Sunday, September 22, 2013

ڏينهن ڏٺي جو درياءُ جو سير شوڪت لوهار

ڏينهن ڏٺي جو درياءُ جو سير
شوڪت لوهار
سنڌي ٻولي عظيم آهي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي بلڪ شڪ جي ڪا به گنجائش نه آهي پر اهو جملو ۽ اهڙا ٻيا جُملا اسان صرف درسي ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ به ايتري ٿولهه آهي جو ٻي ڪنهن دليل جي بلڪل به گنجائش نه آهي...! اهڙين ڳالهين جو ڪڪڙين جي ٽنگن ۾ تريل مقامي پڪوڙن ۽ سموسن تي گرما گرم بحث جاري و ساري هو جو اوچتو منهنجي ڳوٺ مان آيل منهنجي ”ڪٽنب“ اسرار ڪيو ته اسان کي درياءُ بادشاهه جو سير ڪرڻو آهي. مون کين گهڻو ئي سمجهايو ته درياءُ بادشاهه هن وقت بدهضمي جو شڪار آهي، جو ڪڏهن ان جو پيٽ سڪل ٺوٺ ته ڪڏهن ڪنن تائين ڇولين ۾ ڇلڪندڙ- سو درياءُ بادشاهه کي پنهنجي طبيعت پاڻ کي به سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ توهان وري ان ڳالهه کي چيگم جيان چنبڙيا پيا آهيو ته اسان کي درياءُ بادشاهه جو سير ڪرڻو آهي سو به ڏينهن ڏٺي جو...! حيرت آهي ڇاڪاڻ ته مون درسي ڪتابن ۾ جيڪي به سهڻي سنڌي ۾ لکڻ لاءِ ڏنل موضوعن تي سوالن ۾ هميشه اِهو ئي پڙهيو آهي ته هيٺين مان ڪنهن به هڪ تي سهڻي، خوبصورت من موهيندڙ، سنهڙي سيپڪڙي هرڻي جي چال جهڙي چيتي جي چيلهه جهڙي ۽ قطرينا جي ڪرائين جهڙي سنڌي ۾ مضمون لکو: ”چانڊوڪي رات ۾ درياءُ جو سير“ هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ گهرجن، ڪيڏانهن مُنهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار، مان چوان اٽو تون چئو گهوٻاٽو، ڪجهه ٻيا به آهن پر ائين نه ٿئي جو پڙهندڙ وجهن پادر ۾ هٿ!

هاڻي سوال ڀت تان ڪر کڻي ڏسي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي سهڻي ۽ سلم سنڌي ۾ مضمون تحرير ڪرڻو آهي ته پهريون ته ليکڪ کي ڪو نالي وارو جم جوئن ڪرڻو پوندو يا وري جيمخاني جي مدد حاصل ڪرڻي پوندس جيڪا ايتري سولي ڪونهي. بهرحال مضمون ته لکڻو آهي. هاڻي ڪير به پڇي ته چانڊوڪي رات ۾ ڪنهن کي کٽي کنيو آهي جو درياءُ جو سير ڪندو؟ ڪهڙي ڪاري کاڌو آهي جو رات جي پهر ۾ وڃي درياءُ جو سير ڪري، جي وڃي به سهي ته ان کي نظر ڇا ايندو، ڇاڪاڻ ته چنڊ هاڻ پنهنجي چانڊوڪي هن ديس جي لوڊشيڊنگ جي ماريل عوام کي ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيو آهي ۽ هاڻ ان جي چانڊوڪي اُها ساڳي چاندي جهڙي نه رهي آهي اها به ڪافي جهڪي ٿي چڪي آهي. ايستائين جو چنڊ خود ڪجهه ڏينهن ۾ ستارن سميت حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي ته کيس سج جي روشني تي هلندڙ يو پي ايس عرف الٽرا پاور سپلاءِ ڏنيون وڃن نه ته چنڊ احتجاجن پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏڻ جو چتاءُ ڏيندو.
ٻي ڳالهه ته رات جو جيڪڏهن درياءُ جو سير ڪجي ته سروس يا ڊان ڪارلوس جو ڪو لانگ بوٽ پائي ڪجي نه ته ڪا لنڊي بلاءُ يا ڪو اهڙو اوجهڙ ٻيڙ ۾ ڦاسڻ جو اهڙو ئي امڪان آهي جهڙو ايس ايم ايس ڪندي ڪنهن کليل گٽر ۾ ڪرڻ جو هوندو آهي. فيصلو اوهان جي هٿ ۾ آهي ٽين ڳالهه ته رات جو ڦرجڻ جا تمام گهڻا امڪان آهن، موبائل ته ڦربو ئي ڦربو پر هاڻي ته موبائل به ڏسي وائسي ڦرن ٿا ان لاءِ جيڪڏهن موبائل چائنا جو آهي ته پوءِ اوهان ڦورن جي لتن ۽ مُڪن لاءِ تيار ٿي وڃو. تنهن ڪري موبائل ڀل هلڪو هجي پر هجي نوڪيا جو، گهٽ ۾ گهٽ انهن ماڻهن جي عزت جو خيال ڪريو جيڪي هيڏي رات جي وڳڙي ۾ ڦر لاءِ نڪتا آهن.
بهرحال مون ڳوٺ مان آيل پنهنجي ڪٽنب کي ڪيئي دليل ڏنا ته درياءُ بادشاهه جو سير رات جي چانڊوڪي ۾ ڪيو آهي نه ڪي ڏينهن ڏٺي جو پر منهنجو دليل پاڻي تي ليڪا ثابت ٿيو، انهن جي ضد اڳيان مون گوڏا کوڙي ڇڏيان، جنهن سان منهنجو اڇو ڪاٽن جو وڳو گوڏن کان مٿي لڳڻ ڪري خراب ٿي ويو... لاچار سڀئي گڏجي ٻاهر نڪتاسين ۽ ٻارڙن جي هڪ ننڍڙي آرمي پڻ ساڻ هئي. هڪ ٻن پٺاڻ رڪشا وارن کي روڪيوسين، انهن ايڏو ڪرايو ٻڌايو ڄڻ اسين المنظر نه بلڪه انٽارڪيٽيڪا وڃي رهيا هجون. گهڻن منٿن کانپوءِ خان صاحب راضي ٿيا ۽ مون کان منهنجو سڀ ڪجهه ڦري ورتائين. ايترو ڪرايو جنهن ۾ ٻه پيڪو يا سهراب جون سائيڪلون وڏي خوشي سان اچي وڃن ها!
اسين رڪشا جي اڳيان پٺيان هر جاءِ تي ويهي عظيم واڌو واهه وٽ پهتاسين. واڌو واهه جنهن کي اسان جي حيدرآباد کي اڏوهي جيان لڳل بلڊر مافيا سنگاپور ۽ دبئي سان ڀيٽ ڏيئي پيش ڪندي آهي.
اسين ڪوٽڙي بئراج وٽ پهتاسين جتي ڪا به اهڙي شيءِ نه هئي، جيڪا متاثر ڪرڻ جهڙي هجي يا جنهن بابت ٻڌائي سگهجي ته هتي هي هيو يا هو هيو. ويتر اسان جي رڪشائن کي هڪ ٽرڪ واري ذري گهٽ نهوڙيو هو شڪر الله جو، جو بچي وياسين. المنظر تي پهتاسين. المنظر جنهن لاءِ ڪيئي ديومالائي قصا ڪهاڻيون مشهور ڪو نه آهن جيڪي آئون ويهي ڳڻايان ها البته جيڪڏهن هن جاءِ تي ڪو يونيورسٽي جو جوڙو اچي ٿو ته انهن لاءِ هي جڳهه هڪ يادگار بڻجي ٿي پر پنهنجا ته حال ساريا پيا آهن. اسان جا اهڙا نصيب ڪٿي؟
المنظر نالو ڪيڏو خوبصورت آهي پر اُتي اِهو ئي پراڻو گِرل لڳل هڪ جهنگلي وارو هوٽل آهي، باقي هر طرف بئراج جون ورڪشاپ آهن، جن ۾ آبپاشي کاتي جي ”بهترين ڪارڪردگي واضح نظر اچي ٿي.“ هر طرف سامان وکريل ڀڳل ٽٽل لوهه جو اسڪريپ ٿيل سامان، ڪٽ چڙهيل ڪرينون وغيره. المنظر جي آسپاس هاڻي تمام گهڻي آبادي ٿي ويئي آهي ۽ اها آبادي غريب مسڪين ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي خبر ناهي غربت جي ڪهڙي لڪير جي ڪهڙي پاسي زندگي گذاري رهيا آهن؟ اڃا رڪشا تان لٿاسين مس ته هڪ ڇوڪر ائين چنبڙي پيو جيئن بس اڏي تي بس ڪنڊيڪٽر ڪندا آهن.
”سائين چاٽ کائيندا، بوتل، چانهه؟“
ڪرسيون لڳائي ڏيون
”هل بابا لڳائي ڏي“
ايتريون ڪرسيون لڳيون ڄڻ اسين ڪنهن سياستدان جي جلسي ۾ آيا هجون.
”چاٽ“
هڪ پليٽ پنجاهه روپيا سائين.
”اڙي بابا پليٽ ۾ ڏهه چڻا به ڪو نه هئا“ ڇا هڪ چڻو پنجن روپين ۾ ملي ٿو؟
بهرحال اتي به لٽجي وياسين. ٺيڪ آ سائين ڪيو ڏينهن ڏٺي جو درياءُ جو سير.
ڪجهه اوباش نوجوانن اُتي آيل ڇوڪرين سان ڇيڙخاني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُتي ڪنهن سيڪيورٽي يا پوليس جو نالو نه هو ۽ اسان جي اکين ڏٺو ته هڪ جوڙي کان سندن موبائل فون هٿيار ڏيکاري ڦري موٽر سائيڪل تي مزي سان هليا ويا... نه ڪو داد نه فرياد.
المنظر جي فٽ ڀيري ذريعي هيٺ پاڻي جي ويجهو وياسين ۽ نيٺ سڀني فيصلو ڪيو ته ٻيڙي ۾ چڙهبو.... اسين ٻيڙين تي چڙهياسين ۽ درياءُ بادشاهه جو هڪ تمام ننڍڙو چڪر هنيوسين. مون به ٻيڙيتي کان ڇپو وٺي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ٻه ٽي اهڙا لوڏا آيا جو ٻيڙي اجهو ٿي ٻڏي پر هن اشراف کي شابس هجي جو وري سنڀالي ورتائين.
”پلو“ هتي ئي تيار ويهو ويهو اچو.
”پلو ڪيئن ٿو ڏيئن ڀاءُ“
سائين ٻاويهه سئو ۾ تيار ڪري ڏينداسين.
”ٻاويهه سئو“ هل ڇو ڀلا؟
”پلو ٿو وڪڻي يا ڇيلو ٿو وڪڻين“
ايترن پيسن ۾ ته ڳوٺ ۾ ڇيلو ملي وڃي.
”سائين ته پوءِ ڇيلو کائو پلو ڇو ٿا پڇو.“
”پلو پاڻي تي ٿئي ٿو يا پئٽرول تي جو اوهان ايڏو مهانگو ڪيو آهي؟
بس هٿين پوڻ وارا هئاسين جو ڪنهن وچ ۾ پيئي ڇڏائي وڌو...
شام ٿي ويئي ۽ اسين ٽرئفڪ جي جام ٿيڻ ڪري المنظر تي بنا منظر جي ئي ضمير جا قيدي بڻجي بيهي رهياسين. ماڻهن جي پيهه پيهان، گاڏيون، هڪ وڏي بلاڪيڊ ۾ بدلجي ويو. ڪا به اُميد ڏسڻ ۾ ڪو نه آئي. آخر رات ٿي ويئي ۽ اسين ڏينهن ڏٺي جو درياءُ بادشاهه ۾ آيل پاڻي جي مستي جو کيل تماشو ڏسڻ آياسين پر خود تماشو بڻجي رهجي وياسين. رات جو ڪوٽڙي بئراج تان پيرين پنڌ آياسين آسمان تي نظر ڦيرائي ڏٺم چنڊ پنهنجي جهڪي جهڪي روشني ڏيئي رهيو هو ۽ انهي ڌنڌلائپ ۾ درياءُ جو پاڻي ٿر جي وڏين ڀٽن جيان لڳي رهيو هو.


No comments:

Post a Comment