Saturday, September 21, 2013

ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي هاتيائي پهچڻ - الطاف شيخ

ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي هاتيائي پهچڻ
الطاف شيخ

هاشم کان هاتيائيءَ جي ٽڪيٽ وٺي چيومانس:
”في الحال سنگاپور کان هاتيائي تائين پهچڻ جو بندوبست ٿي ويو. اڳتي بئنڪاڪ تائين پهچڻ جو به گس پنڌ ٿي ويندو.“
”اسين هاتيائيءَ ۾ ئي ترسڻ چاهيون ٿا. تون ڀلي بئنڪاڪ مان ٿي اچجانءِ. پوءِ گڏ موٽنداسين.“
”موٽڻ ۾ ته مون کي تمام گهڻو وقت لڳندو.“ مون کين بئنڪاڪ ۾ هلندڙ ڪانفرنس ۽ ٻين شهرن گهمڻ بابت ٻُڌايو. ”چڱو في الحال اڳتي وڃڻ بدران توهان سان ڏينهن ٻه هاتيائي ۾ رهان ٿو پوءِ پينانگ واپس توهان کي ڇڏي اڪيلو اڳتي هليو ويندس.“ مون کين بئنڪاڪ ۽ اڃا به مٿي اتر چئانگ مائي هلڻ جي صلاح ڪئي جيڪو شهر ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ پشاور. پر ٻين ملئي ماڻهن وانگر هنن به فقط هاتيائي تائين هلڻ پسند ڪيو.

ملائيشيا کان ٿائلنڊ گهڙڻ سان هي شهر هاتيائي اچي ٿو، جيڪو ٿائلنڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر (بئنڪاڪ ۽ چئانگ مائيءَ بعد) ۽ ريلوي جنڪشن آهي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا (خاص ڪري سماترا ٻيٽ) جي رهاڪن لاءِ هاتيائي ٻيو سنگاپور آهي. هنن لاءِ هاتيائي ٿائلنڊ آهي ۽ ٿائلنڊ هاتيائي آهي. هاتيائيءَ کان پوءِ هڪ هزار کن ڪلوميٽر ڪري بئنڪاڪ ڇو وڃن جڏهن هنن جي هر پسند جي شيءِ ٿائلنڊ جي هن ڏاکڻي شهر هاتيائي ۾ ملي وڃي ٿي. هونءَ به ملئي رهن ٿا ۽ هتي جا ٿائي به گهڻي ڀاڱي مسلمان آهن جيڪي حلال ماڻهن کي ٿائلنڊ جي هن شهر ۽ اوسي پاسي جي ٻين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي جو هتي ڪيترا ئي ملئي کاڌي وڪڻن. جيئن انگلنڊ ويندڙ پاڪستانيءَ کي براڊ فورڊ جهڙن شهرن ۾ وڌيڪ مزو اچي ٿو. هينئر هاشم ۽ سندس پاڙيسري قاسم موڪلون گذارڻ ۽ جيڪي ڪجهه گهر جي لاءِ خريد ڪرڻ لاءِ نڪتا هُئا ان لاءِ هاتيائي صحيح هو.
بئنڪاڪ ٿائلنڊ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. گاڌيءَ جو هنڌ آهي. منجھس بين الاقوامي هوائي اڏو ۽ بندرگاهه آهي. ٻاهر کان هوائي جهاز رستي ايندڙ مُسافر پهرين بئنڪاڪ اچن ٿا. ان بعد ڪي ڏکڻ ڏي: سورت ٿاني، پکيت، سونگڪلا ۽ هاتيائي جهڙن شهرن ڏي هليا وڃن. جيڪي شهر سامونڊي ڪنارن کان مشهور آهن. انهن شهرن ۾ سندن ڏاکڻو ڪلچر آهي جيڪو ملائيشيا سان ملي ٿو.
بئنڪاڪ ۾ آيل مسافرن مان ڪي وري اتر ڏي خون ڪائين (khon – kaen)، اڊان ٿاني (Udon – Thani) ۽ چئانگ مائي شهرن ڏي روانا ٿين، جيڪي جابلو علائقا آهن. انهن جو پنهنجو اتراهون ڪلچر آهي جيڪو اوڀر وارن ملڪن لائوس ڪمبوڊيا، ويٽنام ۽ مون ۽ خمر تهذيبن سان ملي ٿو. اتر ٿائلنڊ جي ماڻهن جو نڪ نقشو پڻ انهن ڀر وارن پاڙيسرين ملڪن جي ماڻن سان چڱي مشابهت رکي ٿو. جيئن پاڻ وٽ گلگت، دير، چترال، هنزا ۽ ڪاغان جا ماڻهو پاڙي وارن ملڪن: چين ۽ افغانستان جي ماڻهن سان ملن ٿا. ڌارين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن مان ڪي ته چئانگ مائي کان به  مٿي، وڌيڪ اتر ۾ چئانگ رائي (Chiang – Rai) شهر تائين هليا وڃن جيڪو بلڪل لائوس جي بارڊر تي آهي ۽ هن پاسي جي مشهور ”چرسي ــ ٽڪنڊي“ ۾ اچي ٿو. هي حصو جتي لائوس، برما ۽ ٿائلنڊ ملي ٿو هڪ جابلو علائقو آهي جيڪو آڦيم ۽ ڏوڏيءَ جي پوکَ ۽ واپار کان دنيا ۾ بدنام آهي.
بٽرورٿ (پينانگ) پهچي، ملائيشيا جي KTM ريل گاڏي ڇڏي، ٿائلنڊ جي SRT ۾ چڙهياسين. پينانگ کان هاتيائي سؤ ميل به ڪو مس آهي. وچ تي بارڊر واري شهر پڊانگ بسار ۾ اميگريشن طرفان پاسپورٽن جي چڪاس ٿئي ۽ انهن تي ٺپا لڳن. جيئن سنگاپور کان ملائيشيا ايندي وقت جوهوربارو ۾ ٿئي ٿو. پڊانگ بسار ۾ ريل گاڏي ڪلاڪ کن ترسي ٿي. مطلب ته منجهند ڌاري پينانگ کان نڪرندڙ گاڏي شامَ جو هاتيائي اچيو پهچائي.
هاتيائي ۽ بئنڪاڪ کان علاوه، ايندي ويندي ٿائلنڊ جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ منهنجو لهڻ ٿيو. جن مان ڪجهه اهڙا هئا جن ۾ اڳ به اچي چڪو هوس جِتي ڏهاڪو سال کن اڳ ــ تائين جهاز کي وٺي اچڻو پوندو هو. ڏهن سالن اندر چڱي تبديلي نظر آئي ـــ خاص خاص شهرن، ڳالهين شين، واقعن، تجربن ۽ ماڻهن جو احوال اڳتي هلي ڏيان ٿو. هن سڄي سفر جو احوال سلسلي وار نه آهي. بس جنهن جنهن ڳالهه متاثر ڪيو آهي ۽ جيڪا جنهن وقت ياد آئي آهي ته لکي اٿم. هونءَ به هي جهاز جو لاگ بڪ ناهي جنهن ۾ هڪڙي  ڪلاڪ جو احوال لکڻ بعد اهو ڪجهه لکجي جيڪو ان بعد ٻئي ڪلاڪ ۾ ٿي گذريو هجي. هي هڪ سفرنامو آهي جنهن ۾ اهي ڳالهيون آهن جن مونکي متاثر ڪيو ۽ هن وقت به ياد اٿم. ٿي سگهي ٿو منهنجو هي احوال پڙهندڙن کي گهر ويٺي هڪ نئين دنيا جو سير ڪرائي ۽ ساڳي سير لاءِ نڪرندڙن لاءِ رهنمائي ثابت ٿئي. ساڳي وقت اهو پڻ ضرروري ناهي ته جيڪو ڪجهه مون ڏٺو يا محسوس ڪيو اهو هرڪو ڪري. ڇو ته هر هڪ ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ خيال آهي. هر هڪ کي پنهنجي نوع جا واقعا پيش اچن ٿا ۽ اهو انهن کي پنهنجي نموني سان ڏسي ٿو ۽ منهن ڏئي ٿو. شايد اهوئي سبب آهي جو هر سفرنامون، چاهي ساڳي ملڪ جو هجي، نرالو ٿئي  ٿو ۽ پڙهندڙ ان ۾ هر وقت نواڻ محسوس ڪن ٿا.

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ ڪتاب تان کنيل


No comments:

Post a Comment