Tuesday, November 03, 2015

نيُوزيم - ياسر قاضي

نيُوزيم
پيسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: 37
ياسر قاضي
هن سفر جي سار ۾ پوئين هفتي اسين واشنگٽن ميٽروريل رستي واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مُک شاهراهه، پينسلوينيا ايوينيُو تي قائم ”نيُوزيم“ پهتا هئاسِين ۽ هي عجائب گھر، ”نيُوزيم“ (يعني نيُوز ميُوزيم“) گھمڻ جو آغاز ڪرڻ وارا هئاسِين. جهڙو هن عجائب گھر جو نالو منفرد ۽ تخليقي آهي، اهڙو ئي هي عجائب گھر به ڪمال انداز ۾ امريڪا توڙي دنيا جي صحافتي ۽ ميڊيائي تاريخ جو سهڻو مظهر آهي. 555 ”پينسلوينيا ايوينيُو“ تي قائم هن منفرد ميُوزيم سان گڏ هن روڊ تي ٻيا به منفرد نوعيت جا عجائب گھر موجود آهن جن ۾ ”رين وِڪ گيلري آف دِي سمٿ سونيَن اميريڪن آرٽ ميُوزيم“، ”رين وِڪ گيلري آرٽ ميُوزيم“، ”نيول هيريٽيج سينٽر“ (امريڪي بحري عجائب گھر)، ”ايس اِي سِي هسٽاريڪل سُوسائٽي ميُوزيم“، ”نيشنل آرڪائيوز اينڊ رڪارڊ ايڊمنسٽريشن (ميُوزيم)“، ”ايئر اينڊ اسپيس ميُوزيم“ (فضا ۽ خلا سان وابسته تاريخ جو عجائب گھر)“ وغيره شامل آهن. هُونءَ ته دنيا جو سڀ کان وڏو عجائب گھر هيءَ دنيا بذاتِ خود آهي، جتي رهندڙ ۽ وسندڙ ماڻهُو، مرُون، انهن جا پاڻ ۾ ٿيندڙ ڏچا، جنگ، جدل، معاملا توڙي مسئلا ڪنهن حيرت ۽ عبرت کان گھٽ ناهن، تنهن ڪري ئي هن دنيا کي ”حيرت ڪدو“ چيو ويو آهي، پر ڌرتيءَ تي هن عجيب مخلُوق انسان پاران ٺاهيل عجائب گھرن ۽ ميُوزيمن ۾ ڊسپلي آرٽ جا اعلى ترين مثال يورپ ۽ امريڪا جا ميُوزيم آهن، جن ۾ هر طبقي توڙي عمر سان وابسته ماڻهُو ان ڪري دلچسپي وٺن ٿا، جو انهن جا ڪيُوريٽر، تاريخي شين جي نماءَ (ڊسپلي) کي جديد طريقن سان ايترو ته دلچسپ بڻائين ٿا، جو هر ماڻهُو، ٻڍو، ٻار توڙي جوان، ميُوزيم کي ڄاڻ ۾ واڌاري جو ذريعو سمجهندي، ان کي دلچسپيءَ سان ڏسڻ وڃي ٿو ۽ پوءِ پُورو پورو ڏينهن اهڙن عجائب گھرن ۾ گذاري نه فقط پنهنجيءَ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ٿو، بلڪه ان مان تاريخي حظ به حاصل ڪري ٿو. اڄ آچر هو، سو اسان جو به ”ڀڄ ڀڄان...“ وارو شيڊيُول ڪونه هو ۽ ”نيُوزيم“ مان چڱيءَ طرح معلُومات توڙي مزو ماڻڻ لاءِ اسان وٽ ڳچ وقت هو. ان ڪري اسان ميُوزيم گھمڻ جي شرُوعات ڪئي سي.


”نيُوزيم“ گھڻو پراڻو عجائب گھر ناهي ۽ ان جي تعمير ويجھڙ ۾ 1997ع ۾ ٿي آهي. اهو ياد رهي ته ”نيُوزيم“ اصل کان هن جاءِ تي موجود ناهي، جتي اڄ آهي. هن ميُوزيم جو افتتاح 18 اپريل 1997ع تي امريڪي رياست ”ورجينيا“ جي شهر ”روزلين“ ۾ ٿيو، جتي گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کان ڪابه ٽڪيٽ ڪانه ورتي ويندي هئي. هن عجائب گھر ٺاهڻ جو مطلب امريڪي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تاريخ کي سهيڙڻ ۽ تاريخي حوالي سان ان جي وکريل ورقن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ماڻهن تائي اها ڄاڻ پهچائڻ آهي، ته امريڪي ميڊيا ڪهڙن ڪهڙن مرحلن منجهان گذري آهي ۽ ان جي ڪهڙن ڪهڙن صحافين پنهنجين پيشاوراڻين زندگين ۾ اهم ۽ امتيازي خدمتُون انجام ڏنيون آهن. هتي اهڙن صحافين کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ خاص ڪارنر پڻ قائم ٿيل آهن، جن پنهنجيُون صحافتي خدمتُون انجام ڏيندي، پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. ”نيُوزيم“ جو مُول ۽ مقصد سندن لفظن ۾ ”عوام توڙي خبرن جي دنيا سان واڳيل ماڻهن جي هڪٻئي کي سمجھڻ لاءِ مدد ڪرڻ ۽ هڪ جمهُوري معاشري ۾ هڪ آزاد ميڊيا جي ڪردار بابت عوام کي ڄاڻ ڏيڻ“ آهي. هن عجائب گھر جو نالو ”نيُوز“ لفظ مان اخذ ڪري ان کي تخليقي انداز ۾ لفظ ”ميُوزيم“ سان ملايو ويو آهي ۽ ”نيُوزـ ميُوزيم“ (خبرن متعلق عجائب گھر) جي جاءِ تي هڪ ئي لفظ ”نيُوزيم“ جي صورت ۾ موزون ڪيو ويو آهي، جيڪو يقيني طور تي پنهنجي انفراديت توڙي نواڻ سبب سُونهن جو باعث بڻجي پيو آهي. 2 لک 50 هزار چورس فوٽن (23 هزار چورس ميٽرن) جي ايراضيءَ ۽ ستن منزلن تي مشتمل ”نيُوزيم“ ۾ 15 گئلريُون ۽ 15 ٿيئيٽرس موجُود آهن. ”نيُوزيم“ کي 1991ع ۾ قائم ٿيل ”فريڊم فورم“ پنهنجي خرچ پکي سان هلائي ٿو. هن اداري جو نعرو ”پريس جي آزادي ـ اظهار جي آزادي ۽ سمُورن ماڻهن لاءِ جذبي جي آزادي“ آهي. چيو وڃي ٿو ته ورجينيا ۾ قائم ”نيُوزيم“ کي عوام جي بي حد موٽ ملي ۽ پهرين پنجن سالن ۾ هن کي 22 لک 50 هزار ماڻهن کان وڌيڪ ڏٺو. ان جي ايڏي شهرت ۽ ماڻهن جي پنهنجي ميڊيا جي حوالي سان ڄاڻڻ جي ان حد تائين دلچسپي ڏسندي، ”نيُوزيم“ کي واشنگٽن ڊِي سِيءَ منتقل ڪيو ويو، ته جيئن ان کي وڌ ۾ وڌ ماڻهُو ڏسي سگھن. هاڻي ”نيُوزيم“ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي گھمڻ جي لحاظ کان هڪ اهم جاءِ جي طور تي خاص شهرت ماڻي چڪو آهي، جنهن کي گھمڻ لاءِ فقط ميڊيا سان سلهاڙيل ماڻهُو ئي نه، بلڪه عام شهري يا هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهُو، شاگرد، نؤجوان، توڙي واشنگٽن گھمڻ لاءِ ايندڙ بيشمار لوڪ مشاهدو ڪن ٿا. ”نيُوزيم“ جي ٽڪيٽ عمر جي لحاظ کان مختلف ماڻهن لاءِ مختلف آهي. 5 سالن کان ننڍا ٻار ”نيُوزيم“ مفت ۾ گھمي سگھن ٿا. 6 سالن کان 18 سالن تائين جي ٻارن لاءِ ”نيُوزيم“ جي ٽڪيٽ 13.95 امريڪي ڊالر (ٽيڪس کان سواءِ)، 19 کان 64 سالن تائين جي بالغ وزيٽرس لاءِ 22.95 امريڪي ڊالر (ٽيڪس کان سواءِ)، بزرگ سيّاحن (65 سال عمر وارن توڙي انهن کان وڏن) لاءِ 18.95 امريڪي ڊالر (ٽيڪس کان سواءِ) آهي. جڏهن ته ملٽري فوجين ۽ ڪاليج جي شاگردن لاءِ انهن جي مستند آءِ ڊي ڪارڊس ڏيکارڻ جي صُورت ۾ ٽڪيٽ تي 10 سيڪڙو رعايت آهي. ”نيُوزيم“ جي پنهنجي ڪلب ميمبرشپ به آهي. اهڙن ميمبرن کان ”نيُوزيم“ گھمڻ جو ڪوبه پئسو پائي ناهي ورتو ويندو. ”نيُوزيم“ جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٻن ڏينهن تائين استعمال ڪري سگھبو آهي، جنهن کان پوءِ اها ناڪاره ٿي ويندي آهي. ”نيُوزيم“ گھمڻ لاءِ ٽڪيٽن جي خريد آن لائن به ڪري سگھبي آهي، جيڪا جنهن سال ڪرائجي ٿي، ان سال جي آخري ڏينهن تائين استعمال ڪري سگھبي آهي.
اسان ”نيُوزيم“ گھمڻ جي شروعات ڪئي سي ۽ مختلف منزلن (فلورن) تي واقع ان جُون مختلف گئلريُون گھمڻ شرُوع ڪيُوسين. اچو ته اوهان کي به اهي گئلريُون گھُمايان ۽ ”نيُوزيم“ جو سير ڪرايان. ”1965 ـ سِول رائيٽس ايٽ 50“ نالي ”نيُوزيم“ جي گئلريءَ ۾ انهن سوين پُرامن افريقي امريڪن مارجي ويل احتجاجين جُون تصوِيرُون ۽ مختلف اخبارن ۾ انهن بابت ڇپيل ان مارچ جُون خبرُون نماءِ لاءِ لڳل آهن، جن 7 مارچ 1965ع تي ”سيلما“ کان ”مونٽگومريءَ“ تائين پنهنجي ووٽ وجھڻ جي حق جي حاصلات لاءِ مارچ ڪيو ۽ مٿن رياستي فوجُين حملو ڪيو، جنهن کي امريڪي آزاد ميڊيا جي ٽيليويزن ڪئميرائن سنئون سڌو ڏيکاريو ۽ عوام ۾ افريقي امريڪين جي حقن لاءِ همدرديءَ جو احساس اُڀاري پنهنجو فرض نڀايو. هيءَ گئلري 1965ع واريءَ سِول رائيٽس تحريڪ ۽ امريڪي نيُوز مِيڊيا جي وچ ۾ قائم ٿيل مضبُوط ۽ ڀرپُور رشتي جي نشاندهي ڪري ٿي. هن گئلريءَ ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپيل انتهائي طاقتور اسٽوريُون، فرنٽ پيج ۽ رسالن ۾ ڇپيل هانءَ ڏاريندڙ حقيقي تصويرُون آويزان آهن. هيءَ گئلري ”نيُوزيم“ جي چوٿينءَ منزل تي موجُود آهي. ”40 چانسز“ نالي ”نيُوزيم“ جي گئلريءَ ۾ جڳ مشهُور فوٽوگرافر ۽ غريبن جي مدد ڪندڙ فوٽوگرافر ”هاورڊ جِي بفيٽ“ (ڄم: 16 ڊسمبر 1954ع) پاران 135 ملڪ گھمي ڪيل ان فوٽوگرافيءَ جا 40 شاهڪار فوٽو ڊسپلي ٿيل آهن، جن جو موضوع ”بُک“ آهي، جيڪي هُن دنيا ۾ بُک جي ڏک جي منظر ڪشي ڪندي ڪڍيا آهن. ”نيُوزيم“ ۾ موجُود ”نائين ـ اليون گئلري“ (جيڪا ”نيُوزيم“ جي مستقل گئلري آهي) 11 سيپٽمبر 2001ع تي نيُويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ ٽاور تي ٿيل دهشگرد حملي جي پريس ڪوريج، 12 سيپٽمبر جي اخبارن ۾ ان حادثي جي غير رسمي ڪوريج ۽ ان ڏس ۾ مارجي ويل صحافيءَ ”وليم بگارٽ“ (جيڪو فوٽوگرافر هو ۽ هن واقعي ۾ مارجي ويل اڪيلو صحافي هو) جي يادگار شين تي مُشتمل آهي، جيڪا ”ڪومڪاسٽ“ نالي اداري جي مالي سهڪار سان ٺهيل گئلري آهي. هن گئلريءَ ۾ ”وليم بگارٽ“ جي زندگيءَ جا اهي آخري فوٽو به ڊسپلي ٿيل آهن، جيڪي هن پنهنجي آخري ساهن دؤران مرڻ کان اڳ ورلڊ ٽريڊ ٽاور جي تباهڪارين کي عڪسبند ڪندي ڪڍيا هئا. گڏوگڏ سندس اها ڪئميرا به هتي ڊسپلي لاءِ رکيل آهي. هن گئلريءَ جي خاص ڳالهه ان شخص جو اخبارن ۾ ڇپيل اکين ڏٺو احوال آهي، جيڪو هن واقعي جو پهريون چشم ديد گواهه ٻڌايو وڃي ٿو. هن گئلريءَ ۾ جڳهه جڳهه تي لڳل ٽيليويزن اسڪرينس تي هر وقت هلندڙ اُهي نيُوز اسٽورِيز، جيڪي حادثي واري ڏينهن مختلف امريڪي ٽِي وي چينلز تان نشر ٿيُون هيُون، پڻ ڏسندڙن جو هانءٌ ڏارِين ٿيُون. ”نيُوزيم“ جي ٻي مستقل گئلري ”اي بِي سِي نيُوز چينجنگ ايگزيبٽس گئلريءَ“ ۾ ”اي بي سي“ (اميريڪن براڊڪاسٽنگ سروس) پاران هتي گھمڻ لاءِ ايندڙ سيّاحن کي اهم ۽ تازن خبرن وارن واقعن، خبرن جي حوالي سان اهم ڏينهن ۽ ميڊيا جي بدلجندڙ روايتن جي حوالي سان غير روايتي انداز ۾ ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. ”دِي بينڪروفٽ فيملي ايٿڪس سينٽر“ پڻ ”نيُوزيم“ جي مُستقل گئلري آهي، جنهن ۾ هتي گھمڻ لاءِ ايندڙن کي انهن اهم ۽ ڏکين سوالن جا جواب ڏيڻ جو چيلينج ڏنو ويندو آهي، جهڙي قسم جي سوالن کي صحافي لڳ ڀڳ روز مُنهن ڏين ٿا. هڪ ”اٿڪس ٽيبل“ ۽ هڪ خاص ڪياسڪ (مشين) وزيٽرس کان اهڙا سوال ڪري، کين مشڪل ۾ وجھي، صحيح معنى ۾ اهو احساس ڏياري ٿو ته هڪ صحافي روزانو ڪيترين ڏکيائين کي مُنهن ڏئي ٿو. هيءَ هڪ تيز ٽيمپو واري راند وزيٽرس جي حاضر جوابيءَ جو امتحان پڻ آهي، ته انهن جي نظر ۾ صحافت توڙي صحافين جي قدر کي وڌائڻ جي هڪ ڪوشش پڻ آهي. ”نيُوزيم“ جي ”برلن وال گيلري“ پڻ هتان جي مستقل گئلري آهي. هن گئلريءَ ۾ جرمنيءَ ۾ نفرت جي علامت طور تعمير ڪرايل، اوڀر جرمنيءَ کي اولهه جرمنيءَ کان جدا ڪندڙ برلن واري ڀت (جنهن کي بعد ۾ ڪيرايو ويو)، جا 12 فوٽ اُوچا اصلوڪا پينل نماءَ لاءِ رکيا ويا آهن. هن ڀت جي هن حصي کي هتي رکڻ جو اصل مقصد خبرن ۽ معلُومات جي انهن مُحرڪن جي مڃتا آهي، جن جرمنيءَ ۾ ان عوامي شعُور کي اُجاڳر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن نفرت جي علامت کي ڪيرايو ويو. ”نيُوزيم“ ۾ جرمنيءَ جي برلن واري ڀت (وال آف برلن) واري گئلريءَ ۾ ان ڀت جا جيترا حصّا نمائش لاءِ موجُود آهن، اوترا جرمنيءَ کان ٻاهر ٻئي ڪنهن به عجائب گھر ۾ موجُود ناهن، يعني برلن ڀت جا وڌ ۾ وڌ حصّا جرمنيءَ کان ٻاهر جيڪڏهن ڪنهن ٻئيءَ جاءِ تي نماءَ لاءِ موجُود آهن، ته اهو ”نيُوزيم“ آهي. ”نيُوزيم“ جي ”بلڊ اينڊ اِنڪ (رت ۽ مَسُ): فرنٽ پيجز فرام سِول وار“ نالي ميزينائين فلور تي موجُود گئلريءَ ۾ امريڪا ۾ ڪنفيڊريسيءَ جي شرُوعات کان صدر ابراهام لنڪن جي مارجي وڃڻ تائين جي سِول وار (خانه جنگيءَ) جي مختلف مرحلن جي عڪاسي ڪندڙ مختلف اخبارن جا 30 فرنٽ پيجز (مک صفحا) ڊسپلي لاءِ رکيل آهن. اُتر توڙي ڏکڻ امريڪا مان شايع ٿيندڙ هنن اخبارن جي انهن چُونڊ 30 مک صفحن ۾ ”يُونين“ توڙي ”ڪنفيڊريٽ“ ٻنهي ڌُرين جي نقطهء نظر جو توازن رکيو ويو آهي، جنهن مان جنگ جي ميدان مان رپوٽنگ ڪندڙ صحافين کي درپيش صحُوبتن جو بخوبي اندازو ڪري سگھجي ٿو. ”نيُوزيم“ جِي ٽين منزل تي واقع ”بلُومبرگ انٽرنيٽ، ٽي وي اينڊ ريڊيو گئلريءَ“ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي انقلاب کي درجي به درجي سهڻي انداز ۾ نماءَ جو رُوپ ڏنو ويو آهي. هن گئلريءَ ۾ هڪ ٽائيم لائين رستي 70 ٽي وي ۽ ريڊيو ڪلپس جي مدد سان هن ميڊيائي انقلاب کي سمجھايو ويو آهي. 25 فُوٽ ڊگھيُون ٻه ميڊيا والس، امريڪي براڊڪاسٽ جي تاريخ جي اهم واقعن جُون جھلڪيُون پيش ڪن ٿيُون. هتي موجود هڪ ڊجيٽل نيُوز سينٽر نيُوز اسٽوريز ۽ دنيا کي نئين صورت ڏيندڙ ٽيڪنالاجيءَ واري جدت سان سلهاڙيل اپ ڊيٽس کان وزيٽرس کي باخبر رکي ٿو. هن گئلريءَ ۾ امريڪا جي جڳ مشهُور سِي بِي ايس نيُوز براڊڪاسٽر، ”ايڊورڊ آر. مُرو“ (ڄم: 25 اپريل 1908ع ـ لاڏاڻو: 27 اپريل 1965ع) جي هڪ جنگ جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪيريئر جو احاطو پڻ ٿيل آهي، جنهن ۾ سندس ”سِي بِي ايس“ ريڊيو جي پروگرام ”هِيئر اِٽ نائو“ کان سندس ٽي وي پروگرام ”سِي اِٽ نائو“ تائين جي نشرياتي خدمتن جو ذڪر ٿيل آهي. ”نيُوزيم“ جي ٻين گئلرِيز ۾ ”ڪاڪس فرسٽ امينڊمينٽ گئلري“ (چوٿين منزل تي موجُود مستقل گئلري)، ”ايف بِي آءِ ايگزِيبٽ“، ٻئي منزل تي واقع ”فرسٽ ڊاگس“ گئلري (جيڪا امريڪي صدرن جي پالتُو ڪُتن جي حوالي سان ڇپيل خبرن جي ڊسپلي تي مشتمل آهي)، ”جرنلسٽ ميموريل“ (جيڪا ٽين منزل تي موجُود انهن صحافين، ايڊيٽرس ۽ فوٽوگرافرن جي نالن واري يادگار تي مُشتمل مُستقل گئلري آهي، جن پنهنجيُون زندگيُون رپورٽنگ دؤران وڃايُون، ”ميڪ سَم نُوائز“ (چوٿين منزل تي موجود گئلري، جيڪا شاگردن ۽ سِول حقن واريءَ تحريڪ جي حوالي سان ميڊيا جي ڪردار جي عڪاس گئلري آهي)، ”نيشنلز ايٽ 10“، ”اين بِي سِي نيُوز انٽرايڪٽِو نيُوز رُوم“ (ٻئي منزل تي واقع 7000 چورس فُوٽن تي مُشتمل انٽرايڪٽِو نيُوز رُوم، جنهن ۾ وزيٽرس، ڪئميرا جي آڏو بيهي نيُوز اينڪرس۽ رپورٽرس وانگر پرفارم ڪري، پنهنجو صحافتي هنر آزمائين ٿا)، ”نيُو ميڊيا گئلري“ (جيڪا ڊجيٽل ميڊيا جي ڪردار جي عملي اظهار جو احاطو ڪندڙ ڪياسڪس تي مُشتمل آهي)، ”نيُوز ڪارپوريشن نيُوز هسٽرِي“، ”دِي نيُويارڪ ٽائيمز گريٽ هال“، ”پريزيڊنٽ لنڪن اِز ڊيڊ“ (ابراهام لنڪن جي مؤت جي خبر رپورٽ ڪندڙ اخبارن جي ڊسپلي تي مُشتمل گئلري)، ”پُلٽزر پرائز فوٽوگرافس گئلري“، ”پُليَم فيملي گريٽ بُڪس“، ”رپورٽنگ ويَتنام“، ”دِي وارنر ورلڊ نيُوز“، ”ٽُوڊيز فرنٽ پيجز گئلري“ ۽ ٻيُون گئلريُون شامل آهن. ”نيُوزيم“ جي ڇهين منزل تي واقع 80 فُوٽ ڊگھي ٽيريس (گئلري) ”پينسلوينيا ايوينيُو“ جو سهڻو پينورامڪ ۽ مٿانهون نظارو پيش ڪري ٿي، جنهن جي ڇيڙي تي يُو ايس ڪيپيٽول هِل جو نظارو به من موهيندڙ آهي. هي ان ئي روڊ جو نظارو آهي، جتان امريڪا جي صدارتي پريڊ، شاهي جنازا، آزاديءَ وارين تقريبن جا سرڪاري جلُوس توڙي ٻيا شاهي ۽ سرڪاري ميڙ لنگھندا آهن. هن ٽيريس ۾ڳچ دير بيهي نظارو ڪيوسي ۽ جام تصويرُون ڪڍرايُوسين.
”نيُوزيم“ ۾ دنيا جي پهرِين ”ڊِي ايس اين جِي“ (ڊجيٽل سيٽيلائيٽ نيوُز گيڌرنگ) وين به بيٺل آهي. ”نيُوزيم“ جي مختلف ديوارن تي پريس ۽ اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان عظيم صحافين، امريڪا جي اڳوڻن صدرن توڙي ٻين وڏن ماڻهن جا قول لکيل آهن. ٻيو ته ٺهيو پر ”نيُوزيم“ جي واش رُومس (ٽوائيليٽس) جي ماربل سان سينگاريل ڀتين جي وچ ۾ ٺهيل سهڻن پئنلس ۾ به صحافت ۽ صحافت جي آزاديءَ جي حوالي سان قول لکيل آهن، جيڪي هن عمارت کي گُھمڻ دؤران ان ڳالهه جو شدّت سان احساس ڏيارن ٿا ته اسان صحافت ۽ خبرن جي دنيا سان واڳيل ڪا عمارت گھمي رهيا آهيُون.

اسين ”نيُوزيم“ جُون مختلف گئلريُون گھمندا، 4 ڊِي (4 ڊائيمينشنل) ٿيئيٽر پهتاسِين. مُون ان کان اڳ 3 ڊائيمينشنل مُووِيز ۽ ٿيئٽرز ته ڏٺا هئا، پر 4 ڊائيمينشنل مُووِيز يا ٿيئيٽر ڏسڻ جو ان کان اڳ ڪڏهن به اتفاق ڪونه ٿيو هو. مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اسان جُون ٽڪيٽُون خريد ڪيُون. ان مختصر مُوويءَ جي نمائش ۾ اڃا ڪجهه وقت هو، جنهن جي دؤران اسان ان ٿيئيٽر جي ٻاهران ويهي انتظار ڪيوسي، جتي ٻارن جو به وڏو انگ موجُود هو. اوهان سوچيندا ته هڪ نيُوز ميڊيا بابت جوڙيل هن ميُوزيم سان هن 4 ڊائيمينشنل مُوويءَ يا ٿيئيٽر جو ڪهڙو تعلق آهي، ته ان جو سادو جواب اهو آهي ته هنن ٿيئيٽرس ۾ جيڪي به مُوويز نماءَ لاءِ موجُود آهن، اهي سڀ نيُوز ميڊيا، صحافت يا صحافين جي پس منظر ۾ ئي پروڊيُوس ٿيل آهن. ان جو ٻيو سبب اهو به آهي ته 4 ڊائيمينشنل مُوويز جو پڻ ميڊيا جي هڪ ميڊيم جي طور تي متعارف ڪرائڻ مقصُود آهي. مُووي هلڻ جو وقت ٿيو ته اسان کي ٿيئيٽر ۾ اندر سڏ ٿيو. آءٌ، اشفاق آذر ۽ اين هارٽمين هڪ ئي قطار ۾ هيءَ مختصر 4 ڊائيمينشنل مُووي ڏسڻ لاءِ گڏ ويٺاسين. اسان کي مخصُوص عينڪُون ڏنيُون ويون، جيڪي 4 ڊائيمينشنل  مُويءَ جو اصل مزو وٺڻ لاءِ پائڻ ضرُوري هُونديُون آهن. هيءَ ويهارو کن منٽن جِي مُووي هڪ اهڙي صحافڻ جي سچي ڪهاڻيءَ تي مُشتمل هئي، جنهن هڪ پرائيويٽ جيل ۾ هڪ ظالم ۽ فاسق شخص جي پاران ڪيل ظلم جي داستان لکڻ لاءِ ويس مٽائي، پاڻ قيدڻ جُو رُوپ ڌاري ان قيد خاني ۾ ڳچ عرصو گذاريو ۽ پوءِ اها سزا پُوري ڪرڻ کان پوءِ انهن سمُورن تجربن کي پنهنجيءَ اخبار لاءِ لکي، ان ظالم جي ظلم کي وائکو ڪري، کيس سندس بُري انجام تائين پهچايائين. هن مُووِيءَ جي شروعات ۾ جڏهن اها صحافڻ پنهنجي ايڊيٽر کان ان پروجيڪٽ لاءِ اجازت وٺڻ وڃي ٿي، ته ايڊيٽر کيس سختيءَ سان روڪي ٿو ۽ سندس همت شڪني ڪندي چوي ٿو ته: ”ان اسٽورِيءَ ۾ ڪوبه دم ڪونهي. تُون پنهنجو وقت نه وڃاءِ!“ پر اها نؤجوان صحافڻ ان مشن تي وڃي ٿي ۽ سندس مشن جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ۽ ان ظالم شخص کي سزا ملڻ کان پوءِ کيس پنهنجي اداري (اخبار) توڙي مٽن، مائٽن، دوستن ۽ حڪُومت پاران آفرين سان نوازيو وڃي ٿو. ان 4 ڊائيمينشنل مُوويءَ دؤران ڀوائتن ۽ هارر قسم جي منظرن ۾ مختلف ڪردارن جو جهڙوڪر اسڪرين کان ٻاهر نڪري اچڻ ته 3 ڊائيمينشنل مُوويز جيان هو، پر هن ۾ جيڪي اضافي عنصر هئا، جيڪي کيس 3 مان 4 ڊائيمينشنل بڻائي رهيا هئا، انهن ۾ هوا لڳڻ يا طُوفان واريءَ سِين دؤران ٿيئيٽر ۾ لڳل سائيڊ فينس (پاسي ۾ لڳل پکن) مان هوا جا اوچتو گھُلندڙ جھُوٽا توڙي زلزلي يا ٻين افراتفريءَ وارن منظرن ۾ اسان جي ڪُرسين جو باقاعدي اڳتي پوئتي ٿيڻ شامل آهن. پهريون ڀيرو جڏهن ڪُرسي پوئتي ٿي ته اشفاق کان ته اوچتو هڪ قراري گار به نڪري وئي. چي: ”ابا! هي ڇا ٿو ٿئي!؟“ سو 4 ڊائيمينشنل مُوويءَ ۽ ٿيئيٽر جو اهو منهنجي زندگيءَ جو اوّلين تجربو ڏاڍو سهڻو رهيو ۽ اسين سڀ ان 4 ڊائيمينشنل مختصر مُوويءَ مان لطف اندوز ٿي، ٿيئيٽر مان ٻاهر نڪتاسِين ۽ ”نيُوزيم“ مان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ”نيُوزيم“ جي سووينيئر شاپ (تحفن واري دڪان) جو رخ ڪيوسِين، جيڪو ”نيُوزيم“ جي ٻاهر نڪرڻ واري دروازي جي ڀرسان ئي هو. ڇا ته سووينيئر شاپ هو!! جتي لڳ ڀڳ هر شئي ”نيُوزيم“ جي لوگو ۽ نالي سان دستياب هئي. ڪافي مگس کان، ٽي شرٽس تائين، پينس کان پوائنٽرز ۽ پينسلن تائي، چاٻيءَ جي ڇلن (ڪِي چينز) کان وٺي چاڪليٽس ۽ ٽوپين (ڪيپس) تائين هر شئي ”نيُوزيم“ جي خاص نشان (لوگو) سان وڪري لاءِ موجُود هئي. هنن مان گھڻيُون تڻيُون شيُون الاهي مهانگيُون هيُون. مُون ڪجهه صحافي دوستن، پنهنجي ريڊيي جي ڪليگس ۽ ڪجهه گھر ڀاتين لاءِ ”نيُوزيم“ جي لوگو واريُون ڪُجهه پينُون ۽ چاڪليٽس خريد ڪيا ۽ ابُوءَ توڙي اميءَ لاءِ ڪُجهه شگر فري مِنٽ ٽافيز جا پيڪيٽس ورتا. اهڙيءَ ريت سنگت به ڪجهه خريداري ڪئي. لڳ ڀڳ 3 سوا 3 لڳي ڌاري اسين ”نيُوزيم“ کان ٻاهر نڪتاسِين. مهتُو ۽ ٻي ڪجهه سنگت به اُتان اسان کان ڇڳي، ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي مُنهن سان واشنگٽن جا ڪجهه رنگ ڏسڻا هئا، باقي آءٌ، اشفاق، غزاله فصيح ۽ مائي اينان واپسيءَ جي سفر لاءِ هوٽل طرف روانا ٿيڻ لڳاسِين.

No comments:

Post a Comment