Friday, November 20, 2015

ڪبير ڀڳت جي ڳوٺ ۾ - الطاف شيخ

ڪبير ڀڳت جي ڳوٺ ۾
الطاف شيخ
بنارس آئي مونکي چار ڏينهن ٿي ويا هئا.
اڄ ”لاهورابير“ روڊ جي  مشهور ڪيفي ”سروچي“ تان چانهه پي ٻاهر نڪتس. ارادو هو ته اتان ٽئڪسي وٺي گنگا ندي جي ڪناري تي ڪجهه گهاٽ ڏسان. پر ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪتس ته جهڙالي موسم ڏسي ڪجهه دير واڪ ڪرڻ لاءِ چيو. دل ۾ سوچيم ته انڊيا ۾ اهو ئي ته سک آهي ته جِتان ڪٿان ٽئڪسي يا آٽو رڪشا مليو وڃي... ويندي بس جو سفر به ڪو تڪليف وارو ناهي. شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين مختلف قسم جون پرائيويـٽ ۽ سرڪاري بسون هلن ٿيون جن ۾ ٻار توڙي پوڙها به آرام سان  چڙهي ۽ لهي سگهن ٿا. رش اور کان علاوه باقي ٽائيم هر هڪ کي وهڻ لاءِ سيٽ مليو وڃي.


آئون اهو روڊ وٺي چوراهي طرف هلڻ لڳس جِتي ٻين طرفن کان به روڊ اچيو ٿا ملن ۽ ڪنڊَ تي ڪئنس ڪاليج ۽ ونيتا پبلڪ اسڪول آهي جِتي هڪ ڏينهن اڳ اچي چڪو هوس. اهي اسٽيشن روڊ تي آهن جيڪو چوراهي کان کاٻي پاسي هن شهر بنارس جي اسٽيشن ڏي وڃي ٿو. اڄ مونکي چوراهي تي پهچي ساڄي پاسي وارو روڊ وٺڻو هو جنهن روڊ لاءِ مونکي هِتي جي ماڻهن ٻڌايو ته سڌو گنگا نديءَ جي ڪناري تائين هليو وڃي  ٿو جِتي ڀيروي گهاٽ، ڊگپتيا گهاٽ، ڪشميشور گهاٽ، هنومان گهاٽ ۽ اڳيان چيت سنگهه جو قلعو آهي.
چوراهي تي پهچڻ کان اڳ مارڪو گيسٽ هائوس نظر آيو ۽ پوءِ چوراهي وٽان ساڄي پاسي وهندڙ روڊ ڏي رخ ڪيو. اڃان ٿڪو نه هوس سو جلدي ڪنهن رڪشا ۾ وهڻ بدران واڪ ڪندو رهيس ۽ چوڌاري عمارتن ۽ ماڻهن جون تصويرون ڪڍندو رهيس. سامهون هڪ اسپتال هئي جنهن تي ”ڪبير چُورا اسپتال“ لکيل هو ۽ ان جي ئي آس پاس هن روڊ جو نالو سنت ڪبير روڊ لکيل هو. ٿي سگهي ٿو اهو نالو سينٽ ڪبير هجي ڇو جو سنت يا سينٽ بدران فقط ST لکيل هو. مونکي هڪدم ڀڳت ڪبير ياد اچي ويو... سورنهن آنا پڪ هُجي روڊ اسانجي دلپسند شاعر ڪبير ڀڳت سان ئي منسوب  ٿيل آهي ۽ هن جي نالي وارو روڊ ننڍي کنڊ جي ٻي ڪنهن شهر ۾ هجي يا نه پر هن شهر بنارس ۾ ضرور هجڻ کپي جو ڀڳت ڪبير جو واسطو ساڌن جي هن شهر بنارس سان ته هو.
تن اجلا من میلا سادھو نام انیک
ہم سے تو کالا کوا بھلا جو اندر باہر ایک
واهه ڙي واهه ڀڳت ڪبير! ڪنهن سنڌي شاعر جو شعر ڳولي رهيو آهيان  جيڪو هن پنهنجي ڳوٺ جي پيرن، سيدن يا وڏيرن بابت ائين لکيو هجي. ڪبير حق ۽ پيار جي ئي ڳالهه ڪندو رهيو:
کبیرا ایسی  پریت  کرو  جیسے کرے  کپاس
جیتے جی تو تن ڈھکے مرتے نہ چھوڑے ساتھ
آئون بنارس جي هن روڊ کي وڏي اڪير ۽ پيار سان ڏسان ٿو ۽ روڊ جي پاسي تي لڳل نالي واري بورڊ وٽ ائين بيهي فوٽو ڪڍرايان ٿو جيئن اسان جي پياري دوست ۽ شاعر انور پيرزاد جي ڳوٺ ٻلهڙيجي ڏي ويندڙ رستي تي لڳل سندس نالي واري بورڊ جي ڀرسان بيهي ڪڍرايو هوم. پنهنجو پاڻ تي حيرت ٿو کاوان ته ڪبير ڀڳت جي شهر ۾ آئي مونکي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن پر مونکي اڄ_ هن روڊ تي پهچي ياد آيو آهي ته ڪبير جو بنارس سان ائين واسطو هو جيئن شاهه لطيف جو ڀِٽ شاهه سان.ڪبير کي هندستان جي اهم انقلابي مذهبي پيشوائن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن پنهنجي دور جي ناموزن ۽ فرسوده اعتقادن، ريتن رسمن، سماجي لحاظ کان نقصان پهچائيندڙ طور طريقن کي سخت لفظن ۾ نندڻ جي ڀرپور  ڪوشش ڪئي. هن اها ڪوشش ڪئي ته معاشري ۾ رائج غلط طبقاتي نظام ۽ فرسوده مذهبي رسمن کي ترڪ ڪري هڪ روحانيت سان ڀرپور سڌريل معاشرو قائم ڪجي. هن مذهبي حوالي سان ڪوڙي رک رکاءُ، رياء، ڪاوڙ تڪبر، فريب، ٻيائيءَ، شرڪ منافقت مذهبي ننڍ وڏائيءَ ۽ ٻئي کي گهٽ سمجھڻ کي سخت لفطن ۾ ننديو آهي.
ڪبير انسانيت جو قائل هو. هن هندو توڙي مسلمانن جي اندر جي اصلاح جي ڪوشش ڪئي ۽ انسان جي اندر اجارڻ جي ڳالهه ڪئي.
اول اللہ نور اپائیا، قدرت کے سب بندے
ایک نور تے سب جگ اپجیا، کون بھلے، کون مندے
مطلب ته الله سڀ کان اڳ ۾ نور پيدا ڪيو، اسين سڀ ڌڻيءَ جا بندا آهيون، اسان سڀ هڪ ئي نور مان پيدا ٿيا آهيون تنهن ڪري ڪو به خراب يا ڀلو نه آهي.
کبیرا کھڑا بازار میں، سب کی مانگے خیر
نا  کسی سی  دوستی،  نا  کسی سے  بیر
مطلب ته مان سڀ جو خير بيٺو گهران، منهنجي نظر ۾ سڀ انسان هڪ جهڙا آهن، منهنجي ته ڪنهن سان نه دوستي آهي ۽ نه ئي دشمني
مالا میری لکڑ کی، دھاگے میں دئے پروئے
من میں کھاپ کے گہنڈی ہو، رام جپے کیا ہوئے
(تسبيح منهنجي جا مڻيا ڌاڳي ۾ پوتل آهن، منهنجو زور مڻين ڦيرائڻ تي آهي، پر اهو ڪهڙي ڪم جو؟ ڇو ته منهنجي من اندر ۾ ٻيائي آهي، گهنڊي آهي پوءِ رام رام چوڻ ڪهڙي ڪم جو؟) ٻئي هنڌ ڪبير فرمائي ٿو:
تن اجلو من میلو، بگلے جئسا بھیس
ای بگلے سے کاگا  بھلا، باہر بھیتر ایک
(رياڪاريءَ کان بچو، پنهنجي اندر کي اجاريو، ”ٻاهر هڪ ته اندر ٻي“ واري ٻيائيءَ کان بچو، ٻگهي وانگر نه ٿيو بلڪه ڪانءُ ٿيو جنهن جو اندر ٻاهر هڪ آهي).
