Saturday, September 21, 2013

سفر لاءِ ويزا ضروري آهي - الطاف شيخ

سفر لاءِ ويزا ضروري آهي
الطاف شيخ
اتي هوٽل جو مالڪ طارق نماز پڙهي موٽيو. هو به شبير جي عمر جو لڳي رهيو هو. سلام دعا ۽ ڄاڻَ سُڃاڻ ڪرائڻ بعد پڇيو مانس: ”ٻئي ڪنهن ڌنڌي بدران توهان کي هوٽل کولڻ جو خيال ڪيئن آيوــــ؟“
”منهنجو هن ڌنڌي سان پهرين کان واسطو نه هو. منهنجي ساهرن (ٿائي زال جي پيءُ) کي بئنڪاڪ ۾ هوٽل آهي جتي منهنجي زالَ پڻ ڪم ڪيو ٿي. ان ڪري شاديءَ بعد مون هوٽل کولڻ بهتر سمجھيو.“
”پر بئنڪاڪ ۾ ڇو نه کوليائون؟ بئنڪاڪ کان هزار ڪلوميٽرن پري، هيڏانهن ڏکڻ ٿائلنڊ جي هن شهر هاتيائيءَ ۾ هوٽل کولڻ جو ارادو ڪيئن ٿيو؟“

”ان ڪري جو هڪ ته بئنڪاڪ ۾ هن قسم جون پاڪستاني، اتر هندستاني ۽ ڪشميري کاڌن واريون هوٽلون اڳهين جامَ آهن. ٻيو ته ٿائلنڊ جي بارڊر وارو هي شهر هاتيائي اسان جي ماڻهن (پاڪستان، هندستان، نيپال، بنگلاديش وغيره) لاءِ سولو رهي ٿو. هو هر وقت ويزا Renew ڪرائڻ لاءِ هتان ملائيشيا وڃن ٿا. ٿائلنڊ جا ٻيا پاڙيسري ملڪ: برما، لائوس، ڪمبوڊيا، ويٽنام وغيره صحيح قسم جا نه آهن ان ڪري ملائيشيا وڃڻ لاءِ هر ڪو هيڏانهن هاتيائي اچي ٿو.“ طارق ٻُڌايو.
ٻاهر ويندڙن کي اهو ضرور معلوم رکڻ کپي ته ڪو به ملڪ ڌارئين کي هميشه رهڻ نٿو ڏئي. گهمڻ ڦرڻ لاءِ هفتو ٻه يا مهينو ڇڏي ٿو. مثال طور ملائيشيا جي حڪومت، پاڪستاني مُسافر کي ملائيشيا گهمڻ ڦرڻ لاءِ پنڌرهن ڏينهن جي ويزا ڏئي ٿي. قانون موجب پنڌرهن ڏينهن ختم ٿيڻ کان اڳ هن کي ملائيشيا جي سرحد ڇڏڻي آهي. وڌيڪ ٽڪي پوڻ تي هو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو جنهن جي سزا جيلَ ۽ ڏنڊ آهي. پر جيڪڏهن ڪو ان کان وڌيڪ رهڻ چاهي ته ان لاءِ هن کي ويزا Renew ڪرائڻ کپي. ان لاءِ اهوئي طريقو آهي ته ويزا ختم ٿيڻ شرط ملائيشيا ڇڏي سنگاپور يا ٻئي ملڪ مان ڏينهن ٻن لاءِ چڪر هڻي اچي. ائين موٽڻ سان هڪ دفعو وري ويزا مليو وڃي. پر هو تيسيتائين آهي جيسيتائين  ٻين ملڪن ۾ اسان کي بنا ويزا وڃڻ جي اجازت هجي ڇو جو هاڻ ٻُڌجي پيو ته سنگاپور وارا به اسانکي Visa بنا اچڻ نٿا ڏين.
مثال طور اسانجو هڪ پاڪستاني دوست يوسف شاهه جيڪو ملائيشيا جي هوا ڪمپني MAS ۾ انجنيئر آهي. قاعدي موجب کيس ٽن ٽن سالن جي ورڪنگ ويزا ملندي رهي ٿي. کيس هتي هي تيرهون چوڏهون سال آهي. ساڻس گڏ سندس زال ۽ ارڙهن ورهين جي ڄمار تائين جي ٻارن کي Dependent ويزا مليل آهي جنهن موجب جيسين هو هتي آهي سندس فئملي جا ماڻهو به رهي سگهن ٿا. باقي ۱۸ سالن کان وڏو پٽ طارق جيڪو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري ٿو، ماءُ پيءُ سان ملڻ  لاءِ مهيني جي سوشل ويزا تي ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي دل وڌيڪ رهڻ لاءِ چوندي آهي ته مهينو پورو ٿيڻ کان ڏينهن ٻه اڳ ملائيشيا ڇڏي سنگاپور هليو ويندو آهي. پوءِ ساڳي ٽرين يا بس ۾، يا ٻئي ڏينهن ڪنهن سواريءَ ۾ ملائيشيا ايندو آهي ۽ کيس وڌيڪ هڪ مهيني جي ويزا ملي ويندي آهي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي سنگاپور ۽ ملائيشيا اسان لاءِ ان تي به سختي ڪري.
هر ملڪ ۾ ويزا جو سلسلو ان ڪري رکيو وڇي ٿو ته جيئن ڪو به ڌاريون پرائي ملڪ ۾ ترسي نه پوي ۽ ساڳي وقت سندس چرپر کان حڪومت واقف رهي. ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ ڦرڻ خاطر ضرور اچي جنهن ۾ پنهنجو پئسو خرچ ڪري ان ملڪ جي معاشي حالت بهتر ڪري (ان ڪري ڪيترن ملڪن ۾ گهڙڻ وقت پاسپورٽ سان گڏ پئسا به ڏسندا آهن ته آيا هٿين خالي ته نه آهي) ان ڪري گهڻي پئسي واري کي مانُ ڏنو وڃي ٿو ته ڀلي آيو جيءُ آيو. جيترو جلدي ٿي سگهي ڏوڪڙ کپائي وڃي. ڪو به ملڪ اهو نٿو چاهي ته ڌارئين ملڪ جو ڪو غريب اچي ۽ نه ڪو سندن ملڪ ۾ هميشه لاءِ ٽڪڻ جي ڪري ۽ نه وري هو سندن ملڪ ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪري پئسو ڪمائي پنهنجي ملڪ کڻي وڃي. ڪيترا مُسافر ـــ خاص ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن جا، گهمڻ جي ويزا تي اچي لڪي ڇپي ويندا آهن. پوءِ ڏورانهن ڳوٺن ۽ جھنگلن ۾، گهٽ پگهار تي، ڏکيا ڏکيا پورهيا ڪندا آهن. ساڳي وقت حڪومت انهن جي ڳولا ۾ هوندي آهي. جھلجڻ تي کين جيل حوالي ڪيو ويندو آهي. سعودي عرب کان سنگاپور تائين ۽ جپان کان ڪئناڊا تائين، ڪيترن ئي امير ملڪن جا جيل، اهڙن ڪيترن بدقسمت زماني جي ستايل، غريب ملڪن جي ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. سنگاپور ته هن سال کان اميگريشن جو قانون اڃا به سخت ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سنگاپور ۾ ويزا ختم ٿيڻ بعد، هڪ ڏينهن وڌيڪ رهڻ لاءِ به جيل جي ڊگهي سزا آهي. ان کان علاوه ڏوهاريءَ کي ڦٽڪا پڻ هنيا وڃن ٿا.
ڪنهن به  ملڪ ۾ غير قانوني طرح رهڻ اڄ ڪلهه سولي ڳالهه ناهي ۽ ڪنهن به مُسافر کي ڌارئين ملڪ ۾ مقرر ويزا کان وڌيڪ ٽڪڻ هرگز نه کپي. (ڌارئين ملڪ ۾ مقرر ڏينهن لاءِ رهڻ جي اجازت نامي کي ويزا Visa سڏجي ٿو.) ۽ Visa جا قانون هر وقت بدلجندا رهن ٿا. ان ڪري پنهنجو ملڪ ڇڏڻ وقت ٻئي ملڪ جي قاعدن قانونن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ رکي پوءِ نڪرجي ڇو جو مشڪل وقت ۾ ڌارئين ملڪ ۾ ڪو به مدد نه ٿو ڪري. ڪيترين ڳالهين ۾ سفارت خانا  به مجبور آهن. ڌارئين ملڪ ويندڙ کي هڪ ٻي ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ کپي ته ڪن ملڪن جي ويزا ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پهچي ملي سگهي ٿي جيئن اڄڪلهه (يعني هي سال ۱۹۸۷ع آهي) سنگاپور يا ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي پهچي هڪ پاڪستاني انهن ملڪن جي مهينو يا پنڌرهن ڏينهن جي ويزا وٺي سگهي ٿو پر ٿائلنڊ گهمڻ جي لاءِ ويزا، ٿائي ايمبسي اسلام آباد يا ٿائي قونصل خاني ڪراچيءَ مان اڳواٽ وٺي نڪرڻ ضروري آهي. بنا ويزا واري کي بئنڪاڪ جي ايئرپورٽ تان ئي واپس ڪيو وڃي ٿو. (نوٽ: هينئر سنگاپور ۽ ملائيشيان وارن پڻ پاڪستانين لاءِ اها سهوليت بند ڪرڻ جو ارادو ڏاکري رهيا آهن.)
دنيا جي مختلف ايئرپورٽن تي ڪيترا دفعا اهڙا مُسافر نظر ايندا جيڪي ويزا نه هجڻ ڪري (يا پاسپورٽ/هيلٿ سرٽيفڪيٽ/ يا سفر جا ٻيا ڪاغذ گم ٿي وڃڻ ڪري) ٻي اڏام ۾، واپس وطن وڃڻ جي انتظار ۾، ٻه ٻه ڏينهن ايئرپورٽ جي ڪرسين تي ويٺا هوندا. ڪن ايئرپورٽن تي ته کائڻ پيئڻ جو به ڪو هٽ يا هوٽل نه هوندي آهي. نه وري کين ٻاهر قدم رکڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي.


اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment