Saturday, January 12, 2013

يورپ جو سڌريل سماجي سرشتو ۽ فرد جي ذميواري - ڊاڪٽر مشتاق سومرو


يورپ جو سڌريل سماجي سرشتو ۽ فرد جي ذميواري
Notes from Ireland
ڊاڪٽر مشتاق سومرو
بيشڪ يورپ جا اڪثر ملڪ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ اڪثر ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن کان مٿڀرا آهن. پر اصل ۾ يورپ جي اهميت رڳو اها ڪانهي. صدين جي محنتن ۽ ڪوششن کان پوءِ اتان جي ملڪن، هڪ اهڙو نظام ٺاهي ڇڏيو، جيڪو باوجود ٿورين گهڻين اوڻاين جي، هڪ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آرام ۽ سک وارو بڻائڻ ۾ تمام گهڻي مدد مهيا ڪري ٿو. بجلي ڪا نه ويندي، نلڪن جو پاڻي بند ڪو نه ٿيندو، گٽر ڪو نه اٿلندا، گاڏيون، لاريون ۽ جهاز پنهنجي وقت تي هلندا. وڏا موٽر وي هجن يا ٻهراڙينءَ جا ننڍا ننڍا روڊ، ڏينهن ۽ رات جا چوويهه ئي ڪلاڪ ايترا ته محفوظ هوندا آهن، جو آڌيءَ رات جو گاڏي هلائڻ وقت به روڊ تي ڪنهن لچ لوفر جي موجودگيءَ جو خيال ئي ڪو نه اچي. روڊ تي هلندڙ ڊرائيورن مان تقريبًا ۹۸ سيڪڙو، تمام احتياط سان قانون جي مطابق، اجازت ڏنل رفتار جي حدن ۾ گاڏي هلائين ٿا. ان جو اهو مطلب ڪونهي ته هتان جي حڪومت ايڏي سخت آهي، جو سوين ٽريفڪ پوليس وارا لڳايا اٿن ته قانون ٽوڙيندڙن کي پڪڙي جيل ۾ وجهن. هرگز نه! اصل ۾ معاشرو اهڙو ته ذميدار ۽ سمجهدار بنايو ويو آهي، جو هر ماڻهو، ڪوشش ڪري، پنهنجي حدن ۾ ٿو رهي.
گذريل ستن سالن ۾، مون کي ڪڏهن به بجلي، ٽيليفون، انڪم ٽيڪس، پاڻي ۽ گئس جي آفيسن ۾ وڃڻ جي ضروت ڪا نه پئي آهي. ڇو ته سڀ ڪم ٽيليفون تي ٻه چار منٽ ڳالهائڻ سان ٿي ويا يا صرف هڪ اِي ميل ڪرڻ جي دير هئي. ست سال پهرين، هڪ بينڪ ۾ ويس ۽ پنهنجو اڪائونٽ کولائي واپس موٽي آيس ۽ ان کانپوءِ وري ان بينڪ ۾ منهنجو وڃڻ ڪو نه ٿيو آهي. ڇو ته ضرورت ئي ڪا نه پئي آهي. ان بينڪ جون ملڪ ۾ موجود سموريون برانچون مونکي ساڳي سروس مهيا ڪري ڏين ٿيون. صرف اڪائونٽ نمبر ٻڌائڻ جي دير آهي. روڊ جي حادثن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪندا آهن. گاڏي هلائڻ جو مڪمل لائسنس وٺڻ ڪافي ڏکيو ڪم آهي ۽ ڪيترن ئي مرحلن منجهان گذرڻو پوندو آهي. سيکڙاٽ ڊرائيورن لاءِ ضروري آهي ته ڪار مٿان ”L“ معنيٰ لرنر، جو نشان ضرور لڳائي ۽ موٽر وي تي هلڻ جي ڪوشش نه ڪري. پراڻيون گاڏيون هر سال ۽ نيون گاڏيون هر ٻئي سال مقرر ٿيل ورڪشاپ مان چيڪ ڪرائي، گاڏيءَ جو فٽنيس سرٽيفڪيٽ وٺڻ لازمي آهي ۽ اهو سرٽيفڪيٽ ٻاهرئين شيشي تي موٽر ٽيڪس ۽ انشورنس سرٽيفڪيٽ سان گڏ چنبڙائڻ لازمي آهي. مقرر ٿيل ورڪشاپ ۾، ڪار جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ، جيڪڏهن منجھس ڪو نقص هوندو، ته اهو لکت ۾ ڏيندا آهن ۽ ٻن هفتن جي اندر ان نقص کي ٺيڪ ڪرائي، وري گاڏي چڪاسبي آهي ۽ ان جي چڪاس في ٻيو دفعو مالڪ جي ذمي آهي.

هڪ دفعي منهنجي ڪار ۾ نقص ڪڍي لکي ڏنائون. مون وڃي هڪ پرائيويٽ ورڪشاپ واري سان ڳالهايو، جنهن پنهنجي في/ معاوضو وٺي، گاڏيءَ جي مرمت ڪئي ۽ چيو ته هاڻي گاڏي بلڪل صحيح آهي ۽ ڀلي وڃي فٽنس سرٽيفڪيٽ وٺ. مون ٻيهر في ڀري ۽ مقرر ٿيل ورڪشاپ تي گاڏي آندي ۽ گاڏيءَ جي هن دفعي پاس ٿيڻ جو تقريبًا يقين هئم پر حيرت انگيز طور وري به گاڏيءَ ۾ نقص نڪري پيو ۽ اهو نقص لکت ۾ ڏنائون. سخت چڙ آيم ۽ ساڳي پرائيويٽ ورڪشاپ ۾ گاڏي کڻي آيس ۽ پنو ڏيکاريم ته ڪار ته اڃا ان فٽ آهي. ڪاريگر سان جهيڙي ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار هوس، ڪاريگر ٿورو انتظار ڪرڻ جو چئي، گاڏي کولي ۽ نقص ڪڍي ڏنو ۽ ان جا ڪي به پئسا ڪو نه گهريائين. ان کان اڳ جو مان، گاڏي هڪ دفعي سان مڪمل ٺيڪ نه ٿيڻ جي ڪري مون کي آيل تڪليف جو، احتجاج ڪريان، اشراف جو پٽ، گاڏيءَ جي ٻيهر چڪاسڻ جي سرڪاري فيءَ جا پئسا به پاڻ سان کڻي آيو ۽ تمام نرم لهجي ۾ معافي گهري، ڪار درست حالت ۾ مونکي ڏنائين. مان سڌو کڻي سرڪاري مقرر ورڪشاپ پهتس ۽ گاڏي پاس ٿي وئي.
اتي انشورنس کانسواءِ ڪار هلائڻ به، هڪ ڏوهه تصور ڪيو ويندو آهي. سڄي ملڪ ۾ انشورنس جا ريٽ يعني سالياني في تقريباً ساڳي آهي. پر ڪن ڪن ضلعن جا ريٽ ٿورا مختلف هوندا آهن. نوڪريءَ جي سلسلي ۾ مونکي هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۾ رهڻو پيو. فون ڪري انشورنس ڪمپنيءَ کي آگاهه ڪيم ته ايندڙ هڪ سال مان هن ئي ضلعي ۾ ڪار هلائيندس. پاڻ حساب ڪري ۽ رڪارڊ ڏسي ٻڌايائون ته هن ضلعي جا اگهه ٿورا مهانگا آهن. سو سال تي چاليهه يورو وڌيڪ ڀرڻا پوندئي. مون کين فون تي ئي پنهنجي بينڪ ڪارڊ مان پئسا ڪٽڻ جو آرڊر ڏنو. اهو جمعي جي ڏينهن شام جو وقت هو. مون کي پنهنجي بينڪ رڪارڊ مان محسوس ٿيو ته بجاءِ چاليهه يورو جي ڊيوٽيءَ تي موجود مائي ٻه دفعا چاليهه ۽ چاليهه يعني ڪل اسي ۴۰ يورو ڪٽي ڇڏيا آهن. وچ ۾ ڇنڇر ۽ آچر جا ڏينهن هئا، سو خيال ڪيم ته سومر تي جڏهن ڪم جو هفتو شروع ٿيندو ته فون ڪري پڪ ڪندس ته ڪٿي کانئن غلطي ته نه ٿي آهي. ايندڙ سومر تي اڃا مان وقت ڪڍي فون ڪرڻ جو پلان پئي ٺاهيو، ته اوچتو انشورنس ڪمپنيءَ جي فون اچي پهتي، ”معاف ڪجانءِ، اسان کان وڏي غلطي ٿي آهي، جو بجاءِ چاليهن جي اسي يورو تنهنجي اڪائونٽ مان ڪڍي ڇڏياسين، پر جيئن ئي اسان کي احساس ٿيو، فوري طور تي چاليهه يورو وري تنهنجي اڪائونٽ ۾ واپس وجهي ڇڏياسين.“ مون به سندن مهرباني مڃي ۽ مطمئن ٿي ويس. ٽن ڏينهن کانپوءِ ساڳي ڪمپنيءَ جو خط اچي گهر پهتو، جنهن ۾ هڪ دفعو وري معافيءَ جي طلب ڪيائون ۽ چاليهه يورو رقم جا وائوچر معنيٰ چاليهه يورو ڪمپنيءَ جي خرچ تي خريداريءَ ڪرڻ جو پروانو موڪليائون ته جيئن غلطيءَ جو ازالو چڱيءَ طرح ٿئي. ٻين لفظن ۾ نقصان مون کي هڪ يورو جو به ڪو نه پيو، پر ڏنڊ مون کي چاليهه يورو پورو ڀري ڏنائون. اهو هو يورپ جو انصاف، قانون ۽ پنهنجي گراهڪ سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو مثال،  جنهن کي ڏسي ڪافي حيرت ٿي.
هت سڄي يورپ ۾ گراهڪ يعني ته ڪسٽمر جا به پنهنجا حق ٿين ٿا، جنهن تي گهڻو ڪري سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو. ڪا به شيءِ نه پسند اچڻ جي صورت ۾ ۲۸ ڏينهن جي اندر رسيد ڏيکاري، موٽائي سگهبي آهي ۽ پنهنجا پورا پئسا وٺي سگهبا آهن. سواءِ فروٽ يا ڀاڄين ۽ اهڙين شين جي جيڪي ۲۸ ڏينهن رکڻ سان خراب ٿي وڃن. مشهور ۽ وڏين ڪمپنين جا دوڪان آئرلينڊ جي سڀني شهرن ۾ موجود هوندا آهن. توهان ڪا به شيءِ ملڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ خريد ڪري، ملڪ جي ٻئي ڇيڙي تي موجود ساڳي ڪمپنيءَ جي دڪان تي رسيد ڏيکاري، واپس ڪري، پنهنجا پورا پئسا وٺي سگهو ٿا. ڪائونٽر تي موجود ڪيشيئر، گهڻو ڪري ته توهان کان ڪو به سوال نه ڪندو، پر جي سوال ڪري ته؛ ”ڇا سبب آهي جو هيءَ شيءِ واپس پيا ڪريو؟“ ايترو ٻڌائڻ ئي ڪافي آهي ته ”اسان جو ارادو تبديل ٿي ويو آهي.“ ڪجهه وڏيون ڪمپنيون جهڙوڪ: ڊيبنهام Deb en ham نيڪسٽ Next ۽ مارڪس اينڊ اسپينسر Marks and Spencer ملٽي نيشنل Multi-National آهن ۽ انهن جا دڪان برطانيه توڙي آئرلينڊ جي وڏن توڙي وچولي آباديءَ وارن شهرن ۾ موجود آهن. اوهان جيڪڏهن برطانيا گهمڻ وڃو ۽ لنڊن جي مارڪس ۽ اسپنسر تان خريداري ڪريو ۽ ان مان ڪا شيءِ پسند نه اچي ته آئرلينڊ جي شهر ڊبلن، ڪارڪ ۽ گالوي ۾ وڃي اتان جي مارڪس ۽ اسپنسر ۾ واپس ڪريو. هو خوشيءَ سان شيءِ واپس وٺندا ۽ توهان کي پورا پئسا موٽائي ڏيندا.

No comments:

Post a Comment