Saturday, September 21, 2013

حلال جو پورهيو ڇڏڻ نه کپي - الطاف شيخ

حلال جو پورهيو ڇڏڻ نه کپي
 الطاف شيخ

انڊيا جي رهاڪن کي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور لاءِ به اڳواٽ پنهنجي ملڪ مان ويزا وٺي نڪرڻو پوي ٿو. ڪي ملڪ ته اهڙا آهن جيڪي رهڻ ته نٿا ڏين پر گهمڻ لاءِ به اچڻ نٿا ڏين. انهن ملڪن جي ويزا نه سندن ايئرپورٽ تي ملي سگهي ٿي ۽ نه سفارت خانن مان. سئيڊن، ناروي، ڪويت، برونائي ۽ ٻيا ڪيترا ئي عرب ملڪ ڌارين کي اچڻ نٿا ڏين ـــ منهنجو مطلب آهي اسان جهڙن غريب ملڪن جي رهاڪن کي. باقي ڪو آمريڪن، انگريز، فرينچ وغيره آهي ته بالم ٿيو پيو هلي. هن لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن جا دروازا کليل آهن. بلڪه انهن لاءِ اسانجو هر ايشيائي ملڪ واٽون پيو نهاري.

جن ملڪن ۾ اچڻ جي اجازت ناهي، يا جن ملڪن ۾ اڳواٽ حاصل ڪيل ويزا بنا اچي نٿو سگهجي، اتي توهان ٽڪيٽ خريد ڪري انهن ملڪن جي هوائي اڏي (ايئرپورٽ) تائين ته پهچي سگهو ٿا پر ان ملڪ جي ”اميگريشن پوليس“ توهان کي ايئرپورٽ کان ٻاهر هرگز نه ڪڍندي.
۱۹۸۴ع ۾ برونائيءَ کي خودمختياري  ملڻ جو جڏهن اعلان ٿيو ته پاڪستان ۾ خبر ناهي ڪنهن افواهه پکيڙيو ته فلاڻي تاريخ کان اڳ جيڪو برونائيءَ ۾ پهچندو ان کي برونائي ۾ هميشه لاءِ رهڻ ڏنو ويندو ۽ نوڪري ڌنڌي ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏني ويندي. ڪيترا غريب ويچارا الهه تلهه وڪڻي هوائي جهازن جا ڳرا ڀاڙا ڀري جڏهن اتي پهتا ته کين ايئرپورٽ کان ئي ٻاهر نه ڪڍيائون. اتان ئي اڃيو بکيو ٻي اڏام ۾، سندن ئي خرچَ تي، کين پاڪستان موڪليو ويو. سو گهر کان نڪرڻ مهل هميشه اهو خيال ڪجي ته آيا ٻئي ملڪ ۾ اچڻ ڏيندا يا نه. ڇو جو ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ فقط پاسپورٽ ۽ رٽرن ٽڪيٽ ڪافي نه آهن. ان سان گڏ ويزا، هيلٿ سرٽيفڪيٽ ۽ غير ملڪي ناڻي جو هجڻ پڻ ضروري آهي.
سو ڌارين ملڪن جا جيڪي ٿائلنڊ ۾ اچن ٿا، ويزا ختم ٿيڻ تي هن ڏاکڻي شهر هاتيائيءَ مان ٿي ملائيشيا وڃن ٿا، جيئن کين مهينو کن وري وڌيڪَ رهڻ لاءِ ملي وڃي. ڪيترا ئي پاڪستاني ماڻهو ڌارين ملڪن جا کاڌا ــــ ويندي سئنڊوچ، ڊبل روٽي کائڻ جا عادي نه هجڻ ڪرري مسٽر طارق جي ”ربي ـــ ريسٽورانٽ“ جهڙين هوٽلن ۾ پنهنجي پسند جو ٻوڙ ماني يا ڀت کائڻ لاءِ اچن ٿا. جيئن اسان جو ملئي دوست هاشم به سڄي شهرَ کي ڇڏي هتي آيو. سو طارق جي ربي ريسٽورانٽ جا اهم گراهڪ گهڻو تڻو پاڪستاني ۽ اتر هندستاني آهن. ڪجهه ڏکڻ هندستان جا به اچن ٿا. جن جي پسند جون شيون، اڊلي، ڊوسا وغيره پڻ هن پنهنجي هوٽل ۾ رکيا آهن.
طارق کان پڇيم:
”ملائيشيا جو ته سرڪاري مذهب اسلام آهي ۽ جتي ڪٿي حلال کاڌو ملي ٿو پر هتي ٿائلنڊ ۾ ان جو بندوبست ڪيئن ڪريو جتي نوي سيڪڙو ماڻهو ٻڌ آهن.“
”هتي حلال گوشت سولائيءَ سان مليو وڃي جو هتي جا گهڻا ڪاسائي مسلمان آهن. انهن ۾ ڪجهه ته پاڪستاني پٺاڻَ آهن، ڪجهه ملئي ۽ ڪجهه هتي جا ٿائي مسلمان آهن.“
”ڇو ڀلاــــ ؟“
” ان ڪري جو ٻڌ ڌرم موجب ڪنهن به ساهه واري جي جان، هڪ ٻڌ کي وٺڻي ناهي. ان ڪري ڪو به ٻُـڌ ڪاسائي ناهي. باقي ”ٻوٽي حرام رهو حلال“ موجب کائين سڀ ڪجهه ٿا.“
”ڀلا توهان جو ڌنڌو ڪيئن ٿو هلي؟“ مون طارق کان پڇيو.
”بس . ٺيڪ آهي. گهڻو سٺو به نه آهي. گهڻو خراب به نه آهي. گذر سفر پيو ٿئي. رشوت، غنڊه گرديءَ جو چڪر ناهي. ٽئڪس ڪٽڻ بعد جيڪي بچي ٿو اهو اسانجو فائدو آهي. جيترو پورهيو ڪريون ٿا اوتروئي ڪمايون ٿا. ملڪ ۾ لا ۽ آرڊر آهي. ورلي ڪو چوري، ڌاڙي جو ڪيس ٿئي ٿو. زنا يا اغوا جي واردات ته  ڪڏهن به نه ٻڌي اٿئون. شهر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مسلمان آهن. شيعا سُني، بوري، آغاخاني سڀ هڪ ٻئي سان ۽ هتي جي ٻڌ ڌرم جي رهاڪن سان امن امان ۽ دوستي سان وقت گذّاريون ٿا.  ڪو گهڻو ڌاريون يا اوپرو محسوس نٿا ڪريون.“
”تڏهن به پنهنجي وطن جي ته ڪڏهن ياد ايندي هوندانو؟“ مون سندس ان بابت خيال معلوم ڪرڻ چاهيو.
”صحيح آهي. پر ڪنهن جو رزق ڪٿي لکيل آهي ته ڪنهن جو ڪٿي. ڪو وقت هوندو هو جو ڳوٺ کان نڪرڻ به عيب سمجھيو ويندو هو. هاڻ ته سڄي دنيا هڪ ڳوٺ هڪ شهر مثال آهي. جنهن کي جتي روزي ملي ان کي اتي جنبي وڃڻ کپي. خاص ڪري اسان پاڪستانين کي، جن جي ملڪ جي وڌندڙ آدمشماريءَ ڪري پنهنجي ملڪ ۾ روزگار حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. تيل، سون، لوهه جهڙا قدرتي وسيلا گهٽ هئڻ ڪري اسان ڀر وارن عرب ملڪن کان غريب ٿيندا وڃون. سو ظاهر آهي ته زندگيءَ جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پورهيو ڪرڻو پوندو ۽ حق حلالَ جو پورهيو جتي به ملي ته نه ڇڏڻ کپي.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment