Saturday, September 21, 2013

پهرين ۽ آخري منزل- الطاف شيخ

پهرين ۽ آخري منزل
الطاف شيخ

منجھند مهل هاشم ٻڌايو ته کين رستي جي پاسي واري هڪ مسلمان هوٽل ”ماريا مسلم ريسٽورينٽ“ ۾ اسماعيل نالي ٿائلنڊ جو ملئي همراهه مليو. هن کي پنهنجي ٽڪ ٽڪ (ٽئڪسي) آهي جنهن ۾ هو کين سونگڪلا گهمائڻ وٺي هلي ٿو. هنن مونکي به ساڻ هلڻ جي دعوت ڏني. ”سونگڪلا اڄ ئي هلي ڇا ڪجي؟“ مون پڇيو جو جهڙا دڪان ۽ خريداري هاتيائيءَ ۾ آهي اهڙي سونگڪلا ۾.
”سئمنگ لاءِ ڇو ته سونگڪلا سمنڊ جي ڪناري تي آهي.“ هاشم چيو.
”اها سئمنگ ۽ سمنڊ جا ڪنارا ته ڇڏي هاتيائي ۾ آيا آهيون.“ نه ته ملاڪا نه ويٺو هجان ۽ توهانجي پينانگ ٻيٽ جي ته چوڌاري سمنڊ آهي مون کلندي وراڻيومانس.

”يار توهان ڀلي وڃو. ههڙي نٽهڻ اُسَ ۾ منهنجو موڊ ناهي. سڀان جي هليائو ته ڏسندس“.
ان ۾  ڪو شڪ ناهي ته يورپي ملڪن جا ماڻهو خاص ڪري اتر يورپ جي ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن ويندي انگلنڊ جا، جن جي ٿڌي موسم کين سندن ملڪن ۾ بدن اگھاڙو ڪري سمنڊ ۾ ترڻ جي اجازت نٿو ڏئي، انهن لاءِ هي ڏکڻ ٿائلنڊ جا سامونڊي ڪنارن وارا شهرَ، جهڙوڪ: سونگڪلا، پٽاني، پتايا بيچ، پکيٽ وغيره تمام عمدا آهن. کين هاتيائي شهر جي گوڙ گهمسان کان سونگڪلا جهڙو سامونڊي ڪناري وارو شهر وڌيڪ پسند آهي. جيتوڻيڪ هاڻ اتي به دڪان، بازاريون، ڊسڪوٿي ۽ گاڏين لارين جا گوڙ ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان وڌي ويئي آهي. بقول سئٽزرلئنڊ جي هڪ ٽوئرسٽ جي، جيڪو موٽڻ وقت ريل ۾ مليو: ”آ هميشه ماٺ ۽ سڪون جي زندگي گذارڻ لاءِ هتي ايندو آهيان. اڳ ۾ ڏاڍو مَزو ايندو هو. پر هاڻ وڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊرن جو گوڙ ايڏو ته وڌي ويو آهي جو آئندي اچڻ تي دل نٿي چوي، هوٽل ۾ وڃ ته اتي به بئنڊ باجو ميوزڪ لڳي پيئي آهي. بس ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃ ته ان ۾ به فُل آواز تي VCR پيو هلي. رستن تان لنگهه ته دڪانن تي وڄندڙ ٽيپ رڪارڊر ڪن ٿا ڦاڙين. هاڻ هتي اچڻ اجايو آهي، جيڪڏهن مونکي اهي ئي ڊسڪو ڊانس ۽ راڪ ميوزڪ ٻڌڻي آهي ته هيڏا ڀاڙا ڀري سئٽزرلئنڊ کان ٿائلنڊ ڇو اچان. اتي ئي ڪنهن ڀر واري يورپي ملڪن مان چڪر نه ڏئي وٺان.“
گهڻو گهڻو اڳ، سونگڪلا ــــ جيڪو هاڻ وري مشهور بندرگاهه ۽ شهر ٿي رهيو آهي، ملاڪا ۽ ديبل وانگر ڪنهن دؤر ۾ بلاشڪ هڪ بين الاقوامي شهرت جو بندرگاهه هو. نئين دنيا ۽ ماَ ملڪيت جي ڳولا ۾، هن پاسي ايندڙ چيني، هن بندرگاهه ذريعي ملڪ ۾ گهڙندا هئا. انهن چيني واپارين، سياحن ۽ سپاهين جون جھونيون چيني عمارتون ۽ عبادت گهر اڃا تائين سونگڪلا ۾ موجود آهن جن  مان ”وات ماچيما واس“ نالي ٻڌ ڌرم جو هڪ پرڻو مندر آهي ان کان علاوه سونگڪلا ۾ قومي عجائب گهر پڻ ڏسي سگهجي ٿو. خاص ڪري آرٽ جي شوقين لاءِ ان ۾ رکيل مورتيون ۽ ڀتين تي ٿيل چٽسالي دلچسپي پئدا ڪري سگهن ٿيون. ٻڌ ڌرم جي مندرن کان علاوه سونگڪلا ۾ هڪ وڏي مسجد پڻ آهي. سونگڪلا ڍڳن ۽ سوئرن جي ويڙهه کان به مشهور آهي. هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا انهن جي ويڙهه هلندي آهي. ماڻهو وڏيون وڏيون بازيون لڳائين. ان قسم جي جوا ۽ جانورن جي مار مارا ڪن ماڻهن کي بنهه پسند ناهي ۽ هتي جي اخبارن ۾ ان ”مروان موت ملوڪان شڪار“ تي دانهن جا خط ڇپبا رهن ٿا.
انهن سڀني سامونڊي ڪنارن وارن شهرن ۾ پکيت ۽ پتايا تمام گهڻو مشهور آهي. پکيت جو سڄو صوبو هڪ ٻيٽ آهي جنهن ۾ پکيت جو شهر ۽ هوائي اڏو اچي وڃي ٿو. هوائي جهاز رستي بئنڪاڪ ۾ ايندڙ مسافرن مان ڪيترا پکيت جو رخ رکن ٿا. پکيت جي چوڌاري سامونڊي ڪنارو (Beach) آهي. ان کان علاوه بئنڪاڪ وانگر چڪلا، مساج گهر، شراب خانا ۽ اگھاڙن سگھاڙن ناچن جا بندوبست آهن. سامونڊي ڪنارن تي بي انتها يورپي نظر ايندا. اسان جا پاڪستاني به سامونڊي ڪنارن و بهانو ڪري ڳوٺان نڪرندا آهن. پر  مونکي اڄ ڏينهن تائين ورلي ڪو سمنڊ اساننجو هم وطني ٽوئرسٽ جي ڪناري تي نظر آيو هوندو. گهڻو ڪري سندن پهرين ۽ آخري منزل هتي جي چڪلن ۽ مساج گهرن واريون گهٽيون هونديون آهن. هو بچيل سچيل ڇوڪرين سان ڀاڙي تي گذاريل گهڙين کي عشقي رنگ ڏيئي ڪي مهينا ـــ بلڪه سال پنهنجي افسانوي رومانس جو داستان ڳوٺاڻن کي ٻڌائي داد وَصول ڪندا آهن ۽ دل ئي دل ۾ انهن رنڊين ۽ کنڊين پٺيان وڃايل پئسي ۽ حاصل ڪيل ايس ٽي ڊي (Sexually Transmitted Diseases) يعني جماعي وچڙندڙ بيمارين تي روئندا رهندا آهن.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment