Sunday, November 01, 2015

جيڪب دائُود پاران اسان جي رات جي ماني - ياسر قاضي

جيڪب دائُود پاران اسان جي رات جي ماني
پيسفڪ جي پاڙي ۾ -۳۸
ياسر قاضي
سو سائين مُنهنجا! اوهان سڀني مُون سان گڏ هن ”سفر ـ پچار“ جي پوئين ڀاڱي ۾ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم ”نيُوزيم“ (نيُوز ميُوزيم) گھميو، جيڪو پنهنجي نوعيت جو منفرد عجائب گھر هئڻ سبب يقيناً اوهان لاءِ حظ ۽ دلچسپيءَ جو باعث رهيو هُوندو. مُون اوهان کي گذريل قسط جي آخر ۾ ٻڌايو هو ته ”نيوُزيم“ مان نڪري آءٌ، اشفاق، غزاله فصيح ۽ مائي اينان واپسيءَ جي سفر لاءِ هوٽل طرف روانا ٿيڻ لڳاسِين. اسان سان ٿوري دير ذوالفقار مهتُو به هو. ”نيُوزيم“ مان نڪري اسان نيوُزيم جي مُهاڙيءَ سان ۽ پينسلوينيا ايوينيُو تي بيهي مختلف پاسن کان (خاص طور يُو ايس ڪيپيٽول جي پيش منظر ۾) يادگار تصويروُن ڪڍرائي، روڊ ڪراس ڪري ٿورو اڳتي هلي، فوٽ پاٿ تي لڳل سووينيئر ڪئبنس تي پهتاسِين، جتي سووينيئرس ۽ ٻيُون گفٽُون دستياب هيُون، خاص طور: ٽي شرٽُون، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم عمارتن جهڙوڪ: وائيٽ هائُوس، پينٽاگون، يُو ايس ڪيپيٽول، لنڪن ميموريل، واشنگٽن ميموريل وغيره جا مختلف سائيزن ۾ ماڊل، سووينيئر، اوباما جا مزاحيه ڪارٽُون نُما گُڏا (جن جي مُنڍِي اسپرنگس تي لُڏِي ٿي) ۽ ٻيا سهڻا تحفا. مُون ۽ اشفاق گھرڀاتين ۽ دوستن لاءِ ڪجهه خريداري ڪئي، باقي مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جي اها صلاح ذهن ۾ ضرُور هئي ته اصل شاپنگ (گھڻِي شاپنگ) ”مِزُورِي“ (رياست) مان ڪنداسُون، ڇوته جيڪي رياستُون اسان هن سفر ۾ گھمي رهيا هُئاسُون، انهن ۾ سڀني کان سستي رياست ”مِزُورِي“ ئي هُئي. غزاله ته خرچ ڪرڻ جي لحاظ کان ڏاڍي پڪي آهي، سو ان رڳو ”وِنڊو شاپنگ“ ڪئي. اسان خريداري ڪري، پنڌ پنڌ پينسلوينيا ايوينيُو ۽ ان جي آسپاس جا نظارا ڪندا، پاڪستاني سياري جهڙي واشنگٽني بهار جي منجهند جي تڙڪي مان لطف اندوز ٿيندا، واشنگٽن ميٽروريل جي ”جُوڊيشري اسڪوائر“ اسٽيشن طرف وڌندا رهياسِين. هاڻي مهتُو به پنهنجو رستو ڌار ڪري چُڪو هو ۽ آءٌ، مائي اينان، اِشُو ۽ مائي غزالان گڏ هئاسِين. رستي ۾ هلڪي اُڃ جي احساس سبب هڪ ڪولڊ اسپاٽ طور ٺهيل اهڙي ئي هڪ فوٽ پاٿي ڪئبن تان مُون ۽ اِشُوءَ ڪوڪ ورتي. امريڪا ۾ لڳ ڀڳ 500 ملي ليٽرن واريءَ ڪوڪ يا اسپرائيٽ جو ملهه تن ڏينهن ۾ 2 ڊالر (ان وقت جا لڳ ڀڳ 200 پاڪستاني روپيه) هو. مُون مائي اينان کي به صلاح ڪئي ته هُوءَ ڪولڊ ڊرنڪ وٺي. هُن ڪو جُوس ورتو، جيڪو مُون پاران هو. غزاله پنهنجي پڪائيءَ سبب ڪجهه به ڪونه ورتو. مُون کيس به آفر ڪئي ته: ”امان! ڪجهه ته وٺ!“ ته ٺُپ انڪار ڪيائين، شايد اهو سوچي ته متان سڀاڻي کيس مُون کي ڪجهه آفر نه ڪرڻو پئجي وڃي. خير! اسان رُلندا (رومنگ ڪندا ـ انگريزي۽ ۾ رُلڻ لاءِ ڪيڏو نه پيارو لفظ آهي) ”جُوڊيشري اسڪوائر“ (ميٽرو اسٽيشن) کي ويجھا ٿياسين. ”جُوڊيشري اسڪوائر“ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جو اهو چؤڪ آهي، جتي کوڙ ساريُون عدالتُون (ڪورٽُون) هڪ هنڌ موجُود آهن. انهن عدالتن جُون وڏيُون وڏيُون عمارتُون نظر آيُون ۽ انهن تي لڳن سائينس تي فلاڻي ڪورٽ، ٽِيري ڪورٽ پڙهي اندازو ٿي ويو ته اهو ئي ”جُوڊيشري اسڪوائر“ آهي. ڪن ڪورٽن جي ٻاهران سُهڻن شينهن جا مُجسما رکيل هُئا، جن جي اکين ۾ جاح ۽ جلال کان وڌيڪ معصُوميت ۽ جمال نظر آيو. آچر جي ڏينهن هئڻ سبب ڪورٽن واريُون عمارتُون ويران هيُون. ورڪنگ ڊي هُجي ها ته ڀيٽ ڪرڻ ۾ سؤلائي ٿئي ها ته امريڪا جي ڪورٽن ۾ به اسان واريُن ڪورٽن جيان وٺ پڪڙ هجي ٿي يا نه! انهن عدالتي عمارتن جي وچ ۾ زيرِ زمين ويندڙ رستي طرف خودڪار ڏاڪڻ (Escalator) رستي لهي، ميٽروريل جي ”جُوڊيشري اسڪوائر“ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي آياسِين. اهي ٽڪيٽُون، جيڪي ڪجهه دير اڳ ”ڊيوپونٽ سرڪل“ ميٽرو اسٽيشن تان خريد ڪيُون هيُون، اهي ئي ٻيهر ڪم اچڻ واريُون هيُون، ڇوته اهي پُوري ڏينهن ۾ اوٽ موٽ جي سفر لاءِ ڪارآمد هيُون. ٿوريءَ دير ۾ ميٽرو ريل آئي ۽ اسان آسانيءَ سان سوار ٿي 15 منٽن کن ۾ ”ڊيوپونٽ سرڪل“ اچي پهتاسِين. آچر هئڻ سبب ريل جا ڪمپارٽمينٽ بنهه خالي هئا. اهو منهنجو واشنگٽن ميٽروريل جو دراصل پهريون سفر هو، جنهن جو هوڪو نه رڳو پاڪستان ۾ ٻڌو هئم، بلڪه گذريل ٽن چئن ڏينهن کان مائي اينان کان پڻ ان جي ساراهه ٻُڌي ٻُڌِي ان جُون بنيادي خُوبيُون رٽجِي چُڪيون هيُون. ”ڊيوپونٽ سرڪل“ تي لهي، پنڌ پنڌ هوٽل تي پهتاسُون. اڄ شام جي سرگرمي اسان مان ٻن ٻن الڳ الڳ صحافي ساٿين جي گرُوپ جي مان ۾ واشنگٽن جي مقامي خاندانن پاران ڏنل رات جي ماني هُئي، جيڏانهن اسان کي شام 6 سوا 6 ڌاري روانو ٿيڻو هو. هوٽل (ميرييٽ ريزيڊنسيءَ) تي اچي ڪجهه آرام ڪيوسي ۽ گذريل پُوري هفتي جي وٺ وٺان وارن ڏينهن جو ٿڪ ڪلاڪ ڏيڍ ۾ لاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي سي. شام 6 لڳي ڌاري مُون کي ۽ اسان جي ڪوئيٽه واري دوست جيئند ڪاشف ساجديءَ کي جنهن امريڪي شهريءَ جي گھر ماني کائڻ لاءِ وڃڻو هو، اهو ”جيڪب دائُود“ هو. جيتوڻيڪ تيستائين جيئند اسان جي پارٽي مٽائي چُڪو هو ۽ گھڻو تڻو ٻين سان رهڻ لڳو هو، پر خير! اهو فيصلو ايسٽ ويسٽ سينٽر وارن جو هو ته گرُوپ جو ڪهڙو دوست ٻيلهه ۾ ڪنهن سان هن ڊنر تي ويندو.


اسان ٿوري دير چيلهه ڊگھي ڪري، منجھند جي مختصر ننڊ کان پوءِ ساڍي پنجين لڳي جاڳي تياري ڪئي. آءٌ ۽ جيئند 6 لڳي ڌاري هوٽل جي لابيءَ ۾ آياسِين. مائي اينان (اسان جي مُستقل گائيڊ ـ مسز اين هارٽمين) اسان کي اسان جي ميزبان جيڪب دائُود جي ايڊريس ڏني. گڏوگڏ هن اڄوڪي ڏينهن لاءِ اسان جي سمورن (ڇهني) گرُوپس لاءِ امريڪا جي سِم ڪارڊ واريوُن ڇهه موبائيل فونز به ارينج ڪيُون هيوُن، ته جيئن جيڪڏهن اسان مان ڪنهن کي ڪا ايڊريس نه ملي، ته اسان انهن ميزبانن سان رابطو ڪري سگھُون ۽ ڏس پَتو پُڇي انهن جي گھر پهچي سگھُون. واشنگٽن سان تعلق رکندڙ مختلف خاندانن پاران اسان جي مان ۾ سٽيل هن ڊنر جو خاص مقصد اهو هو ته اسان پنهنجي مُنهن سان وڃي هڪ هڪ خاندان سان ٻه ٽي ڪلاڪ گذاري، امريڪي معاشري کي سمجهڻ جي ڏس ۾ عملي ڪوشش ڪري سگهُون ۽ هُو به اسان جي پاڪستاني معاشري ۽ اُٿڻي ويهڻيءَ جي انداز کان عملي طور تي واقف ٿي سگھن. نه رڳو اهو، پر اسان ٻنهي مُلڪن جا واسي هڪ ٻئي سان هڪ ٻئي جي ادب، آرٽ، ثقافت، تاريخ، تهذيب، تمدّن ۽ ٻين موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري، اهو ڄاڻي سگھُون ته ٻنهي مُلڪن ۾ ڪٿي ڪٿي وِٿِي آهي ۽ اُن وٿِيءَ کي ڪيئن ڀري سگھجي ٿو. هن عشائيي جي حوالي سان مزيدار ڳالهه اها هئي ته انهن سمُورن خاندانن سان اسان جي سڄي گرُوپ منجھان هرهڪ جو مختصر پروفائيل مهينا اڳ ونڊيو ويو هو. جنهن کي ڏسي هُنن ميزبانن پنهنجي پنهنجي پسند وارن موضُوعن جي لحاظ کان اسان جي دلچسپي ۽ ڪم ڪار جو بيڪ گرائُونڊ ڏسندي، اسان منجھان ٻن ٻن صحافين جي پنهنجي مرضيءَ سان چُونڊ ڪئي هئي ته اسان فلاڻن فلاڻن جي ميزباني ڪنداسِين، ان کان پوءِ ئي اسان منجهان هر هڪ سان انهن ميزبانن جا مختصر بايوز (پروفائيل) شيئر ڪيا ويا هئا، ته اوهان فلاڻن فلاڻن جي گھر ويندئو. ان لحاظ کان اهو ڏاڍو سُٺو هو ته اسان جن جي گھر وڃي رهيا هئاسِين، انهن پاڻ اسان کي چُونڊيو هو ۽ اسان جي باري ۾ ڄاڻ پڻ رکندڙ هئا. ان ڏس ۾ هڪ گرُوپ جي صُورت ۾ مائِي اينان اسان کي هڪڙي ڪوسٽر تي چاڙهي به اسان مان هر هڪ جي ميزبان جي گھر تي لاهي ٿي سگھِي، پر اسان مان هر جوڙي کي پنهنجي پنهنجي مُنهن سان موڪلڻ جو مقصد به اهو ئي هو ته اسان ۾ ان خود اعتماديءَ کي پيدا ڪيو / وڌايو وڃي، جنهن تحت اسين هڪ ڌارئي مُلڪ ۾ پاڻ گھمي ڦري سگھُون ۽ ”انڌن وڃي مُلتان لڌو!“ واري پهاڪي جي عملي تصوير بڻجي سگھُون.
اسان ٻئي (جيئند ۽ مان) ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي، جيڪب جي گھر (1773، لينيئر، پي ايل، اين ڊبليُو، نمبر 8، ڊِي سِي ـ 2009) پهتاسِين. اسان کي جيڪب جي گھر پهچڻ کان اڳ کيس فقط هڪڙي ڪال ڪرڻي پئي، جنهن سان اسان کي صحيح گھٽيءَ ۾ لڙڻ ۾ مدد ٿي ۽ اسِين صحيح جاءِ تي اچي پهتاسِين. هن کان اڳ به اهو ٻڌائي چُڪو آهيان ته امريڪا ۾ هر عمارت جو هڪ مخصُوص نمبر هجڻ ڪري ايڊريس ڳولهڻ ايڏو سؤلو ڪم آهي، جو واقعي ڪو بصارت کان محرُوم به هجي، تڏهن به سِڌو وڃي گھُربل جاءِ تي نڪرندو، ڇاڪاڻ ته هر روڊ، گھٽيءَ ۽ موڙ تي نمبر لڳل هئڻ ڪري ڪٿي به ڪابه مُونجهه ۽ پريشاني ٿئي ئي ڪانه ٿي.
هيءَ عمارت، جنهن ۾ جيڪب جو اسٽُوڊيو اپارٽمينٽ هو، ان جي سفيد دروازي تي پهچي اسان بيل وڄائِي ته جيڪب پاڻ اچي اسان جو گرمجوشِيءَ سان استقبال ڪيو. مناسب قد وارو، ڀورِي ڏاڙهيءَ ۽ ننڍين اکين وارو خُوبرُو نؤجوان جيڪب، نيشنل ايجُوڪيشن ايسُوسيئيشن (اين.اِي.اَي) ۾ سرڪاري تعلقات واري کاتي ۾ ”سينيئر پروگرام اسسٽنٽ“ جي طور تي پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيندو آهي، جتي سندس خاص ڪم سرڪاري تعلقات واري کاتي جي ڊائريڪٽر کي مدد فراهم ڪرڻ آهي. سندس ڪمن ۾ امريڪي ڪانگريس کي اين.اِي.اَي  پاران موڪلجندڙ لابي ۽ ڊسڪلوزر رپورٽس جي فائيلنگ ۽ نيشنل ايجُوڪيشن ايسُوسيئيشن جي اندرُوني گورننس ۽ ان جي خاص پروجيڪٽس ۾ مدد ڪرڻ به شامل آهي. ان کان اڳ جيڪب، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم هڪ بين الاقوامي جمهُوري فروغ واري اداري (اين جِي او)، جنهن جو ڪم سڄيءَ دنيا ۾ سياسي جماعتن ۽ شهري ادارن ۽ چُونڊ سرشتي کي پختو ڪرڻ سان، آزاديءَ ۽ جمهُوري قدرن جو واڌارو هو، جي مختلف پروجيڪٽس ۾ پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيندي، سري لنڪا، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا ۾ پڻ ڪم ڪري چُڪو آهي. هن تنظيم ۾ رهندي، سندس ذميوارين ۾ سياسي معاملن جي نظرداري، قومي سطح جا پروگرام ترتيب ڏيڻ، انهن جي اڳواڻي ڪرڻ ۽ ان ڏس ۾ مختلف لاڳاپيل ادارن توڙي فردن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ شامل هو. ان کان اڳ جيڪب، نيبراسڪا سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۾ پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏنيُون، جتي هن اسٽيٽ جي اهم دستاويزن جي گهڻ حوالاتي ڪم لاءِ هڪ جديد طرز تي علمي انتظاميه (ناليج مينيجمينٽ) جو نئون نظام متعارف ڪرايو. جيڪب، لنڪن، نبراسڪا ۾ ”ليجسليٽو اسسٽنٽ“ جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪري چُڪو آهي، جتي سندس ذميوارين ۾ مختلف ادارن، تنظيمن توڙي فردن کي قانون ساز نمائندگيءَ، سرڪاري تعلقات ۽ ادارتي انتظاميه جي شعبن ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ هو. جيڪب اڃا به نبراسڪا سُوسائٽِيءَ جي بورڊ آف گرورننس ۽ ”اي پِي ايل پِي“ ايلمناءِ بورڊ جو رُڪن آهي. هُو 2010ع ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي ”ايشيا پئسفڪ ليڊرشپ پروگرام“ جو فيلو آهي، جنهن لحاظ کان هُو اسان جو ”هم مڪتب“ به ٿيو. تعليمي لحاظ کان جيڪب پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجُوئيشن جي ڊگري رکي ٿو، جيڪا هن لنڪن ۾ قائم نبراسڪا ويسلِيَن يُونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي آهي.
جيڪب اسان کي ان عمارت جي مُک دروازي کان اندر وٺي آيو. ان دروازي کي اُڪرندي هڪ ڊگهي گھٽِي (وِنگ) هئي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان دروازا هئا. هر دروازو هڪ ”اسٽُوڊيو اپارٽمنٽ“ اندر کُلندڙ هو. انهن اپارٽمينٽس منجھان ساڄي پاسي وارو پهريون دروازو جيڪب جي اپارٽمينٽ جو هو، جيڪو ٻيڪڙيل هو. جيڪب پاڻ در کوليو ۽ اسان کي گرمجوشيءَ مان داخل ٿيڻ لاءِ چيو. سندس اسٽُوڊيو اپارٽمينٽ واري وڏي ڪمري ۾ سندس ٻه ٻيا مهمان اڳ ۾ ئي اسان جي انتظار ۾ هئا، جن جو هتي هجڻ پڻ شيڊيُول مطابق هو. اهي ٻه مهمان ”مسٽر ميٿيُو ڪارٽر“ ۽ ”مس ميرِيڊٿ هولمگرين“ هئا. جن پڻ اسان جي ڪمري اندر داخل ٿيڻ سان گرمجوشيءَ سان منهنجو ۽ جيئند جو آڌرڀاءُ ڪيو. هتي هنن ٻن مهمانن کي ميزبان پاران مدعُو ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته هُونئن ته اسان جا ٻيا ساٿي جتي جتي (جنهن جنهن جي گھر) ويا هئا، اتي ان اصل ميزبان سان گڏ سندس ٻيا گھر ڀاتي به مهمانن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ موجُود هئا، پر جيئن ته جيڪب اڪيلو (ڇڙو) رهندڙ هو، تنهن ڪري ساڻس گڏ اسان کي ڪمپني ڏيڻ لاءِ ٻين ٻن ساٿين کي به دعوت ڏني وئي هئي، ته جيئن اسان سان ٿيندڙ ڪچهري ڀرپُور ٿي سگھي. هنن ٻن مهمانن منجهان ”ميٿيُو ڪارٽر“ نالي ڀُورين اکين واري نؤجوان جو 2007ع کان واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي هڪ اداري ”انٽرنيشنل رِيپبلڪن انسٽيٽيُوٽ“ (آءِ آر آءِ) سان بحيثيت ”پروگرام آفيسر“ جي تعلق آهي، هن اداري جو ڪم اسان جي پاڙي (ڏکڻ ايشيا) ۾ جمهُوري واڌ ويجهه ۾ مدد ڪرڻ ٻڌايو ويو. امريڪا جي ٽينيسِي يُونيورسٽيءَ مان گريجُوئيشن ڪندڙ ميٿيُو، هن اداري ۾ ڪم ڪندي، پاڪستان، افغانستان ۽ بنگلاديش ۾ سياسي جماعتن جي تعمير، چُونڊن ۽ ريسرچ سروي جي مَد ۾ مختلف سرگرمين جي اڳواڻي ڪري چڪو آهي. جيڪب دائُود وٽ اسان جو استقبال ڪندڙ ٻي مهمان، مس ميرِيڊٿ هولمگرين، پڻ اسان جي مادرِعلميءَ ”اِيسٽ ويسٽ سينٽر“ جي ايلمناءِ (اڳُوڻي شاگرد) آهي ۽ ان جي 2009 ـ 2008 واري ”ايشيا پئسفڪ ليڊرشپ پروگرام“ جي فيلو آهي. هُوءَ اڄڪلهه ”سِمٿ سونين سينٽر فار فوڪ لائيف اينڊ ڪلچرل هيريٽيج“ ۾ ايڊيٽر، ايجُوڪيٽر، ريسرچر ۽ ڪلچرل هيريٽيج اسپيشلسٽ جي طور تي پنهنجا فرض انجام ڏئي رهي آهي. هن 7 سال پنهنجا تعليمي مرحلا يورپ ۽ ايشيا ۾ طئي ڪرڻ کان پوءِ 2012ع ۾ اچي واشنگٽن وسايو. هيءَ گھڻ پڙهئي ثقافتي نقاد، ”ايشيائي ۽ وچ اوڀر جي مطالعي“ ۾ ايم فِل جي ڊگري رکندڙ آهي. هن ايشيا پئسفڪ لِيڊرشپ ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر، يُونيورسٽي آف هوائي، منوآ مان ايم.اي. (ليڊن) ۽ ”پِي جِي“ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ لاس اينجلس جي يُونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان ”ايٿنو-ميُوزيڪالاجيءَ“ ۾ بِي اي جي ڊگري ماڻيائين. ميرِيڊٿ جُون خدمتُون انٽرنيشنل انسٽيٽيُوٽ فار ايشين اسٽڊيز، يورپ-ايشيا پاليسي فورم، يُونائيٽيڊ نيشنز ايجُوڪيشنل، سائنٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (يُونيسڪو)، انٽرنيشنل ڪائُونسل فار ٽريڊيشنل ميُوزڪ، فرِيميُوز، يُونيورسٽي آف ڪيليفورنيا (لاس اينجلس) جي سينٽر فار انٽرڪلچرل پرفارمنس لاءِ پڻ ڪارائتي انداز ۾ ڪتب اچي چُڪيُون آهن. هُوءَ اڄڪلهه اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي ايشيا پئسفڪ لِيڊرشپ پروگرام المناءِ ايسُوسي ايشن جي بورڊ ميمبر جي طور تي پڻ پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهي آهي.
هنن ٽنهي روشن ذهن دوستن، جيڪب دائُود، ميٿيُو ڪارٽر ۽ ميرِيڊٿ هولمگرين سان اسان جي ڪچهري شرُوع ٿي ۽ اسان جلدي ۾ هڪٻئي سان هم آهنگ ٿي وياسي. ”اسٽُوڊيو اپارٽمينٽ“ جو مقصد هُوندو آهي، هڪ ئي ڪمري ۾ سڀ ڪجهه! هن وڏي ڪمري ۾ هڪ پاسي کان ڊبل بيڊ لڳل هو، جنهن جي پيرانديءَ کان فولڊنگ ڊائننگ ٽيبل جي چوڌاري ڪُرسيُون لڳل هيُون، جن تي اسان ويٺاسِين. ان ئي ڪمري ۾ اڌ ڀت جي صُورت ۾ ڌار ڪيل رنڌڻو ٺهيل هو ۽ ٻاهر نڪرڻ واري دروازي جي ڀرسان هڪ ننڍو ڊريسنگ رُوم ۽ اندر هڪ ننڍو واش رُوم ٺهيل هو. هن قسم جو اپارٽمينٽ هڪ ڄڻي يا هڪ زال مڙس لاءِ ڪافي آهي. اسان ڪجهه دير بيٺي ڪچهري ڪرڻ لڳاسِين ۽ پوءِ ان ننڍڙيءَ ڊائننگ ٽيبل جي چوڌاري ويهي ڪچهري ڪئي سي. هنن ٽنهي اسان سان ڪچهريءَ جي شرُوعات پاڪستان ۾ صحافت جي تور طريقي، مسئلن، چئلينجز ۽ ان وقت جي سياسي صُورتحال سان ڪئي. جنهن کان پوءِ اسان مان هر هڪ، هڪٻئي کان هڪٻئي جي لاڳاپيل شعبن جي باري ۾ پيشاواراڻي انداز ۾ پڇيو ته ان جاءِ تي، جتي اسين هينئر ڪم ڪري رهيا آهيُون، اتي اسان جي ڪم جي نوعيت ۽ ڪردار ڪهڙو آهي، چئلينجز ڪهڙا آهن. جنهن کان پوءِ ادب، لطيف فنن، خاص طور موسيقيءَ، مُصوّريءَ، تاريخ، تهذيب، تمدّن، اينٿراپاالاجيءَ ۽ آرڪيالاجيءَ تي زبردست ۽ سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي. جيڪب اسان لاءِ ماني پاڻ پچائي هُئي ۽ ٻڌايائين ته کيس ”حلال ڪُڪڙ“ وڏيءَ ڏکيائيءَ سان مليو آهي، جيڪو وٺڻ لاءِ کيس ڪافي پري واريءَ بازار تائين وڃڻو پيو هو. مُون کانئس معذرت ڪئي ته کيس اسان جي ڪري ايڏو ڪشٽ ڪرڻو پيو. ڊنر ۾ جيڪب پاران اسان لاءِ فراءِ ڪيل ڪُڪڙ جا پِيس، پٽاٽن جي اوٻاريل ڊش، اسپيگيٽِيز ۽ مٺي (ڊزرٽ) ۾ پُڊنگ شامل هئي. کاڌو ڏاڍو لذيذ هو، جنهن جو جيڪب کي داد نه ڏيڻ زيادتي هُئي. سڀني شوق سان ڊنر ڪئي. ڊنر جي دؤران به اسان جي ڪچهري هلِي پئي.
وڃڻ کان اڳ مُون اهي ڪافي مگس، جن تي اسان جي گرُوپ جي سمُورن پاڪستاني توڙي امريڪي دوستن جا نالا لکيل هئا (جنهن جو ذڪر هن سفرنامي جي گذريل حصّن ۾ ٿيل آهي)، هنن ٽنهي دوستن کي پڻ ڏنا. تنهن کان سواءِ مُون ٽنهي کي اجرڪ جا تحفا به پيش ڪيا. مائِيءَ ميرِيڊٿ هولمگرين کي سنڌ سميت مهين جي دڙي جو نالو به ڪونه هو ٻُڌل! هُنن ٻنهي (جيڪب ۽ ميٿيُو) جو به ساڳيو حشر هو، پر وڌيڪ ڏک مائيءَ ميرِيڊٿ جو ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان ثقافت ۾ ايم فِل ڪئي آهي ۽ ايشيائي ثقافت سندس موضُوع رهيو آهي ۽ هُوءَ پاڻ ايشيا ۾ رهي به آهي. ان ڏينهن احساس ٿيو ته اسان پنهنجي ثقافت، تاريخ، تهذيب ۽ تمدّن کي دنيا تائين پهچائڻ جو جتن ئي ڪونهي ڪيو. اسان اڄ تائين رڳو ”صابُوءَ هار ڏنا، ڏني هارَ پاتا!“ جي مصداق پنهنجيُن وَٿُن جي باري ۾ پنهنجين ٻولين ۾ لکي ئي هڪٻئي کي اهو راڳ ٻڌايو آهي، دنيا تائين ڪجهه ڪونهي پهچايو. مُون ميرِيڊٿ کي اجرڪ ته پيش ڪيو، پر گڏ چيو مانس به ته: ”مائي گُوگل تي لفظ اجرڪ، موئن جو دڙو ۽ سنڌ سرچ ڪجان، پوءِ ڏسجان ته ڇا ٿو اچي ۽ جيڪو پڙهڻ لاءِ ملئي، ان کي پڙهجان ۽ هيئين سان هنڊائجان ضرُور! ڇوته تولاءِ اهو ڄاڻڻ ضروُري آهي.“

سُوکڙيُون ڏئي وٺي، هڪٻئي کان موڪلايوسي. اسان سان گڏ ميٿيُو ڪارٽر به اُٿڻ جي ڪئي. جيڪب کيس چيو ته هُو اسان کي ان سرڪل (چؤڪ) تائين ڇڏي اچي، جتان اسان کي ٽيڪسي ملي سگھي. اسان جيڪب دائُود ۽ ميرِيڊٿ هولمگرين کان موڪلائي ٻاهر نڪتاسِين، ته واهه جو سِيءُ هو. جيتوڻيڪ مُون کي هُڊِي پاتل هئي ۽ ڪنن کي مفلر به ويڙهيم، پر پوءِ به سِيءُ بدن جي پَورن مان اندر گھڙِي رهيو هو. هي عالم 6 اپريل 2014ع جو هو، جڏهن اسان وٽ پاڪستان ۾ پڪ سان اي سِي ۽ فُل اسپيڊ ۾ پکا هلي رهيا هُوندا. 10 منٽن کن جِي واڪ کان پوءِ اسان ان سرڪل (چؤدڳِيءَ) تي پهتاسي، جتي کوڙ ساريُون ٽيڪسيُون بيٺل هيُون. اسپاٽ لائيٽس جي پِيلي روشنِيءَ ۾ اسان ميٿيُو ڪارٽر سان موڪلائي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي، 11 ڊالرن ۾ هوٽل پهتاسي ۽ ٻئي ڏينهن جي حد کان وڌيڪ مصرُوف شيڊيُول جي تياري ڪرڻ لڳاسين. ان ڏينهن جو احوال ايندڙ هفتي!

No comments:

Post a Comment