Sunday, September 01, 2013

لاڙڪاڻي جي شاعرن ۽ سگهڙن سان ملاقات - الطاف شيخ

لاڙڪاڻي جي شاعرن ۽ سگهڙن سان ملاقات
الطاف شيخ
ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو زمين جي معاملي ۾ امير آهي. رهائش گهرن، هاسٽلن، راندين جي ميدانن کان علاوه به ان کان ٻيڻو ٽيڻو پَٽُ خالي خالي آهي جنهن جي چوڌاري هتي جي پرنسپال محمد يوسف عقلمندي ڪري بائونڊري وال ڏياري ڇڏي آهي جيئن اڳتي هلي ملڪ جون طاقتور قبضه مافيائون زمين تي قبضو ڪري هن تعليمي اداري کي سوڙهو نه ڪن.

ميدان جي هڪ ڪنڊ وٽ، جتي مينهن جو گڏ ٿيل پاڻي ڍنڍَ جو ڏيک ڏئي رهيو هو اُتي مَچُ ڪچهري جو بندوبست رٿيو ويو هو. وچ تي ڪاٺ جا ٿلها بُنڊَ ٻاريا ويا هئا جن نه رڳو چوڌاري ويٺلن کي گرمائش رسائي پئي پر باهه جي رتول ڳاڙهين، کُهنبين ۽ ٻين شيڊن جي ڄِڀين ۽ اُلن لنڊن جي ٿيمس ندي جي ڪناري تي ٿيندڙ فائر ورڪس ياد ٿي ڏياري. رکي رکي ڪنهن آلي ڪاٺي جي واري اچڻ تي منجھانئس نڪتل ڪاربان مونو آڪسائيڊ واري گهاٽي ڪاري دونهين خوبصورت ڳاڙهن رنگن جو ڪارو منهن ڪري ڇڏيو ٿي ۽ اسان ويٺلن جو ڪجهه گهڙين لاءِ ساهه گُهٽي رکيو ٿي. مونکي جپان جو ڪاگوشيما بندرگاهه ياد اچي ويو جنهن جي چوڌاري اڪثر ڦاٽندڙ  جبلن مان نڪرندڙ باهه جا ڳاڙها اُلا جتي هن مَچَ جي رنگن جهڙو سهڻو نظارو پيش ڪندا هئا اتي رکي رکي منجھائن نڪرندڙ سلفر جي pungent ڌپ اسان کي کنگهائي رکندي هئي. هن ڪاربان مونو آڪسائيڊ واري دونهين وانگر سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ وارو زهريلو دونهون اکين مان پاڻي ڪڍي ڇڏيندو هو.
هن مچ ڪچهريءَ ۾ ڪاليج جا پروفيسر، شهر جا معزز ماڻهو، شاعر، اديبَ سگهڙ ۽ ڳائڻا آيل هئا. ڪچهري کان اڳ ماني هلي. هن مانيءَ جي اها خصوصيت هئي ته هر شيءِ نه فقط ٺِڪرَ جي ديڳڙن ۾ رڌي وئي هئي پر Serve به ٺڪر جي پاٽوڙن ۾ ٿي رهي هئي. اسان ننڍا هئاسين... اٽڪل اڌ صدي کان به مٿي سال اڳ ته ڳوٺ ۾ ڏاڏيءَ کي پلو يا مڇي هميشه ٺڪر جي ڪُني ۾ رڌيندي ڏٺوسين. هر گهر ۾ ٺڪر جا ديڳڙا ضرور هوندا هئا جيڪي اس ۾ رکيل کٽ تي اونڌا ڪري سڪايا ويندا هئا. شادين جو ڀت اڪثر ٺڪر جي ڦيلهين ۽ پاٽوڙن ۾ ورهايو ويندو هو. ٺڪر جي ديڳڙي ۾ رڌل ٻوڙ جو پنهنجو هڪ خاص هُڳاءُ ٿئي ٿو. پر ان رات خبر ناهي ڇو مونکي مزو نه آيو. پڪل ٿانوَ بدران ڪچي مٽي جي Smell اچي رهي هئي، خاص ڪري ٺڪر جي گلاسن مان. ٿي سگهي ٿو بک نه هجڻ ڪري مونکي ائين محسوس ٿيو هُجي.
مچ ڪچهري ۾ ڊنر بعد پهرين مشاعرو هليو. شاعري جو ڪو ڪِتاب پڙهڻ سان مزو نه ايندو آهي پر ڪنهن جي واتان ٻڌندي ضرور لطف اندوز ٿيندو آهيان ۽ ڪي ڪي شعر هن وقت به منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن. شاعرن مان هڪ ڊاڪٽر  بشير شاد جو فرزند احسان دانش به هو. احسان دانش ڪمپيوٽر ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ جو پڻ ماهر آهي. ان قسم جي ڪم لاءِ آئون هميشه کانئس پڇندو آهيان. پاڻ ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو پروفيسر آهي. پاڻ مهمان جي حيثيت ۾ هتي آيو هُئو ۽ هڪ سنڌي ۽ هڪ اڙدو جو نظم ٻڌائين. سندس شعر جي هڪ ٻه سٽ ياد اچي رهي آهي:

آلي ڪاٺيءَ جيان مان دُکان ٿو پيو،
درد جي ريت تي ڏس لُڇان ٿو پيو
۽ اڙدو جون ٻه سٽون آهن:
مين  وه  پياسا  هون  جسي  درد هي صحراؤن سي
اور سرابون سي بهي پيني ڪا هنر هي مجهه ڪو...
احسان دانش جا ڪيترائي ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن
جهڙوڪ:
•        لفظن جي خوشبوءِ (شاعري جو مجموعو).
•        بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون)
•        موهن جو دڙو، ۽
•        لاڙڪاڻو (تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو)

ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي  به ڪجهه پروفيسرن پنهنجا شعر پڙهيا. سنڌي جي پروفيسر منير چانڊيو جي نظم جون ڪجهه سٽون آهن:

تون جي آئين  منهنجي جوانيءَ ۾
رنگ ڀرجي ويا پوءِ زندگانيءَ ۾
اي خدا تون هن کي سدا سکيو رکجانءِ
ساهه منهنجو آهي منهنجي جانيءِ ۾

هڪ ٻيو پروفيسر محمد عمران شيخ صاحب جيڪو بايولاجي ٿو پڙهائي پنهنجو اڙدو نظم ٻڌايو. سنڌي لهجي ۾ اڙدو شعر ٻڌندي مزو اچي رهيو هو. مولانا صاحب کي ٻڌندڙن طرفان ڪافي دادُ مليو شايد سندس وڏي ڏاڙهي ڪري يا ماڻهن جي دلين ۾ چُبهندڙ شعر ڪري يا ٻنهي ڳالهين ڪري. پاڻ فرمايائون.

پهول کهلتا هي تو کهلني دو
مجھي تهوڙا سا جيني دو
اپني آپ مين کهويا رها
اب اس ڪي ياد مين رهني دو

اي دوست سورج ابهري گا
ان چراغون ڪو بجهاني دو
تجهي داستان مل جائي گي
مجهي مجنون تو بنني دو

ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي هِڪَ ٻئي سنڌي سينيئر پروفيسر انيس گل صاحب جي شاعريءَ کي به ڪچهري وارن خوب داد ڏنو چي:

فڪر کي جا ڳاءِ پيارا
ڪاهلي پٽ لاهي پيارا
پاڻ کان بيزار ڇو آ
پاڻ کي پرچاءِ پيارا

انيس صاحب سنڌي ۾ M.A سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي ۽ ۱۹۹۴ع کان وٺي هن ڪاليج ۾ پڙهائي رهيو آهي. سندس هڪ ٻئي نظم جون ڪجهه سٽون آهن:

روشن   جهان   جا   سارا   اهڃاڻ   تنهنجي  لاءِ،
تاريڪ،   پست   راهون   مون   لاءِ   ڇو    ڀلا؟
ڄمندي ئي قرض مون تي، بيماريون، بيوسويون؟
بڇڙيون  بريون  بلائون،  مون    لاءِ    ڇو   ڀلا؟

اهو به لکندو هلان ته ڪئڊٽ ڪاليج جو پرنسپال محمد يوسف شيخ جنهن هن مچ ڪچهريءَ جو اهتمام ڪيو، پڻ ادب ۽ شعر و شاعري جو شوقين آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو هو چاهي ٿو ته سندس پروفيسر ۽ شاگرد پڻ ادبَ سان دلچسپي رکن ۽ پاڻ ۾ مطالعي جي عادت پئدا ڪن. ان رات يوسف صاحب به پنهنجو شعر ٻڌايو:

پنهنجن  پاپن ۾ ئي مان پورو
کامان، پڄران جيئن ڪو کورو
جھاتي  جڏهن  به  جيءَ ۾ پايان
پڌرو   پسان    نفاق    نسورو
لوچان  پاڻ  نه،   پير   پڄائي،
ڪيڏو مون ويساهه آهي ڪوڙو

ٻين وانگر يوسف صاحب به پنهنجو ٺاهيل اڙدو نظم پڻ ٻڌايو: ان جون آخري ٽي چار سٽون هن ريت آهن:
دانش سي گو چِڙ هي پهر بهي،
دانشور   ڪهلائين    گي   هم
يهي   هي   يارو   چلن   همارا
يهي   همارا  دين  و  دهرم هي
خول  چڙها  ڪر  رکها  هم ني
قائم  بس  يون  اپنا  بهرم  هي

هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو سنڌي توڙي اڙدو زبان سان پيار ڪن ٿا. هو ان معاملي ۾ فراخ دل آهن ۽ هو سمجھن ٿا ته زبانون پيار ۽ محبت جي علامت آهن. ۽ اهو نه فقط سنڌ جا اصلوڪا باشندا پر پاڪستان ٿيڻ بعد ٻاهرن صوبن کان آيل پڻ سمجھن ٿا ته هڪ ٻئي جي زبان سکڻ ۽ سمجھڻ کپي. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ مون سان گڏ لاڙڪاڻي کان آيل ٻه ڀائر خالد دراني ۽ خيام دراني پڙهندا هئا. هو ٻئي ڄڻا بهترين سنڌي ڳالهائيندا هئا. خالد دراني ته سنڌي راڳ ۽ ڪافيون به ڳائيندو هو. ان بعد جهازن جي نوڪريءَ ۾ به منهنجو لاڙڪاڻي جي ٻن شاگردن سان واسطو پيو جيڪي پڻ بهترين سنڌي ڳالهائيندا هئا. هڪ جو نالو هن وقت ياد نه پيو اچي. ٻئي جو نالو سيد اختر زيدي آهي جنهنجو پڦاٽ روشن ظمير سنڌ حڪومت ۾ هوم سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. روشن ظمير سان ڪجهه ماڻهن کي ڀلي اختلاف هجي پر اها حقيقت آهي ته سندس والد ۽ خالد دراني جي والده جيڪي ٽيچنگ پروفيشن ۾ هئا، انهن سنڌ جي شاگردن کي سچي دل سان پڙهايو. اهڙي طرح منهنجي پيٽارو جي دوست جنرل سيد پرويز شاهد جو پيءُ جيڪو شاگرن کي گهرن ۾ وڃي مفت ٽيوشنون پڙهائيندو هو. مون انهن سڀني جو احوال پنهنجي مختلف اڙدو ڪِتابن ۾ تفصيل سان ڏنو آهي.
اسانجي ٻهراڙين ۾ اهڙا به ماڻهو آهن جن جي جيتوڻيڪ ڪنهن يونيورسٽي مان ايم اي يا Ph.D نه ٿيل آهي پر هو لوڪ ادب، ڏور، ڳجھارتن، مناظرن، پهاڪن، عقلي ڳالهين ۾ ماهر آهن. هو ڏاهن ماڻهن جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهه پرائي سگهيا آهن ۽ هنن جو ذهني يادگيرو به اهڙو پختو آهي جو هو ٻين کان ٻڌل ڳالهيون يا پنهنجا ٺهايل بيت، پروليون ڪلاڪن جا ڪلاڪَ ويهي ٻڌائي سگهن ٿا ۽ اهي اسان وٽ سگهڙ سڏيا وڃن ٿا.
ان رات مچ ڪچهريءَ ۾ به شاعرن سان گڏ ٽي اهڙا مڪاني سگهڙ موجود هئا جن ڏاهپ جا گفتا ٻڌائي محفل ۾ حاظرين کي محظوظ ڪيو. انهن ۾ هڪ ڏوڪري شهر جو پنجاهه کن ورهن جو روشن ڪوري هو جيڪو ڌنڌي جي لحاظ کان حجام آهي ۽ شامَ جو ۲ کان ۶ تائين ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن جي هيئر ڪٽ ٺاهي ٿو. پاڻ ٻڌائين ته هن هي ڳالهيون سونهري ڳوٺ جي استاد محمد مريد جَتُ ۽ تر جي ٻين مشهور سگهڙن عبدالله جت، محمد ڇٽل جت، عبدالغفور منگي، رسول بخش ابڙو وغيره کان ٻڌيون.
روشن ڪوري کان علاوه باقي ٻه ڄڻا موهن جو دڙو جو غلام رسول مڱريو ۽ ٻنڊي ڳوٺ جو ممتاز عباسي هئو. غلام رسول هارپو ڪري ٿو ۽ ممتاز شايد ڪو دڪان هلائي ٿو. هي سڀ سگهڙ PTV ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ لاڙڪاڻي تي به ايندا رهن ٿا.

آخر ۾ هڪ راڳي جيڪو عمر ۾ ته ۶۰ کان به وڏو ٿيندو پر سندس سر ۾ ڇا جادو هو! محفل ۾ موجود سڀ پنڊ پهڻ ٿي ويا. سندس آواز ۾ ايڏو ته سوز هو جو هي ڪنهن ڌارئين ملڪ ۾ ڳائي ته سنڌي کان اڻ واقف اتي جا ماڻهو به جھومڻ لڳن جيئن اسان ڪنهن هسپانوي، ايراني يا عرب ڳائڻي کي پسند ڪريون ٿا توڻي کڻي انهن زبانن کان اڻ واقف آهيون. سندس گيڙو رنگ جا ڪپڙا ۽ ڳچيءَ ۾ پاتل رنگين ڳانا به هن کي منفرد بنائي رهيا هئا. مون پنهنجن جپان ۽ ملائيشيا جي دوستن ۽ شاگردن کي ڏيکارڻ لاءِ اٿي سندس ڪجهه فوٽو ڪڍيا ۽ سندس نالو پڇيو. پاڻ ٻڌائين ته سندس نالو عبدالغني مغيري آهي هو ڏوڪري شهر کان آيو آهي. 

No comments:

Post a Comment