Sunday, September 29, 2013

ويڙا ٿر اڪري! - حسين ڪپري

ويڙا ٿر اڪري!
حسين ڪپري
هيل مينهن اهڙا ته مست ٿي وٺا، جو ٿر سڄو سُر سارنگ ٿي پيو. هي دنيا جو زرخيز ترين صحرا آهي، جنهن جو انگ انگ برسات کان پوءِ ڦٽي سائو چهچ ٿيو وڃي. هر طرف ڏسڻ لاءِ اهڙا حسين نظارا هوندا آهن، جو اکين جو ڍءُ ٿيو وڃي. هن سال اهڙو ڪو ماڻهو نه رهيو، جنهن ٿر وڃي فوٽو نه ڪڍايو هجي. يار دوستن فيس بڪ کي تصويرن سان ڀري ڇڏيو. مٿان ڪڪر ڪارونڀار به ڀريو بيٺو هو، سو پنهنجو به روح نه رهيو، تنهن ڪري رومانٽڪ موسم جي حساب سان سفر جو سامان کڻي روانا ٿياسين.

ٿر اڪري پارڪر پهتاسين ته شام جي لهندڙ سج جي لالاڻ ۾، ڪارونجهر ڪيترن ئي رنگن سان جڳ مڳ لڳو پيو هو! روايتن ۾ ٻڌايل روز سوا سير سون جيتري اپت ڏيندڙ، هن ڪروڙين سال پراڻي جبل بابت ڪهاڻيون، ڏند ڪٿائون ۽ تاريخي حقيقتون پاڻ ۾ ايترو ته گڏ مڏ ٿي ويون آهن، جو هاڻي انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ مشڪل آهي! ڪارونجهر ۾ ڪن نشانن کي ڀيم تلاءُ، ڀيم گاڏو ۽ ارجڻ ٻاڻ وغيرهه ڪري ڪوٺيندا آهن. اهي انهن پانڊون جي نالي پٺيان سڏبا آهن، جيڪي هزارين سال اڳ ڪورون هٿان جوا ۾ هار کائڻ کانپوءِ، تيرنهن سال مليل ديس نيڪالي ڪاٽڻ لاءِ، ڪجهه وقت هتي پنهنجي زال دروپدي سان اچي رهيا هئا، جنهن جهڙي عورت دنيا ۾ ٻي ڪا نه ٿي. ٿر پنهنجي مزاج ۾ دروپدي وانگر ئي آهي يا بنهه سائو سڪار يا ماڳهين ڪارو ڏڪار... انهن ٻنهي انتهائن جي وچ ۾ زندگي گذارڻ جو فن ڪو هتان جي ماڻهن کان سکي!
ڪارونجهر جي هنج ۾ سرحد جي ويجهو ڪاسبي جو ڳوٺ پنهنجي نم جي وڻن، مندرن، کوهن جي پاڻي تي پوکيل واڙين ۽ قدرتي سونهن جي ڪري مشهور آهي. برسات جي مختصر موسم ۾ ڇهه سؤ گهرن تي مشتمل هن وسندي کي ڏسڻ لاءِ ويهه هزار کان وڌيڪ سيلاني اچن ٿا ۽ ڪيترا ئي وزيٽر  اها توقع کڻي ايندا آهن ته ڳوٺ جا ماڻهو گلن جا هار کڻي سندن استقبال لاءِ اڳواٽ انتظار ۾ بيٺا هوندا! هي غريب ڳوٺاڻا ڏاڍا هيسيل لڳا. ڇاڪاڻ ته پري پري کان آيل ڌاريا ماڻهو، هنن کي ائين ڏسن ٿا، جيئن چڙيا گهر جي پڃري ۾ بند جانورن کي ڏسبو آهي. پارڪر ۾ وک وک تي تاريخ وکريل آهي. ننگر شهر جي ويجهو ’پورڻ واهه‘ جو اهو تاريخي ڳوٺ آهي، جتي انگريز آفيسر ڪرنل تروٽ ۱۸۵۹ ۾ راڻي اڌي سنگهه سوڍي جي ڪيل حملي ۾ جان بچائي اچي لڪو هو. انهيءَ ئي ساڳئي ڳوٺ جو ڪيسوٻاءِ به هو، جنهن جي وطن دوستيءَ جون وڻن ۾ وايون آهن. ايڪهتر کان پوءِ حالتون خراب ٿي وڃڻ ڪري سندس ويجها عزيز رشتيدار انڊيا لڏي ويا، پر تمام گهڻين منٿن باوجود به هو ساڻن گڏ ڪو نه ويو. آخرڪار کيس زوري وٺي اچڻ لاءِ سندس خاندان وارن ڌاڙيل ٻلونت سنگهه کي موڪليو، جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻل ۽ دل جي ڪٺورتا سبب سڄي راجسٿان ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو. ڪيسوٻاءِ جي ته هن ۾ اک ئي ڪا نه ٻڏي، کيس انڪار ڪندي چيائين ته؛ ”آ تڏهن هلندس، جڏهن ڪارونجهر کي ڪوري کڻي هلندين!“ ڌاڙيل ته خالي هٿين موٽي ويو، پر شاعر خليل ڪنڀار، مٽيءَ جو قرض چڪائيندي ڪيسوٻاءِ جي ڪردار کي پنهنجي هڪ شاهڪار نظم ۾ لافاني بنائي ڇڏيو. جڏهن حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿيون ته سندس پٽ مسلمان ٿي ويو.. ”پر سندس جيئڻ جو اسٽائل پڇاڙي تائين وري به راجپوتن وارو رهيو.. هن مذهب مٽائي ڇڏيو، مگر ڌرتي نه مٽائي. آخر ۾ هو ’بابو شيخ‘ جي حيثيت سان هتي ئي پنهنجي زمين ۾ دفن ٿيو!“ سندس آخري رسمن ۾ شريڪ خالد جوڳي مون کي ٻڌايو. سڄي ٿر ۾ اڄ به ٺڪر کي پنهنجي وٽيل مڇ، پڪي زبان ۽ ڌرتيءَ سان پيار جي ڪري عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو!
هينئر ته سڪار هو.. پر هونئن ڀلي کڻي ڪارو ڏڪار ڇو نه هجي ۽ کوهه ڪيترو به سڪي ڇو نه وڃن، پر ٿر جي ماڻهو جي اک جو پاڻي نٿو مري، جيڪو نظر چورائي رستو بدلائڻ ڪڏهن به ناهي سکيو ۽ هميشهه  آيل مهمان کي محبت سان وڌي اچي کلي کيڪاري ٿو. ٿريا ته هونئين مهمان نواز آهن، پر ساجن خاصخيلي جي اوطاق مشهور آهي. جڏهن سندس پٽ غلام رسول پندرنهن ڪلو ميٽر پري کان اسان کي وٺڻ آيو ته انڪار نه ڪري سگهياسين. هن اسان کي انهي وشال ڄار جي ٿڌي ڇانو هيٺان ويهاريو، جتي ڏهاڪو کن کٽون پيون هيون ۽ اڃا به ڪافي جاءِ بچيل هئي. چيو وڃي ٿو ته ان جيڏو وڏو ڄار جو وڻ سنڌ ۾ ٻيو ڪٿي به نه آهي! ٿر نانگ بلائن جو ديس آهي. سڀ کان وڌيڪ ڪکجڻ جا واقعا هتي ئي ٿين ٿا. پيئڻ بلا جي گهاتڪ زهر ۽ انجي طريقهء واردات بابت عجيب قسم جون ڏند ڪٿائون رائج آهن. انهي جي حقيقت ٻڌائيندي قائد اعظم يونيورسٽي مان اينيمل سائنسز ۾ ماسٽرس ڊگري رکندڙ  پروفيسر روشن خاصخيلي چيو ته؛ ”زهر نانگ لاءِ هڪ قيمتي سرمائي وانگر هوندو آهي، جنهن کي هو سنڀالي رکندو آهي ۽ صرف شڪار ڪرڻ يا خطري جي حالت ۾ استعمال ڪندو آهي.“ ننڊ ۾ ستل ماڻهو نڪو شڪار آهي ۽ نه ئي ان مان ڪو خطرو آهي. سو پيئڻ بلا تي سکرن جو بار ڪونهي ته  ڊگها پنڌ ڪري کٽ تي چڙهي اچي ماڻهو جي ساهه ۾ زهر ڦوڪي وڃي! سائنسي حساب سان اها ڳالهه ممڪن ئي ناهي! ٿر جي قابل ذڪر جاين ۾ پاري نگر جو زبون ٿي ويل اهو مندر به آهي، جيڪو قديم فن تعمير جو اهڙو شاهڪار آهي. جنهن جي گهڻن ماڻهن کي خبر ڪونهي. مندر جون سٺيون ۽ وڏيون مورتيون ته اڳي ئي چوري ٿي ويون، باقي بچيل ننڍڙيون مورتيون زلزلي جي ڪري پٽ تي ڪري پيون آهن. انهن ۾ مختلف جسماني آسڻ ۽ ڪاما سوترا جا منظر اهڙي ته ڪاريگريءَ سان چٽيل آهن، جو ڏسندڙ  ديوداسين جي بدن جي دلڪشي، پيچ و خم، سڏيندڙ انگن ۽ سرڪش آرزوئن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هي سنڌ جو اهو کجرائو آهي، جيڪو ڪنهن ساڃهه وند جي نظر نه پوڻ ڪري گمنامي ۾ وڃائجي ويو آهي ۽ تيزي سان مٽبو وڃي! انهن مورتين جا تخليق ڪار ضرور ڪي اهڙا ماهر بت تراش هئا، جن پنهجو فن ۽ نالو ڀڳوان کي ارپي ڇڏيو ۽ پاڻ بي نام مري ويا! جيتوڻيڪ مور کي بيمارين، ناياب جانورن کي شڪارين ۽ ماڻهن کي ذري گهٽ ڏڪار ماري وڌو آهي، پر ٿر جي روح کي ڪير به نه ماري سگهيو آهي. جيڪو اڃا به وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، مال جانور ۽ ماڻهو کي پنهنجي وشال پناهن ۾ رکي ٿو.  
ٻاجهر جي کيتن، چؤطرف ڦهليل ساوڪ ۽ خوشحالي جي ڪري، هينئر ٿر پنهنجي جوڀن تي آهي. مگر اها جواني مسافرن وانگر ڪجهه هفتن کان پوءِ گذري ويندي ۽ وري به سڃ پئي واڪا ڪندي. گهرن ۽ کوهن ۾ پاڻي اڃا به وڌيڪ هيٺ لهي ويندو. ماڻهو، مال، پکي پکڻ، جيت جڙو موسم جي شديد بي رحم سختين کي منهن ڏيندو ۽ سڄو علائقو ”دردن جو ديس“ بنجي ويندو! تڏهن ماڻهن جي وساريل، سرڪار جي نظر انداز ڪيل ۽ فطرت جي نامهربانين جي شڪار ٿيل ٿر جو هينئڙو، واري جيئن وڄرندو!


No comments:

Post a Comment