Sunday, September 29, 2013

بڪنگهم پيلس جا دلڪش نظارا - عبدالحي پليجو

بڪنگهم پيلس جا دلڪش نظارا
ڪارا گلاب خريد ڪرڻ وارو شوق
عبدالحي پليجو
پنهنجي گذريل ڪالم ۾ لنڊن جي مکيه بازارن ۽ تفريحي ماڳن جو ذڪر ڪيو هئم. هن ڀيري اسان انگلينڊ جي راڻيءَ جي گهر وڃڻ جو سوچيو. مِنا پڇيو ته، اڄ جو ڇا پروگرام آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته، اڄ انگلينڊ جي راڻيءَ جي گهر ٿا هلون، پاڻ کِلي چيائين ته، سچ ٻڌائي ته اڄ ٻاهر گهمڻ جو ڪهڙو پروگرام آهي؟! مون وري کيس ساڳيو جواب ڏنو ۽ سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ته، انگلينڊ جي راڻيءَ جي لنڊن واري سرڪاري رهائشگاهه ٿا هلون، پاڻ پُڇيائين ته، اُتي اچڻ ڏيندا، پوءِ مون کيس سڄو احوال ٻڌايو ته، ۱۹۹۲ع ۾ بڪنگهم پيلس جي هڪڙي حصي کي زبردست باهه لڳي، جنهن ۾ محل جو هڪڙو حصو سڙي ويو، محلات ۽ ان ۾ رکيل نوادرات، فرنيچر، پردا، ڪارپيٽ ۽ بجليءَ جي فٽنگ کي به تمام گهڻو نقصان پهتو. باهه کانپوءِ بڪنگهم پيلس وارن حڪومت کي لکيو ته، محل جي مرمت ڪرايو ۽ سڙيل سامان به وٺي ڏيو، حڪومت کين جواب ڏنو ته، اسان چريا آهيون جو راڻيءَ جي ذاتي گهر جي مرمت ڪريون. راڻيءَ کي حڪومت جيڪو ساليانو ڀتو ٿي ڏئي. راڻيءَ کي چئو ته، انهيءَ مان محل کي ٺهرائي. راڻيءَ وري کين جواب ۾ چيو ته، حڪومت جيڪو مونکي الائونس ٿي ڏئي انهيءَ مان ته منهنجو گذر سفر ئي مس ٿو ٿئي، سو آئون هي هيڏو سارو خرچ يعني محل جي مرمت ۽ سامان سڙو ڪيئن وٺي سگهنديس؟!

ڪافي وقت ٻنهي ڌرين ۾ لکپڙهه هلندي رهي پر ڪو به خاطر خواهه نتيجو ڪونه نڪتو، آخر مجبور ٿي شاهي خاندان هن نتيجي تي پهتو ته، محل جي باقي حصي کي عام ماڻهن لاءِ ايستائين ٽڪيٽ تي کولي ڇڏجي، جيستائين گهربل فنڊ حاصل ٿين، نيٺ ڪافي اشتهارن کانپوءِ محل عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو  ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بيپناهه دولت گڏ ٿي وئي، جنهن سان محل جي نئين سر مرمت ڪئي وئي، محل ته تيار ٿي ويو پر شاهي خاندان انهيءَ مان ايتري ته دولت ڪمائي، جو هاڻ جنهن موسم ۾ برطانيا ۾ جام سياح اچن، انهيءَ دوران راڻي وڃي ٻئي محل ۾ رهي ۽ هي محل سياحن لاءِ مخصوص ڪريو ڇڏين، مِنا کي مون چيو ته، ائين پاڻ به بڪنگهم محل گهمي اينداسين. انهيءَ تي مِنا چيو ته، تنهنجو مطلب ته جي شاهي محل کي باهه نه لڳي ها، ته مومل برطانيا جي راڻيءَ جو محل نه ڏسي سگهي ها. اسان کِلندي ڪئميرا کنئي ۽ ائين جڳهه مان مان ٻاهر نڪري پياسين، هلندي هلندي اچي ٽيوب اسٽيشن تي پهتاسين، جتي ڪافي رش هئي، اسان قطار ۾ بيهي ٽڪيٽ خريد ڪري ٽيوب اسٽيڊ اندر انڊر گرائونڊ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، انڊر گرائونڊ اندر هڪڙا پيا ايندا آهن، ته ٻيا پيا ويندا آهن، ڪي انڊر گرائونڊ هيٺ ته ڪي مٿي. انهن لاءِ لائيٽ تي سيڙهيون ٺاهيون اٿن، جيڪي سڄو ڏينهن پيون هيٺ مٿي هلن ۽ ڪا خراب ٿئي ته، هي بورڊ هڻي ڇڏين ته (آئوٽ آف آرڊر) پهرئين پاڻيءَ جي جهازن پوءِ هوائي جهازن، ريلوي ۽ ٽيوب جي ڪري دنيا جو مفاصلو ئي گهٽجي ويو آهي. انهن سهولتن جي ڪري اوائل ۾ ماڻهن واپار ڪيو، پوءِ شاگرد ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويا، تنهن پڄاڻا علاج ۽ زيارتن سانگي دور دراز ماڳن ڏانهن وڃڻ لڳا، انهن سهولتن ڪري ماڻهو پري پري هڪ ٻئي سان مائٽي به ڪرڻ لڳا، تنهنڪري نه رڳو اهي ماڻهو پر انهن جا مٽ مائٽ به شادين مُرادين ڪري پري پري ملڪن ۾ هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ لڳا ۽ ائين هي مفاصلا ويا گهٽجندا. اسانجي رستي جي انڊر گرائونڊ ٽيوب آئي، ته اسان به ٽيوب ۾ چڙهي ٽنگيل ڏنڊي ۾ جهلي بيهي رهياسين، تنهن سيڪنڊن ۾ تيز هارن وڄائيندي اسانکي ڪٿان کان ڪٿان وڃي پهچايو پر اسانجي اسٽيشن يعني بالم انڊر گرائونڊ کان بڪنگهم انڊر گرائونڊ ڪافي پري هئي. تنهنڪري اسان اڃا پنهنجي سيٽن تي ويٺي لهڻ چڙهڻ وارن کي ڏسي واسي رهيا هئاسين. لنڊن ۾ رهڻ ڪري تمام گهڻين جڳهين ۽ شين سان واسطو پوي ٿو پر آئون انهن مختصر اسمن جا نالا ۽ اگهه به توهانکي ٻڌايان ته، هڪ ڪتاب ٿي ويندو، سو مڙيئي توهانکي هڪ اندازو ٿو ٻڌايان ته، جي لنڊن وڃو ته پنهنجي بجيٽ انهيءَ نموني ٺاهي وڃجو ۽ هوائي ٽڪيٽ جو اگهه ۽ رستو به لنڊن وڃڻ لاءِ هڪ نه پر ڪئين آهن. سو صلاح مشوري کانپوءِ ٽڪيٽ بُڪ ڪرائجي ته بهتر ٿيندو. اڄڪلهه سستي ۾ سستي ٽڪيٽ قطر ايئرويز وارن جي آهي، اسان جي منزل اچي وئي ۽ اسان ٽيوب مان لهي فوٽ پاٿ تي هلي بڪنگهم محل ڏانهن وڃي رهيا هئاسين.
بڪنگهم محل لنڊن شهر جي بادشاهه يا راڻيءَ جي سرڪاري رهائشگاهه آهي. هي محل عوام جي معائني لاءِ سڀ کان پهرين سن ۱۹۹۳ع ۾ کوليو ويو. هي محل گهمڻ لاءِ پيلس روڊ تي واقع آهي. اسان به انهيءَ رستي تان محل ۾ داخل ٿياسين، محل جو موجوده گرانڊ هال اڳوڻي داخلي هنڌ تي ٺهيل آهي. سندس گرانڊ اسٽيئر ڪيس يعني سيڙهيءَ جي نسبت سان هن هال تي گرانڊ هال نالو رکيل آهي، ڏاڪڻ جا پايا خصوصي طور سنهري رنگ واري پتل جا ٺهيل آهن. انهن تي گلدار ول جي ڄاري ٺهيل آهي. محل جي گارڊ روم وٽان لنگهندي ڀتين تي گوبلين پردا آويزان ڏسڻ ۾ ايندا. محل جي گرين ڊرائنگ روم جون ڀتيون نهايت سهڻن رنگين ريشمي پردن سان آراسته آهن ۽ ان جي ڇت تي تمام سهڻي چِٽسالي سوني پاڻيءَ سان نهايت خوبصورتيءَ سان ڪيل آهي. بڪنگهم محل جو شاهي بال روم جيڪو ۱۲۲ فوٽ ڊگهو آهي، مهاراڻي وڪٽوريا جي دور ۾ ڪرائميا سان ٿيل جنگ جي خاتمي واري تقريب لاءِ سن ۱۸۵۶ع ۾ استعمال ڪيو ويو هو، سڄي محل کي گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن گهرجن پر اسان هتي گهمڻ لاءِ ٻه ڪلاڪ مقرر ڪيا. ماهر تعميرات مسٽر نيش جي نقشي موجب اڏيل پڪچر گئلريءَ ۾ ڪئين عجيب فن پارن جو خزانو موجود آهي.، جيڪي روبن، ريمبرانڊٽ، ڪيناليٽو، ورمير ۽ ڪيترن ٻين جون ڪاوشون آهن، هتي رکيل تصويرون راڻيءَ جي قائم شده ٽرسٽ جي ذخيري مان چونڊيل آهن ۽ برطانيه جي قومي ورثي جون حامل آهن. محل جي اسٽيٽ ڊائننگ روم ۾ جارج ٽيئن ۽ چوٿين سميت ڪيترن بادشاهن ۽ راڻين جون شاهي تصويرون ڳاڙهي بروڪيڊ سان سينگاريل تمام سهڻيون لڳن ٿيون. هن هال ۾ رکيل ڪرسيون پرنس ريجينٽ پنهنجي چارلٽن هائوس واري رهائشگاهه لاءِ سن ۱۸۱۳ع ۾ خريد ڪيون هيون، جن تي هاڻ عام سياح ويهي فوٽو ڪڍي رهيا هئا. اسان به هڪٻئي جا ڪرسين تي ويهي فوٽو ڪڍيا. محل جي بلور ڊرائننگ روم ۾ اونڪس ڪالم ۽ پورسيلين ميٽريئل مان ٺهيل ميز رکيل آهي، اها ميز نيپوليئن جي استعمال لاءِ ٺاهي وئي هئي، هن ڪمري ۾ فرينچ نوادرات پڻ آراسته آهن، ڇت ۾ انگلش ڪٽ گلاس جا ٺهيل فانوس ۽ شمعون ڪمال حسن سان فٽ ٿيل آهن، سنهري رنگ وارين ڀتين تي ڪئين ٻين شوخ ۽ جاذب رنگن سان چترڪاري ٿيل آهي. هن هال جي دنگ وٽ منسٽرس اسٽيئرس نالي ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جيڪا محل جي مکيه فرش تي پهچائي ٿي، اتان اڳتي ماربل هال موجود آهي، اهو اصلوڪي بڪنگهم هائوس جي دل تصور ڪجي ٿو، انهيءَ هال ۾ اٽليءَ جو سنگ مرمر استعمال ڪيل آهي، معروف سنگتراش اينٽونيو ڪينووا جي تراشيل ٽن مجموعن سميت هن هال ۾ ڪيترا ئي تمام سهڻا مجسما آويزان آهن. اسان ساڻ هتي ٻيا به ڪافي سياح آهن پر گوڙ بلڪل ڪونهي.
بڪنگهم محل جي تاريخ سن ۱۷۰۲ع ۾ تڏهن شروع ٿي، جڏهن بڪنگهم واري ڊيوڪ جي پٽ سن ۱۷۱۶ع ۾ بادشاهه جارج ٽئين کي اهو وڪڻي ڏنو، سن ۱۷۷۴ع ۾ هن محل تي ”ڪئينس هائوس“ نالو تڏهن رکيو ويو، جڏهن کان راڻي چارلوٽ هن محل ۾ رهڻ لڳي. جڏهن هي محل بادشاهه جارج چوٿين جي حوالي ٿيو، ته هن سن ۱۸۲۰ع ۾ نيش نالي هڪ ماهر تعميرات کي محل ۾ گهربل مرمت ۽ اڏاوت لاءِ مقرر ڪيو ويو. هُن محل جي مکيه اڏاوت کي برقرار رکندي ساڻس گڏ هڪڙو اضافي سوٽ اهڙي طرح تعمير ڪيو، جنهن جو اڱڻ اولهه طرف باغيچي ڏانهن هو، جنهنڪري محل جي سائيز ٻيڻي ٿي پئي. انهيءَ ۾ قديم ۽ جديد فرينچ اڏاوت جو نمونو اختيار ڪيو ويو. هاڻي ٿيل مرمت دوران پڻ مسٽرنيش جي طرز تعمير کي اصل صورت ۾ برقرار رکيو ويو آهي، مِنا اڃا دريءَ وٽ بيٺي گل ڏٺا پر هتان کيس هڪ گُل به ڪونه مليو، هن اڳ به لنڊن مان اٺ ڪارا گلاب خريد ڪيا آهن، ته ڪراچيءَ کڻي هلنديس.


No comments:

Post a Comment