسومي جي پٽ ’يوجي‘ جو اسڪول اسان جي شهر ڪوڪورا کان ڪافي پري ياهاتا نالي شهر ۾ هو جتي پهچڻ لاءِ ’اربن هاءِ وي‘ وٺي جلدي پهچڻ لاءِ ۵۰۰ جي ٽڪيٽ بچائي ٻه هزار يين جو فالتو پيٽرول ساڙي نتسومي مون کي جپان جي ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن، وستين ۽ عام رستن تان گهمائيندي هلي. دل ۾ چيم ته چڱو جو چڪر تي نڪتس ۽ اسڪول پهچي وڌيڪ احساس ٿيو ته اڄ جي نه اچان ها ته نه رڳو آئون پر منهنجو ملڪ به هن اسڪول جي انتظاميا جون پٽون پاراتا کائي ها. اسڪول جو ڪوبه وڏو يا اهم ڏينهن نه هو ۽ هنن فقط مون لاءِ اسڪول گهمائڻ جو بندوبست ڪيو هو.
اسان جيئن ئي اسڪول جي گهڙڻ واري دروازي تي پهتاسين ته اسڪول جو وائيس پرنسپال مسٽر ماسائو پنهنجي فزڪس جي پروفيسر ۽ سيڪريٽريءَ سان اسان کي رسيو ڪرڻ لاءِ وڌيو. ايستائين به مون سمجهيو ته شايد سڀني مهمانن کي ائين رسيو ڪيو پيو وڃي پر پوءِ جيئن ئي اسڪول جي دروازي مان اندر گهڙياسين ته سامهون واري هال جي شيشي جي در تي ٽن فوٽن کن جو پني تي پاڪستان جو جهنڊو ٺهيل نظر آيو ۽ ان جهنڊي مٿان ۽ پاسي وارين ڀتين تي Welcome to our School لکيل هو. اوسي پاسي ۾ ٻيو ڪو جهنڊو نه هو. ان وقت مون کي احساس ٿيو ته هتي ڪو فنڪشن ناهي پر خاص مون کي گهرايو ويو آهي. اندر آفيس جي ٻين ماڻهن سان ملڻ بعد مون کي گيسٽ روم ۾ ويهاريو ويو، جتي پهرين چانهه بسڪيٽن جو دور هليو ۽ ماسائو پنهنجي اسڪول بابت به ٻڌائيندو رهيو ته مون کان خبرون به پڇندو رهيو.
ڳالهين ڪندي خبر پيئي ته نتسوميءَ منهنجو هنن سان اڳئين تعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ تعارف به ٺاهي ٺوڪي ڪو ڪيو اٿس جو هنن جون مون لاءِ وڏيون ڳالهيون ٻڌي آئون پنهنجو پاڻ کي اوپرو ماڻهو پئي لڳس. نتسوميءَ وٽ منهنجا جپان بابت لکيل ٻه ڪتاب ”جپان رس“ ۽ ”جپان جن جي جيءَ سان“ هئا جن مان هڪ ڪتاب هن اسڪول وارن کي تحفي طور اچي ڏنو هو.
چانهه بعد اسڪول گهمڻ لاءِ چيو ويو. جنهن جنهن ڪلاس ۾ وٺي هلن ته سڄو بورڊ فزڪس يا ڪيمسٽري جي Sketches سان يا Equations سان ڀريل هو. ٽن ڪلاسن ۾ ته انگريزي پڙهائي پئي وئي. اتي به سڄو بورڊ گرامر، نيگيٽو ۽ پازيٽو جملن يا ٻين ڳالهين سان ڀريل هو. پوءِ مون کي سمجهه ۾ آيو ته ويندي ڪلاس ٽيچرن کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته ڌارئين ملڪ جو ليکڪ ۽ انجنيئر اچي رهيو آهي جنهن جو واسطو ٽيچنگ سان آهي، سو هر هڪ سٺو شو پيش ڪرڻ لاءِ سٺو ليڪچر ڏيڻ جو ثبوت ڏئي رهيو هو. دل ۾ چيم ته چڱو جو آيس. اڄ هي فقط ۽ فقط مون لاءِ سانگ سجايا ويا آهن.
هر هڪ ڪلاس ۾ مون کي ٽيچر يا ڪلاس جي ٻارن طرفان ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو. جپان ۾ جپانين کي سندن ئي ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ کوڙ مواد! آئون کين پنهنجي شروع جي ڏينهن ۾ جپان اچڻ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳس جڏهن ته ويٺل شاگردن ۾ ته ڇا ڪيتريون اسڪولن جون مِسون (ماسترياڻيون) ئي اڃا ڄايون نه هيون جو انهن ۾ مون کي ڪابه ۲۵ يا ۳۰ سالن کان وڏي نٿي لڳي. هر ڪلاس ۾ منهنجا جپان بابت اڄ کان ٽيهارو سال اڳ ۱۹۷۳ع ڌاري جا مشاهدا ۽ تجربا غور ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌڻ لڳا. آئون ڪٿي هن شهر جي ڀر وارن بندرگاهن توباتا، موجي ۽ شمونوسيڪيءَ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳس ته ڪٿي ڏورانهن شهرن: ڪوبي، اوساڪا، نگويا، ٽوڪيو، يوڪوهاما، هاچينوحي، ساسيبو وغيره جون ٻڌائڻ لڳس. نتسومي به خوش ٿي رهي هئي ته سندس عزت رهجي آئي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي هوءَ جپانيءَ ۾ مهرباني چوڻ بدران انگريزيءَ ۾ ”شنڪ يو شنڪ يو“ يعني ٿئنڪ يو ٿئنڪ يو چوندي رهي. هڪ ڪلاس ۾ سندس پٽ به هو جنهن جي ڀرسان ويهي فوٽو ڪڍراياسين. اٺ ڏهه ڪلاس ڏسڻ بعد اسڪول جي لئبرري ۽ ليبارٽريءَ ۾ آياسين. رکي رکي اسڪول وارن سان نتسوميءَ جي پٽ جي به تعريف ڪندو رهيس ته ”هو هن اسڪول ۾ پڙهڻ ڪري سٺي انگريزي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ ان ئي ڳالهه مون کي هي اسڪول ڏسڻ لاءِ متاثر ڪيو.“ اهڙن موقعن تي نتسومي ”شنڪ يو شنڪ يو“ جي تسبيح اڃا تيز پڙهندي ملي.
جپان جهڙي ملڪ ۾ جتي ڳوٺن جا سرڪاري پرائمري اسڪول به الائي ڇا آهن، اتي ڪوڪورا جهڙي وڏي شهر ۾ (جيڪو آمريڪن لاءِ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ کان به اهم شهر هو، تڏهن ته پهرين ان تي بم ٿي هنيائون) ڇا اسڪول گهٽ هوندا؟ نتسومي جو پٽ اتي جي به ڪنهن اسڪول ۾ وڃي سگهيو ٿي. ڪوڪورا شهر ۾ اسين ريلوي اسٽيشن وٽ اتر (Kita) ۾ رهون ٿا ته نتسومي وارا ڪجهه ٻهراڙي واري علائقي ڏکڻ (Miniami) ۾ رهن ٿا، ڄڻ ته هو نارٿ ناظم آباد ۾ آهن ته اسين ڪراچيءَ جي صدر يا ڪلنفٽن واري علائقي ۾. نتسومي کي سندس پٽ جي پڙهائيءَ لاءِ ڪوڪورا شهر ۾ ئي ڪيترائي سرڪاري ۽ خانگي اسڪول آهن پر نتسومي پنهنجي پٽ کي روزانو ڪوڪورا کان پنجاهه ميل کن پري ياهاتا جي هن هاءِ اسڪول ۾ موڪلي ٿي. اسڪول جيڪو Kyushu International University هاءِ اسڪول سڏجي ٿو، هڪ خوبصورت وڻن ۽ گلن سان جهنجيل جبل جي چوٽيءَ تي لاهور جي ايڇيسن قسم جي اسڪول وانگر هڪ پرائيويٽ ۽ ”ڪلاس“ قسم جو اسڪول آهي، جتي جي خرچ کي نواب، رئيس ۽ جاگيردار يا راجا ۽ مهاراجا ئي منهن ڏئي سگهن ٿا. (منهنجو مطلب ورهاڱي کان اڳ واري ايڇيسن اسڪول سان آهي جڏهن ان ۾ فقط انگريزن ۽ راجائن جا ٻار پڙهيا ٿي). پر نتسوميءَ کي به پئسو جام آهي ۽ پٽ اڪيلو آهي. هوءَ سمجهي ٿي ته ان اسڪول ۾ پڙهڻ سان هن جو پٽ جپانيءَ سان گڏ انگريزي به سکي ويندو ۽ ماڻس وانگر ڄَٽڪي نموني سان ”شنڪ يو“ چوڻ بدران انگريزيءَ جو صحيح اُچار ”ٿئنڪ يو“ چئي سگهندو. هي اسڪول جنهن ۾ هر شيءِ انگريزيءَ ۾ پڙهائي وڃي ٿي جنهن جي بين الاقوامي اهميت هوءَ ڀلي ڀت محسوس ڪري ٿي ته اڄ جي دور ۾ انگريزيءَ جي واقفيت هجڻ ضروري آهي تڏهن ته پاڻ به هن عمر ۾ انگريزي سکڻ لاءِ اليڪٽرانڪ جي ڳري ڊڪشنري هر وقت پرس ۾ کڻيو پئي هلي ۽ اسان جهڙن سان زوري زوري انگريزي ڳالهائي ٿي. پوءِ ڀلي اسان مٿس کلندا رهون. واپسيءَ تي لنچ ٽائيم هو اسان کي ان ڊائينگ هال ۾ وٺي آيا جتي هزار کن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ويهڻ جي جاءِ هئي. مختلف ڪلاسن جا شاگرد ٽولن ۾ يا اڪيلي اڪيلي ايندا رهيا. سيلف سروس هئي سو ڪائونٽر تي پئسا ڏئي پنهنجي پسند جي کاڌي جي شيءِ (جيڪا گهڻو ڪري سئنڊوچ نموني جي هئي) ورتي ٿي يا چوڌاري رکيل وينڊنگ مشينن مان پنهنجي پسند جون شيون ۽ ڊرنڪ ڪڍي ٽيبل تي اچي کاڌو ٿي. مون ڏٺو ته معمولي سئنڊوچ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وغيره جو بل ڪنهن به صورت ۾ هڪ هزار يين (پنج سؤ رپين) کان گهٽ نٿي آيو.    
مصطفيٰ ڪومورا منگوليا (چين) ۾ رهي ڪيترا ئي ڪم ڪيا. هن منگوليا جي مسلمانن جي ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو، جنهن جو پاڻ چيف ائڊوائيزر ٿي رهيو. ان کان علاوه هن مسلم جونيئر هاءِ اسڪول، مسلم بواءِ اسڪائوٽ ۽ مسلم وومين ايسوسيئيشن پڻ منگوليا ۾ ٺاهي. مشرقي ترڪستان (جيڪو هاڻ چين جو Xinjiang آهي.) جي خودمختياري واري تحريڪ ۾ حصو وٺڻ بعد ۱۹۴۲ع ۾ ڪومورا North West China Turkistan Research انسٽيٽيوٽ کوليو.
محمد مصطفيٰ ڪومورا کي ۱۹۴۴ع جي شروع وارن مهينن ۾ فوج ۾ موڪليو ويو. پاڻ گهڻو وقت ان ۾ نه رهي سگهيو جو سگهو ئي زخمي ٿي پيو. ڏيڍ سال بعد جپان سرينڊر ڪيو. ۱۹۴۶ع ۾ ڪومورا جڏهن پنهنجي وطن موٽيو ته جپان مٿان آمريڪن جو قبضو هو. هر شيءَ جي کوٽ ۽ ڏڪار جي حالت هئي. ڪومورا جي ڪيوٽو واري گهر تي به غنڊن غير قانوني طرح قبضو ڪري ورتو هو، جيڪو آخر تائين هو حاصل ڪري نه سگهيو. جپان جي سوسائٽي اهڙي آهي، جتي ڪنهن به مذهب جو پختو ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي، پر ان هوندي به ڪومورا تبليغ ۽ مسلم ڪميونٽي جي ڪمن ۾ مشغول رهيو. ”جپان اسلامڪ ايسوسيئيشن“ ۾ ريسرچر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ بعد مصطفيٰ ڪومورا ۱۹۵۴ع ۾ ڪيوٽو شهر ۾ ”جپان اسلامڪ فرينڊ شپ ايسوسيئيشن“ ٺاهي، جنهن جو پاڻ صدر ٿي رهيو.
هي جپاني مسلمان الحاج محمد مصطفيٰ ڪومورا پاڪستان پڻ اچي چڪو آهي. پاڻ اسلام بابت علم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه اڍائي سال کن (۶۲-۱۹۶۰ع) اسان جي ملڪ جي شهر لاهور ۾ به رهيو. ان بعد ۱۹۶۴ع ڌاري سعودي عرب جي ديني اداري ”رابطة العالم الاسلامي“ کيس مڪي اچي هڪ ٻئي جپاني مسلمان حاجي عمر ميتا کي قرآن جو جپاني ۾ ترجمو مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪرائڻ لاءِ گهرايو. اتي هن حج پڻ ڪيو. حاجي عمر ميتا جي قرآن جو جپانيءَ ۾ ڪيل ترجمو جپاني زبان ۾ قرآن جو پهريون ترجمو آهي. اهو جپاني ترجمو ڏهين جون ۱۹۷۲ع تي شايع ٿيو. حاجي ڪومورا جو پنهنجو لکيل ڪتاب "History of Islam" جپان جي مختلف يونيورسٽين ۾ Reference طور استعمال ٿئي ٿو. سندس قرآن پاڪ جو تفسير پڻ بيحد ڪمائتو ڪتاب آهي. سعودي عرب مان موٽڻ بعد حاجي ڪومورا نه فقط جپان جي شهرن ۾ پر جپان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ به جماعت جي صورت ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ نڪرڻ لڳو. ۱۹۷۳ع ۾ هن هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جا دورا ڪيا، ۱۹۷۴ع ۾ مختلف عرب ملڪن ۽ رياستن ۾ ويو. دعوة خاطر هو فيبروري ۱۹۷۶ع ۾ پاڪستان پڻ آيو. آئون تن ڏينهن ۾ سندس شهر ڪيوٽو ۽ ڪوبي وغيره ۾ هوس. واپسي تي جپان ۾ تبليغ لاءِ ڪجهه جماعتون پاڪستان کان جپان به آيون، جن جو ڪجهه ذڪر آئون يورپ وارن سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان ۽ ڪجهه احوال ٽوڪيو ۾ موجود اسان جي سفارتخاني ۾ تن ڏينهن جي سيڪريٽري (۽ هاڻ الجزائر جو سفير) ظفر شيخ اڙو جي هڪ رسالي ”تدريس القرآن“ ۾ ڪري چڪو آهيان.
جپان جي مسلمان شاگردن کي سعودي عرب، پاڪستان، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ مصر ۾ ديني تعليم ڏيارڻ جي بندوبست لاءِ پڻ حاجي ڪومورا ڪافي جاکوڙ ڪندو رهيو. ۱۹۸۰ع ۾ اسان جي جهاز ران ڪمپنيءَ جو هڪ نئون جهاز ٺهي راس ٿيو هو، جنهن تي سامان چاڙهائڻ لاءِ اسان کيس هلائي جپان جي ڏاکڻن بندرگاهن موجي ۽ شمونو سيڪي مان ٿيندا ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهه ’پوسان‘ ۾ آيا هئاسين. پوسان ۾ هونءَ به اسان جو ٻين جهازن تي به اچڻ ٿيندو رهيو ٿي، پر ان سال پوسان ۾ پهرين مسجد ٺهي هئي. جپان کان به ڪيترا ئي جپاني مسلمان ۽ اسان جا پاڪستاني هن مسجد جي افتتاح جي موقعي تي آيا هئا، جن ۾ الحاج محمد مصطفيٰ ڪومورا پڻ هو.
حاجي ڪومورا جو ڪيوٽو شهر ۾ جيتوڻيڪ هڪ سادو سودو گهر هو، پر اهو هر پرديسيءَ لاءِ مسافر خانو هو. هو هڪ وڏو امير ماڻهو هو، پر حالتن هن کي غريب بنائي ڇڏيو هو، پر ان هوندي به دل جو وڏو هو. هن هر شيءِ دين لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. وڏيون نوڪريون ۽ وڏا واپار ڇڏي ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان کي پکيڙڻ ۾ لڳو رهيو. پاڻ ۱۰ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي نوي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.

No comments:

Post a Comment