Monday, October 21, 2013

دِل اَڙجي وئي دمام سان - فهيم اختر

دِل اَڙجي وئي دمام سان
فهيم اختر
ڀاڱو پھريون
سعودي عرب جي اوڀر واري صوبي Eastern Province جي گاديءَ جو هنڌ دمام، ملڪَ جي پنجن وڏن شهرن ۾ ليکيو ويندڙ ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو تيل پيدا ڪندڙ علائقو مڃيو وڃي ٿو. دمام کان ۱۵ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ الظهران جو شهر ۽ ۲۰ ڪلوميٽر ڏکڻ – اوڀر ۾ الخُبَر جا شهر آهن. ٽيئي شهر دمام، الظهران ۽ الخُبَر پاڻ ۾ ويجھا  هجڻ ڪري گِريٽر دمام يا دمام ميٽروپوليٽن ٺاهين ٿا. ۲۰۱۲ع تائين ٽنهي شهرن جي گڏيل آبادي لڳ ڀڳ ۴,۱۴۰,۰۰۰ هئي جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. انهن ٽن ۽ اهم شهرن کان سواءِ هن صوبي ۾الجُبيل، النعريه، الحفوف، حفرالباطن، القطيف، راس تنوره، ابقيق ۽ الاحساء شهرَ پڻ موجود آهن. جن مان هر شهر جو تاريخي منظرنامو ۽ اهميت واري واري سان بيان ڪبي. ايراضيء جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ King Fahd International Airport  دمام کان اُتر– اولهه ۾ ۲۰ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جيڪو اٽڪل ۷۸۰ چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيء تي پکڙيل آهي، ۽ پوري صوبي کي اهو هڪ ئي ايئرپورٽ آهي. ان کان علاوه دمام جي بندرگاهه فارسي نارPersian Gulf  تي وڏي ۾ وڏي بندرگاهه آهي.

دمام جو تاريخي پس منظر:
دمام جي تاريخي پس منظر ۾ جھاتي پائجي ته اها خبر پوي ٿي ته ۱۹۲۳ع ڌاري بادشاهه عبدالعزيز جي دعوت تي بحرين جي هڪ قبيلي الدوسري جي آل بن علي جي ڪٽنب هت اچي پَکا اڏي ننڍڙو ڳوٺ آباد ڪيو. دمام عربي / فارسي نار (Arabian/Persian Gulf) تي هجڻ ڪري ۱۹۳۲ع تائين جديد سعودي عرب جي وجود ۾ اچڻ تائين انهن ڳوٺاڻن جو گذر سفر مڇي پڪڙڻ ۽ قيمتي پٿرن جي واپار تي هئو. هت ٿوري وضاحت ڪبي هلجي ته عربي ۽ فارسي نار جي وچ ۾ آبليڪ هڻي فرق ڏيکارڻ جو سبب اهو آهي ته اڄڪلهه اهو جھيڙو پيو هلي ته ان نار کي عربي نار سڏجي يا فارسي نار، ڇاڪاڻ جو اهو نار هڪ پاسي عربي اُپٻيٽ (Arabian Peninsula) سان به لڳي ٿو ته ٻئي پاسي وري ايراني حدن سان به ٽڪرائي ٿو. تاريخدانَ ۽ محققَ ته ان ڳالهه تي سهمت آهن ته ۲۲۰۰ سالن کان اهو فارسي نار ئي سڏبو ٿو اچي ته پوء هاڻ ان جو نالو تبديل ڪرڻ جو ڪهڙو جواز. پوء به جي وچان ليڪ ڪڍجي ته ايران وارو پاسو سڏبو ايراني نار ۽ عربي اُپٻيٽ وارو پاسو سڏبو عربي نار. خير، ان ڦڏي ۾ پاڻ ڪو نه پونداسين، اهي سياسي مسئلا آهن. پاڻ ڳالهائي رهيا هئاسين دمام جي مرحليوار اوسر جي بابت. دمام جي ترقيء ۽ خوشحاليء جو سفر تڏهن شروع ٿيو جڏهن ۱۹۳۲ع ڌاري آرامڪو (نيشنل آئل ڪمپني آف سعودي عرب جي شاخ) دمام جي ڀر واري شهر الظهران مان تيل جو وڏي ۾ وڏو کوهه دريافت ڪيو. ۱۹۴۰ع ۽ ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي دوران دمام جي چوڌاري تيل جا ٻيا به ڪيترائي کوهه دريافت ٿيا جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. دمام جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي دوران اسانکي ان ڳالهه اچرج ۾ وجھي ڇڏيو ته هت تيل جا جيترا به ذخيرا اڄ تائين دريافت ٿيا آهن انهن مان هڪ اندازي مطابق صرف ڪي ۲۰ سيڪڙو ذخيرا اهڙا آهن جن مان تيل ڪڍي صاف ڪري ملڪي ۽ عالمي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي ٿو، باقي ۸۰ سيڪڙو تيل جي ذخيرن کي اڃا تائين هٿ به نه لاتو ويو آهي.
دمام ۾صنعتي ۽ تجارتي انقلاب :
سعودي حڪومت مڪمل طور تي تيل جي پيداوار تي ڀاڙڻ جي بجاء ناڻي ڪمائڻ جي متبادل ذريعن ڳولڻ ۾ پڻ اڳڀري رهي. ان ڏَسَ ۾ سَتَر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ ئي رياض، جدي ۽ دمام جي شهرن جي اندر الڳ صنعتي شهر اڏڻ جي ڪم جي شروعات ٿي. دمام جي اندر پهريون صنعتي شهر ۱۹۷۳ع ۾ قائم ٿيو، جيڪو تقريبن اڍائي ملين اسڪوائر ميٽرن جي ايراضيء تي پکڙيل آهي جنهن ۾ انفرا اسٽرڪچر، تجارتي ۽ سرڪاري ميدانن ۾ ڪتب ايندڙ سازو سامان سان لاڳاپيل اَسي مختلف فيڪٽريون ڪم ڪري رهيو آهن. ۱۹۷۸ع ڌاري دمام کان ٿورو پَرَ ڀرو هڪ ٻئي صنعتي شهر جو قيام پڻ رکيو ويو، جنهن ۾ هن وقت ۲۹۸ فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي ملڪ ۾ گھربل ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ وچ اوڀر جي مختلف ملڪن ڏانهن سامان برآمد Export پڻ ڪن ٿيون. ٽيون صنعتي ۽ تجارتي مرڪز Industrial Zone دمام کان اُتر – اولهه طرف تقريبن نَوي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي الجُبيل شهر ۾ آهي، جيڪو هن وقت وچ اوڀر ۾ وڏي ۾ وڏو صنعتي مرڪز آهي ۽ دنيا جي چوٿين وڏي تيل ۽ گيس مان ملندڙ صنعتي مواد (پيٽروڪيميڪل) انڊسٽري پڻ الجُبيل ۾ آهي.
هاڻ اهو ته هو دمام جو ٻاهريون جلوو جيڪو پري پڙهندڙن کي شايد جلوو ئي لڳندو هوندو، پر هاڻ ڪجهه اندر جون ڳالهيون ڪجن. ڇاڪاڻ جو چوندا آهن ته هر چمڪندڙ شيء به سون نه ٿي ٿي سگھي. زندگيء جا ڇهه سال دمام ۾ گذارڻ ۽ دمام جو تجليون ڏسڻ کانپوءِ هڪ ڳالهه سخت پريشان ڪيو ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه هيء ته هيڏيون وڏيون انڊسٽريون هجڻ جي باوجود مارڪيٽ ۾ سُئِيءَ کان وٺي گارمينٽس تائين، موبائلن کان وٺي جديد ٽيڪنالاجيء جي ٽيبليٽس تائين، اٽيشنري کان وٺي اڏاوت ۾ ڪم ايندڙ اوزارن تائين، تازين ڀاڄين کان وٺي تازن ميون تائين سڀ شيون مختلف ملڪن کان در آمد Import ڪيون وڃن ٿيون. ڪجھه شهرن ۾ زراعت جو نظام آهي پر پيداوار ضرورتون پوريون ڪرڻ جيتري ناهي. ڪجھه شهرن ۾ وري جديد هٿرادو طريقن سان زمين کي کيڙي زراعت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا پڻ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء نا ڪافي آهي. گارمينٽس ۾ انڊيا وڏي کا وڏي مارڪيٽ ماريو ويٺو آهي تنهن کانپوء بنگلاديش. چانور هلي ئي انڊيا جو هتي. سچ پڇو ته اندر سڙيو وڃي جڏهن ڳولي ڳولي به ڪا شيء پاڪستان جي نه ملندي آهي. مُندَ ۾ پنهنجي انبن جو آسرو هوندو هو، هن سال اهو به لاهڻو پيو جو مارڪيٽ ۾ اهڙو ته سڙيل انب آيو جو دل ئي کڄي وئي. ها باقي پاڪستاني ڪاٺ جو فرنيچر جام آهي. ٻيلن جا ٻيلا وڍجي خالي ٿي ويا رُڳي عرب سڳورن جي فرحت لاء. پهريان ته سعودي مارڪيٽ ۾ چائنا پهرئين نمبر تي هو پر هاڻ ته انڊيا هَڻي چائنا جا ڍَڍَرَ ڍَرا ڪري ڇڏيا آهن. پر اڃا ٻي اندر جي ڳالهه اها ته انڊيا جا گارمينٽس ڪنهن مجبوريءَ ڪري وٺي پائڻا پيا ته پائڻ شرط ئي ڪنهن جو بخيو ڪٿان پئي اُڊڙيو ته ڪنهن جو بخيو ڪٿان.
هاڻ پڙهندڙن کي متان اعتراض ٿئي ته ڀلا جي اهڙي ڳالهه هئي ته پوء هن سيڪشن کي دمام ۾ صنعتي ۽ تجارتي انقلاب جو نالو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. سو اهو اعتراض به اکين تي. پر مون وارو به سوال اڃا اُتي ئي آهي ته شهرن اندر ايڏا وڏا صنعتي شهر ٺاهڻ کانپوء به اها ڳالهه سمجھه ۾ نه پئي آئي ته عام واهپي جون شيون ايڏي وڏي تعداد ۾ آخر درآمد ڇو پيون ڪيون وڃن. ڪجھه تحقيق ڪرڻ کانپوء اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن صنعتن ۾ سيمينٽ، سَريَي، دوائن، پيٽروڪيميڪل، ڊٽرجنٽ، ڊيري، پولٽري، پلاسٽڪ جي پائپن جا ڪارخانا، پاڻيء کي لوڻياٺ کان پاڪ ڪرڻ Water desalinization)) جون جديد صنعتون شامل آهن. سعودي گزيٽ اخبار جي هڪ صحافڻ سَميرا عزيز کان اهو سوال ڪيم ته ائين آخر ڇو آهي ته سعودي عرب ۾ صنعتي انقلاب کانپوء به هي ملڪ عام واهپي جي شين لاءِ اڃا به ٻين جو محتاج آهي؟ سوال ٻڌي پهريان ته مائيء کي ماٺ لڳي وئي، نيٺ ڪجھه ڪُڇي، اهو به صرف ايترو چيائين ته ويجھي مستقبل ۾ سعودي ڪنهن جو به محتاج نه رهندو. سندس اها ڳالهه مونکي هضم ڪانه ٿي. ڇاڪاڻ جو سعودي مرد ايترا سُست ۽ ڪاهل آهن جو اُٿي رڳو چانهن جو ڪوپ ٺاهڻ به ڪو نه پُڄين سو ڪٿان ٿي ختم ٿئي سعودي عرب جي محتاجي. بهرحال ان ۾ به ڪا ڀلائي آهي جو اسان سميت لکين غير ملڪين جو روزگار لڳو پيو آهي.
دمام ۾ سياحتي انقلاب:
رب پاڪ جو هن ملڪ تي وڏو ڪرم آهي جو هن ملڪ کي قدرتي وسيلن سان مالامال ڪري ڇڏيو اٿس، پر انسان ته وري به خطاڪار آهي. ڳالهه جو مقصد اهو ته تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن Oil Refineries ۾ ويچارن غير ملڪين جي ڏينهن رات ڪم ڪري ڪري ٻيڙي ٻڏي وئي، تيل ته نڪتو پر ان جي قيمت وري عالمي منڊيءَ OPEC ۾ پئي لڳي، ٻيو وڏو الميو هن ملڪ سان اهو جيڪو مٿي بيان ڪري آيس ته هيڏا وڏا صنعتي شهر هجڻ جي باوجود هي ملڪ عام واهپي جي شين لاء ٻين ملڪن جو محتاج. سو اڃا ڪي ٻيا ڪمائيءَ جا طريقا سوچيندي کين سياحت کي هٿي وٺرائڻ وارو خيال اچي ويو. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجھه ئي سالن ۾ سعودي عرب ۾ سياحت به هڪ صنعت جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. ملڪ جي تقريبن هر شهر ۾ سيروتفريح لاء باغيچا ضرور ملندا. تاريخي جاين کي به اهڙي نموني سنواري ڇڏيو اٿن جو ڏسڻ وارو دنگ رهجيو وڃي. ڳالهه هلي پئي دمام جي ته دمام جي سيروتفريح جي لحاظ کان ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪارنِش Corniche سامونڊي پٽي الجُبيل کان جو شروع ٿئي ٿي ته ان ۾ هن صوبي جا تقريبن سڀ شهر اچيو وڃن ۽ انت وڃي ٿي ڪري قطر جي بارڊر سان. ان سموري سامونڊي پٽيء تي هر شهر ۾ ڪيترا ئي خوبصورت پارڪَ ۽ انهن ۾ من موهيندڙ نظارا اچيو وڃن. لوڪل گورنمينٽ انهن باغيچن کي اهڙو ته سنواري ڇڏيو آهي جو رات ٿيندي ئي ائين لڳندو آهي ڄڻ تارا زمين تي لهي آيا هجن. خاص ڪري هفتي جي پُڄاڻيءَ تي هنن باغيچن ۾ پير رکڻ جي جڳهه ناهي هوندي. ڪُٽنبن جا ڪُٽنبَ گھر ساڙيو هت اچي ويهن پوءِ سڄي سڄي رات ويٺا بار بي ڪندا ۽ مڇي پڪڙيندا وتن. دمام واري ڪارنش تي ته ڪنارن کي پهاڙي پٿرن سان وڌائي سمنڊ اندر ڀرائي ڪري هوٽلون ۽ نوان باغيچا ٺاهڻ جو ڪم ته هلندو ئي رهي ٿو. ان جو هڪ سهڻو مثال وري دمام ڪارنش وٽ ئي ٺهيل هٿرادو جزيرو المرجان آئلينڊ آهي.
دمام ڪارنش جي ڀِڪَ ۾ ئي روڊ ڪراس ڪري پرئين پاسي وري مارينا مال Marina Mall آهي. هونئن ته دمام ۽ الخبر ۾ ڪيترا ئي وڏا وڏا خريداريء جا مرڪز آهن پر مرينا مال گھمڻ لاء هڪ سڄو ڏينهن به ڪافي ناهي. دمام ڪارنش تي پڪنڪ لاء ايندي گھران ڪجھه ٺاهي کڻي آيا آهيو ته ڀلو، نه ته ڀر ۾ ئي هيرٽيج وِليج نالي هڪ هوٽل ۾ هليا وڃو. داخلا ٽڪيٽ ڏهه ريال الڳ، باقي جيڪو کاڌو پيتو. ان هوٽل جي خاص ڳالهه اها آهي ته اندر داخل ٿيڻ ساڻ ئي ڏندي آڱريون اچيو وڃن، اندر جي ماحول مان ائين لڳندو جهڙو ڪو هڪ صدي اڳ جي ڪنهن دنيا ۾ اچي ويا هجو. کائو پيو، پوء هاضمي لاء وري فرسٽ فلور تي تاريخي ميوزيم جو رُخ ڪيو. جتي سعودي عرب جي تاريخ سان سلهاڙيل ڪيتريون ئي ناياب شيون موجود آهن. تاريخ سان دلچسپي رکڻ وارن لاء ان هوٽل ۾ ڪو وڏو مواد ته ناهي، پر دمام ميوزيم اها اُڃ اُجھائي سگھي ٿو.
دمام سِٽي سينٽر يا دمام جو صدر کڻي چئجي اتي هي تاريخي ميوزيم ۽ لائبريري موجود آهن. ميوزيم ۾ مختلف وقتن جي خليفن جون لِکيل تحريرون، سندن ڪَتبَ ۾ ايندڙ سامان ۽ قديم نقشا وغيره موجود آهن. دمام جي چوگرد چار سو کن تاريخي ماڳن جي ڪري هن ميوزيم جي اهميت پوري ملڪ ۾ اهم آهي.
هڪ ٻيو سير و تفريح جو ماڳ جيڪو سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو اچي سو آهي؛
King Fahad Causeway، جنهن کي وري هِت ماڻهو آسان لفظن ۾ بحرين واري پُل سڏين. ۲۵ ڪلوميٽر ڊگھي هيءَ پُل دمام جي پاڙيسري شهر الخُبَر کان پوري سعودي عرب کي بحرين جي راڄڌانيءَ سان ڳنڍي ٿي. ٻنهي ملڪن کي ان پُل ذريعي ڳنڍڻ جو مقصد تجارت ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ هو. ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۶ع تائين جي وچ ۾ جُڙي تيار ٿيڻ واري هن پُل جي تقريبن وچ تي سعودي عرب کي دمام کان الڳ ڪرڻ لاء حد بندي ڪندي هڪ نهايت ئي مَنَ کي موهيندڙ هٿرادو جزيرو ٺاهيو ويو. جيڪو هڪ قسم جي چيڪ پوائنٽ آهي. ان جزيري تي ٻه خوبصورت مسجدون، پُل جي انتظاميا ۽ ڪوسٽ گارڊز جون آفيسون، هڪ ۶۵ ميٽر ڊگھي ٽاور واري هوٽل ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون هوٽلون ۽ باغيچا پڻ موجود آهن. ان ٽاور واري هوٽل ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ ۱۰ ريال آهي، لفٽ ذريعي مٿي ويندي  بالڪل ٽاپ فلور تان هڪ پاسي سعودي عرب جو نظارو ته ٻئي پاسي بحرين جو نظارو، وچ ۾ سمنڊ جو نظارو اهڙو جو بس اُتي ويٺو ئي هُجِجي. ڪافي وقت کان اها ٽاور واري هوٽل ڪن سببن جي ڪري بند آهي. هفتي جي پُڄاڻيء تي بحرين وارا الخُبَر ۽ دمام جو رُخ ڪن ته وري هتان وارا بحرين جو. وچ واري هٿرادو جزيري تي به ماڻهن جو ايترو ميڙ رهي ٿو جو پير رکڻ جي جاء نه ملندي آهي.
ٽاور هوٽل ۱
دمام جي هڪ پاسي عربي/ فارسي نار ۽ ٻئي پاسي وري رِڻُ هجڻ ڪري ڪيترائي سعودي ڪُٽنب وري موڪلن وارن ڏهاڙن تي رڻ جو رُخ ڪن. جھوپڙيون، رڌ پچاء جو سامان ۽ ٻيو ضرورت وارو گھريلو سامان ساڻ ڪيو ٻه ٽي راتيون اچي رڻ ۾ گُذارين. چوندا آهن ته هر شيءِ پنهنجي اصلَ ڏانهن ضرور موٽ کائي ٿي ته هنن عربن وارو به اهو ئي قصو آهي. کين رڻ سان پراڻي نسبت آهي، توڙي جو اڄڪلهه هنن وٽ زندگيء جون سڀ سهولتون موجود آهن پر پوء به رڻ ۾ راتيون گذارڻ هنن جي پسنديده پڪنڪ آهي.
دمام جا حال احوال کٽڻ جهڙا ته ناهن، اڃا ته هن ليک ۾ دمام ۽ الخبر جي ٻن ٽن ماڳن جو ذڪر ٿيو آهي، پر سير و تفريح جي حساب سان صرف دمام تي ڪتابن جا ڪتاب لکجي سگھجن ٿا. ڇاڪاڻ جو سعودي حڪومت جو اڄڪلهه گھڻي کان گھڻو لاڙو سير و تفريح جي ماڳن ۽ ثقافتي ميلن منعقد ڪرائڻ ڏانهن آهي. دمام جي مختصر تاريخ، صنعتي انقلاب وغيره کانپوءِ دمام ۽ ڀر پاسي جي شهرن جا باقي تفريحي ماڳ ۽ ٻيو حال احوال وري ڪنهن ٻئي ليک ۾ جاري رکبو.

ڀاڱو ٻيو
پُٺئين ليک ۾ دمام جي جاگرافيائي نقشي، مختصر تواريخ، صنعتي ۽ سياحتي انقلابن ۽ ڪجھ تفريحي ماڳن بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. دمام جي ڪجھ وڌيڪ اهم ماڳن بابت ڳالهيون ڪبيون پر ان کان اڳ ٿورو گھڻو هتان جي موسم بابت حال احوال ٿي وڃي ته جيئن پڙهندڙن کي گھمڻ ڦرڻ سان گڏوگڏ موسم جو اندازو به رهي. موسم جي لحاظ کان دمام انتهائي اڻوڻندڙ علائقو آهي. اڻوڻندڙ ان ڳالھ ۾ ته مارچ جي مهيني کان جو سخت گرمي شروع ٿيندي آهي ته وڃي آڪٽوبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪو سُک جو ساھ کڻبو آهي. ان سموري عرصي ۾ گرمي پَدُ ۳۵ ڊگري سَينٽي گريڊ کان شروع ٿيندو جُون، جولاء ۽ آگسٽ ۾ ۵۰ ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچيو وڃي. گرمي ته پنهنجي جاء تي پر ريگستان مان اُٿندڙ ريتيلا طوفان هفتن جا هفتا لڳاتار جاري رهن ٿا، جيڪي مَتِ ئي منجھايو ڇڏين. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي به حالت ٿيندي آهي جو اک نه ڏسي گوڏي کي. ان صورت ۾ وري ماسڪ لڳائڻ لازم ٿيو پوي. گرمين جي آخري مهينن جولاء، آگسٽ ۽ سيپٽيمبر ۾ وري سخت گرميء سان گڏ وري اهڙي گِھمَ Humidity جو تَڙُ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي. ٿورو ٻاهر نڪرو ته مُلڪ مِڙيو ئي پاڻي. جنوري، فيبروري ۽ مارچ ۾ ٿورو گھڻو مينهن پوي پر نه جَهِڙو. ويچارن پرديسين جون اکيون آسمان ۾ ته مَنَ ڪو ڪڙڪو ٿئي ته ڪو ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪجي پر نه، رُڳي آسرن ۾ وقفي وقفي سان پئي ڦُڙ ڦُڙ پوندي. زمين به اهڙي اُڃايل جو ٻئي ڏينهن خبر ئي نه پوندي ته ڪو مينهن به وسيو هو. هاڻ سوال اهو ٿو اُڀري ته ڀلا اهڙي موسم ۾ به ماڻهو ڪيئن ٿا گُھمن ڦِرن؟ ته جواب اهو آهي ته ڪمري ۾ ويهي سَينوارجڻ کان ته ڇائيءَ جا ڇَڄَ ڀلا. وندر جي وندر به ٿيو پوي.
الخليج نصف القمر Half Moon Bay:
دمام کان ڏکڻ-اوڀر ۾ تقريبًا چاليهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ انتهائي خوبصورت تفريحي ماڳ الخليج نصف القمر Half Moon Bay آهي. سَوَلي سنڌيءَ ۾ اَڌُ چنڊ وارو نارُ. هن ماڳ تي اهو نالو ان جي اَڌُ چنڊَ جهڙي شبيھ جي ڪري پيو. خليج ته ٿيو عربي لفظ، سنڌيء ۾ ٿيو نارُ. پر انگريزيء ۾ خليج کي Bay به چئبو ته Gulf به چئبو. هاڻ فني اصطلاح موجب Bay ۽ Gulf هڪ ئي ڳالھ آهن، ٻنهي ۾ فرق صرف پيمائش جو آهي. Gulf پيمائش ۾Bay کان وڏو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ جو رستو وري سوڙهو ٿئي ٿو، جڏهن ته Bay ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ويڪرو هجي ٿو.
دمام يا الخبر کان هن ماڳ تي پهچڻ، جيترو آسان آهي اوترو ئي مشڪل به. بظاهر ته چاليھ ڪلوميٽر معنى ويھن منٽن يا اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو آهي پر ڳالھ اصل ۾ اها آهي ته هِت روڊن ۽ پُلين جو اهڙو ته ڄار وڇايل آهي جو ٿوري به غلطي ڪئي ته يُو ٽَرن وٺڻ لاء هليا وڃو ويھ کن ڪلوميٽر اڳتي. ٻيو ته ڇھ سالن ۾ اسانکي ڪو اهڙو ڏينهن نه مليو جنهن ۾ روڊن، پُلين ۽ فُٽ پاٿن جي اڏاوت جو ڪم ڪو بند ٿيو هُجي. روز پراڻا روڊَ پيا ڊهندا ۽ نوان پيا ٺهندا رهندا آهن. ان صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته وِکَ وِکَ تي ڊيٽور لڳا پيا هوندا آهن. ڊيٽور لڳائڻ جو مقصد ٽريفڪ کي متبادل رستو ڏيڻ ۽ اڳيان هلندڙ اڏاوتي ڪم جي تنبيه ۽ اشارا ڏيڻ آهي. ڊيٽور جي چڪرن ۾ اسان جهڙا سِڌي سَنئين روڊ جي سائن بورڊن کي ڏسي هلڻ وارا ڊرائيور ڀُلجيو پون، پوء ته اڌ ڪلاڪ جو پنڌُ به ٻه ڪلاڪ وٺيو وڃي.
خليج نصف القمر جي ڪنارن کي وري انتظامي حساب  سان اهڙي طريقي سان ورهايو ويو آهي جو انهن جو ڪجھ حصو گورنمينٽ جي انتظام هيٺ آهي ته وري ڪجھ حصو خانگي ڪمپنين جي انتظام هيٺ ڏنو ويو آهي. گورنمينٽ جي انتظام هيٺ ايندڙ حصي ۾ پِرنس محمد پارڪ، ڪِنگ فهد يونيورسٽي بِيچ جيڪو ڪِنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز (KFUPM) سان لڳو لڳ آهي. گورنمنٽ جي انتظام هيٺ خليج نصف القمر تي انهن ٻنهي ماڳن کي تمام سهڻي نموني سينگاريو ويو آهي. ڪناري جي وِکَ وِکَ تي تقريبن اڌ ڪلوميٽر تائين ڪنڪريٽ جا پڪا رنگا رنگي ڇَپَرَ ٺاهيا ويا آهن، اهڙن ماڳن تي مسجدون به ٺاهيون وڃن ٿيون ته جيئن وقت تي ڪنهن کان فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نهٿي وڃي. مڇي پڪڙڻ Fishing، ٻيڙيء جو سفر Sailing، آبي ڪَلَ جي مدد سان تيراڪي Snorkeling وغيره جهڙيون سرگرميون گُهمڻ وارن کي ڪجھ وقت لاء گھرگھاٽ ئي وساريو ڇڏين. گڏو گڏ کاڌي پيتي لاء هوٽلون به جام آهن، جتي گھڻو ڪري ته سامونڊي خوراڪ Seafood تي ئي لَٺ لڳي پئي هوندي آهي.
خانگي ڪمپنين جي انتظام هيٺ ايندڙ ڪنارا ته وري جهڙازمين تي جنت جا ٽُڪرا. بَودَل ريزورٽ، زمرد ريزورٽ، گولڊن ٽيولپ ريزورٽ، پام بيچ ريزورٽ، هاليڊي اِن ريزورٽ ۽ سعودي آرامڪو بِيچ جهڙن ماڳن کي ڏسڻ ساڻ ئي قصن ڪهاڻين ۾ ٻڌل شَداد واري جنت ياد اچي ويندي آهي.هنن خانگي ريزورٽس ۾ آرام، آسائش ۽ عيش عشرت جو سمورو سامان موجود آهي. انهن ماڳن ۾ وڃڻ وارو به ڪو جهڙو تهڙو نه ٿو ٿي سگھي. هڪ کان وٺي پنجن ڪمرن تائين ڪناري تي جوڙيل وِلا جن ۾ ضرورت جو هر سامان موجود رهي ٿو، ٻه هزار ريال هڪ رات جي حساب سان شروع ٿين ٿا.
جيٽ انجڻ سان پاڻيء تي هلندڙموٽر Jet Ski، موٽر ٻيڙيء سان ٻَڌل پيراشوٽ جي وسيلي هوائي سير Parasailing، هوا ۾ اُڏندڙ ٻَيڙي Fly Board، ورزش جو هال، تيراڪيء لاء هٿرادو تلاء Swimming Pool، گھوڙي سواري، گولف ۽ اِنڊور راندين جهڙن تفريحن جي ڪري ئي ملڪي توڙي غير ملڪي سياح هنن ماڳن ڏانهن ڇڪجيو اچن. ڪمپنيء جي طرف کان هڪ ڀيري اسانکي پام بيچ ريزورٽ تي پورو ڏينهن گُذارڻ جو موقعو ملي ويو. هاڻ اهڙو موقعو ڪير ڇڏي؟
 وڃڻ ساڻ ئي ريزورٽ جي طرف کان پيڪيٽن ۾ بند ٿيل عمده قسم جو ناشتو مليو. تنهن کانپوء جهڙا وائڙا ٿي وياسين ته هاڻي گُهمڻ ڦرڻ شروع ڪاٿان ڪجي. هڪڙي پاسي سُوِمنگ پول هجي ته ٻئي پاسي اِنڊور راندين جو هال، هڪ پاسي جيٽ اِسڪي هجي ته ٻئي پاسي ٻيڙيء جو سير. ماڻهن جي پِيھ هجي. ڪيڏانهن وڃي ڀلا تيل ما ڪمايل پئسو، سڀ ته اسان وانگي مولائي ڪمپنيء جي خرچ تي ڪونه آيا هوندا. بهرحال منجھند جي ماني ڪانه ملي جو ناشتو اهڙو هو جو رات تائين وري بُکَ ئي ڪانه لڳي. رات ٿي ته سُوئمنگ پول جي چوڌاري پَٽيء تي ٽيبلُن تي دسترخوان لڳي ويا. جتي ڪانٽينينٽل ۽ لوڪل کاڌا آڏو هئا. کائڻ وارا ڀلي ڦاٽيو مري وڃن پر کاڌو کُٽڻ جهڙو نه هو.هتان جي ماڻهن ۾ وري اها ڳالھ ڏاڍي خراب آهي. اڌ کائبو ته اڌ اُڇلائبو. پارٽين وغيره ۾ ته هر جاء تي ائين آهي پر هت گھر گھر ۾ ائين ٿئي. چانورن جو ٿالھ جيڪڏهن آڏو آيو ته ان مان سڄو گوشت هڙپ ڪبو باقي چانور جهڙا جا تهڙا ٽوڪريء ۾. اسان مولائن ۾ وري بچائي رکڻ وارو رواج ته ڀلا رزق کي ائين ضايع ڇو ڪجي، ٻئي ڏينهن گرم ڪري کابو. اسانجي اها ڳالھ عربن کي ڪونه وڻي، هنن جي ڳالھ وري اسانکي ڪو نه وڻي. پر اسان ته آهيون نَڪَ جا پڪا، سو پاڻ تي اثر ئي ڪونه ٿئي.
دمام فُٽبال اسٽيڊيم:
۳۵۰۰۰ تماشائين جي گُنجائش رکڻ وارو پِرنس محمد بن فهد اسٽيڊيم جو بنياد ۱۹۷۳ع ۾ رکيو ويو ۽ هي  دمام جو وڏي ۾ وڏو اسٽيڊيم آهي، جيڪو دمام جي گورنر شهزادي محمد بن فهد جي نالي تي آهي. عرب سڳورا فُٽ بال جا شيدائي. پاڻ وٽ جيئن شوقينن کي هر ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جا نالا ۽ پيدائش جون تاريخون تائين به ياد هونديون آهن تيئن ئي هت وري اهڙا فُٽ بال جا شوقين آهن. گھٽيء گھٽيء ۾ ننڍا وڏا شام ٿيندي ئي ننڍن ننڍن ميدانن ۾ پيا ڊوڙندا. ائين کڻي چئجي ته وڌيڪ آساني ٿيندي سمجھڻ ۾ ته جيئن ڪرڪيٽ اسانجي رڳ رڳ ۾ ڊڪي ٿي تيئن ئي فٽ بال وري هنن جي رڳ رڳ ۾ آهي. پر هن معاملي ۾ سوال اٿيو ته ڀلا جي ايترا ڪو شوقين آهن ته پوء ورلڊ ڪپ ۾ ڪهڙو تَپُ ٿو چڙهين. سو انجو هڪ سبب ته اهو ٿو لڳي ته هتان جا ماڻهو آهن عيش عشرت جي زندگي گذارڻ وارا ۽ هڏ حرام سو انهن مان ڪا اميد به نه ٿي رکي سگھجي.
دمام ۾ خريداري:
هاڻ ڳالھ ڪجي دمام ۾ خريداريء جي ته هت خريداريء جا اڻ ڳڻيا مرڪزَ آهن. بس رُڳي ريالَ هجن کيسي ۾. جيئن پُٺئين ليک ۾ ڳالھ هلي ته هت عام واهپي جي شين جون صنعتون نه هجڻ جي باوجود به برانڊيڊ شين کان وٺي لُنڊي جي مالَ تائين هر شيء دستياب آهي. باقي شيون ته پنهنجي جاء تي پر پاڻ ڳالھ ڪنداسون سونَ جي خريداريء جي. هونئن ته شاپنگ به پنهنجي جاء تي هڪ هُنُرُ ئي آهي پر هت سَونَ جي خريداريء لاء ڪجھ وڌيڪ اک پٽڻي پوي ٿي. پنهنجي مُلڪَ پاڪستان مان ته سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن انگَل ڪري ڇڏيو ته ادا هن ڀيري اچين ته سون وٺيو اچجانء ايڏانهن مڙئي سَجھيءُ خالص ٿو ملي. پر کين اها خبر ئي ناهي هوندي ته هت سونَ جي مارڪيٽ ۾ ڪهڙي کِچڻي پئي پچندي آهي. دمام ۾ سَون جي خريداريء جا ٻه وڏا مرڪز آهن. هڪ ته آهي حيات پلازه ٻيو وري آهي دمام سٽي سينٽر يعني صدر جي ليڊيز مارڪيٽ. ٻنهي هنڌن تي سون جي وڪري جي الڳ ڪهاڻي. شروع ڪيون ٿا حيات پلازا کان. هت ۱۸ کان ۲۴ ڪيرٽ جو سون ملي ويندو. ڊزائنن جي حساب سان وري ۲۱ ڪيرٽ جو سون عام جام آهي. هاڻ جيڪر ڪو نئون اڻڄاڻ شخص جي هنن جي هٿ چڙهي ويو ته صحيح کَلَ لاهيندَس. اهو ائين جو ۲۱ ڪيرٽ واري سون ۾ هڪڙا هٿ تي ٺهيل نمونا ته ٻيا وري مشين تي ٺهيل. هٿرادو نمونن جي قيمت وري مشين وارن نمونن کا وڌيڪ ٿئي ٿي. ٻيو وري چڪر اهو ته ۱۰ گرام کان گھٽ سون کي توري ڪونه ڏيندا. ان جي بس ٻڌي قيمت ٿئي ٿي. پوء ان ۾ ڪا رعايت ڪَيَن ته ٺيڪ. تنهنڪري بهتر اهو ئي رهندو آهي ته چار پنج دڪان ڏسجن ته جيئن قيمتن جو صحيح اندازو ٿئي. دمام سٽي سينٽر ۾ وري ڪهاڻي ٻي آهي. اُتي اوهانکي ۲۱ ڪيرٽ جي سون جي بجاء ۲۲ ڪيرٽ جي نالي سان چريو ڪيو ويندو. ظاهر آهي پوء ۲۲ ڪيرٽ جي قيمت به ٿوري وڌيڪ آهي. هاڻي اسان جهڙن کي ڪيئن خبر پوي ته ڪهڙو ۲۱ ڪيرٽ ڪهڙو ۲۲ ڪيرٽ. هن مارڪيٽ ۾ وري ڪنهن به سون جي دوڪان تي چڙهبو ته اهو ٻُڌڻ ۾ ايندو ته هن شيء جو وزن هيترو، قيمت ٿي هيءَ ۽ مزدوريء جا ٿيا سورنهن سيڪڙو، ڪُلُ ملائي ٿيا هيترا. اتي وري سڄي ڳالھ ان مزدوريء واري سيڪڙو ۾ آهي. ان کي جيترو گھٽ ڪرائي سگھجي ته ڪرائجي، ٿوري گھڻي مٿي ماريء کانپوء ته ۱۲ سيڪڙو تائين به لَهي ايندا آهن. هاڻ هڪ ته سون جي اصل قيمت ۾ ريٽيل واري قيمت هڻي اڳ ۾ انکي مٿي کڻي ويا ٻيو وري ۲۲ ڪيرٽ جو ڊرامو ٽيون وري مزدوريء جا سورنهن سيڪڙو. اسانجا اڻڄاڻ حاجي سڳورا به عمري يا حج تي اچن ته پوء جيڪو کين ملي سو وٺي خوش خوش ٿي هليا وڃن. پر حقيقت ۾ ڳالھ اها آهي ته سون وٺڻ کان اڳ ٿورو هوم ورڪ ڪجي ته بهتر رهندو. انٽرنيٽ تي سون جي انٽرنيشنل قيمت ڏسي ان کان پندرنهن يا ويھ ريال مٿي مزدوريء جو اندازو لڳائي پوء مارڪيٽ ۾ نڪرجي ٿو ته ڪم سولو ٿيو پوي.

اليڪٽرانڪس جي شين لاء وري بهترين مارڪيٽ ايڪسٽرا مارڪيٽ آهي. جتي تقريبن هر قسم جو اليڪٽرانڪس جو سامان آسانيء سان هڪ ئي ڇِت هيٺان مليو وڃي. باقي گھرو ضرورت جو شيون، کاڌي پيتي جو سامان، تازيون ڀاڄيون، فروٽَ، تازو گوشت، گارمينٽس، ميڪ اپ جو سامان وغيره لاء وري مختلف وڏا وڏا مالز آهن، جن ۾ پانڊا، تَمِيمي مارڪيٽ، فارم مارڪيٽ، لُولُو سپر مارڪيٽ، ڪارفور ۽ نَيسٽَو وغيره جهڙيون سُپَر مارڪيٽون هر شهر ۾ موجود آهن، جن جو ڄارُ سعودي عرب جي تقريبن هر شهر ۾ آهي. ان کان علاوه دمام سٽي سينٽر (دمام جي صدر مارڪيٽ) وڃبو ته اُتي ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي خريداريء جون مارڪيٽون آهن. دمام جو اهو علائقو ٿورو وري سوڙهو به آهي، مٿان وري قطارن سان دڪان، ماڻهن جا ڳاهٽ، گاڏين جي پِيھَ دماغ گُهمايو ڇڏي. پنهنجي گاڏيء ۾ ان علائقي ۾ وڃڻ کان اڳ اڌ ريال جا سِڪا ضرور ساڻ هجن جو چئني طرف پَيڊ پارڪنگجون مشينون لڳل آهن. لوڪل گورنمينٽ جو اهو انتظام نهيات ئي ساراهڻ جوڳو آهي. ان سبب جي ڪري ئي دمام وارو صدر ڪراچيء واري صدر کان ٿورو گھڻو مختلف نظر ايندو آهي. پر پوء به گھڻي قدر مُشابهت ۾ آهن ڇاڪاڻ جو ڪراچيء واري صدر ۾ رُڳي پاڪستاني آهن، پر هتان واري صدر ۾ ته پاڪستاني، هندوستاني، بنگالي، سريلنڪي، نيپالي، فلپيني، سُوڊاني وغيره وغيره سڀ موجود آهن، وڌيڪ پاڻ ئي سمجھي وڃو.دمام جو قصو کُٽڻ وارو ناهي. انهي کي جيترو پيو ڇڪبو ويندو ربڙ وانگي ڇڪجندو. هن ليک ۾ دمام بابت ڪجھ وڌيڪ معلومات ڏيڻ کانپوءِ اڳئين ليک ۾ دمام جي اوسي پاسي جي مختلف شهرن ۾ موجود مختلف ماڳن، کاڌي پيتي جي لوڪل ڊِشِز، عرب سڳورن جي خارجين سان روين، بابت قصي کي جاري رکبو.

دل اَڙجي وئي دمام سان - ۳
فهيم اختر دمام
عوامي آواز جي ٿورن سان سعودي عرب جي اُڀراندي علائقي جي گاديءَ واري هنڌ دمام ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ننڍن وڏن شهرن ۽ تفريحي ماڳن جي سفر کي جاري رکندي هن ليک ۾ القطيف، تارُوت ٻيٽُ، سعودين جي خارجين سان رَوَيَن ۽ ڪجھ عربي طعامن بابت حال احوال اوربو. تنهن کانپوءِ ڳچ پڙهندڙن ۽ دوستن جي دمام پهچڻ جي طريقيڪار بابت پُڇيل سوالن جي جواب ۾ سندن رهنمائيءَ لاءِ سڄو طريقڪار بيان ڪبو.
القطيف:
دمام کان اُتر- اوڀر ۾ تقريبن ٽِيھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي القطيف جو شهر آهي. تواريخي لحاظ کان هي شهر سعودي عرب جو سڀ کان قديم شهر آهي. آرڪيالوجي جي ماهرن مطابق، هي شهر پنج هزار قبل مسيح کان آباد آهي. جيئن ته القطيف ”قطف“ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي ”ميوا يا ڀاڄيون پَٽَڻ يا چونڊڻ يا گڏ ڪرڻ“. انڪري نالي مان ئي ظاهر ٿيو ته هي ٽڪرو زرخيز هجڻ جي ڪري، هت پوکي پڻ ٿئي ٿي. عربي/ فارسي نار جي ڇيڙي تي هجڻ ڪري ۽ قيمتي پٿرن ۽ کجيءَ جي وڻن سان مالامال هجڻ سبب، هيءُ شهر هزارين سالن کان مسافرن جي آماجگاهه رهيو آهي. تاريخ جو ڳچ حصو هي شهر موجوده بحرين ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو آهي. بادشاھ نِبُوخَذ نِصَّر جي حڪمرانيءَ کان وٺي عثماني سلطنت جي حڪمرانيءَ تائين، القطيف تي ڪيترن ئي بادشاهن جون ڪاهون ٿينديون آيون آهن. سڪندر يونانيءَ جي فارسي سلطنت تي ڪاھ کانپوءِ، هي علائقو ڪجھ وقت لاءِ سندس حڪمرانيءَ هيٺ رهيو. سڪندر يوناني جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ تڏهوڪي الجَرها ۽ هاڻوڪي القطيف ايتري ترقي ڪئي جو ان کي دنيا جو امير ترين شهر سمجھيو ويندو هو. تاريخي ڪتابن جي مطالعي مان اها به ڳالھ ظاهر ٿي آهي ته ان وقت ۾ ماڻهو ايترا ته سکيا ستابا هئا جو پنهنجي گھرن جي ڀِتين، اڱڻن، درن ۽ درين کي سون، چانديءَ ۽ قيمتي پٿرن سان سينگاريندا هئا.
القطيف گھمندي ڦرندي ڪيترا ئي تاريخي ماڳ نظر ايندا، جن کي هتان جي موجوده حڪومت سياحن لاءِ محفوظ رکيو آهي. هن علائقي جا رهاڪو، باقي سعودي عرب جي رهاڪن کان، وري وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ روشن خيال آهن. ان ڳالھه جو ڀرپور فائدو وٺندي القطيف جي هڪ بزرگ رهاڪو سان ڳالھه ٻولھه ٿي، جنهن ۾ هن القطيف جي هڪ تاريخي ماڳ ”قرامطين جي قبلي“ بابت معلومات ڏني. ان ماڳ کان، اسان اڄ تائين اڻڄاڻ هئاسين. هُن مطابق ته 317 هجري دوران القطيف ۾ قرامطين (اسماعيلي شيعن) جي حڪومت دوران، هنن ڪعبة الله شريف تي حملو ڪري ڪيترا ئي حاجي زخمي ڪري، حجرِ اسود چورائي اچي القطيف ۾ هڪ ڪوٽُ اڏي ان ۾ رکيو هو ۽ اُتي ئي انجي عبادت ڪندا هئا. قرامطين جي ان عمل تي فاطمي، جيڪي اڳ ۾ هنن جا اتحادي هئا سي، سندن مخالف ٿي پيا. تنهن کانپوءِ عباسي خلافت ان جي رد عمل ۾ قرامطين سان ڳالهين ذريعي، حجر اسود واپس وٺڻ جا وَسَ ڪيا پر پوءِ به پٿر واپس نه ٿيو. قرامطين جي حڪمران، سليمان جي موت کان پوءِ، وري سندس ڀاءُ احمد القطيف جي واڳ سنڀالڻ کانپوءِ 339 هجريءَ ۾، حجرِ اَسود واپس ڪيو. چاچَي پوڙهي جا حال احوال ٻُڌي سندس تواريخ سان لڳاءَ بابت به اندازو ٿي ويو، ۽ سندس انگريزي به ڀلي هئي. جنهن جو سبب اهو هو ته پنهنجي تقريبن اڌ عمر هن آرامڪو ۾ نوڪري ڪئي هئي. چاچي کان ان ماڳ جو ڏَسُ پَتَو پُڇي، اسان به ان تاريخي ماڳَ پَسَڻَ لاءِ روانا ٿياسين.
مَڇيءَ جي شوقينن لاءِ القطيف ۾ هڪ تمام وڏي مڇي مارڪيٽ آهي. هن مڇي مارڪيٽ مان تقريبن پوري ملڪ ۾ مڇي موڪلي وڃي ٿي. وڌ ۾ وڌ ذائقي واري مڇي هت ”هامُور“ جي نالي سان مشهور آهي جيڪا ٻين مڇين کان مهانگي پڻ ٿئي ٿي. مڇيءَ جي ٻين قسمن ۾ الشهري، گُرگُفام، پامفريٽ، تِلاپِيا، تُونا، جھينگا (الرُبيان)، شيل فِش، ڪِريب، لوبسٽر ۽ ٻيو به ڪيترن ئي قسمن جو سِي فُوڊ هت آسانيءَ سان مليو وڃي. مڇي مارڪيٽ جي ٻاهران وري هوٽل نما دُڪان ٺهيل آهن جيڪي وري تازي مڇي ڪيترن ئي نمونن سان ڇھن کان ڏھن ريالن ۾ ڪلو ٺاهي ڏين. مطلب ته مارڪيٽ مان تازي مڇي وٺو ۽ اُتي جو اُتي ٺهرائي نوشِ جانُ ڪيو.
القطيف کان ئي هڪ پُل القطيف کي تارُوت جي ٻيٽ سان ڳنڍي ٿي. سَتَر چورس ڪلوميٽرن جي ايراَضيءَ جي تاروت ٻيٽ تي به موئن جي دڙي جيان هٿ آيل هڪ تاريخي ماڳُ ”تل رافيه يعني ”رافيه جو دڙو 1993ع ڌاري دريافت ڪيو ويو. رافيه جي دڙي مان، هزارين سال قديم ٿانوَ، قيمتي پٿرن سان جَڙيل ڳَھَه ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي شيون هٿ آيون آهن. جن مان ڪجھه ته دمام ميوزيم ۾ ۽ ڪجھه وري رياض ميوزيم ۾ سانڍيل آهن. 5000 قبل مسيح جيتري پراڻي هن ٻيٽ تي ڪيتريون ئي نسلون آباد ٿيون، جن مان دِلمُون، اَڪادين، قديم آشور جا رهاڪو جن کي آشوري يا اَسَائرِيَن سڏجي ٿو، فارسي ۽ پُرتگالي شامل هئا. تاروت ٻيٽ تي گھمڻ دوران هڪ ته اهو اندازو ٿيو ته ننڍو ٻيٽ هجڻ ڪري هت آبادي ايتري نه آهي پر جيڪي به ڪُٽنب هت آباد آهن سي انتهائي پڙهيا لکيا ۽ با شعور ٿي لڳا، جن جا وڏا بنيادي طور تي مُهاڻا هئا. ٻيٽ جي چوگرد ڪوسٽ گارڊن جي اهڙي سخت چوڪي جو شل پکي به ڪو بغير اجازت جي پَرُ هڻندو هجي. ان جو ڪارڻ اهو هو جو القطيف سميت هن ٻيٽ جي چوڌاري هڪ ته تيل جا جامَ ذخيرا آهن ۽ ٻيو ته عربي/ فارسي نارَ کان پنجويھه کان ٽيھه نَاٽِيڪل ميلَ پَريان وري ايران جو ملڪ آهي.
سعودين جو خارجين سان رَوَيَو:
خارجي جيڪڏهن بنگالي آهي ۽ ڪنهن سعودي جي وَر چڙهي ويو ته گيسيون ڪرائيندس. بنگالين جا ڪَمَ به ڪجھه اهڙا آهن سو ويچارن جي ايتري عزت ناهي. سعودي عرب ۾ بنگالي، سنڌين وانگي هڪ ڪميونٽي ۾ رهن ٿا. اوکيءَ سوکيءَ ۾ گڏ. جھيڙو هجي يا ڪو مسئلو، سڀ بنگالي گڏ ٿي ويندا آهن. اهڙن ڪجھه جھيڙن ۾ سعودين جا مٿا ڦاڙڻ کانپوءِ بنگالي هاڻ ويٺا ڊڄندا وتن. پنهنجي سعودي عرب جي ڪيريئر ۾ انجنيئرنگ جي ميدان ۾ مونکي اڄ تائين ڪو بنگالي نه مليو. باقي بنگالي ڊاڪٽرَ، پنهنجي ميدان کي ملهائن پيا.
پاڪستانين جي وري به ٿوري گھڻي عزت آهي. ڪهڙي به شعبي جي ڪمپني هجي، يا مزدوريءَ کان وٺي پنهنجو ذاتي ڪاروبار جهڙوڪ؛ آٽو مڪينڪ، اليڪٽريشن، هوٽل جو ڪاروبار وغيره هجي اُتي پاڪستاني ته ضرور ملي ويندو. هاڻ معذرت سان هڪ ڳالھه عرض ڪندي هلجي ته ڳالھه ٿي پاڪستانين جي، پر انهن ۾ اسانجا سنڌي سٻاجھڙا ڪنهن مزدوريءَ جي ڪمَ يا آٽو مڪينڪ، يا اِليڪٽريشن يا ڪنهن ٻئي ذاتي ڪاروبار ۾ اڄ تائين نه مليا. هاڻ ان ڳالھه کي خوش نصيبي چئجي ته سنڌي قوم ڪا ايڏي سُکي سَتابي قوم آهي جو انهن کي مزدوري ڪرڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي. يا ان ڳالھه کي بد نصيبي چئجي ته اسان کان ڪو ڏکيو ڪم ٿيندو ئي ڪو نه آهي يا وري اسان کي کپي وائٽ ڪالَرَ واري نوڪري. اهو فيصلو ڇڏيون ٿا پڙهڻ وارن تي. هندستانين سان به سعودين جو تقريبن ساڳيو پاڪستانين وارو ورتاءُ آهي. باقي جي ڪنهن سعوديءَ کي رستي ۾ يا ڪنهن شاپنگ سينٽر ۾ ڪٿي به ڪو اڇي چمڙي وارو (يورپين) ملي ويو ته پوءِ ويهي ڏسو سعودين جا مَزا. سَتَن پوتين ۾ ويڙهيل زال سميت ٻارن ٻچن کي ان سان تعارف ڪرائڻ ۾ جُٽي ويندا. هڪ ته عربن کي انگريزي ڳالهائڻ جو اڳيئي گھڻو شوق، وري مٿان جي ڪو انگريز يا ڪو اڇي چمڙيءَ وارو ملي وڃين ته سندس آڏو پاڻ وڇائي ڇڏيندا آهن.
عربي طعامَ (Mediterranean cuisine):
شروعات ۾ ته بغير مرچ مصالحن جي ڦِڪا ۽ سُڪا تيلَ ۾ ٻُڏَلَ کاڌا پاڻ کي وڻيا ئي ڪو نه ٿي. هاڻ ته وري پنهنجي گھرَ جي ماني ڪو نه ٿي وڻي. صبح ساجھُر هوٽلُن تي ۽ ننڍن ننڍن بُوفيَن تي ماڻهن جو ميڙ ڏسي اهو محسوس پيو ٿيندو آهي ته سندن مايون سندن وانگي هڏ حرام ھئڻ سبب، ناشتو ٺاهين ئي ڪو نه. سعودين جو پسنديده ناشتو وري عَدَس (دال)، افغاني فُولُ (لوبيا / مختلف قسمن جي مَٽَرَن جون ڦَريُون)، فِلافِل (چَڻَن جا ڪبابَ) سينڊ وِچ ۽ شَڪشُوڪه (بيضن جي ڀاڄي) آهي. پنهنجي عادت اهڙي ٿي پئي جو روز نه ته موڪل واري ڏينهن، ناشتي ۾ فُول کانسواءِ مزو ئي نه اچي. منجھند جي مانيءَ ۾ هت وري چانوَرَ لازمي آهن. چانورن وارو جيڪو عربي طعام آهي سو ڪبسه سڏجي ٿو، پوءِ اهو يا ته وڏي گوشت ۾ ٿئي يا وري مرغيءَ ۾ ٿئي ٿو. روايتي کاڌن کي ڇڏي، عربن جو اڄڪلھه گھڻو لاڙو فاسٽ فوڊ ڏانهن ٿي پيو آهي. پر حقيقت ۾ سندن روايتي طعام انتهائي لذيذ ٿين ٿا. جيئن حريث. ڪڻڪ ۽ ٻاڪري گوشت مان ٺهيل حريث ائين آهي جيئن، اسان وٽ حليم. پر حريث رُڳي لوڻ ۽ ڪاري مرچ ۾ ٺاهيو وڃي ٿو. مِٺائين ۾ وري لبناني ۽ مصري مٺايون پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن. پر مِٺي جو هڪ طعام، جيڪو اسانجي دل کڻي ويو، سو آهي ”معصوب. هي اصل ۾ يمني ڊش آهي. پر هت عام جام آهي. قِيمي واري مشين ۾ ماني، ڪيلا ۽ کجي وجھڻ کانپوءِ ان مرڪب ۾ ڪريم، چِيز ۽ ماکي وجھي معصوب تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ نهايت ئي لذيذ ٿئي ٿو. هت پاڪستاني، هندوستاني ۽ بنگالي هوٽلون به عام جام آهن، جتي وري جيڪڏهن بورچي ڀلا مليو وڃن ته پوء جَهِڙو گھر جي ماني پيا کائو.
ڪراچيءَ کان دمام:
مغربي توڙي باقي عرب ملڪن جيان سعودي عرب ۾ حج يا عمري کانسواءِ ٻيا سياحتي ويزا جاري ڪو نه ٿين. سو سعودي عرب جي سياحت واري انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ وارن اُپائن مان هي هڪ منفي پهلو آهي. ان بابت ڳچ تحقيق ڪئي پر ان جو ڪو مناسب ڪارڻ سمجھه ۾ نه آيو، نه ئي ان ڳالھه جو ڪارڻ ڪنهن سرڪاري ويب سائيٽ تي ڄاڻايل آهي ۽ نه وري ان ڳالھه کي لوڪل ميڊيا اُڀاريو آهي. ها باقي سعودي عرب ۾ ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري لڳڻ کانپوءِ حاصل ڪيل ويزا، ڊپلوميٽڪ ويزا، حج عمري جو ويزا، تعليمي وظيفي جي تحت حاصل ڪيل ويزا يا ڪاروباري ويزا جي ذريعي ئي داخل ٿي سگھجي ٿو. ڪنهن عرب سڳوري جي ڪفالت وٺڻ (جنهن کي آزاد ويزا به چئبو آهي) تي اڄڪلھه حڪومت جي وٺ پڪڙ آهي. آزاد ويزا واري چڪر ۾ ٿيندو ائين هو ته ڪنهن عرب سڳوري پنهنجي ڪا ڪمپني گورنمينٽ سان رجسٽر ڪرائڻ کانپوءِ پاڻ کي ويزا ڏيڻ جو اهل ڪري، پاڪستان توڙي ٻين پوئتي پيل ملڪن مان سستا مزدور گھرائي، کين اڳتي ٻين ڪمپنين ۾ موڪليندو هو. مزدور ويچاري جي ڪمپنيءَ کان ملندڙ اُجرت جو اَڌُ به پاڻ کڻندو هو ۽ مزدور جي پگھار مان به سَو ٻه سَو ريالن جي ٽُڪَ ڪندو هو. سو هاڻ گورنمينٽ وري اهڙين ويزائن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ته جنهن به ڪفيل (ويزا ڏيڻ وارو سعودي) جو ويزا آهي ڪم به ان وٽ ئي ڪرڻو آهي. اهڙن خارجين جي مدد لاءِ وري سعودي حڪومت، آسان طريقيڪار رکيا آهن ته پنهنجي ان ڪفيل کان اين او سي وٺي پنهنجو ويزا ان ڪمپنيءَ جي نالي تي منتقل ڪرايو، جنهن وٽ اوهان ڪم ڪري رهيا آهيو، ٻي صورت ۾ دائمي ملڪ نيڪاليءَ جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي آهي. ڪنهن کي نوڪري ڪرڻي آهي، پڙهڻو آهي، ڪو ڪاروبار ڪرڻو آهي يا وري ڪو هروڀرو واندو آهي ۽ کيس سعودي عرب يا وري خاص ڪري دمام گھمڻ جو شوق اٿس ته پوءِ ڪراچي ته پوري ريڪروٽنگ ڪمپنين سان ڀري پئي آهي. لک ٻن ۾ ڪنهن ڪمپنيءَ جو ويزا هڻايو ۽ سال کن ڪم به ڪيو ۽ گھمو ڦرو به، يا وري سعودي عرب جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ وظيفا به ايندا رهن ٿا، جن جا اشتهار وري وقت سِر مختلف اخبارن ۾ ۽ نيٽ وغيره تي پڻ ايندا رهن ٿا. يا ڪاروباري ويزا Business Visa هڻائي به آسانيءَ سان گھمي ڦري سگھجي ٿو. پر ان ويزا لاءِ ڪروڙ پتي هجڻ ضروري آهي. ها باقي عمري ۽ حج واري ويزا لاءِ اوهان صرف ۽ صرف جده، مڪو ۽ مدينو پاڪ ئي گھمي سگھو ٿا. جي اُتان شارٽ ڪٽ ڪڍي ڪو ٻيو شهر گھمڻ ڦرڻ لاءِ نڪتئو ۽ پڪڙجي پيئو ته پوءِ سڌو جيل ۾. هاڻ اُهو قانون به ختم ٿي ويو ته ڀاڄوڪڙن کي عزت ۽ احترام سان پنهنجي ملڪ ڊيپورٽ ڪيو ويندو هو. هاڻ انهن کي پڪڙي مهينو انهن جي بهترين خدمت ڪئي ويندي آهي. جيل واري ان ڪمري ۾ جنهن ۾ ڀاڄوڪڙن کي رکيو وڃي ٿو، ان ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي ته جيئن سائين جن اُتي ئي وِهنجي سِنهنجي، تيل ڦُليل ڪري تيار به ٿين ۽ وقت سر سوئمنگ پول جا مزا به وٺن. سو ٻيلي اهو ڪم ڪجو، پنهنجي ذميواريءَ تي. متان سُڀاڻي پٽون پاراتا ملن ته ليک ۾ ته اهو اسانکي ڪو نه ٻڌايو ويو هو. اهي ته هئا هت پهچڻ جا شارٽ ڪٽ رستا ۽ انهن ۾ پيش ايندڙ پريشانيون، هاڻ اوهان کي ٻُڌائبو هت پهچڻ جو سڌو سنئون طريقيڪار.

راڻي پور کان ڊيرا الهيار بلوچستان، تنهن کانپوءِ نوابشاھ تائين مختلف ڪمپنين ۾ نوڪريون ڪندو، ڪراچي اچي هنڌ ڪيم. ٻڌندا پئي آياسين ته ڪراچي آخري اسٽاپ آهي. ڪراچيءَ کانپوءِ جو سفر وري گھڻو اڳتي وٺيو وڃي. سو مون سان به اهو ئي ٿيو. سال کن ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي، لياري ايڪسپريس وَي کي تقريبن تيار ڪيوسين. ان دوران ئي خبر پئي ته هاڻ ڪمپنيءَ مان ماڻهو ڪڍن پيا. سو مون سوچيو ته ان کان پهرين جو مون کي ڪو اهڙو ليٽر ملي، مان پاڻ ئي ٿو ڀڄڻ واري ڪيان. سو ٻاهرين ڪمپنين ۾ اپلاءِ ڪرڻ شروع ڪيم. ائين اِٽليءَ جي هڪ ڪنسلٽنگ ڪمپنيءَ ۾ منهنجو ويزا لڳي ويو. ويزا جو طريقيڪار اهو هوندو آهي ته پهريان ته پنهنجي ڪواليفڪيشن مطابق اخبارن وغيره ۾ اشتهار ڳولهبا آهن. اهي اشتهار ڪڏهن ته سڌا سنوان انهن ڪمپنين جي طرف کان هوندا آهن ۽ ڪڏهن وري پاڪستان ۾ موجود سندن ريڪروٽنگ ايجنٽن طرفان هوندا آهن. سندن ضرورت، مطابق پنهنجيون عربيءَ ۾ ترجمو ٿيل تعلمي سَنَدون، سعودي ايمبيسيءَ ۽ سعودي ڪلچرل سينٽر مان تصديق ڪرائي، سِي وِي، پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ نادرا وارو اووَرسِيز پاڪستانين وارو ڪارڊ NICOP ساڻ ڪيو کين موڪلبا آهن. تنهن کانپوءِ، جيڪڏهن ڪمپنيءَ ۽ توهان جي وچ ۾ ايجنٽ جو هٿ آهي ته هو پنهنجو خرچ پاڻي به ضرور ڪڍندو آهي، جيڪو لکن ۾ ٿئي ٿو، جنهن کان بچڻ ممڪن ته ناهي پر ٿوري گھڻي مٿي ماري کانپوءِ ڪجھه رعايت به ڪندا آهن. ڪجھه وڏين ڪمپنين جا ايجنٽ وري هڪ پائِي به نه وٺن. باقي گورنمينٽ جي ته پنهنجي به فِي آهي جيڪا ايتري گھڻي ناهي. هڪڙا وري نقلي ايجنٽ به مارڪيٽ ۾ دڪان کوليو ويٺا آهن جيڪي غريب اٻوجھه ماڻهن کي ڦُريو گُم ٿيو وڃن. پر انهن جي اصلي هجڻ جي تصديق جو هڪ آسان طريقو آهي. جيڪڏهن ڪو اصلي ايجنٽ آهي ۽ هو مارڪيٽ ۾ سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي ته سندس ويب سائيٽ ضرور هوندي. بس ان ايجنٽ جي ويب سائيٽ تي ٿوري گھڻي نظر ڦيرائڻي آهي، جنهن ۾ سندن ڪم ڪار جو طريقيڪار ۽ سندن ايجنسي جي پوري معلومات موجود هجڻ ئي سندن اصلي هجڻ جا ثبوت آهن. هڪ ٻي آسان نشاني اها آهي ته اصلي ۽ پراڻا ايجنٽ، گھٽ پئسا وٺندا آهن، ڇاڪاڻ جو کين ڪمپنيءَ جي طرف کان به ڪميشن مليو پوي. ان سموري طريقيڪار کانپوءِ ڪمپني جا نمائندا ان ئي ايجنسيءَ ۾ موڪليا ويندا آهن جيڪي انٽرويو ذريعي ڇانٽي ڪندا آهن. بس پوءِ ويزا جو انتظار. ويزا لڳرائڻ کان وٺي ٽڪيٽ ڪرائڻ تائين، سڄو انتظام ايجنسي ئي ڪندي آهي. دمام جا حال احوال کُٽڻ جهڙا ته ناهن. پر هت ئي قصو ڪوتاھ ڪري ايندڙ ليک ۾ الخبر کان اڌ ڪلاڪ جي فاصلي تي سعودي عرب جي پاڙيسري بحرين ملڪ جي سيرَ سَپاٽي بابت پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا اوربا.

No comments:

Post a Comment