Thursday, October 03, 2013

ڀنڀور جو مطالعاتي دورو - غني ڪلھوڙو

ڀنڀور جو مطالعاتي دورو
سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد طرفان
غني ڪلھوڙو
سسئي ۽ پنهون جو قصو اسان جو ادبي ورثو آهي، جنهن کي شاهه سائين ايڏي ته گهرائي ۽ گيرائي واري انداز سان محفوظ ڪيو آهي، جو اهو ادبي حوالي سان امر ٿي ويو آهي، جيئن نظامي گنجوي ليليٰ مجنون کي امر ڪي ڇڏيو. ان نسبت سان سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد شاخ اهو فيصلو ڪيو ته ان عظيم ادبي علمي ورثي کي ان ماڳ تي ياد ڪيو وڃي. جنهن سان ان جي نسبت آهي. ياد رهي ته اها تجويز سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار ۽ ذوالفقار صاحب ڏني، جنهن کي سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جي عهديدارن ۽ ميمبرن جي پٺڀرائي حاصل ٿي. ڇاڪاڻ ته قومن جي ڪردار ۽ سٺن صفتن ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته ايندڙ نسلن کي پنهنجي ثقافت، تاريخ، تهذيب ۽ ادبي ورثي کان آشنا ڪجي.

ان سلسلي ۾ تاريخ ۲۲ سيپٽمبر آچر جي ڏينهن سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جا عهديدار ۽ ميمبر ۴ چئن ڪارن جي قافلي ۾ منجهند جو ۱۲ وڳي ڀنڀور لاءِ روانا ٿيا. ڀنڀور پهچي ٽڪيٽون خريد ڪري ان تاريخي ماڳ ۾ داخل ٿيا. ميوزيم جي لڳ ڇٻر تي پهريان لنچ ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو، ان ۾ اها شيءِ به  طئي هئي ته هر هڪ دوست لنچ جي لاءِ ماني پنهنجي گهران کنيون ايندو. ماني لڳائي وئي. دوستن مختلف ورائٽيز آنديون هيون. ان جي ڪري لنچ جو اهتمام به سٺو ۽ بهتر لڳو.
لنچ کانپوءِ شيڊول مطابق پروگرام جو آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ شروع ۾ محمد امين مگسي ديبل/ ڀنڀور تي لکيل مضمون پڙهيو جنهن جو اختصار هن ريت آهي.
1.      جيڪي سياح سنڌ ۾ آيا ۽ ديبل/ ڀنڀور کي ڏٺو ان ۾ ابن حوقل اصطخري ۽ مسعودي شامل آهن.
علامه سمعاني ديبل/ ڀنڀور جي برک عالمن ۽ فاضلن جو ذڪر ڪيو آهي. Coursens Crow, HAIG, Elliot ديبل/ ڀنڀور جي متعلق پڻ لکيو آهي.
سنڌي شاعري ۾ شاهه عبدالڪريم صوفيانه شاعري ۾ انهيءَ داستان جو ذڪر ڪيو آهي.
ديبل/ ڀنڀور نه صرف بندرگاهه پر هتي وڏيون عالمي شهرت يافته شخصيتون پڻ رهنديون هيون جنهن ۾ ابو العباس احمد بن عبدالله نيشاپوري ديبل/ ڀنڀور جو هو ۽ نيشاپور ۾ دفن ٿيو.
2.      ابوبڪر احمد بن محمد هارون ديبلي، عربي ديبل ۾ ڄائو ۽ بغداد ۾ رهيو، اتي ئي وفات ڪيائين حريبة پاڙي ۾ دفن ٿيو.
3.      ابراهيم بن جعفر محمد ابراهيم ديبلي پنهنجي والد سان گڏ مڪي ۾ رهيو.
4.      ابو محمد حسن بن حامد ديبلي عالم هجڻ سان گڏوگڏ سخي انسان هو، بغداد ۾ مسافرن لاءِ سراء ٺهرايائين، مصر ۾ ۴۵۷ هجري ۾ وفات ڪيائين، مشهور عرب شاعر متنبي سندس دوست هو.
شريف ادريسي پنهنجي ڪتاب نذهب المشتاف ۾ سنڌ جي ۴۸ شهرن جو ذڪر ڪيو آهي، ان ۾ ديبل جو ذڪر ڪيو اٿس.
خطيب بغدادي پنهنجي مشهور ڪتاب ”تاريخ بغداد“ ۾ ”ديبل“ ۾ هڪ عظيم اسلامي درسگاهه جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن کي بر صغير جي پهرين اسلامي يونيورسٽي چئي سگهجي ٿو.
بهرحال ديبل وڻج واپار، قلعن ۽ بندرن سان گڏ علمي شخصيتن جو آماجگاهه پڻ هو. طرائف الادبية ۾ جنهن جو مرتب علامه عبدالعزيز ميمني آهي. جنهن ديبل جي حوالي سان سندس ماضي بيان ڪيو آهي:
”منهنجا دوستو! دل خوش ڪرڻ لاءِ قفص جي ويران شهر ڏانهن هلو، جيڪو هن وقت پنهنجي رونق وڃائي چڪو آهي، پر تصور ۾ ان جو شاندار ماضي رکو. هي ديبل جي پر فضا مقام وانگر آهي، جتي نيل گايون چرن ٿيون.“ ايم ايڇ پنهور ديبل/ ڀنڀور کي عيسوي صدي جي ابتدا ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو بندرگاهه قرار ڏنو آهي.
امام العاشقين حق ۽ سچ جي علامت حضرت منصور حلاج جا پير به ڀنڀور جي دَر تي گهميل آهن.
ان کانپوءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتو جن لاڙڪاڻي مان ڀنڀور ۽ سسئي جي متعلق ڪجهه شعر موڪليا هئا، جيڪي منظور ڪوهيار صاحب سنگت جي آڏو پيش ڪيا، ته وهاب سهتي هنن شعرن جي تشريح گھري آهي .مثلاً:
برو هو ڀنڀور جو آرياڻي اجاريو
لاٿو سڀ لوڪ تان هاڙهي ڌڻي هور
ڇوريون ڇرڻ سکيون پنهون ڪيائون پور
آيو سو اتور جنهن ڏکيون ڏک وهاريون.

مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين
ولهي جي وٿاڻ تي توڏ نه تنوارين
هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
سندس چوڻ آهي، ته پهرئين شعر ۾ ته شاه سائين ڀنڀور کي برو سڏيو آهي. پر ٻي شعر ۾ ڀنڀور کي برو ڇو ٿو سڏي، جڏهن ته ڀنڀور اڳيئي برو آهي، ان ۾ ته هاڃا ٿيندا ئي آهن؟...... هنن شعرن جي تشريح ڪندي، ذوالفقار صاحب چيو ته هنن شعرن ۾ لطيف خود سسئي ٿي ويو آهي، يعني جيڪي زماني جا ڏک ڏولاوا ۽ گردشون آهن، جيڪي سسئي ڏٺا، لطيف سائين اهي خود محسوس ڪري ٿو. ذوالفقار صاحب پنهنجي خوبصورت راءِ ڏيندي چيو ته؛ هر رشي، مني، مصلح يا نبي حق ۽ سچ جي جڏهن دعوت ڏني آهي ته ان وقت ان قوم جي فردن انهن کي موٽ سٺي ڪا نه ڏني، تنهنڪري اهليان شهر کي مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته هي برو ڀنڀور آهي تنهن ڪري نه سڻڻ ۽ ٻڌڻ جا هاڃا ٿين ٿا.
محترم منظور ڪوهيار صاحب راءِ ڏيندي چيو ته سسئي يا ڀنڀور کي شاهه سائين علامتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سسئي جو ڪردار تمام گهرو ۽ معتبر آهي. جنهن ۾ عورت کي مرد جي برابر ڏيکاريو ويو آهي.تڏهن ته لطيف چيوآهي:
منڌ نه منجھان تن، پسي لڪ لڏن جي
جا پر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي.
شاهه سائين کان علاوه ٻين شاعرن جنهن ۾ امير خسرو ۽ ڀڳت ڪبير وغيره به عورت کي پنهنجي شاعري ۾ اهميت ڏني آهي ۽ سکي لفظ استعمال ڪيو آهي. وڏن صوفين پڻ عورت کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو آهي.
مومل جو ڪردار مجازي آهي، مارئي سونهن ۽ سيرت جي حوالي سان پدمڻي هئي، ليلا جو ڪردار لالچي آهي، پر سسئي جو ڪردار شاهه سائين گهڻ پاسائو بيان ڪيو آهي، ان ۾ اڻ ٿڪ ڪوشش ۽ جدوجهد کي اهميت ڏئي ٿو. ان ۾ تڙپ، تلاش ۽ جستجو آهي. ڀنڀور هڪ تشبيهه آهي ته جنهن شهر ۾ محبت يا محبوب نه آهي، اهو شهر  زهرآهي.ان جو مثال شاه سائين جو هي بيت آهي.
پنهون سين پريت جو، ڪو جو پيچ پيوم
ڀنڀي هن ڀنڀور ۾، وهڻ وه ٿيوم
متيون موٽڻ سنديون، ڪاڪيون ڪيم ڏيوم
سرتيون ساه سندوم، ٿيو حوالي هوت جي.
ان کانپوءِ ثناگر جاگيراڻي، سسئيءَ متعلق شاهه سائين جا شعر پڙهيا. محترم نظير چنا بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته مشهور محقق لي ماسون جيڪو پاڪستان ۾ آيو هو ۽ سروي آف انڊيا جي حوالي سان ٻڌايو هئائين ته حضرت منصور حلاج رحمة الله عليه ڀنڀور/ ديبل آيا هئا، سندن سفر جو رستو ڀنڀور کان جهمپير پوءِ روهڙي ويا هئا. اصغر باغي صاحب چيو ته سسئي کي ڀٽائي علامت طور ڳايو آهي، جنهن ۾ جدوجهد ۽ ڪوشش جو عنصر موجود آهي، ان کانپوءِ اصغر باغي پنهنجو شعر به پيش ڪيو.
جبار منظر پنهنجو شعر ٻڌايو ۽ هن چيو ته پنجاب جي شاعرن خاص طور تي سرائڪي خطي وارن ته سسئي کي گهڻو ڳايو آهي، عطاءُ الله نيازي به پنهنجي انداز سان سسئي کي ڳايو آهي، آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي جنهن ۾ فقير غلام سرور ڪوريجو محفل کي پنهنجي آواز سان گرمايو. عبدالغفار عبد پڻ فن جو مظاهرو ڪيو، هن محفل ۾ شبير لاکي پنهنجي والد محمد صديق ڏکويل لاکو جو سسئي جي متعلق چيل ڪلام پيش ڪيو. پروگرام ۾ محترم سفير جتوئي، مير محمد پنهور، بشير احمد لاکو ۽ عمار ملڪ پڻ حصو ورتو. آخر ۾ قديم آثارن جو جائزو ورتو ويو. ان ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته آثارن جي اتر ۽ انڊسٽريل ايريا جي ڀرسان محمد کٽيءَ يعني سسئي جي رهائشگاهه ٿي سگهي ٿي. ڇو ته ڀنڀور جي ڀرسان رهندڙ ماڻهن جي پڻ اِها راءِ آهي. ان تي محقق پنهنجي تحقيق کي وڌائن، سرڪار کان اديبن ان ڳالهه جو به مطالبو ڪيو ته اڳ ۾ جيڪي سيمينار ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا، انهن جي روشنيءَ ۾ آرڪيالاجيڪل ڪم کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ ان سان گڏ ادبي پروگرامن جي لاءِ ڀنڀور جي ماڳ تي هڪ هال ٺهرايو وڃي، جتي علمي، ادبي ثقافتي سرگرميون ممڪن ٿي سگهن.
اهڙيءَ طرح سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جو مطالعاتي دورو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

آخر ۾ غني ڪانڌڙو سيڪريٽري ادبي سنگت گلشن حديد سڀني آيلن جو شڪريو بجاءُ آندو.

No comments:

Post a Comment