Friday, January 25, 2013

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ - الطاف شيخ

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ
الطاف شيخ
منهنجا ڪالم پڙهندڙ هڪ پروفيسر صاحب جو لطيف آباد کان فون آيو ته هن کي منهنجو فون نمبر ڪٿان هٿ آيو آهي ۽ هو مون کان هڪ مشورو وٺڻ ٿو چاهي.
”ضرور! ضرور!“ مون وراڻيومانس. پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته ان قسم جا فون ايندا رهندا آهن، جيڪي اڪثر ٻاهر وڃڻ يا نوڪريءَ بابت هوندا آهن. آهي ته سڄي دنيا ۾، پر اسانجي ملڪ ۾ هيڪاندي بيروزگاري وڌي وئي آهي. ماڻهو مجبور ٿي ويا آهن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ بدران ڪيترا پنهنجا پروا اهڙا ظالم آهن، جو انهن کي نوڪرين جا ڏَٽا ڏيئي بيوقوف بنائين ٿا ۽ کين اجھو ۽ لٽو به وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا، هن پروفيسر جو به ڪجهه ان قسم جو مسئلو هو.

”سائين منهنجي پٽ گذريل سال انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي آهي پر نوڪري ناهي،“ هن پنهنجي پريشانيءَ بابت ٻڌايو؛ ”نيٽ (ڪمپيوٽر) تي Search ڪرڻ بعد هن جو ملائيشيا جي هڪ ڪمپنيءَ سان رابطو ٿيو آهي، جنهن هن کي ٻڌايو ته هنن جي ڪمپنيءَ ۾ انجنيئرن جي وڏي کوٽ آهي. آن لائين Online (ڪمپيوٽر) ذريعي هنن اسان جي نينگر کان فارم ڀرايو آهي ۽ ڪالهه ڪئالالمپور (ملائيشيا جي گاديءَ واري شهر) کان ان ڪمپنيءَ جي باس جو فون آيو آهي ته نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ وارن کي ۶۰۰ آمريڪن ڊالر رجسٽريشن في موڪلڻي پوندي، جيئن هو انهن کي نوڪريءَ لاءِ رجسٽرڊ ڪري سگهن ۽ پوءِ کين ويزائون موڪلين. مون هن کان فون نمبر پڇيو جيڪو ڪوالالمپور شهر جي لئنڊلائين جو نه هو، هي سنئون سڌو موبائيل فون نمبر هو. مون هن کي چيو ته مونکي دراصل خوشي ٿيندي ته ڪنهن به هم وطنيءَ کي ملائيشيا يا ٻاهر جي ملڪ ۾ سٺي نوڪري ملي وڃي، پر هي ڪم مونکي فراڊ وارو ٿو لڳي ۽ توهان جا پئسا ضايع ٿي ويندا. مون ان ئي وقت ان نمبر تي فون ڪيو. ڪو چيني همراهه هو. مون هن کان سندس ڪمپنيءَ جو لئنڊ لائين نمبر گهريو ته هو آئين بائين شائين ڪرڻ لڳو. مون هن کي ملئي زبان ۾ چيو ته اسان ملائيشيا جي سفارتخاني مان توهان جي ڪمپنيءَ جي موجودگي جو ڪنفرم ڪرڻ چاهيون ٿا، منهنجي ان چوڻ تي هن يڪدم کڻي فون رکيو. ٻئي دفعي وري فون ڪيومانس ته وري ڪٽي ڇڏيائين. مون حيدرآباد واري همراهه کي چيو ته هي ڪم فراڊي نموني جو لڳي ٿو، جو هيڏي وڏي ڪمپني، جيڪا انجنيئر پئي رکي ان جي آفيس ئي ڪانهي. ڇو جو موبائيل فون مان توهان کي ڪهڙي خبر ته اهو ماڻهو ڪٿي موجود آهي؟.
ان قسم جا ڪيترا ئي ٺڳيءَ جا اشتهار ڪمپيوٽر Net)) تي يا ملڪ جي اخبار ۾ ايندا رهن ٿا. اهڙن اشتهارن مان هڪ ڪروزر جهاز (وڏي پئسينجر جهاز) ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ ”بُئائز“ جي ضرورت جو هوندو آهي. اهو اشتهار هر پنجين ڇهين مهيني، انگريزي اخبار ۾ نمايان ٿيندو آهي ته؛ آمريڪا کان انگلنڊ هلندڙ Luxurious (خوبصورت) پئسينجر جهاز تي مسافرن جي خدمت چاڪري لاءِ نوجوان ڇوڪرن جي ضرورت آهي. (جيئن مسافر کڻندڙ هوائي جهازن تي ايئر هوسٽس ۽ اسٽيورڊس جي ضرورت پوندي آهي) هن نوڪري لاءِ فقط  مئٽرڪ تائين تعليم ڪافي ٻڌائي وئي ......“
هاڻ سائين اسان جهڙو ملڪ جنهن ۾ انجنيئر ۽ ڊاڪٽر به بيروزگار ويٺا آهن، جتي ڪيترا غريب پئسي نه هجڻ ڪري وڌيڪ پڙهيو نٿا سگهن، اتي توهان سمجي سگهو ٿا ته ڪيترا ماڻهو Apply ڪندا هوندا. هڪ اهڙي نوڪري جنهن ۾ وڏو پگهار هجي، گهمڻ ڦرڻ هجي، رهائش ۽ ماني ٽڪي مفت هجي..... وغيره. ”هن نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ طريقو هن ريت ڏنل هو: پهرين ۱۲ ڊالرن جي ڊرافٽ سان گڏ درخواست موڪليو.“ ان بعد فارم پهچي ٿو. ”جيڪو ڀري موڪلڻ وقت ۳۰۰ ڊالرن جو ڊرافٽ موڪليو، جيئن توهان کي ٽڪيٽ موڪلي، نوڪريءَ لاءِ لنڊن يا نيويارڪ گهرايو وڃي ته اچي جهاز Join ڪريو.“
سڀ ڪجهه موڪلڻ بعد... هڪ مهينو، ٻه مهينا، ٽي مهينا گذري وڃن ٿا، پر ڪو اتو پتو نه.... هر ڪو پنهنجو منهن مٿو پٽي چپ ٿيو وڃي... اشتهار ڏيڻ واري جي ڳولا ڪر ته اهو نه ملي. اهڙيءَ طرح سوين هزارين ماڻهو ٺڳبا رهن ٿا. فقط چند ماڻهو جيڪي پئسو موڪلڻ کان اڳ، چڱي طرح پڇا ڳاڇا ڪن ٿا، اهي بچيو وڃن. مون کان به ڪيترا ئي ماڻهو پڇندا رهن ٿا. ان بابت هڪ اردو اخبار ۾ به ٻه چار مضمون به لکي چڪو آهيان ۽ تمام گهڻو پڙهي ويندڙ هن اخبار ڪاوش ذريعي به پڙهندڙ کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته هڪ پئسينجر جهاز ته وڏي ڳالهه آهي جو اُن ۾ ڪيترن ئي انسانن جي زندگي Involve آهي، هڪ عام ننڍي مال برادر جهاز تي به ڪو ائين اڻ پڙهيل ۽ اڻ تجربيڪار ماڻهوءَ کي نوڪري نٿو ڏئي سگهي، چاهي کڻي هو جهاز جو مالڪ هجي. هڪ ٻي ڳالهه جيڪا هنن پئسينجر جهازن بابت پنهنجي پڙهندڙن کي ٻُڌائي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته، هنن Luxurious جهازن جون ٽڪيٽون تمام ڳريون ٿين ٿيون. مثال طور لنڊن کان نيويارڪ جي هوائي سفر جي ٽڪيٽ هڪ لک رپيا آهي ته پاڻيءَ واري جهاز جي ڏهه لک آهي، جو انهن جهازن جا ڪمرا، کاڌو پيتو ۽ رهائش وغيره، سيون اسٽار هوٽلن جيان ٿئي ٿي ۽ مسافرن جي خدمت لاءِ ٺل، ٽنڊو قيصر ۽ مٽيارين جا گهٽ تعليم يافته ڇوڪرا نه رکيا وڃن ٿا پر سهڻي کان سهڻيون، ٻه يا ٽي زبانون ڳالهائڻ واريون ڇوڪريون رکيون وڃن ٿيون.... ۽ پوءِ به سفر مڪمل ڪرڻ بعد مسافر ”شڪايت جي رجسٽر“ ۾ لکي ويندا آهن ته اهڙيون سهڻيون نه هيون، ايڏيون سمارٽ نه هيون وغيره وغيره. مون جهڙي هڪ اديب جو ڪم آهي ته معاشري ۾ ٿيندڙ اهـڙن فراڊن کان عوام کي آگاهه ڪريون.
ڪيتري عرصي کان هڪ ٻيو فراڊ پڻ نظر اچي رهيو آهي. پنهنجي ئي ملڪ ۾، پنهنجا ئي ٺڳ ماڻهو مجبور ۽ بيروزگار ماڻهن کي نوڪري ڏيارڻ جو وعدو ڪن ٿا. هنن کان ٻه ٻه لک رپيا کن وٺي هنن کي اهو چون ٿا ته؛ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ ويزا به هو وٺي ڏيندا ۽ ڪئالالمپور هوائي اڏي تي لهڻ سان هنن جو ايجنٽ کين فئڪٽري ۾ وٺي هلندو، جتي هنن لاءِ رهائش ۽ نوڪريءَ جو بندوبست رکيو ويو آهي. پوءِ کين گهر ويٺي ٽڪيٽ به ملي ٿي، پاسپورٽ تي مهيني کن جي ويزا به لڳي ملي ٿي، هر شيءِ اصلي آهي. ڪئالالمپور هوائي اڏي تي هو پهچي ٻاهر نڪرن ٿا ته پاڪستاني ايجنٽ جو ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ساٿي، هنن سان اچي ملي ٿو ۽ هنن کي ٻڌائي ٿو ته؛ هنن جي رهائش ۽ نوڪريءَ جو بندوبست سندن فئڪٽري ۾ آهي. هو کانئن پاسپورٽ وٺي ٻڌائين ٿو ته انهن تي هو visit ويزا بدران ورڪ ويزا لڳرائيندو. فئڪٽري ڏي موڪلڻ لاءِ هو ٻه ٽئڪسيون گهرائي ٿو، جن ۾ کين ويهاري ٽئڪسي وارن کي ملئي زبان ۾ سمجھائي ٿو ۽ پاڻ پٺيان پٺيان پنهنجي ڪار ۾ اچي ٿو. ڪنهن هنڌ ٽرئفڪ جام ۾ هن ايجنٽ جي گاڏي غائب ٿي وڃي ٿي. ٽئڪسي ڊرائيور کين ڪئالالمپور جي سينٽرل مارڪيٽ ۾ اچي لاهين ٿا ۽ کانئن ڀاڙو گهرن ٿا.
”ڀاڙو؟ ڇا جو ڀاڙو؟“ هو وائڙن وانگر پڇن  ٿا؛ ”ڪٿي آهي فئڪٽري؟“
”ڪهڙي فئڪٽري؟ توهان جي دوست ته اسان کي چيو ته هنن مسافرن کي مارڪيٽ لاهي، ڀاڙو وٺجو.“
هاڻ نه پاسپورٽ، نه نوڪري، نه رٽرن ٽڪيٽ! پرديس ۾ غريب ڪيڏانهن وڃن. سندن فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي. نه مڪاني ماڻهو، نه ملڪ جو سفارتخانو.... ڇو جو روزانو ان قسم جا واقعا ٿيندا رهن ٿا. هو غير قانوني ڇو ٿا اچن......... پنهنجو پاسپورٽ سوگھو ڇو نٿا رکن، ڪوڙن ايجنٽن جي چوڻ تي ڇو ٿا ڌارئين ملڪ ۾ اچي مسئلا پيدا ڪن....... بهرحال چوڌاري غريبن تي مار پوي ٿي، جن کي ايئرپورٽ تي يا جيل ۾ وهاريو وڃي ٿو، جيسين سندن مائٽ رٽرن ٽڪيٽ لاءِ پئسو موڪلين. سو منهنجا پڙهندڙو ولايت وڃڻ جو شوق اسان سڀني کي آهي پر توهان جيڪو به قدم کڻو، سوچي سمجھي کڻو. لوڀ ۽ لالچ ۾ اچي، ظالم ايجنٽن ۽ ٺَڳ ماڻهن جي ڳالهين ۾ ڀنڀولجي پاڻ کي تڪليف ۾ ۽ پنهنجن پيارن کي پريشانين ۾ مبتلا نه ڪريو.

No comments:

Post a Comment