Thursday, September 05, 2013

ڪئلا ڪنگسار ۽ لموت - الطاف شيخ

ڪئلا ڪنگسار ۽ لموت
(KUALA KANGSAR DAN LUMUT)
الطاف شيخ

پيراق رياست جو وڏو شهر جيتوڻيڪ اپوح آهي پر پيراق جي سلطان جو محلات اپوح بدران ڪئالا ڪنگسار ۾ آهي. جيڪو اپوح کان ٻٽيهه ميل پري ڏکڻ پينانگ ڏي آهي. جتي چار پوڙها سک ريلوي اسٽيشن تي ملن. هي محلات Istana -Iskandariah پيراق نديءَ جي ڪناري تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي. جنهن جي ڀر ۾ پهريون پراڻي زماني جو محلات Istana-Kenagan پڻ اڃا ان حالت ۾ موجود آهي ۽ ملئي عمارت سازيءَ جو نمونو پيش ڪري ٿو. سندس ڀر ۾ چندن ٽڪريءَ تي سوني قبي واري ابودايا مسجد ڏسڻ جهڙي شيءِ آهي، جنهن لاءِ ٽوئرسٽ ڪئالا ڪنگسار هلي ايندا آهن. هونءَ پاڪستان، ايران، افغانستان يا عرب ملڪن جي رهاڪن کي عمارت سازيءَ جي لحاظ کان هتي جي هر مسجد نرالي لڳندي جو هڪ ته هتي جي عمارت سازيءَ تي انڊين ۽ چيني آرڪيٽيڪٽ جو اثر آهي ۽ ٻيو ته هتي جي موسم هر وقت مينهوڳيءَ واري هجڻ ڪري، هتي جي هر هڪ عمارت جون ڇتيون ڪنڊائتيون آهن. گهڻو عمارتي ڪاٺ هجڻ ڪري لوهه پٿر بدران ڪاٺ استعمال ٿئي ٿو ۽ ڇت ۾ ناريل جا پن وڌا وڃن ٿا جيڪي عمارت کي ٿڌو رکن ٿا.

اپوح ۽ ڪئالا ڪنگسار کان علاوه پيراق ۾ ڏسڻ جو ٽيون شهر لموت (Lumut) آهي. جيڪو اپوح کان اٺاسي ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي آهي. لموت نيول بيس هجڻ کان به مشهور آهي. ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۽ نيويءَ جا ٻيا ادارا هتي ئي آهن ـــ جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ سنگاپور يا پينانگ ۾ هوندا هئا.
لموت کان چار ميل پري سمنڊ ۾ پنگڪر (Pangkor) نالي هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي. جتي فيريءَ ذريعي اڌ ڪلاڪَ ۾ پهچي سگهجي ٿو. هن ٻيٽ تي ڌارين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن جي رهائش لاءِ ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ ريسٽ هائوس ۽ ڪئمپون آهن. آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يورپ کان آيل واندا سڄو ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي آرام ڪندي نظر ايندا يا وري سئمنگ ۽ اسڪنگ ڪندي. اسان جهڙن لاءِ جن جو اڳهين سمنڊ سان واسطو آهي يا ملاڪا ۾ رهڻ وارو گهر به سمنڊ جي ڪناري تي آهي، اتي پهچڻ ائين آهي جيئن نيو ڪئسل شهر ڏي ڪوئلو کڻي وڃڻ يا جبل هماليا تي  برف جي ڳوڙهي کڻي وڃڻ. شهرل حياليءَ (Sharul-Hayali) نالي هڪ ملئي ڪسٽم پوليس جو انجنيئر ملاڪا مان مون وٽان انجنيئرنگ جو ننڍو ڪورس ڪري ويو هو. شهرل آخري هفتو روز لموت اچڻ لاءِ دعوتون ڏيندو هو.
”سائين اپوح پاسي اچو ته لموت مون وٽ ضرور اچجو. توهان کي لانچن ۾ سمنڊ جو سير ڪرائيندس.“
آئون کلي نٽائيندو هوس. ”شهرل اتي ڪٿي تو کي ڳوليندس.“
”لموت ننڍڙي ته جڳهه آهي. آئون ئي هڪڙو ڪسـٽم جو انجنيئر آهيان.“
”چڱو ائڊريس تنهنجي قابو رکان ٿو.“ آئون چوندو هوسانس.
”ان جي به ضرورت ناهي. مون جهڙو گنجو ٻيو توهان کي نظر نه ايندو. لموت پهچي ڪنهن کي به چوندائو ته مون جهڙو گنجو ڪسـٽم آفيسر ڪٿي آهي ته مون کي اچي اطلاع ڪندا.“
لموت جي ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪئالا ڪنگسار يا اپوح وڃڻ ٿيندو آهي ته اتي به جاچيندو هلندو آهيان ته ڪٿي مون جيڏو، مون جهڙو گنجو ۽ مڇن وارو شهرل حيالي ماڻهن جي ميڙ مان نڪري متان مونکي لموت وٺي هلي لانچ ۾ سمنڊ جو سير ڪرائي ۽ سمنڊ جو سهڻو ڪنارو ڏيکاري جيڪو منهنجي لاءِ ايترو ئي ”تفريح مند“ ٿيندو جيترو ڪنهن باغائيءَ لاءِ سڄو ڏينهن باغ ۾ جھار هڪلڻ  بعد شامَ جو موڪل مهل کيس شهر جو چڪر هڻائڻ بدران وري ساڳي باغ ۾ گهلي اچجيس.

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment