Saturday, October 05, 2013

پتايا فقط رنڊين کان مشهور ناهي - الطاف شيخ

پتايا فقط رنڊين کان مشهور ناهي
الطاف شيخ
ٿائلنڊ جو هي شهر پتايا فقط رنڊين کنڊين، ڀڙون، ڪڃرن ۽ کدڙن کان مشهور ناهي. پر هتي چور ۽ ڳنڍيڇوڙ به ڦرندي نظر اچن ٿا جيڪي نه فقط امير ملڪن جي ماڻهن کي پر اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي به نٿا بخشين. جتي ڪٿي پوليس ۽ قانون جي سختي هوندي به جيب ڪترن کي موقعو مليو وڃي.

هڪ اهڙي ويڌن، اسان جي هوندي ڪراچيءَ کان آيل هڪ گهمڻ جي شوقين مڙس سان به ٿي. سندن پئسو ڏوڪڙ گم ٿئي. اتي ڪهڙو ڌاريو مدد ڪندو. ساڻ آيل ساٿي به ڪيترو ڏيئي ڪيترو ڏيندا. جو هر هڪ پنهنجي گهمڻ سارو بجيٽ کڻي نڪري ٿو. پر ڌارين ملڪَ ۾ پئسي ڏوڪڙ کان به ڏکيو ڪم پاسپورٽ جو گم ٿي وڃڻ آهي. پئسا ته ڪنهن کان به ملي سگهن ٿا....... پِني به سگهي ٿو پر پاسپورٽ جو گم ٿيڻ معنا گاديءَ واري شهر ۾ ملڪي ايمبسيءَ جا چڪر هڻڻ. ڪهڙي به ملڪ جي ڪيترو به اڇت (Efficient) ايمبسي هجي پر نئين پاسپورٽ ملڻ ۾ وقت ۽ ڊڪ ڊوڙ لڳي ٿي. ڇو ته هر ملڪ جي سفارتخاني (ايمبسيءَ) جون پنهنجيون مجبوريون ۽ قاعدا قانون آهن ۽ پاسپورٽ جهڙي شيءِ جيڪا ملڪ جي صدر يا وزير اعظم طرفان جاري ٿئي ٿي ۽ هڪ تمام اهم دستاويز آهي. اهو ائين وات جي ٻن اکرن تي هر هڪ  کي ڪيئن ٿو ملي سگهي. ٻاهرين ملڪ ۾ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ائين سولو ڪم هجي ته هڪ ملڪ جا ماڻهو ٻئي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل  ڪندا رهن. ڪيترا بنگلاديش، هندستان، افغانستان جا پاڪستان ۾ ڪاهي پون. ڪيتران اسان جا ماڻهو عرب ۽ يورپ آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڙي پون. ان ڪري سفارت خاني ۾ ڄاڻ سڃاڻ هوندي به ان ماڻهوءَ کي نئون پاسپورٽ ملڻ کان اڳ ايمبسي وارا تصديقَ خاطر سندس رهائش واري شهر جي پوليس آفيس، ٽائون ڪميٽي ۽ ٻين هنڌن تان تصديقَ ڪرڻ ضروري سمجھن ٿا. جنهن لاءِ چڱا ڏينهن لڳيو وڃن.
ان ڪري سڄاڻ مسافر پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ جهڙي شيءِ جان سان گڏ محفوظ رکي ٿو. يورپي نسل جا ڀلي  ڇنل چئمپل ۽ هپين وانگر  ڦاٽل ڪپڙا پائي پيا هلن پر پاسپورٽ پينٽ جي اندر چيلهه سان سوگهو هوندن يا قميص هيٺيان پهريل، ڪپڙي جي گنجيءَ جي زِپ يا ٻيڙي  واري کيسي ۾ مضبوط هوندن. ڪي  حاجين وانگر چيلهه تي ٻڌل موڪري پٽي ۾ رکن جيئن پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ هر وقت قابو رهي. پوءِ ڀلي ٻيون شيون بوٽن سميت، ڪو چوري  ڪري وڃي. پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ هوندي ته پيرين اگهاڙو به في الحال  پنهنجي وطن پهچي ويندو.
ٿائلنڊ جي هڪ پوليس واري ٻڌايو ته سريلنڪا ۾ ڦڏن فسادن ڪري،  اتي جا تامل ۽ فلسطيني هر وقت ڌارين ملڪن جا پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ لڳا رهن ٿا. جيئن پاڻ کي ان ملڪ جو سڏائي خفيه تحريڪن ۾ حصو وٺي سگهن. ان ڪري  اڄ ڪلهه ٿائلنڊ ۾ پئسي ڏوڪڙ کان وڌيڪَ پاسپورٽ جي چوري ٿي پئي آهي. اسان پنهنجي هم وطني، يعني مٿيئن ڪراچي واري همراهه کان گهڻو ئي پڇيو ته ابا پاسپورٽ ڪيئن ۽ ڪٿي ڪري پيئي، يا ڪيئن چوري ٿي ويو ـــ جيئن اتي ۽ ان هنڌ تي اهڙي طرح ڳولا ڪري سگهجي. پر همراهه پهرين ته ڪو به خاطر خواهه جواب نه ڏنو. پر پوءِ نيٺ اصل ڳالهه ٻڌائين ته هو هڪ  ٿائي رنڊيءَ کي پاڻ سان رات رهائڻ لاءِ پنهنجي هوٽل  جي ڪمري ۾ وٺي آيو هو. ان اچڻ سان کيس جام مٿان  جام اهڙو پيارو جو هو سنجھي مان ئي الٽيون ڪري پٽ تي غش ٿي ڪري پيو. هوءَ سنجھي مان ئي سندس ٻٽون ۽ پاسپورٽ کڻي رواني ٿي ويئي. پرديسَ ۾ هرڪو،  سموري پئسي کي هڪ کيسي ۾ رکي هلڻ بدران ٻن ٽن ۾ ورهائي هلي ٿو. بلڪه ڪجهه بئگ ۾ ڪجهه هوٽل جي ڪئشر وٽ  پڻ رکي ٿو. جيئن هڪ کيسو ڪترجي وڃي ته ٻئي ۾ رڪشا جي ڀاڙي جيترا ته پئسا هجن. پر هن همراهه جو الهه تلهه ان ٻٽونءَ ۾ هو ــــ زالَ جي فوٽوءَ سان گڏ ـــ جيڪو چورائڻ واريءَ ان وقت تائين ڪنهن ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي ڇڏيو هوندو.
بهرحال اسان ٻن ٽن همراهن هن جي هوٽل جي مسواڙ ڏني ۽ بئنڪاڪ تائين جو ڀاڙو ڏيئي کيس اوڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ڪيو جيئن سفارت خاني مان وڃي نئون پاسپورٽ ٺهرائي. وڃڻ وقت هو اڃا به منجھيل هو ۽ ايمبسيءَ ۾ وڃڻ کان به ڪترائي رهيو هو. جنهن جو سبب هن ٻڌايو ته هو ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ حڪومت جي قاعدي خلاف، بنا اجازت نامي جي، اچي هتان ولايت کان نڪتو آهي.
ان بعد ڇا ٿيو ان جي خبر ناهي. پتايا کان پوليس جي پهري ۾ هو بئنڪاڪ روانو ٿيو (جو پاسپورٽ گم ٿيڻ بعد ٿائلنڊ جي پوليس کي اهو خدشو هو ته هو متان هتي رهي پوي.) پاڪستاني سفارتخاني تحقيق ڪرڻ بعد کيس ضرور پاسپورٽ، ڪو سرٽيفڪيٽ يا ڪو خط پرزو ڏنو هوندو جنهن ذريعي هو ڌاريون ملڪ ڇڏي پنهنجي ملڪ روانو ٿيو هوندو ۽ هنو قت پنهنجي ڪکن ۾ هوندو ۽ نج مرداني سنگت ۾ ٿائي ڇوڪرين جون ته مائٽن مٽن ۽ زال کي پتايا جي سهڻي سمنڊ جون، افسانوي ڳالهيون ٻڌائي رهيو هوندو.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment