Saturday, September 07, 2013

ريلَ جو هڪ ڊگھو سفر - الطاف شيخ

ريلَ جو هڪ ڊگھو سفر
الطاف شيخ
ريلَ جي سڀ کان پهرين ۽ ڊگهي سفرَ جو موقعو اسڪول جي ڏينهن ۾ مليوڳ جڏهن سي ـــ اسڪائوٽنگ جي هڪ جمبوري ۾ حصو وٺڻ لاءِ چٽاگانگ ــــ بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ اوڀر پاڪستان) پهچڻو هو. اسين پيٽاڙو اسٽيشن کان گاڏي ۾ ڪراچي  آياسين. ڪراچي اسٽيشن تي اسان کي ويزا ۽ پاسپورٽ مليا جتان ٻي ٽرين ۾، ڪراچي جي ڪجهه اسڪائوٽن سان گڏ، لاهور روانا ٿياسين. لاهور ٻئي ڏينهن پهتاسين جتي پاڪستان جي N.W.R ريلوي بدلائي انڊيا جي گاڏي ۾ چڙهياسين. جنهن ٽيهه پنجٽيهه ميل هلڻ بعد سکن جي مشهور شهر امرتسر ۾ اچي ڇڏيو. امرتسر اسٽيشن تي ٻي گاڏي جي اچڻ لاءِ ٽي چار ڪلاڪ انتظار ڪيو هئوسين. مسافرن جي وهڻ لاءِ، اسٽيشن تي رکيل هڪ ٻه بينچون اڳهين ڀريل هيون سو اسان پٽ تي پٿل ماري ويهي رهياسين، هن وقت به اها اسٽيشن ۽ ان جو ماحول چٽو پٽو ياد آهي. ڪراچي جي هڪ اسڪائوٽ ماستر سڀني ڇوڪرن کي ٻه ڊڳڙين جهڙيون مانيون ۽ هڪ هڪ انب وٺي ڏنو. اسان کي ڏاڍي بک هئي. امرتسر ريلوي اسٽيسن جي ان ماني جو سواد اڄ  به نٿو وسري. شامَ ڌاري امرتسر کان مسافر کڻي گاڏي اوڀر طرف هلڻ لڳي ۽ ڪلڪتي پهچڻ لاـءِ اها گاڏي ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون سڄي هندستان جي ويڪر لتاڙيندي رهي. امرتسر کان ڪلڪتي تائين جي ڏيڍ هزار ڪلوميٽر سفر ۾ ڪيتريون ئي مشهور ريلوي اسٽيشنون آيون جن جا نالا ان کان اڳ آڪاش واڻي ريڊيو اسٽيشن جي فرمائشي گانن جي پروگرام ۾ ٻڌا هئاسين يا اردو جي شاعرن جي نالن سان گڏ هوندا آهن. امبالا، لکنو، مراد آباد، پٽنا، گيا، راءِ بريلي وغيره.

ڪلڪتي ۾ ٽرين بدلائڻي پيئي، جنهن کي بارڊر ٽپي اوڀر پاڪستان وڃڻو هو. بارڊر واري شهر ـــ شايد جيسور ۾ ـــ پاسپورٽن جي چڪاس ٿي. ان بعد پاڪستاني ريل ۾ چڙهي ڍاڪا جي ڀر واري شهر نارائن گنج ۾ آياسين. جتان آخري ٽرين ۾ چڙهي چٽگانگ پهتاسين ــ ان کان اڳيان سمنڊ هو....... خليج بنگال. پيٽاڙو ريلوي اسٽيشن کان چٽگانگ تائين ٽي راتيون ۽ چار ڏينهن لڳي ويا ۽ مختلف گاڏين ۾ اٽڪل ٻه هزار ميل ــ يعني ساڍا ٽي هزار ڪلوميٽر سفر ڪيوسين. شاگرد هئاسين. سڄو سفر ٿرڊ ڪلاس ۾ ڪاٺ جي بينچن تي ويهي گذاريوسين يا پٽ تي چادر وڇائي سمهي ٿي رهياسين. پر تڏهن به ٽرين جي سفر بيحد مزو ڏنو ۽ اڄ به ان سفر جون ياديون دماغَ ۾ تازيون آهن ۽ مونسان گڏ ان سفر ۾ ڪيترن جا چهرا هن وقت به نه وسريا آهن....... نصير قاضي، خالد لطيف، علي رضا ميمڻ، نجم انصاري، شوڪت اقبال چوهاڻ، فرقان، سلمان هاشمي وغيره وغيره. سفر دوران پيش آيل ننڍيون ننڍيون ڳالهيون هن وقت به ساري کِلَ ٿي اچي.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment