Wednesday, October 02, 2013

جيترو قاعدو اوترو فائدو - الطاف شيخ

جيترو قاعدو اوترو فائدو
الطاف شيخ
دنيا جا اُهي ملڪ، مثال طور سنگاپور، جپان، هانگ ڪانگ وغيره يا اهي شهر جهڙوڪ، ممبئي، نيويارڪ (مئن هٽن) جتي زمين جي کوٽ آهي ۽ عوام گهڻو آهي، اُتي رهائش لاءِ اُڀيون عمارتون يعني فليٽ سسٽم بهترين جواب آهي. مون سنگاپور کي تڏهن به ڏٺو يعني گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾، جڏهن اهو اڃان به Fishing Village لڳو ٿي. هن تر ۾ جهازن ۽ جهازين (جهازن کي هلائڻ وارن ۽ سفر ڪرڻ وارن مسافرن) لاءِ ڪولمبو ۽ عدن بلي بلي بندرگاهه هئا. پوءِ اتي جي سياستدانن جي جڏن ڪمن ۽ فيصلن ڪري سلون (هاڻوڪو سريلنڪا) ۽ يمن پٺتي رهجي ويا ۽ پوءِ ستر واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن کان سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جو اوج شروع ٿيڻ لڳو. سنگاپور ۾ پهرين پيپلز پارڪ امپوريم ۽ پوءِ هڪ ٻه ٻيا گهڻ ماڙ وارا شاپنگ سينٽر کلڻ شروع ٿيا، نه ته سنگاپور ۾ ورلي ڪا وڏي عمارت هئي. وڌ ۾ وڌ هيٺ دڪان ته مٿان ان دڪاندار جو فليٽ. جيڪي عمارتون هن پاسي ”شاپ هائوس“ سڏجن ٿا. ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور هر فيلڊ ۾ ايڏي ترقي ڪئي، جو سڄي دنيا جا واپاري ۽ امير ماڻهو هن مٽياري ضلعي جيڏي ٻيٽ نما ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ پئسو لڳائڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي اسان جي سامهون شپنگ ڪمپنيون، ايئر لائينون، بئنڪون، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون، شپ يارڊ ۽ فارين آفيسون کلي ويون، جن کي هلائڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا ماڻهو هڪ طرف رهڻ لڳا، ته گهمڻ جا شوقين ٻئي طرف اچڻ لڳا.  ملڪ ۾ خوشحالي ۽ پئسو ته جام اچڻ لڳو پر رهائش وڏو مسئلو ٿي پيو. ننڍڙي ٻيٽ تي آفيسون، دڪان، روڊ ٺهڻ بعد باقي زمين ئي ڇا ٿي بچي، جنهن تي ماڻهو بنگلا ٺهرائين. ان مسئلي جو حل ان وقت جي وزير اعظم ’لي ڪئان يو‘ کي اوچين عمارتن ۾ نظر آيو. هن سنگاپور کي فليٽن جو شهر بڻائي ڇڏيو.  نه رڳو پرائيويٽ ڪمپنين کي فليٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏني پر سرڪاري طرح به ٺهرائڻ شروع ڪيا. ان سان گڏ سنگاپور ۾ رهندڙ ٽنهي قومن (ملئي، چيني ۽ انڊين) جي ماڻهن کي حڪومت طرفان آسان قسطن تي قرض به ڏنائين پر هن فليٽ ٺاهيندڙن ۽ انهن ۾ رهندڙن لاءِ ڪجهه قاعدا قانون به ٺاهيا جو ’لي ڪئان يو‘ هميشه چوندو هو ته ”جيترو قاعدو اوترو فائدو.“

اوچيون عمارتون يعني فليٽ ٺاهڻ وارين ڪنسٽرڪشن ڪمپنين لاءِ اهو ضروري ڪيائين ته، هر بلڊنگ اڳيان هڪ ننڍڙو پارڪ هجي، جتي ان بلڊنگ جي فليٽ ۾ رهندڙ ٻار ۽ والدين ٻين سان ملي سگهن ۽ چهل قدمي ڪن. هر عمارت جي چوڌاري ’جاگنگ‘ ٽرئڪ ضروري ڪيائين، جيئن مردَ توڙي عورتون پنهجي صحت صحيح رکڻ لاءِ صبح توڙي شام جو واڪ ڪري سگهن. عمارتون ٺاهڻ وارن تي هن اها به سختي ڪئي، ته هر فليٽ جون اليڪٽرڪ تارون ۽ سئچ، گٽر سسٽم ۽ نلڪا اعليٰ رکيا وڃن، جيئن نه پاڻيءَ جو زيان ٿئي ۽ نه گٽر اُٿلي گندگي پيدا ڪن. بهرحال ٻيون به ان قسم جون ڳالهيون. ساڳيءَ طرح فليٽن ۾ رهڻ وارن لاءِ پڻ ڪيترائي قانونَ مقرر ڪيائين، جن مان ڪجهه هن ريت آهن ته، فليٽ ۾ رهندڙن يا انهن جي مهمانن کي عمارت اڳيان هارن وڄائڻو ناهي ۽ نه موٽر سائيڪل وارن کي ڦاٽل سائلينسر استعمال ڪرڻو آهي. هر هڪ کي ٽي وي ۽ ريڊيو جو آواز ايترو رکڻو آهي، جو اهو سندس فليٽ تائين محدود رهي ۽ ڀر واري فليٽ ۾ ٻڌڻ ۾ نه اچي. ڪنهن کي به دريءَ مان ڪچرو اُڇلائڻ جي اجازت نه آهي. پهريون دفعو شڪايت ملڻ تي فليٽ جي مالڪ کي وارننگ، ٻئي دفعي تي ڏنڊ ۽ ٽئين دفعي تي فليٽ ضبط ڪرڻ جي سزا مقرر ڪئي وئي ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته سنگاپور جي حڪومت پنهنجن ماڻهن کان انهن قانونن تي عمل به ڪرايو. قانونَ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ کانئن فليٽ خالي ڪرايا ويا. هي سڀ ڳالهيون مونکي پنهنجي مُلڪَ ۾ مختلف چئنلن تان ڪنهن رهائشي اسڪيم ۾ گهر يا فليٽ خريد ڪرڻ لاءِ ايندڙ بار بار اشتهار ڏسي ياد اچي ويون آهن. هن قسم جي ’گهر اسڪيمن‘ جو زور حيدرآباد ۾ گهڻو نظر اچي ٿو. حيرت آهي انهن اسڪيمن جا مالڪ عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ حيدرآباد کي سهڻو شهر سڏين ٿا، ڪنهن زماني ۾ اهو شهر واقعي سنڌ جو پئرس هو پر هاڻ اهو شهر ڪهڙي ريت خوبصورت ۽ صاف سٿرو آهي؟ آئون اهو سوال اکين وارن کان ٿو ڪريان. مونکي اسان جي ملڪ جي هڪ فلمي اداڪارا ٿي ياد اچي، جيڪا انڊيا کان چڪر هڻي موٽڻ تي پاڻ پڏرائي رهي هئي ته مونکي انڊيا ۾ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ملي پر پنهنجي ملڪَ جي حُبَ ۽ سِڪَ مونکي واپس وطن وٺي آئي. فلاڻي ڊائريڪٽر ته مونسان هٿ ملائي چيو ته تون بيحد سهڻي آهين. پريس ڪانفرنس ۾ ويٺل رپورٽرن مان هڪ ]چيو ته ”اهو ڊائريڪٽر انڌو هو ڇا؟“
سو اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا جي ماڻهن کي صحت ۽ صفائيءَ جي چڱي ريت ڄاڻ آهي ۽ جڏهن ڪينيا، ملائيشيا، ٿائلينڊ، موزمبق ۽ انڊونيشيا جهڙن مينهوڳيءَ واري موسمن وارن ملڪن جا شهر به چمڪن پيا، اتي ڇا توهان سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد توڙي نوابشاهه ۽ خيرپور جهڙن شهرن کي سهڻا شهر سڏيندئو؟ ۽ ان تي طرو اهو ته ....حيدرآباد جهڙي سهڻي شهر جي دل قاسم آباد ۾ هي خوبصورت ۽ سهولتن سان پُر رهائشي اسڪيم آهي، جنهن ۾ توهان اڄ ئي فلئٽ يا بنگلو بڪ ڪرايو. قاسم آباد اهو ئي آهي نه جتي پڪوڙا چوڪ، نسيم نگر چوڪ وغيره آهي، جتي اسان جي هڪ دوست جو دڪان آهي، سامهون رستي جي ٻي پار هڪ هوٽل آهي، جتي چانهه يا منجھند جي ماني کائيندو آهيان. يا اهو چوڪ جتي CNG اسٽيشن آهي، ان قاسم آباد کي توهان ڪيئن سهڻي شهر جي دل ٿا سڏيو؟ جتي بکايل ڍڳيون ڪچري جي ڍير کي پيون ڦلورين، جتي مئل ۽ زخمي ڪُتن مٿان مکيون ويٺيون آهن، جتي گٽرن جو پاڻي بيماريون پکيڙي رهيو آهي، جتي فٽ پاٿن تي دڪانن جا سامان ۽ موٽر سائيڪلون پارڪ ٿيل آهن ۽ پيادا هلڻ کان هلاڪ آهن، جتي هفتو کن اڳ جو اڌ ڪلاڪ کن وسيل مينهن جو پاڻي اڃا سڪو نه آهي، جتي ڪامورن جا مٿي ڦريل نوڪر ۽ ڊرائيور پنهنجي صاحبن جي بنگلن ٻاهران ڪرسين تي ويهي سگريٽن جا سُوٽا هڻي رهيا آهن ۽ پاڙي جي ايندڙ ويندڙ نياڻين تي رمارڪ ڏئي رهيا آهن!

ٽي سالَ کن اڳ جڏهن آئون ڪراچي آيل هئس ته آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي هڪ سنڌي دوست ان قسم جو اشتهار ٽي وي تان يا اخبارَ ۾ ڏسي فليٽ جي بڪنگ ڪرائي ۽ ڇهه مهينا کن قسطون ڏيڻ بعد مونکي منٿ ميڙ ڪئي ته ٻن ڪلاڪن جو سفر ڪري حيدرآباد وڃي اهو سهڻو علائقو ڏِسان جتي سندس گهر ٺهي رهيو آهي. انڪار ڪرڻ بدران حيدرآباد جو رُخ ڪيم ۽ ان رهائشي اسڪيم کي اچي ڏٺم ته سُڃَ ئي سُڃَ لڳي پئي هئي. روڊ کان گهڻو هيٺ Low Line ۾ اهو زمين جو حصو هو، جتي ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ رهائشي اسڪيم ٺاهڻ لاءِ اشتهار بازي ڪري رهي هئي. سم ۽ پوسل جي پاڻيءَ تي فقط ڪَنگَ نظر اچي رهيا هُئا. دوست کي فون ڪيم ته بابا هتي ته ڪمپنيءَ جي آفيس کان علاوه ٻيو ڪو به گهر ٺهيل نه آهي. مڪمل گهر ته ڇا اڃان بنياد به نه کوٽيا ويا آهن. منهنجي دوست حيرت مان پڇيو ته ”ائين وري ڪيئن! ملڪ جي خوبصورت اداڪارا ته ٽي وي تي هلندڙ اشتهار ۾ هر وقت اهو اچي چئي رهي هئي ته، مون ته هن اسڪيم ۾ گهر وٺي ڇڏيو آهي توهان به اڄ ئي خريد ڪريو.“

No comments:

Post a Comment