ڪبير جي ڄم جي تاريخ ۾ ڪجهه اختلاف آهي پر تازو ڇپيل ڪِتاب ”هندستان ڪي عظيم لوگ“ مطابق هو ۱۴۴۰ ۾ ڄائو ۽ ۱۵۱۸ ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجو پاڻ کي ذات پات جي چڪر کان آجو رکيو. مذهب جي جڙتو ٺيڪيدارن جي رياڪارين ۽ چالبازين جو مخالف هو. هن ان خدا تي يقين رکيو ٿي جيڪو سڀني جو پالڻهار آهي. هن جي پيروڪارن جو چوڻ آهي ته هو مرڻ کان ٿورو اڳ ”ڪاشي“ (يعني هي شهر بنارس جنهن کي اڄ ورانسي سڏجي ٿو) ڇڏي مگهر هليو ويو جتي سندس وفات ٿي. تنهن دور جي هندن جو (توڙي اڄ به هِتي جي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته هي شهر بنارس (ڪاشي) مذهبي اعتبار کان هڪ مقدس جڳهه آهي ۽ چون ٿا ته هن مندرن جي شهر ۾ جيڪو مرندو اهو سڌو سرڳ (جنت) ۾ ويندو. پر ڪبير اهڙين ڳالهين کي هرگز نٿي مڃيو. هن رب کي هر هنڌ موجود ٿي سمجھيو. تنهن ڪري هو مرڻ کان ٿورو اڳ هي شهر ڪاشي ڇڏي مگهر هليو ويو. پاڻ هڪ هنڌ فرمايو اٿس:
کیا  کاشی، کیا اوسر مگھر، رام ہر دے بس مورا،
جو  کاشی  تن  تجے  کبیرا،  رامی کون نھورا
ڪبير عشق الاهيءَ کي ئي سڀ ڪجهه سمجھي ٿو. سندس نظر ۾ ويد، شاستر، مالا (تسبيح)، مندر، مسجد، اوتار، نبي، پير، پيغمبر سڀني کان وڌيڪَ الله تعاليٰ جو عشق ئي آهي. هو سڀني مذهبي ڏيکائن ۽ تيرٿ ياترائن کي نا منظور ڪري ٿو ۽ صرف هڪ لافاني خدا جي محبت ۽ عشق کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان کي ئي پنهنجي حيات جو مقصد سمجھي ٿو. پاڻ فرمائي ٿو:
ٹھاکر پتھر،  مالا لکڑ، تیرتھ ہیں سب پانی کے
لکھو مرئے، کرشن مرئے، مرئے رامام بھائی رے
کہے کبیرا  اس کو کیوں نے پوجے،  جس پہ موت نہ آئی ہو
ڪبير ڀڳت پنهنجي شاعريءَ ۾ رامانند کي خوبصورت اندازَ ۾ ڳايو آهي ۽ گرو ڀڳتي (مرشد جي وسيلي حق ماڻڻ) جي پرچار ڪئي آهي. ڪبير ڀڳت چوي ٿو ته حق جي تلاش ۾ عقل تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. ڪبير جي ڪوتا (دوهن) ۾ اپنشندن ۽ گيتا جي گيان جي اپٽار ملي ٿي. ”ايڪم سته دويتو ناسي“ (ڌڻي هڪ آهي ٻيو موجود نه آهي، بيمثال آهي)، ايڪم اوديتم (وحده لاشريڪ لهه)، ”برهم ستتيم جگم مٿيا (ڌڻي حق آهي ۽ ڪائنات هڪ ناپائيدار ڏيکاءُ آهي) شيخ اياز، لطيف وانگر ڪبير مان وڏو اتساهه ورتو آهي، نثر توڙي نظم ۾ ڪبير کي tribute پيش ڪري ٿو..... ”اي ڪبير اڃا تائين منهنجي ڀرسان چرخو ڪَتي رهيو آهين ۽ مان تنهنجي ڀرسان تنهنجو الجھيل سٽ سلجھايان پيو“ (جر ڏيئا جھمڪن).
هِتي اهو لکندو هلان ته ڪبير هڪ ڪوري خاندان ۾ پرورش پاتي جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو هو. سندس پرورش نيرو ۽ نيما نالي هڪ ڪوريءَ ڪئي. شيخ اياز هڪ ٻئي هنڌ تي (ٽڪرا ٽٽل صليب جا) لکي ٿو ته.... منهنجي شاعري.... هي ڪبير جو چرخو آهي، جنهن جي تاڃي پيٽي ۾، ساري ديسَ جو امن اڻجي هڪ ٿي ويو آهي.
پن ڇڻ پڄاڻان جي صفحي ۱۷۶ تي شيخ اياز فرمايو آهي:
جلدي جاڳ ضمير
راکي ٻَڌڻ لاءِ ڪو
ڌاڳو ڪت ڪبير
”اڀر چنڊ پس پرين“ ۾ شيخ اياز لکيو آهي ته....
ڇا  صدين  ۾  هي  هيا،  تنهنجي   جڳ   تي  جيت
دوها   چار    ڪبير    جا    ۽    ميران     جا   گيت
هيءَ شڪتي سنگيت، منهنجي تون ڪٿ ٿو رکين؟
ڪبير اسان وٽ سنڌ ۾ شاهه، سچل، سامي جيان وجداني انيداز ۾ ڳايو وڃي  ٿو، موهن ڀڳت الوميان جي آلاپ ۾ ڀٽائي جي ٻولن: ”ساٿي سڏ ڪندي ويا....،” سان گڏ ڪبير جي واڻي: ”من ڀولا ڦري ري جگت ۾ ڪيسا ناتا ري“ ڳائيندو هو ته سڄي سنڌُ گيڙو ويس بڻجي ويندي هئي........ سنڌ جو ڪبير سان پيار جو ناتو آهي ۽ ان ناتي جي ڌاڳي جي وچ ۾ ڪٿي ڳنڍ نه آئي آهي.
رحمن دھاگا پریم کا، جن توڑو  چٹکا جائے
ٹوٹے سے  جڑے نہیں،  بیچ گانٹھ پڑجائے
ڪبير ڀڳت بيحد سادگي واري زندگي گذاري. پاڻ ڪورڪو پيشو ڪندا هئا. ڪپڙو اڻي بازار ۾ وڪرو ڪري گذر بسر ڪندا هئا. راما نند صاحب جا مريد هئا. ذڪر فڪر به ڪندا هئا ته دنيا داريءَ سان به نباهيائون. ڪبير ڀڳت مرشد، گرو، رهبر جا تمام گهڻو قائل هئا. پاڻ فرمايائين ٿا ته:
کبیر سنگت سادہ کے، جو کے بھوسے کھائے
کھیر، کھانڈ، بھوجن ملے، ساکت سنگت نہ جائے
(مطلب ته جَون جي بي مزه ماني کائي به وقت گذاريو پر مرشد ڪامل جي صحبت کي نه ڇڏيو. پر جي ٻي هنڌ سٺا سٺا طعام کائڻ لاءِ ملن تڏهن به اوڏانهن هرگز نه وڃو).
ان ئي ڏينهن، بنارس جي شهر جي هن ڪبير روڊ تي هريش چندرا انٽر ڪاليج جي پرنسپال سان ڪبير ڀڳت جي ڳالهه نڪتي. هو به ڪبير جي دوهن مان ڪافي متاثر ٿي لڳو. هن ڪبير ڀڳت جو هڪ دوهو ٻڌايو جيڪو مون لاءِ نئون هو....... يا شايد پهرين به ڪٿي پڙهيو هجيم:
چلتی چکی دیکھ کر، دیا  کبیرا  رویا
دوئی  پاٹن کے بیچ میں، ثابت بچا  نا  کوئی
(هلندڙ چڪي ڏسي ڪبير روئي ڏنو.... جنڊ جي ٻن پُڙن جي وچ ۾ ڪو صحيح سلامت نه بچيو آهي)
مٿين ڪاليج جي پرنسپال ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته جنڊ جڏهن هلايو وڃي ٿو ته جنڊ جي ٻن وڏن پڙن (پاٽن) جي وچ ۾ جيڪو اناج جو داڻو اچي ٿو اهو پيسجي وڃي ٿو.... پر گرو ڪبير داس جي چيلي ڪمال ان دوهي جو جواب هن ريت ڏنو هو.
چلتی  چکی کے  ہنسا  کمالا تھا تھا
کھلن  سے جو لگا رہا کبھی زوال نہ آیا
(ڪمال جنڊ جي پڙن کي پيهندو ڏسي کلي ڏنو. جنهن به پنهنجو پاڻ کي وچ (ڪلي) سان قابو رکيو اهو برباد نه ٿيو).
هن جي پڇڻ تي مون کيس ٻڌايو ته منهنجي اسڪول جي ڏينهن کان وٺي ڀڳت ڪبير جي دوهن سان دلچسپي رهي آهي. آئون جڏهن مئٽرڪ ۾ هوس ته ڪبير جو مون جيڪو پهريون شعر ٻڌو هو، اهو هو:
رنگی کو کہے نارنگی، کهڑی کو کھویا
چلتی کو گاڑی، دیکھ کر کبیرا  رویا
ان بعد سگهوئي ئي هڪ ٻيو شعر ٻڌم جيڪو پڻ اوتروئي مشهور آهي
لکڑی جل کر کوئلہ بھئی، کوئلہ جل کر راکھ
میں  ابھاگن  ایسی جلی، کوئلہ  بنی  نہ  راکھ
ڪبير ڀڳت جي شاعري تي اڄ ڪلهه نه فقط ڪيترن ئي زبانن ۾ ڪِتاب اچي چڪا آهن پر Internet تي به اچي چڪا آهن. انهن شعرن جون مختلف زبانن ۾، خاص ڪري انگريزي، اڙدو، ۽ هندي ۾ معنائون ۽ تشريحون نظر اچن ٿيون. گذريل سال ڪبير جي دوهن جو هڪ ڪِتاب سنڌي ۾ نظر آيو .... مصنف پروفيسر عطا الله ابڙو صاحب هن ڪِتاب لکڻ تي وڏي محنت ڪئي آهي. هن صاحب نه فقط ڪبير جي شعرن جي سنڌي ۾ معنيٰ لکي آهي پر هوبهو انهن جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي. نموني خاطر هِتي ٻه ٽي شعر لکان ٿو:
وهنجڻ ڌوئڻ ڪهڙي ڪم جو، وