Saturday, September 07, 2013

منهنجو هي ريل رستي ٿائلنڊ ڏي سفر - الطاف شيخ

منهنجو هي ريل رستي ٿائلنڊ ڏي سفر
الطاف شيخ
گذريل ڇهن سالن کان ملائيشيا جي جنهن شهر ۾ رهان ٿو ان جو نالو ملاڪا آهي. هي شهر ملائيشيا جي اولهه پاسي واري سامونڊي ڪناري West Coast تي آهي. ملائيشيا جا سڀ مشهور شهر هن ڪناري ويسٽ ڪوسٽ تي آهن: جوهوربارو، موئر (Muar)، ڪوالالمپور، اپوح، پينانگ، الور اسٽار، سنگائي پتاني، ڪئالا ڪنگسار وغيره وغيره. پورچوگيز، ڊچ، انگريز ـــ سڀني جي هن ڪناري تي مار مارا هئي. باقي اوڀر پاسي (East Coast) تي عوام به گهٽ آهي ته شهر به گهٽ آهن. اتي خاموش، سامونڊي ڪنارو (Beaches)، ڪُميون، انهن جا بيضا ۽ وائڙا آمريڪن ۽ منجھيل جپاني ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا.

سو ملائيشيا جي اولهه ۽ اوڀر ۾ سمنڊ ئي سمنڊ آهي باقي اتر ۽ ڏکڻ ۾ پاڙيسري ملڪ: ٿائلنڊ ۽ سنگاپور آهي. ملاڪا کان سنگاپور اڍائي سؤ ڪلوميٽر آهي.
گذريل مهيني سنگاپور ۾ هفتي کن لاءِ هڪ تعليمي سيمينار هو جنهن ۾ جهاز هلائيندڙ انجنيئرن کي وقت بوقت نئين ٿيندڙ ايجادن بابت معلومات مهيا ڪرڻ جا اُپاءَ وٺڻ بابت سوچڻو هو. سنگاپور، اڄ ڪلهه هر ڳالهه ۽ ڪم جي ڪارڪردگي  ۾ ايترو ته بهتر ۽ اڇت (Efficient) ٿي پيو آهي جو ڪنهن به ڪم ۾ دير  ڪرڻ بدران اڳواٽ اُڪلايو وٺي. اهو ئي حال اسان جي سيمينار جو ٿيو. ان بعد بئنڪاڪ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس لاءِ وڃڻو هو جنهن ۾ اڃا اٺ ڏهه ڏينهن هُئا. اهي ڏينهن سنگاپور ۾ گذاري پوءِ آخري ڏينهن تي هوائي جهاز رستي بئنڪاڪ وڃڻ بدران آئون ان ئي وقت ريلَ گاڏيءَ جي سفر لاءِ نڪري پيس. مونکي خبر هئي ته سنگاپور کان بئنڪاڪ ريلَ گاڏي رستي پهچي سگهجي ٿو ۽ روزانو هن پاسي جي ٽرين سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جا ملڪ ائين لتاڙيندي رهي ٿي جيئن پاڻ وٽ مهراڻ ايڪسپريس ميرپور خاص، حيدرآباد، ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ ايندي ويندي رهي ٿي.  سنگاپور جي جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس، ان مان سنگاپور جي ريلوي اسٽيشن تي فون ڪيم.
”ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ڏي ويندڙ ريلَ گاڏيءَ جي ٽڪيٽ ملي سگهندي؟“ مون اسٽيسن ماستر کان پڇيو.
”اڄ ڪلهه ملائيشيا ۽ سنگاپور جي اسڪولن کي موڪلون هجڻ ڪري ريل گاڏيون ڀريل رهن ٿيون. پرينءَ جي گاڏيءَ م بئنڪاڪ تائين جون ڪجهه خالي سيٽون آهن باقي اڄ جي گاڏي ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوالالمپور تائين خالي سيٽ ملي سگهي ٿي.“ سنگاپور جي ريلوي اسٽيسن ماستر ٻُڌايو.
مون ڪوالالمپور تائين جي ٽڪيٽ وٺڻ قبول ڪئي ۽ ارادو ڪيو ته ڪوالالمپور پهچي، اتان ويندڙ ڪنهن ٻي ٽرين ۾ اڳتي ٿائلنڊ تائين هليو ويندس. جتان پوءِ ٿائلنڊ نه ته به  ملائيشيا جي ڇيڙي واري ڪنهن شهر: پينانگ، الور اسٽار، ارائو تائين هليو ويندس. پر جي ريل گاڏيءَ ۾ جاءِ نه ملي ته بس ۾ يا حصن پتين واري ٽئڪسي ۾، جيڪا چار چار ماڻهو کڻي ٿي ۽ منزل مطابق ڀاڙو وٺي ٿي، اڳتي جو سفر جاري رکندس. ڇو جو ملائيشيا جون بسون ۽ ٽئڪسيون پڻ بارڊر ٽپي ٿائلنڊ ۾ ائين پيون اينديون وينديون آهن جيئن دادو جو ٽئڪسيون موري واري پل ٽپي نواب شاهه ۽ حيدرآباد تائين هليون وڃن ٿيون.
سنگاپور کان ٽرين صبح جو راوني ٿي. سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سمنڊ وارو ٽڪرو ڪازوي ذريعي ٽپي جوهور بارو آئي. جنهن کانپوءِ ڪلائي، ڪلوئانگ، سيگامت، تمپين، سريمبان جهڙيون اسٽيشنون لتاڙي ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي پهتي جِتي مونکي لهڻو پيو جو مون واري اها سيٽ ڪوالالمپور کانپوءِ ڪنهن ٻئي پئسينجر لاءِ اڳواٽ مقرر (Reserve) ٿيل هئي. لهڻ شرط ڪوالالمپور ريلوي اسٽيشن جي ٽڪيٽ گهر اڳيان قطار ۾ اچي بيٺس. منهنجي اڳيان ٻه ماڻهو مس هُئا. سگهوئي منهنجو وارو آيو ۽ ڪرشن نالي جي ٽئگ واري ٽڪيٽ ڪارڪ کان ڪوالالمپور کان بئنڪاڪ تائين جي ٽڪيٽ جي گُهرَ ڪيم. ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ هر ماڻهوءَ جي قميص تي سندس سڏ جي مختصر نالي جو ٽئگ لڳل رهي ٿو. چاهي هو وڏو آفيسر هجي يا ڀنگي باغائي. هتي جو پرائيم منسٽر به پلاسٽڪ تي لکيل سندس مختصر نالو Mahathir (محاطر) قميص تي هڻي آفيس ۾ ايندو آهي.
ٽڪيٽ ڪلارڪ ڪرشن ڪا دير ڪمپيوٽر جي چاٻين کي هيٺ مٿي ڪري مٿو کنهندو رهيو. آخر پڇيائين ته ڪڏهن کپيم.
”اڄ، هينئر“ وراڻيو مانس
”ويري ساري! پينانگ (بٽروٿ) تائين ته ڏئي سگهان ٿو. باقي اڳتي تائين اڄ جي ڪنهن به ٽرين ۾ خالي جاءِ ناهي.“
هن هڪ دفعو وري ڪمپيوٽر جي چاٻين کي هيٺ مٿي ڪيو. ”ڪوالالمپور کان پينانگ ٻيٽ چار سؤ ڪلوميٽر اتر ڏي يعني ٿائلنڊ ڏي آهي. اوستائين پهچڻ سان به منهنجو ڪافي سفر هلڪو ٿي پوندو“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
”ڪرشن“ نالي وارو هي انڊين ڪلارڪ اڃا ڪمپيوٽر تي لڳو پيو هو.
”پوءِ ڀلاـــ؟“ مون کڙين تي بيهي دري ۾ اندر جھاتي پائي کانئس پڇيو. ساڳي وقت سندس ڪمپيوٽر جي پڙدي تي پڻ نظر وڌي ته آيا هو منهنجي ڪم ۾ رڌل آهي يا هڪ منو ٿيو ڪا وڊيو گيم ويٺو کيڏي. پر نه هو واقعي منهنجي لاءِ مختلف وقتن تي ويندڙ ريل گاڏين جو سٽاءُ ڏسي رهيو هو. جيئن ڪنهن ريت، ڪهڙي به ڪلاس ۾ مونکي ٿائلنڊ تائين سيٽ ڏياري سگهي.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment