Sunday, September 22, 2013

لنڊن جون مکيه بازارون ۽ تفريحي ماڳ - عبدالحي پليجو

لنڊن جون مکيه بازارون ۽ تفريحي ماڳ
عبدالحي پليجو
اسان لنڊن ٽاور جي تاريخي ماڳَ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسڻ کانپوءِ پنڌ ئي پنڌ ٽيمس نديءَ جي ڪپرن تي هلندي هلندي اچي لنڊن برج تي بيٺاسين، جتي اسان بيشمار تصويرون ڪڍيون، جنهن کانپوءِ اسان لنڊن برج ٽپي ٻئي ڪپ تي کليل ڇت واري بس تي چڙهي گهمندا ڦرندا اچي آڪسفورڊ اسٽريٽ تي پهتاسين. لنڊن ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ بيشمار بازارون ۽ مارڪيٽون آهن پر هر سياح کي لنڊن جون مکيه بازارون ۽ مارڪيٽون گهمڻ ڦرڻ گهرجن. انهن مکيه بازارن ۾ چند هيٺيون آهن.
۱. آڪسفورڊ اسٽريٽ ۲. ريجنٽ اسٽريٽ  ۳. بانڊ اسٽريٽ
۴. پڪڊلي  ۵. ڪئيران بائي اسٽريٽ  ۶. جيرمين اسٽريٽ
۷. سوهو ۸. نائيٽس برج  ۹. سلون اسٽريٽ ۱۰. والٽون اسٽريٽ
لنڊن جون مشهور مارڪيٽون:
۱. ڪانوينٽ گارڊن مارڪيٽ ۲. جوبلي مارڪيٽ ۳. ايپل مارڪيٽ ۴. چيلسا مارڪيٽ  ۵. مارٽن-ان-دي-فيلڊس مارڪيٽ ۶. بروڪ مارڪيٽ ۷. پورٽو بيلو مارڪيٽ.

هي چند بازارون ۽ مارڪيٽون مون صرف سينٽرل لنڊن جون لکيون آهن، نه ته لنڊن سڄو بازارن ۽ مارڪيٽن مان ڀريو پيو آهي. بَس آڻي اسانکي هڪ چوڪ تي لاٿو، جتان ٿوري ئي پنڌ تي آڪسفورڊ اسٽريٽ آهي، اسان سيشن جي فوٽ پاٿن تان هلندي سعودي عرب ايئر لائين جي آفيس کان ڦرندي، مئن آڪسفورڊ اسٽريٽ تي پهتاسين، جتان مِنا ڪجهه خريداري ڪئي، اسان هتي بلڪل هڪ ننڍي ريسٽورينٽ تي چڪن رول کاڌا ۽ ڪولڊ ڊرنڪ پيتي. اسان هن هوٽل مان گهر فون ڪئي، ته محبوب کنئي، جنهن کي اسان پنهنجي اچڻ جو ٻڌايو. لنڊن شهر جا ٻه ايريا ڪوڊ آهن، هڪ سينٽرل لنڊن لاءِ آهي، ٻيو هيٿرو ايئر پورٽ، ويمبلڊن، گرين وچ ۽  ٻين علائقن لاءِ آهي. اسان مارڪس اسپينسر ٻين کوڙ سارين سُپر مارڪيٽن ۾ گهمندا ڦرندا رهياسين، ته دُڪان بند ٿيڻ جو وقت به ويجهو اچي چُڪو هو، لنڊن جون مکيه بازارون ساڍي ڏهين بجي کلنديون آهن ۽ شام ساڍي پنجين بجي بند ٿينديون آهن. سواءِ اربع ۽ خميس جي، انهيءَ ڏينهن دُڪان شام جو ستين بجي بند ٿين ۽ آچر موڪل هوندي آهي. يعني هفتي ۾ ڏيڍ ڏينهن شهر جون بازارون ۽ مارڪيٽون بند هونديون آهن، لنڊن جون بئنڪون صبح جو ساڍي نوين بجي کُلن ۽ شام ساڍي ٽين بجي بند ٿين. بازارن ۽ بئنڪن کان سواءِ لنڊن جي واپار جون آفيسون صبح جو نوين بجي کُلن ۽ شام جو پنجين بجي بند ٿين. بازارون ۽ پبس (پب پبلڪ بار جو مخفف آهي) صبح جو يارهين وڳي کُلن ۽ بند به رات جو يارهين بجي ٿين. لنڊن ۾ بازارن ۽ مارڪيٽن جي بند ٿيڻ مهل ٿوري رش ٿيندي آهي. تنهنڪري اسان ٽيوب جي بدران ٽئڪسي ڪري گهر ڏانهن روانا ٿياسين.
لنڊن شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر لنڊن جي اردگرد به بهترين قسمن جون گهمڻ لاءِ تفريح گاهون آهن. جن ڏانهن صبح جو وڃي، شام جو واپس لنڊن اچي سگهجي ٿو. اهي جڳهيون ضرور ڏسڻ گهرجن، جيڪي هي آهن. .۱برائٽن ۲. ونڊسر ۳. آڪسفورڊ سٽي  ۴. ڪئمبرج ٽائون ۵. ڪئينٽر بري ۶. شيڪسپيئر اسٽارٽ فورڊ ۷. سالسبري.  گاڏيءَ اسانکي اچي گهر اڳيان لاٿو، دروازو کليو ته اسان وڃي پنهنجي بيڊ روم ڀيڙا ٿياسين، ٿوري دير آرام ڪري ڪافي پي اچي هيٺ ڪچن ۾ ويٺاسين. محبوب به اُتي ويٺو هو. اسان کيس پنهنجي سڄي ڏينهن جي روداد ٻڌائي. هنن ٻڌايو ته اسان به ٻاهر گهمڻ ويا هئاسين اسان ان رات ڪيڏانهن به گهمڻ ڪونه ويا هئاسين، پر محبوب ۽ ڀوراڻي ٻاهر گهمڻ ويا. اسان دال ڀت سان گڏ مڇي به فرائي ڪري کاڌي. اچڻ مهل مون لنڊن جون مشهور اخبارون خريد ڪيون هيون، سو ويهي اهي اخبارون پڙهيم، پڙهندي پڙهندي ننڊ اچي وئي ۽ سارَ وڃي صبح جو مٺڙي آواز تي ٿي. ائين هڪ حسين ترين رات منهنجي زندگيءَ جي ڪئلينڊر مان گهٽجي وئي.
آئون صبح جو ڌرتيءَ تي پوندڙ ڪرڻن کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي دريءَ جي سامهون بيٺو هئس، اسڪول جا ٻار سهڻن يونيفارمن ۾ تڪڙا تڪڙا اسانجي رهائشگاهه جي ڀر واري اسڪول ڏانهن وڃي رهيا هئا. سڄي يورپ ۾ سواءِ بيلجم ۽ فرانس جي، باقي سڀني ملڪن جا شهري جنهن ۾ مرد، عورتون، ٻار اچي وڃن ٿا، ڏاڍا ٿُلها آهن. ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسين، ته ٿُلها ماڻهو هميشه نقصان ۾ آهن، ڇو ته ٿُلهو ماڻهو گهر ۾ گهڙندو ته زال پيٽ کي ڏسي سمجهندي، ته پيٽ ڀريو پيو اٿس. پوءِ ڀلي کڻي همراهه بک ۾ ماندو هجي، سو هتي يورپ ته سڄو ٿلهن ماڻهن سان ڀريو پيو آهي، باقي بک ۽ سُک جي ته کين ئي خبر هوندي.


No comments:

Post a Comment