Saturday, October 05, 2013

زندهه آهيان ـــ موتَ جي ڪهاڻي سُڻائڻ لاءِ - الطاف شيخ

زندهه آهيان ـــ موتَ جي ڪهاڻي سُڻائڻ لاءِ.....

الطاف شيخ
ٿائلنڊ کان برما تائين ريلَ جو پٽو وڇائڻ لاءِ جپاني جن قيدين ۽ عام ماڻهن کي مختلف هنڌن تان وٺي آيا انهن  مان اسانجي ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندڙ پنجهٺ سالن جي ملئي عورت پئان معصومه پڻ آهي. چيو وڃي ٿو ته لڳ ڀڳ ٻه لک ماڻهو بک، اڃ ۽ جپانين جي ظلم وگهي مري ويا ۽ جيڪي خوش نصيب اهڙين تڪليفن مان پار ٿي بچي ويا، تن مان پئان معصومه بنت احمد پڻ هڪ آهي. (ملئي زبان ۾ شادي شده عورت کي پئان سڏجي، جيئن پاڻ وٽ بيگم، محترمه يا مسز) پئان معصومه هن وقت (۱۹۸۷ع ۾) ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئن جي ماءُ ۽ ارڙهن ٻارن جي ڏاڏي ناني آهي. اڌ صدي کن اڳ ٿيل اهي ظلم جا واقعا کيس اڄ به چٽا پٽا ياد آهن.
”ان ريلوي جي ڪم لاءِ توهان کي ڪيئن وٺي ويا؟“ مون سندس ڪهاڻي لکڻ لاءِ هڪ ڏينهن کانئس پڇيو.

”۱۹۴۲ جي ڳالهه آهي،“ معصومه ٻڌايو، ”اسان کي ڪا خبر نه هئي ته جپاني اسان کي اهڙي سخت پورهئي لاءِ وٺي پيا وڃن جتان هڙ حاصل رڳو موت ٿي سگهي ٿو. اسين ڳوٺَ جا رهاڪو، جهڙو تهڙو پورهيو ڪري پيٽ قوت ڪري رهيا هئاسين. جنگ لڳي ته اهو روزگار به هليو ويو چار پئسا ڪمائڻ لاءِ آتا ٿي پياسين.“
انهن ڏکين ڏينهن ۾ جپاني سپاهين معصومه ۽ سندس مڙس کي ان ريل جي ڪم لاءِ ٿائلنڊ هلڻ لاءِ چيو.
”اسان کي ته اهو ٻڌايو ويو ته توهان کي يونيفارم ٺاهڻ جي فئڪٽريءَ ۾ موڪلي رهيا آهيون جتي ٽن مهينن لاءِ، جپاني سولجرن جا ڪپڙا استري ڪرڻا پوندا ۽ ان ڪم لاءِ اسانکي چڱو پگهار ڏنو ويندو.“
پر ٽن مهينن بعد موٽڻ بدران هنن کي، هن ڌرتيءَ جي دوزخ ۾ ٽي سالَ لڳي ويا. کين لاريءَ ۾ وهاري سندن ڳوٺَ کان ملائيشيا جي ڀرواري ريلوي اسٽيشن تي آندو ويو. جتي جپانين، ٻين هنڌن کان آندل ماڻهو پڻ اچي گڏ ڪيا هئا. اتان کين گاڏيءَ ۾ چاڙهي ٿائلنڊ جي بئنپانگ (Banpong) شهر ڏي موڪليو ويو.
”گاڏيءَ ۾ ٽيهه چاليهه گاڏا هُئا. ويهه فٽ ڊگهي ۽ اٺ فٽ ويڪري ان ريلَ جي هر هڪ گاڏي ۾ ٽيهه پنجٽيهه ماڻهو ڀريا ويا. اسين پنهنجي پنهنجي سامانَ سان گڏ سوڙها سنگهوڙا ٿي رڳو ويهي سگهياسين ٿي. چار ڏينهن چار راتيون ريلَ گاڏي هلندي رهي. ڪڏهن سارين جي پوکَ مان ته ڪڏهن جنگلن ۽ بانس جي گهاٽي فصل مان. گاڏن ۾ ڪاڪوس به نه هُئا. ان ۾ سوار مردَ توڙي عورتون پنهنجي چوڌاري گوڏا ويڙهي ڪنڊ ۾ رکيل دٻي تي فارع ٿينديون هيون، جيڪو اسٽيشن اچڻ تي ڇنڊي صاف ڪيو ويو ٿي ڪنهن اسٽيشن تي گهڻي دير لاءِ گاڏي بيٺي ٿي ته پراڻي زماني جي ريلوي ڪاڪوسَ اڳيان ماڻهن جي قطار لڳي ويئي.
”هر اسٽيشن تي جپاني فوجين نظرداري ڪئي ٿي ته ڪو ڀڄي ته نٿو وڃي. پئان معصومه ٻڌايو ته ڪنهن هڪ ٻن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻين کي سبق سيکارڻ لاءِ، جپاني سپاهين هنن کي پليٽ فارم تي، سڀني اڳيان بيد جي لڪڻن سان ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو. هن سفر دوران، يا اڳتي پورهئي دوران، ڏينهن ۾ ٻه دفعا پاڻي پُسي ڀت جو وٽو ۽ سڪل مڇيءَ ذرو (يا ڀاڄي) ملندي هُئي“ . ڀاڄي ڇا هئي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ گجرن جا ٽڪر يا ساوا پن وجھي کين ڏنو ويو ٿي. هن ٻڌايو ته ان مانيءَ لاءِ به هر اسٽيشن تي ڊگهيون قطارون ٺهيون ٿي ۽ بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري، ڏسڻا وائسڻا، لپ ڀت لاءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا ٿي.
”ڇا ڪجي، بک ۾ پاهه ٿيل انسان ڪتي کان به بدتر ٿيو پوي. پٽ تي چانور ڪري پوندا هئا ته اهي به چٽي کائيندا هئاسين. آخر بئنپانگ اسٽيشن اچي وئي.
”ريلوي جي مزدورن کي پهرين هتي گڏ ڪري پوءِ مختلف ڪئمپن ۾ ڪم لاءِ موڪليو ويو ٿي. جتان پوءِ هنن کي کليل ٽرڪن ۾ چاڙهي اڳتي موڪليو ويو ٿي. هر ٽرڪَ ۾ ماڻهن سان گڏ ريلَ جي پٽن جو سامان پڻ سٿيو ويو ٿي.
”سڄي رات سفر ڪرڻ بعد، ٻئي ڏينهن اسان وانتائي (Wan Tin Kin) پهتاسين.“ معصوما کي اها رات اڃا تائين چٽيءَ طرح ياد آهي ته کليل ٽرڪَ ۾ کين هڪ ته ٿڌي ته هوا ڏڪائي رهي هُئي ۽ ٻيو اڻ ڄاڻ منزل جو خوف. کين خبر نٿي پيئي ته آخر ڪيڏانهن نيو پيو وڃي. سو به اهڙي بيدرديءَ سان. مائٽن کان ته هوءَ اهو چئي موڪلائي نڪتي هئي ته هتي ئي اوسي پاسي جي ڪنهن فئڪٽري يا ڪئمپ ۾ هوءَ جپاني فوجين جا يونيفارم استري ڪرڻ لاءِ وڃي ٿي. سندس ماءُ پيءُ کي ڪهڙي سڌ ته سندن غريب ڌيءَ جو پنج ڇهه ڏينهن کان بک ۽ نه سمهڻ ڪري جسم پيو ڪڙهي. پر اها خبر ته معصومه کي به نه هئي ته اها مصيبت فقط اتي ختم ٿيڻ جي ناهي. هن جي قسمت ۾ ته اڳتي هلي اڃا به وڏا ظلم ۽ تڪليفون اچڻيون آهن. ٻئي ڏينهن وان تائي ڪن (جنهن کي هوءَ وانجھائي سڏي رهي هئي) پهچڻ بعد هن کي اڳتي جا ٻه سؤ ميل پنڌ هلڻ لاءِ چيو ويو. ڇو جو ان کان پوءِ جي جنگلن ۽ جابلو لاهين چاڙهين ۾ ڪا به سواري هلي نٿي سگهي. ماڻهن يا جانورن جي هلڻ ڪري فقط پيچرا ٺهيل هُئا.
پئان معصومه ۽ ٻين عورتن اهو ٻه سؤ ميلن جو پنڌ مردن سان گڏ، ٻارهن ڏينهن ٻارهن راتين ۾ پورو ڪيو. ڪٿي ته ڏينهن جا ڏينهن کين گهاٽي جنگل مان هلڻيو پيو ٿي، جتي گاهه ئي ماڻهوءَ جي قَدَ جيڏو هو. پٽَ تي چڀندڙ ڪنڊا ۽ ڀرٽ، انسان جو ماسُ چڪيندڙ ماڪوڙيون ۽ زهريلا جيتَ هُئا ته مٿي وڻن تي نانگَ بلائون ۽ ڏنگيندڙ مکين ۽ چيلاٽن جا مانارا. چڪن ۽ ڏنگن ڪري هنن جي جسمَ تي سوڄ، ڦٽ ڦرڙيون ۽ بخار ٿي پيو ٿي. پر تڏهن به کين پنڌ جاري رکڻو پيو ٿي.
”ڪو آهستي هليو ٿي ته جپانين کيس لڪڻ سان اهڙو سٽيو ٿي جو جسم جي کل ڦاٽي، گوشت ظاهر ٿي پيو ٿي. پنڌ به ڪو سولو نه هو. ڪٿي چيلهه جيڏا، مينهن جي پاڻيءَ جا دُٻا هئا ته ڪٿي نيون ۽ درياهه.
”مردن کي نه فقط پنهنجو بار ڍوئڻو پيو ٿي پر جپانين جو سامانُ پڻ مٿي ۽ ڪلهن تي ٻڌي هلڻوپيو ٿي. سج اڀرڻ کان به گهڻو اڳ، اسان جو هي سفر شروع ٿي ويو ٿي. سج لهڻ يا اوندهه ٿيڻ تي اتي پٽ تي ئي سمهڻو پيو ٿي. وڌ ۾ وڌ هيٺان وڇائڻ لاءِ ڪيلي جا سُڪل پَنَ هُئا يا ڪو گاهه.“
پئان معصومه ٻڌايو ته ان سفر ۾ روزانو ڪيترا ئي ماڻهو مئا ٿي. ڪي مليريائي مڇرن، وڇن بلائن جي چڪن ڪري ته ڪي گندي پاڻي ۽ اڻ پوري کاڌي ڪري ڪالرا، ٽائفائيڊ ۽ ٻين بيمارين جو شڪار ٿيا ٿي. ڪئمپ ۾ پهچڻ تائين، رستي تي کين، کانئن اڳ جي لنگهندڙ ماڻهن جا، ڪيترا ئي چيريل ڦاڙيل لاشَ نظر آيا. جيڪي ڳجھن، جھنگلي جانورن ۽ جيتن ماڪوڙين جو کاڄُ ٿي رهيا هُئا.
”سندن ڌَپَ نڪ ٿي ساڙيو. پر اسان جي ٽولي جي ڪيترن ماڻهن اهڙن لاشن کي اٿلائي پٿلائي سندن ڪپڙن ۽ سامانَ مان بچيل سچيل قيمتي شيون ڳولهيون ٿي. يا مئل عورتن جي لاشَ جا ڳهه چورائڻ لاءِ هنن جون ٻانهون ڪن ۽ آڱريون جانچيون ٿي. انهن مُردن کي دفن ڪرڻ جو ڪنهن کي به وقت نه هو. هر هڪ پاڻ به اڌ مئو لاش هو. هڪ نفسا نفسيءَ جو عالم هو.“

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment