Wednesday, September 04, 2013

پينانگ واري پل - الطاف شيخ

پينانگ واري پل
الطاف شيخ
ڪنهن چيو ته اليڪشن ويجھي آهي ته ان ڪري ملائيشين حڪومت ڏيکاءَ لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪري عوام کي خوش ڪري رهي آهي. ڪنهن چيو ملڪ ۾ تيل، رٻڙ ۽ ٽين (قلعي) جو پئسو جام اچي ويو آهي.
بهرحال ڏيکاءَ لاءِ يا پئسي جي گهڻي آمد ڪري ملائيشيا جي حڪومت ڏينهون ڏينهن ملڪ ۽ عوام جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندي رهي ٿي. ۽ ايشيا جون جيڪر ٻيون حڪومتون به ائين ڪن ته انهن ملڪن جي قسمت پڻ سڌري سگهي ٿي. گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي  هتي  جي حڪومت وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، تن ۾ هڪ ته سڄي ملڪ ۾ پڪن رستن ۽ سپر هاءِ ويز جي ڄار شامل آهي. جنهن مان نه رڳو امير  ڪارن وارا فائدو وٺن ٿا پر غريب دور دراز جهنگلن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ عوام پڻ.

هتي جي حڪومت ٽوئرزم تي پڻ گهڻو زور ڏنو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ نيوزيلينڊ، آسٽريليا وانگر هتي پڻ دور دراز ملڪن جا ماڻهو موڪلون گذارڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچن ٿا. جنهن ڪري نه فقط وڏين هوٽلن ۽ هوائي  جهاز ڪمپنين وارا ڪمائين ٿا، پر شهر جا ٽئڪسي وارا، بس وارا، دڪاندار پيڍيءَ وارا، مزور بئرا وغيره پڻ.
ٽي ويءَ جي ٻن سرڪاري چئنلن RTM 1 ۽ RTM 2 کان علاوه ٽيون پرائيويٽ چئنل TV3 ”ٽي وي تيگا“ شروع ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي سلوگن T.V Tiga-untok موجب ڏسندڙن جي مرضيءَ موجب هلي ٿو. ساڳي وقت سرڪاري ۽ خانگي چئنلن جو مقابلو هجڻ ڪري ڏسڻ وارن کي سرڪاري خبرون ۽ موجوده حڪومت جي ناموس جون ڳالهيون گهٽ ٻڌڻيون پون ٿيون ـــ  جيڪو آزار ڪيترن ئي عرب، آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن جي عوام سان آهي.
ان کان علاوه ڪيترا ئي اسڪول، ڪاليج، لئبرريون، هوٽلون، هائوسنگ پروجيڪٽ ۽ اسپتالون کوليون ويون آهن. جيڪي مڙيئي شيون عوام لاءِ سک پيدا ڪن ٿيون. انهن مڙنيءَ کان علاوه ٻه وڏا ڪم: پروٽون ساگا (Proton Saga) ۽ پينانگ واري پل آهي.
پروٽون ساگا ملائيشيا جي پهريون ۽ پنهنجي ڪار آهي، جيڪا شڪل، شيپ ۽ انجڻ ۾ ڪجهه ڪجهه متسوبشي، ٽويوٽا ۽ ڊاٽسن ڪارن سان ملي ٿي. مضبوط، سهڻي ۽ سستي هجڻ ڪري نه فقط هتي  ملائيشيا ۾ پر ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ مشهور ٿي ويئي آهي. ڪيترا ئي يورپي، ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪ اها خريد ڪري رهيا آهن.
ملائيشيا جي هن ڪار تان ياد آيو ته اها ڪار شروع ٿيڻ کان اڳ سندس شڪل بابت ماڻهن کي ڪيترا ئي خيال ۽ رٿائون هيون ته اها ڪهڙي هئڻ کپي. هتي جي مشهور ڪارٽونسٽ لات صلاح ڏني ته پروٽون ساگا جي شڪل کڻي ڪهڙي به هجي پر ڇت ڪنڊائتي هئڻ کپي، جيئن ملائيشيا جي گهرن جون ڇتيون آهن.
ملائيشيا ۾ نديون نالا گهڻا هجڻ ڪري ننڍيون وڏيون پلون ته جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون پر پينانگ واري ساڍا تيرهن ڪلوميٽر ڊگهي پل ايشيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي پل آهي. ۽ هيءَ پل دنيا جي ٽيون نمبر وڏي پل آهي. اها پل ناڙي وانگر ننڍي ٻار ـــ پينانگ ٻيٽ کي سندس ماءُ ـــ مين لئنڊ (بٽرورٿ) سان ملائي ٿي. هيءَ پل ۸۵۰ ملين ملئي ڊالرن جي خرچ تي ڪورين ٺاهي.
پينانگ ٻيٽ ۱۷۸۶ع ۾ انگريز همراهه فرانسز لائيٽ اچي ورسايو هو ۽ اها انگريزن جي ملائيشيا ۾ پهرين بيٺڪ هئي. ان وقت کان پينانگ باقي ملائيشيا کان واپار وڙي ۽ سڌاري ۾ هميشه اڳتي رهيو آهي. پينانگ ٻيٽ ايڏو وڏو ناهي جو ان ۾ رهندڙن جون سڀ گهرجون اتي ئي پوريون ٿي سگهن ـــ خاص ڪري کاڌي پيتي لاءِ پينانگ ٻيٽ وارن کي انگريزن جي ڏينهن کان باقي ملڪ (Main Land) تي ڀاڙڻو پوي ٿو.
پينانگ ٻيٽ کان سمنڊ پار ڪري ملائيشيا جي سرزمين (بٽرورٿ) تي پهچڻ جو بندوبست ويهين صديءَ جي شروعات کان ئي بتيلن ذريعي ڪيو ويو. ان بعد ۱۹۴۰ع ۾ ٻنهي پاسن جا پتڻ وڏا ڪري ڪل تي فيري هلائي ويئي هئي، جيڪا پل ٺهڻ بعد اڃا به جاري آهي. اهو ضرور آهي ته پل جي ڪري هاڻ فيرين تي ايتري پيهه پيهان ڪانه ٿي ٿئي.
هن وقت دنيا ۾ پينانگ جي پل کان فقط ٻه پلون وڏيون آهن. هڪ نيو اورلينس (آمريڪا جو Pontchartrain ڪاز وي آهي. جنهن جي پل ۳۸ ڪلوميٽر کن ٿيندي) ۽ ٻئي نمبر تي Chesapeake-Bay ٽنل برج آهي، جيڪا پڻ آمريڪا ۾ ئي آهي ۽ ۲۸ ڪلوميٽر وڏي آهي. ۽ بنا شڪ جي هيءَ پينانگ واري پل اڃا تائين ٽئين نمبر تي آهي. پر سعودي عرب ۽ بحرين جي وچ ۾ ٺهندڙ ۲۴ ڪلوميٽرڊگهي پل ٺهي راس ٿيڻ تي اها ٽيون نمبر ٿيندي ۽ هيءَ پينانگ واري پل چوٿون نمبر.

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment