Saturday, September 07, 2013

ريلَ جو سفر سڀ کان بهتر - الطاف شيخ

ريلَ جو سفر سڀ کان بهتر
الطاف شيخ
ريل جي سيٽي، سندس ڇڪ ڇڪ ڪري اسٽيشن ڇڏڻ يا بريڪ جو چيچاٽ ڪري هر ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي مقرر هنڌ تي بيهڻ ۽ هلڻ وقت ٿڌي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏيءَ مان ٻاهر جو نظارو ڪرڻ يا اڻ ـــ ٿڌي گاڏي جي کليل دري مان ايندڙ هير جي ڇهاءُ کي پسڻ کان علاوه موٽ وٽ گاڏن جا چيڪڙاٽ ۽ پري پري جي وڻن کي تکو تکو ڊوڙندو ڏسي گاڏي ۾ سفر ڪندڙ مسافر جي دل ان کان به وڌيڪ تکو ڌڙڪي ٿي. ساڳيو حال سندس سوچ ۽ خيالن جي رفتار جو رهي ٿو. بئنڪاڪ، بمبئي، بريمن جي ريلوي اسٽيشن هجي يا لورپول، لاهور، لنڊن جي ريلوي اسٽيشن جي عمارت سڄو ڏينهن ملڻ وڇڙڻ جو سمو پيش ڪري ٿي سچ ته  ريل گاڏي جي لوڏ اڃا تائين دنيا جي لکين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿي.

ڪو زمانو هو جنهن ۾ ڪار جو سفر آرام وارو سمجھيو ويندو هو. پر هاڻ هڪ ته  ڪارن جو تعداد وڌڻ ڪري هميشه ٽرئفڪ جئم جو آزار رهي ٿو ۽ ٻيو پئٽرول جي مهانگائي ڪري ڪار جي سائيز ننڍي ٿي ويئي آهي. ڪار ۾ سفر ڪندڙ مسافر لوهه  جي دٻي ۾ پاڻ کي قيدي محسوس ڪري ٿو. ٽرئفڪ جئم ڪري گاڏين جي دونهين ۽ گرمي ۾ هو گهٽبو ۽ پگهربو رهي ٿو. ساڳي ٽرئفڪ جئم جو مسئلو آسمان تي آهي. هاءِ جئڪنگ جو خوف ان کان علاوه. ان ڪري ڪييترا دفعا هوائي سفر جي وقت کان وڌيڪ وقت هوائي اڏي تي پهچڻ، پهچي سامان چيڪ ڪرائڻ ۽ ٻين ضروري ڪارواين تي برباد ٿيو وڃي. هوائي جهاز ۾ به ائين هڪ هنڌ وهڻو پوي ٿو ڄڻ  ماڻهو ڪرسي تي نه پر سانچي ۾ پيو آهي. هڪ ٻن دفعن کان وڌيڪ اٿ ويهه ڪر ته ڀر وارو مسافر ناراض. ڇو جو هن جي ننڊ ٿي ڦٽي ۽  ٻئي جي لنگهه لاءِ رستو ڏيڻ لاءِ کيس ٽنگون، سوڙهيون ڪرڻيون پون ٿيون.
پر سائين ريل جي ڳالهه ئي ٻي آهي. پنهنجي دٻي ۾ ته پيو هل چل پر موڊ ٿئي ته هڪ دٻي کان ٻئي ۾ به هليو وڃ. ڪٿي مٿي تي ويڙهيل تودونگ (پوتي ـــ رومال) ۾ ملئي عورتون ”ناسي ـــ ليماڪ“ (ناريل جي کير َ ۾ رڌل ڀت) ويٺيون کائين ته ڪٿي چيني ڇوڪرو ڇوڪري منهن منهن سان ملائي هوريان هوريان پيارَ جون ڳالهيون پيا ونڊين. ڪنهن سيٽ تي وڏي ڏاڙهي سان پوڙهو سک گرمکي ۾ ڇپيل اخبار پنهنجي زالَ کي پڙهيو پيو ٻڌائي ته ڪٿي نئون شادي شده تامل جوڙو دنيا کان ڄڻ واسطو ڇني پنهنجي منهن ويٺو آهي. هو دنيا جي خبر فقط تڏهن لهن ٿا جڏهن ڪنهن اسٽيشن تي گاڏي بيهي ٿي. ان وقت مڙسالو پليٽ فارم تي لهي پنهنجي نئين ڪنوار لاءِ چونئرن جي ٿيلهي ۽ پيپسي ڪولا وٺي ٿو يا ڪئميرا ڪڍي فوٽو ڪڍي ٿو. ٽرين جي هڪ هڪ دٻي جي هڪ هڪ سيٽَ تي نرالي دنيا آهي ۽ جي ڪو ان دنيا کي ڏسڻ نٿو چاهي ته سامهون هلندڙ VCR تي فلم ڏسي سگهي ٿو. يا هوٽل واري بوگي ۾ ويهي ڪجهه کائي پي سگهي ٿو. اڃا به جي کيس بوريت محسوس ٿئي ته اسٽيشن اچڻ تي لهي واڪ ڪري سگهي ٿو. تامل انڊين يا سک گارڊ کي رعب سان ڳاڙهو سائو جهنڊو لوڏي سيٽي وڄائيندو ڏسي سگهي ٿو. اڳتي جي سفر ۾ پڙهڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن جي اسٽال تان ڪا اخبارَ يا فلمي رسالو وٺي سگهي ٿو. يا وري چاليهه سينٽن جو ڇانهين جو ٻج وٺي ٻي اسٽيشن تائين اهي ککيون کولڻ ۽ کائڻ ۾ پاڻ کي مشغول رکي سگهي ٿو.
ننڍپڻ کان هر لنگهندڙ ٽرين کي ڏسي منهنجي دماغَ ۾ اها خواهش ايندي آهي ته جيڪر آئون به ان ۾ ويٺل هجان ۽ جڏهن به موقعو مليو آهي ته ڪار يا هوائي جهاز ۾ وڇڻ بدران دنيا جي مختلف ملڪن ۾، ريلَ گاڏي ۾ سفر ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪيو اٿم. اڄ به جپان ۾ اوساڪا کان ٽوڪيو تائين بليٽ ٽرين جو سفر، چين ۾ بيجنگ شهر کان ”ٽرانس منگولين ايڪسپريس“ جو سفر، لنڊن کان ڊنڊي اسڪاٽلنڊ تائين يا آفريڪا، آمريڪا ۽ يورپ ۾ ريلَ ذريعي ڪيل ڊگها سفرَ منهنجي دماغَ ۾ هر وقت تازگي پئدا ڪن ٿا. منهنجي خيالَ ۾ ملڪ ۽ ان جي ماڻهن کي ڏسڻ لاءِ ريلَ جو سفر سڀ ۾ بهتر آهي.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment