Wednesday, September 11, 2013

منهن مٿو پٽڻ تي دل ٿي چوي - الطاف شيخ

منهن مٿو پٽڻ تي دل ٿي چوي....!
الطاف شيخ
اسان وٽ پاڪستان ۾ به زور شور سان ”ارٿ اور“ ملهايو ويندو آهي. توانائي بچائڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪَ لاءِ غير ضروري لائيٽ کي بند رکيو ويندو آهي. ڪجهه سال اڳ، اهو ڪلاڪ پهريون دفعو ملهائيندي، مون سئيڊن جي شهر مالمو ۾ ڏٺو. مالمو شهر ۾ آ ٻه سال رهيس. فقط هڪ دفعو اسان جي فلئٽ جي رڌڻي جي لائيٽ هلي وئي هئي. اها به ان ڪري جو فلئٽ جي مالڪ، اسان کي نئون اوون وٺي ڏنو هو ۽ اليڪٽريشن پنج منٽ لائيٽ بند ڪري، نئين اوون جي تار کي فِٽ ڪيو هو. يورپ ته ڇا اڄڪلهه ايشيا جي ملڪن ۾ به لائيٽ نٿي وڃي.

مون کي ياد آهي ته 1970ع واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾، جڏهن اسانجو جهاز ويٽنام جي بندرگاهه ۾ پهچندو هو ته مڪاني آفيس جو انچارج بجلي بند ٿيڻ جو شيڊول ٻڌائي ويندو هو ته صبح جو 11 کان 12 ۽ شامَ 5 کان 6 وڳي بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ ٿيندي ۽ اهڙي وقت تي انجن روم ۾ ڪم ڪندي پنهنجي جهاز جو جنريٽر هلائي پنهنجي لائيٽ حاصل ڪريون. بهرحال اها حالت ڪا ٻه يا ٽي سالَ رهي ۽ پوءِ ويٽنام جي حڪومت نه فقط بجليءَ جي کوٽ تي پر ٻين مسئلن تي به ڪنٽرول ڪري وئي. اڄ اهو کٽل، غريب ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اسان کان گهڻو پٺتي پيل ملڪ ... ويٽنام ... الائي ڇا ٿي ويو آهي! ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ، جتي 1968ع -1969ع وارن سالن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ رات جي وقت عورتن کي لالٽين کڻي هلندي ڏٺوسين. اهي ته هينئر يورپ ۽ آمريڪا جو مقابلو ٿا ڪن. اڄ ملائيشيا جي گهاٽن جنگلن وارن ڳوٺن ۾ به 24 ئي ڪلاڪَ بجلي ۽ پاڻي موجود ۽ ميسر آهي. اهڙن ملڪن جي ننڍي ٽهي ته سوچي به نٿي سگهي ته بنا سئچ آف ڪرڻ جي لائيٽ وڃي سگهي ٿي، جيڪو اسان وٽ پاڪستان ۾ سڄو ڏينهن آزار لڳو پيو آهي. سو دنيا جي ملڪن ۾ هر سال هي هڪ ڪلاڪ Earth Hour جي نالي سان بجليءَ کي بند رکي ملهايو وڃي ٿو، جيئن اسان کي احساس ٿئي ته بنا لائيٽ جي ڪيڏي تڪليف ٿئي ٿي ۽ اسان کي گهرجي ته ڌرتيءَ تي موجود توانائيءَ جو بچاءُ ڪرڻ سکون ۽ اجايون سجايون بتيون نه ٻاريون. ماڻهن کي ياد ڏيارڻ لاءِ ته اڄ هڪ ڪلاڪَ لاءِ بجلي بند ڪري ”ارٿ اور“ ملهائڻو آهي، هر وقت T.V ۽ ريڊيو تان ياد ڏياريو ويندو آهي ته ساڍي اٺين کان ساڍي نائين تائين غير ضروري بتيون وسائي ڇڏڻيون آهن. ياد رهي ته بنهه اونداهه Black Out ناهي ڪرڻي.
بهرحال ان قسم جا ڏينهن يورپ، آمريڪا توڙي ايشيا جا جپان، ملائيشيا، ٿائلنڊ جهڙا ملڪ ضرور ملهائين ۽ فخر محسوس ڪن پر مونکي حيرت اسانجي ٽي وي چئنلن تي اچي ٿي، جيڪي صبح کان اعلان ٿا ڪن ته، شامَ جو ساڍي اٺين کان هڪ ڪلاڪ لاءِ غير ضروري بتيون بند ڪرڻيون آهن... جيتوڻيڪ صبح کان چار دفعا هن وڏي شهر ڪراچي جي لائيٽ پاڻهي وڃي چڪي آهي ۽ ٽي وي تي پٽي پئي هلي ته پنجاب ۾ اڄ ڪلهه ڏهن کان چوڏهن ڪلاڪَ لوڊ شيدنگ ٿي رهي آهي ۽ ملتان ۽ بهاولپور ۾ عوام رستن تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪري رهيو آهي. منهنجي خيالَ ۾ اسان جهڙن ملڪن ۾ سالَ ۾ هڪ دفعو ڪلاڪ لاءِ بجلي بند ڪري Earth Hour ملهائڻ بدران هر مهيني ڪلاڪ لاءِ انهن وزيرن ۽ ڪامورن کان پڇاڻو ڪجي، جيڪي عوام جو پئسو رينٽل ۽ ٻين چڪرن ۾ کائي ويا آهن ۽ بجلي مهيا ڪري ڏيڻ جا فقط ڪوڙا واعدا ۽ ڏٽا ڏنا ٿا وڃن. پر هاءِ ڙي قسمت اسان جي تعليم ۽ ”جانڪاري“ کان عاري عوام کي ڪير سمجھائي! اسان جا منجهيل ماڻهو رڳو مغربي دنيا کي ڏسي ڪڏهن ”مدر ڊي“ پيا ملهائين ته ڪڏهن ”فادر ڊي!“ اڙي بابا! يورپ ۽ آمريڪا پاسي جي تهذيب، ڪلچر ۽ مشغول زندگيءَ جي ڪري هنن کي نه وقت آهي ۽ نه وري هنن جي دل ۾ احساس، جو هو کڻي پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪن. سو انهن ماڻهن اهڙا ڏينهن ويهي ٺاهيا آهن، جيئن سالَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ته ماءُ ۽ پيءُ کي ياد ڪيو وڃي. پر اسان وٽ ته مشرقي تهذيب ۽ مذهب ۾ والدين جي هر وقت خدمت ڪرڻ اسانجو فرض هجڻ کپي. اسان لاءِ ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. اهڙي طرح دنيا جا ماڻهو اسان تي کلندا هوندا ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ سال جي مقرر ڏينهن تي هڪ ڪلاڪ لائيٽ بند رکي ارٿ اور ملهايو ... يعني ان ملڪ ۾ جتي روز گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ هڪ نارمل ڳالهه آهي. پر اسان وٽ ماڻهن کي ڪيترين ڳالهين جو هوش ئي ناهي، فقط انڌي تقليد آهي. ان تان مونکي هڪ لطيفو ٿو ياد اچي ... وزيرن جي ڪنهن بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ هڪ افغاني وزير هڪ پاڪستاني وزير کي پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو: ”آ افغانستان جو شپنگ منسٽر (يعني جهازرانيءَ جو وزير) آهيان.“
پاڪستاني وزير حيرت کائيندي چيس: ”پر افغانستان ۾ ته سمنڊ ئي ڪونهي.“
افغاني وزير سگريٽ جو دونهون سندس منهن ۾ هڻندي چيو؛ ”پوءِ ڀلا توهان جي ملڪ ۾ لا منسٽر (وزير قانون) ڇو آهي؟“

گذريل صديءَ جو سٺ وارو ڏهو هو، جڏهن اسان جهازراني جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئاسين ته عربن ۽ اسرائيل جي لڙائي لڳي. اسان سمجھيو ته هيترا عرب ملڪ آهن، گڏجي اسرائيل کي سڌو ڪندا. پر پوءِ اسان کي خبر پئي ته پئسو ۽ ماڻهن جو تعداد سڀ ڪجهه ناهي، عقل ۽ بهادري به ڪا شيءِ آهي. هي عرب ڪي انهن عربن جهڙا ناهن، جن قبرص، مالٽا کان اندلس ۽ اسپين تائين ميڊيٽرينين سمنڊ جا ٻيٽ ۽ ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا. اڄ وارا عرب پنهنجو وطن ته نه بچائي سگهيا پر ماڳهين سئيز ڪئنال به سندن هٿن مان نڪري وئي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن کي سورن ۾ وجھي ڇڏيائون جو سئيز ڪئنال بند ٿيڻ ڪري انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ ۽ يورپ وڃڻ لاءِ اسان کي سڄو آفريڪا جو کنڊ لتاڙڻو پيو ٿي. بهرحال اسان سان گڏ دنيا به اها ئي اميد رکي ٿي ته عراق، شام، مصر ۽ اردن گڏجي اسرائيل کي نقشي تان مٽائي ڇڏيندا پر هنن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ اسرائيل جي وزير اعظم گولڊا ميئر يا خبر ناهي ڪو ٻيو هو، تنهن هنن عرب ملڪن لاءِ چيو ته زيرو پلس زيرو، پلس زيرو، برابر زيرو. اهو اصطلاح دنيا ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو ۽ اڄ تائين ڪيترا ئي ماڻهو استعمال ڪندا رهن ٿا. اسان جي ملڪ جي اڳوڻي صدر مشرف پرويز پڻ اهو جملو چيو، جڏهن هن کان ڪنهن صحافيءَ سوال ڪيو ته؛ ”لال مسجد تي حملو ڪرڻ کان اڳ تو کي ڪنهن ته سمجھايو هوندو ته اهو غلط ڪم نه ڪر!“ جواب ۾ وڏي فخر سان چيائين ته، ”ڪنهن به نه ... بلڪل نه ... هڪ به نه“ ۽ پوءِ هن مٿيون زيرو وارو اصطلاح ورجايو پر بقول اسانجي پيٽاري جي هڪ فوجي آفيسر جي ته مشرف پنهنجي لئه رکڻ لاءِ ۽ مٿئين جملي کي زيرو پلس زيرو پلس زيرو کي وڌيڪَ اهميت ڏيڻ لاءِ آخر ۾ اهو به پڇ ڳنڍيو تهDivided by Zero يعني زيرو واڌو زيرو واڌو زيرو، ونڊيان زيرو. بقول سندس ڪنهن کان ”نه ڊڄڻ واري“ هن ڪمانڊو پهلوان جي انگي حسابن تي ان ڏينهن ڏاڍي حيرت ٿي! ڇو جو زيرو واڌو زيرو، واڌو زيرو ته بلڪل ٻڙي يعني زيرو ٿيندو پر جڏهن زيرو کي زيرو سان ونڊ ڪبي ته جواب ”هڪ“ ايندو، ڇو جو اها خبر مئٽرڪ جي شاگرد کي به آهي ته ڪنهن به شيءِ کي ان ساڳي شيءِ سان ونڊ ڪبي ته جواب ‘هڪ’ ايندو. x کي x سان ونڊ ڪبي ته جواب هڪ ايندو. ab کي ab سان ونڊ ڪبي جواب ۾ هڪ ايندو. 5 کي 5 سان ونڊ ڪبي جواب ۾ هڪ ايندو. اهڙيءَ طرح 0 کي 0 سان ونڊ ڪبو ته جواب هڪ ايندو ... ڪمانڊو مشرف کي پنهنجي Maths کي تيز ڪرڻ کپي.

No comments:

Post a Comment