Thursday, September 05, 2013

انگريزن پينانگ تي قبضو ڪيئن ڪيو؟ - الطاف شيخ

انگريزن پينانگ تي قبضو ڪيئن ڪيو؟
الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ انگريز پوڻا ٻه سؤ سال کن رهيا. پهرين پينانگ ٻيٽ کي قبضي ۾ ڪيائون، جيڪو تن ڏينهن ۾ ڪيداح رياست ۾ هو ۽ سلطان عبدالله جي  ملڪيت هو. پينانگ تي قبضي بعد آهستي آهستي سڄي ملائيشيا تي انگريزن جو راڄ شروع ٿي ويو.
پينانگ ميوزيم جي ٻاهران ڪئپٽن فرانسز جو بت (Statue) ۽ ان هيٺان لکيل:“Founder of Penang ۱۷۸۶ (پينانگ جو ڳوليندڙ) اڃا تائين موجود آهي ۽ ياد ڏياري ٿو ته انگريز ڪئپٽن فرانسز کي هتي آئي هن سال پورا ٻه سؤ سالَ (Bicentenary) ٿيا ـــ يعني انگريزن جو ملايا تي راڄ پينانگ کان ۽ ان سن کان شروع ٿيو هو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته پينانگ وارا ڪئپٽن فرانسز لائيٽ (Captain Francis Light) جو ٻه سؤهون سال ڌام ڌوم سان ملهائيندا. جيتوڻيڪ جشن ملهائڻ وارن اهو صاف طرح ڄاڻايو ته ان جشن ملهائڻ جو مطلب ڪو ان انگريز ڪئپٽن کي عزت ڏيڻ يا سندس شان وڌائڻ نه آهي پر ان ڏينهن کي شرف ڏيڻ آهي، جنهن کان پينانگ ٻيٽ جي ترقي شروع ٿي.
پر جيئن ته ملڪ جا نوجوان ان ڳالهه کي پسند نٿا ڪن انڪري معاملو في الحال ٿڌو ٿي ويو آهي. هنن جو اهو ئي چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان نه فقط پينانگ جي ماڻهن جي پر سڄي ملڪ جي ماڻهن جي بيعزتي آهي ٿيندي. جو انگريزن نه فقط پينانگ تي پر ان بعد سڄي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو هو ۽ ان ڏينهن کي شان بخشڻ سان سچي قومپرست کي خوشي نه پر شرم محسوس ٿيڻ کپي.
سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا هتي جا ماڻهو محسوس  ڪن ٿا، ۽ سوال اٿارين ٿا ته ڇا ڪئپٽن فرانسز لاءِ ائين چوڻ ته هن هي ٻيٽ ڳولي لڌو، اسان کي جڳائي يا نه؟ ڇا ڪئپٽن فرانسز واقعي پينانگ ڳولي لڌو؟ ڇا پينانگ هڪ لڪل يا گم ٿيل شيءِ هئي جيڪا ٻي ڪنهن کي هٿ نٿي آئي ۽ هن انگريز هزارن ميلن کان هلي اچي، ڳولي، وڏي کيپ کٽي؟
ان لاءِ هنن وٽ جواب به آهي ته اها حقيقت به آهي ته پينانگ ته اتي ئي موجود هو. ماڻهو به رهيا ٿي. ڀر وارن ڳوٺن ۽ حڪومت کي به ان جي ڄاڻ هئي. پوءِ اها کڻي ٻي ڳالهه هئي ته پينانگ ۾ ٿورا ماڻهو رهيا ٿي. سو انهن ڏينهن ۾ ته جتي ڪٿي ٿورا ماڻهو رهيا ٿي. ويندي انگلينڊ ۽ يورپ جي به ڪيترن ڳوٺن ۽  ٻيٽن تي ايڪڙو ٻيڪڙ ماڻهو رهيا ٿي. ها البت اهو چئي سگهجي ٿو ته ۱۷۸۶ع ۾ ڪئپٽن لائيٽ انگريزن لاءِ پينانگ ڳولي هٿ ڪيو.
يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جي تواريخ نويس ڊاڪٽر چيئاح بو خينگ (Dr. Chea Boo Kheng) پڻ اها ئي ڳالهه ڪئي ته فرانسز لائيٽ پينانگ ڪو ڳوليو نه هو، جيئن ڪيترا ئي ماڻهو غلط سمجھن ٿا پر هن انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ حاصل ڪيو هو. ۱۷۸۶ع ۾، پينانگ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ به پينانگ مشهور بندرگاهه هو، جتي انڊين، عربن، ملئي ۽ چيني ماڻهن جا جهاز ايندا رهيا ٿي. اهو چوڻ ته پينانگ انگريز ڪئپٽن فرانسز ڳوليو، مان لڳي ٿو ته ڄڻ ان کان اڳ هن ٻيٽ جي ڪنهن کي خبر نه هئي. هتي ڪا آبادي نه هئي ۽ جيڪي ڪجهه ماڻهو رهيا ٿي سي ڀولڙن وانگر بنا ڪپڙي لٽي جي وڻن تي ٽپ ڏيئي پن کائيندا رهيا ٿي. پوءِ انگريزن انهن کي اچي سڌاريو.
ڪيترا تواريخ نويس ۽ پراڻا ڪاغذ پٽ ان ڳالهه جي به پڪي ثابتي ڏين ٿا ته تن ڏينهن جي ڪيداح رياست جي سلطان عبدالله هن ٻيٽ تي انگريزن کي فقط عارضي رهڻ لاءِ اجازت ڏني پر پوءِ انگريزن ٺڳي ۽ ڊوهه ڪري هن ٻيٽ تي زوريءَ زبردستي قبضو ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تواريخ ۾ ـــ جيڪي گهڻو ڪري انگريزن جي اشاري تي لکيل آهن، ماڻهن کي حقيقتون مروڙي سروڙي ٻڌايون ويون آهن. نه ته حقيقت اها آهي ته انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني دوکي بازيءَ سان، هڪ جهازي آفيسر فرانسز لائيٽ ذريعي، پينانگ تي غير قانوني طرح قبضو ڪيو ۽ اهو واقعو ملايا جي تواريخ ۾ انگريزن جو هڪ شرمناڪ ڪارنامو سڏي سگهجي ٿو.
ان بابت، يونيورسٽي آف ملايا جي هڪ ليڪچرار بونيءَ (R. Bonney) سڀ کان پهرين پڙدو کنيو.  سندس گهڻو اڳ لکيل ايم. اي لاءِ علمي ٿيسز ”۱۸۲۱ ـــ ۱۷۷۱ Kedah“ ـــ نالي پندرهن سال کن اڳ (۱۹۷۱ع) ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ڇپرائي. پر ان کان به گهڻو اڳ انگريزن جي هڪ مشهوري ڪاموري سرفئنڪ سويٽنهام ۱۹۰۹ع ۾ پنهنجي لکيل ڪتاب ۾ ان بابت ڪجهه راز فاش ڪيا آهن.
انگريزن جي پينانگ ( ۽ ان بعد سڄي ملايا) تي قبضي جي ڪهاڻي هن ريت شروع ٿي ته فرانسز لائيٽ نالي هڪ جهازيءَ ۱۷۶۵ع ۾ نوڪريءَ لاءِ جڏهن انڊيا آيو ته سندس انگريز مالڪن (جن جو مدراس ۾ ڪاروبار هو.) کيس واپار جي ايجنسي کولڻ لاءِ سماترا ٻيٽ تي هڪ بندرگاهه آچيح (Acheh) ڏي موڪليو. هو هڪ لوڪل جهاز تي ڪئپٽن هو. تن ڏينهن ۾ جهاز سڙهن ۽ چپن تي هلندا هئا. ۽ هن پاسي هلندڙ، انگريزن جي هنن جهازن جو ”هوم پورٽ“ انڊيا هوندو هو. اوسي پاسي جي بندرگاهن ۾ وڃي وري انڊيا موٽي ايندا هئا ۽ اهي Country-Ships سڏبا هئا.
ڪئپٽن لائيٽ هندستان کان ملايا جي رياست ڪيداح ۾ پهتو ۽ اتان ۱۷۷۱ع ۾ اها رپورٽ موڪليائين ته اتي جي سلطان کي انگريزن جي فوجي مدد گهرجي ٿي ۽ ان جي عيوضي ۾ هو ”ڪوالا ڪيداح“ نالي، ڪيداح رياست جو بندرگاهه اسان انگريزن جي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيئي سگهندو. ان بندرگاهه جي ڀر ۾ قلعو پڻ آهي. انهن ڏينهن ۾ ملايا جي اتر وارو ملڪ ٿائلنڊ (سيام) جي هڪ طاقتور حڪومت هئي ۽ ملايا جي ڪيداح جهڙين اتراهين رياستن کي ان کان خبردار رهڻو پيو ٿي ته متان سيام ۾ڪنهن وقت به حملو نه ڪري. لائيٽ پنهنجن  مالڪن کي اهو به لکيو ته ڪيداح جي سلطان جي هيءَ آڇ جيڪڏهن پاڻ انگريزن قبول نه ڪئي ته ٿي سگهي ٿو ته ڊچ ٽپي پون ۽ اسان انگريز رهجي وڃون.
ڪئپٽن لائيٽ ۱۷۷۲ع ۾ هڪ دفعو وري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي هن پاسي جهازن جي ترسڻ لاءِ پينانگ جهڙي بندرگاهه کي ڪنهن ريت به هٿ ڪرڻ جي صلاح ڏني.
انهن ڳالهين مان لڳي  ٿو ته ڪئپٽن لائيٽ اڳهين هن بندرگاهه پينانگ جي اهميت ٻڌي چڪو هو. (سو ڪير ڪيئن  ٿو چئي سگهي ته هن ٻيٽ کي پاڻ ڳولي لڌائين؟)
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ان سلسلي لاءِ پنهنجو ايجنٽ ايڊورڊ مانڪٽن (Edward Monekton) ملايا موڪليو. پر ڪيداح رياست وارن ٿائلنڊ وارن جي حملي کان بچاءَ واري ڳالهه جڏهن انگريزن سان ڪري وعدو وٺڻ چاهيو ته هو نٽائي ويا. نتيجي ۾ في الحال ڪا ڳالهه نه ٺهي.
پوءِ ۱۷۷۵ع ۽ ۱۷۸۳ع جي وچ ۾، انگلينڊ جي نه رڳو هڪ پاسي آمريڪي ڪالونين سان جنگ شروع ٿي ويئي پر ساڳي وقت هالينڊ ۽ فرانس سان پڻ. سو اهڙي حال ۾ انگريز چؤ طرف کنڀجي ويا ۽ هنن لاءِ هن پاسي ڪو اڏو ٺاهڻ تمام ضروري ٿي پيو. ڪيتريون ئي جايون ڌيان ۾ رکيون ويون. جهڙوڪ: ريائو (Riau)، سنڊا (Sunda)، نار، بورينيو ۽ آچيح. پر هڪ نه ٻئي سبب ڪري ڳالهه ٺهي ڪانه.
جولاءِ ۱۷۸۶ع ۾، لائيٽ ڪيداح موٽيو. هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان ڪيداح جي سلطان جي خط جو جواب کڻي آيو ــــ جنهن ۾ سلطان انگريزن کي لکيو هو ته هو ڪجهه عرصي لاءِ ليز تي پينانگ ٻيٽ کين ان شرط تي ڏيندو ته ڏکئي وقت ۾ انگريز پڻ هن جي فوجي مدد ڪندا.
جواب ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لکيو: ”هيءَ حڪومت پينانگ ۾ پنهنجا جنگي ٻيڙا رکي فقط پينانگ ٻيٽ ۽ ڪيداح رياست جي ڪناري واري ان حصي جي نگهباني ڪري سگهندي جيڪو پينانگ ٻيٽ جي سامهون آهي.“
ڪيداح جي حڪومت انگريزن کان اهـڙو وعدو وٺڻ چاهيو ٿي ته ڪيداح رياست تي جيڪڏهن سيامين (ٿائي حڪومت) حملو ڪيو ته انگريز هن جي بچاءَ لاءِ ايندا. پر نه اها ڳالهه هئي ۽ نه وري پينانگ ٻيٽ کي موٽائي ڏيڻ جي ان ۾ ڳالهه هئي ته پش پيش سڀاڻي  ملئي حڪومت جيڪڏهن چاهي ته انگريزن کان ٻيٽ خالي ڪرائي سگهندي يا نه.
سلطان سان ڳالهه ٻولهه دوران، لائيٽ فقط زباني طور اها خاطري ڏيندو رهيو ته ان بابت اجھو ته لنڊن کان اجازت نامو آيو، تيسين في الحال پينانگ ٻيٽ جو قبضو اسان انگريز کي ڏيو. ڪئپٽن لائيٽ هن ٻيٽ تي رهڻ لاءِ آتو هو. هن فقط وقت سان کيڏڻ چاهيو ٿي. لائيٽ ۽ ايسـٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان اها دغا بازي سندس ان خط مان به ظاهر آهي جيڪو اڄ به ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رڪارڊ ۾ موجود آهي. اهو لائيٽ جي پنهنجن لفظن ۾ آهي، ته ڪيداح جي سلطان خط پڙهي مونکي (يعني ڪئپٽن لائيٽ کي) چيو ته جيئن ته اسان جو گورنر جنرل ساڻس (يعني سلطان سان) اڃا معاهدو نٿو ڪرڻ چاهي ۽ هو (گورنر جنرل) انگلينڊ مان اجازت نامو اچڻ جو انتظار پيو ڪري، ان ڪري اسان کي پينانگ ۾ اڃا گهڙڻ نه ڏنو ويندو. باقي ڪيداح ۾ مهمان ٿي رهي سگهو ٿا.
”ان تي مون (لائيٽ فرانسز) جواب ڏنومانس ته هيڏو خرچ ڪري اسان هتي پهتا آهيون هاڻ جهڙو ڪيداح ۾ رهڻ ٿيندو تهڙو پينانگ ۾۔
”ان تي لڪسامان (ملايا جي اعليٰ فوجي عملدار) ان خواهش جو اظهار ڪيو ته آيا پنهنجو واپار هتان هلائڻ لاءِ ڪمپني هر سال ڪيداح جي سلطان کي ٽيهه هزار اسپيني ڊالر ڏيئي سگهندي يا نه. ۽ جي ايترو نه ڏيئي سگهندي ته ڪيترو ڏيندي؟
” ان تي مون (لائيٽ فرانسز) وراڻيومانس ته آئون ڪمپنيءَ پاران ڪجهه چئي نٿو سگهان ته هوءَ ڪيترا پئسا ڏيئي سگهندي. پر ايترو ضرور آهي ته هوءَ ڪڏهن به اهو نه چاهيندي ته سلطان کي اسان سان ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪا مالي مشڪلات پيش اچي. ان تي سلطان پڇيو ته مثال طور جيڪڏهن انگلينڊ جو بادشاهه  ڪمپنيءَ جي خط تي راضي نٿو ٿئي ۽ (سلطان جا) شرط قبول نٿو ڪري ته پوءِ آيا آئون (لائيٽ فرانسز) بنا ڪنهن دشمني رکڻ جي، ماٺ مٺوڙي ۾ پينانگ  ڇڏي واپس بنگال موٽي ويندس يا نه. اتي مون کيس ڪو جواب نه ڏنو.“
ان ريت، بنا ڪنهن  معاهدي جي، لائيٽ پينانگ ٻيٽ تي پنجن سالن تائين قبضو ڪري ويهي رهيو. انگلينڊ کان ڪو به خط يا قول اقرار  نه آيو. ان دوران انگريز سلطان سان فقط اهي ئي واعدا ڪندا رهيا ته اجهو ته انگلينڊ کان اجازت نامو آيو ۽ اجھو ته ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو ــــ جنهن موجب سيام کان ٿيندڙ حملي کان هو (انگريز) سلطان ۽ سندس رياست ڪيداح جي حفاظت ڪندا.
نيٺ ۱۷۸۸ع ۾ ڪمپنيءَ کان ورندي آئي ته ڪمپني ان ڏس ڪنهن به قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ مجبور آهي ڇو جو سيام سان جنگ جوٽڻ لاءِ هنن (انگريز) وٽ ڪو به جوڳو بهانو نه آهي. هڪ قسم جي مالي مدد، مسواڙ يا معاوضو (Compensation) ڏيڻ لاءِ ڪئپٽن لائيٽ آڇ ڪئي ته اٺن سالن لاءِ هو ڏهه هزار ڊالر ساليانو ڏيندا رهندا. يا ٻي صورت ۾ جيسين هو پينانگ ٻيٽ تي رهندا، تيسين هر سال چار هزار ڊالر ڏيندا رهندا. پر سلطان عبدالله ساليانو ٽيهه هزار ڊالرن جي گهر ڪئي.
لائيٽ ڄاڻي ٻجھي معاملو سلجھائڻ ۾ دير ڪندو رهيو. نه پئسي ڏيڻ جي آڇ ٿي ڪيائين ۽ نه جنگي مدد جو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ٿي. ۽ نه وري ٻيٽ ڇڏڻ جي ڳالهه ڪيائين ٿي ــــ ماڳهين ويو پنهنجا پير پختا ڪندو ۽ پنهنجي ملڪ جا ماڻهو ۽ جهاز گهرائيندو. ڪيداح جو سلطان الور اسٽار شهر ۾ رهندو هو (جيڪو اڄ به ڪيداح جي گاديءَ جو هنڌ آهي.) ۽ پوءِ ڪئپٽن لائيٽ سلطان وٽ، الور اسٽار وڃي حاضري ڀرڻ ئي ڇڏي ڏني. آخر ۸ اپريل ۱۷۹۱ع تي ڪيداح حڪومت ڪئپٽن لائيٽ لاءِ هڪ الٽيميٽم  جاري ڪيو جنهن جو لب و لباب هن ريت هو:
”............ ۽ جيڪڏهن اسان جو دوست اسان وٽ اچي اسان جي بادشاهه (ڪيداح جي سلطان) جي سلامتي نه ڀريندو ته اسان جو بادشاهه منجھانس ناخوش ٿي پوندو. ان صورت ۾ اسان جي دوست کي پينانگ ٻيٽ تي وڌيڪَ رهڻ جو ڪو حق نه رهندو. پوءِ اهڙي ماحول ۾ هن کي پنهنجو واپار وڙو ختم ڪري هي ٻيٽ (پينانگ) خالي ڪري وڃڻو پوندو، جيڪو اسان جي سلطان جي ايامن کان ذاتي ملڪيت آهي.“
هتي جي مشهور تواريخ نويس بونيءَ پنهنجي ڪتاب ”ڪيداح“ ۾ لکيو آهي ته ان بعد ڪيداح جي حڪومت اهو ئي سوچيندي رهي ته لائيٽ سندن شرط قبول ڪندو يا ماٺڙي ڪري سندن ملڪ ڇڏي هليو ويندو. پر انهن ٻنهي ڳالهين بدران، انگريزن بنا ڪنهن اطلاع جي، رات جي پوئين پهر ۾ ڪيداح جي قلعي تي حملو ڪري ڏنو. بي خبريءَ جي عالم ۾ ملئي فوج کي ڪافي نقصان رسيو ۽ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ان بعد انگريزن سڀني قلعن کي باهه ڏيئي ساڙي رکيو. انگريزن جي جنگي جهازن اڳيان هنن جون ٻيڙيون تر بتر ٿي ويون. چئن ڏينهن بعد انگريزن پنهنجي فوجي طاقت مان فائدو وٺي ڪيداح وارن تي وري حملو ڪيو.
گهر ۾ آيل بي دعوتي مهمان کي هاڻ پينانگ کان ٻاهر ڪڍي پينانگ کي واپس حاصل ڪرڻ جون مڙيئي اميدون ختم ٿي ويون. سلطان عبدالله هاڻ وڌيڪ مهاڏو ڪرڻ بدران امن جو ئي رستو اختيار ڪيو ۽ ۱۷۹۱ع ۾، ٻيو ڪو چارو نه ڏسي ڪئپٽن لائيٽ سان صلح ۽ دوستيءَ جو معاهدو ڪيو. لائيٽ پنهنجي طاقت جي زور تي اهي شرط رکرايا جيڪي هن چاهيا ٿي. جيڪي انگريزن جي فائدي ۾ هئا. ڏکي وقت ۾ ڪيداح وارن جي مدد ڪرڻ جي ڳالهه اتي ئي رهجي ويئي ۽ لائيٽ طرفان فقط ڇهه هزار ّڊالرن جي سالياني ملت سلطان عبدالله کي قبول ڪرڻي پيئي.
انهن مڙني ڳالهين مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته ڏورانهين ڏيهه ــــ انگلينڊ، کان آيل انگريزن، طاقت جي زور تي پينانگ ٻيٽ تي ڪيئن ٺڳي ڪري زوريءَ قبضو ڪيو. پينانگ، ڪيداح رياست جو هڪ حصو هو ۽ ڪئپٽن لائيٽ، انگلينڊ جي شهنشاهه جارج جي نالي تي پينانگ حاصل ڪري نه فقط هڪ بين الاقوامي ڏوهه ڪيو پر سلطان عبدالله سان به دوکي بازي ڪئي. ٻيٽ جي مالڪن ــــ سلطان عبدالله سان شرط شروط موجب معاهدو ڪرڻ بدران هو بنا ڪنهن لکت پڙهت يا ڪاغذ پٽ جي پينانگ ٻيٽ تي قبضو ڪري ويهي رهيو. يعني پري کان اچي ٻين جي ملڪيت ڦٻائڻ جو هن هيڏو وڏو مثال ڏنو.
ان ڪري انگريزن جو اهو چوڻ ته هنن پينانگ ٻيٽ لڌو ۽ اهو برطانيه جي ملڪيت ٿيو، بلڪل غلط آهي. قدرت جي ستم ظريفي اها ته پينانگ ٻيٽ جو نالو انگريز بدلائي پرنس آف ويلس رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو نالو سندن دور ۾ به قائم ٿي نه سگهيو ۽ اڄ به ساڳي پراڻي نالي پينانگ سان سڏيو وڃي  ٿو.
ٻيٽ نه بابت انگريزن جي انهن ويساهه گهاتين جا تفصيل وڏي عرصي تائين ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارا لڪائيندا رهيا. پر پوءِ ۱۸۲۴ع ۾ ان سلسلي جا اهم ڪاغذ ۽ ٻيون ڳالهيون هٿ ڪري ڇپرايون ويون. اهي تن ڏينهن ۾ پينانگ حڪومت جي اجازت سان حڪومت جي سيڪريٽريءَ مسٽر جان ائنڊريسن گڏ ڪري ڇپرايا، ان بعد اهي سڀ ڇپيل ڪاپيون ضبط ڪيون ويون. انهن اهم ڪاغذن جي هڪ اڌ ڪاپي ڪا هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويئي جيڪا Strait Settlement اخبار ۾ ۱۸۳۵ع ۾ شايع ڪئي ويئي. ان بعد “Journal of Easter Archipelago ۱۸۵۴ ۾ هوبهو ڇپي ويئي. جنهن جون ڪجهه ڪاپيون اڃا تائين موجود آهن.
انگريزن جي مٿئين ٺڳي ۽ بي شرمائي بابت سرفرئنڪ سويٽنهام پڻ پنهنجي ڪتاب British Malaya ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو پهريون دفعو ۱۹۰۶ع ۾ ڇپيو هو.
فريئر وانگر ــــ جيڪو سنڌ ۾ گهڻو وقت رهيو. سويٽنهام پڻ انگريزن جي بيٺڪي راڄ ۾ هڪ اهم انگريز حاڪم ٿي گذريو آهي. هن کي ملئي زبان تمام سٺي طرح آئي ٿي ۽ جوي (عربي رسم الخط ۾ به لکي سگهندو هو. هن ڪيترا ئي سرڪاري ڪاغذ ملئي مان انگريزيءَ ۾ ۽ انگريزيءَ مان ملئي ۾ ترجمو ڪيا. ان ترجمي ۾ ۱۸۷۴ع وارو پنگڪر معاهدو (Pangkor - Treaty) به شامل آهن.
سويٽنهام ڪيترن ئي عهدن تي رهيو. هو پيراق ۽ سلينگور رياستن جو ريزيڊنٽ ٿي رهيو. ملايا جو گورنر ۽ هاءِ ڪمشنر پڻ ۱۹۰۱ع کان ۱۹۰۴ع تائين ٿي رهيو. سويٽنهام جي چواڻي، پينانگ کي اهڙي ريت حاصل ڪرڻ ۾ لائيٽ کي فخر هرگز محسوس نه ڪرڻ کپي.

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment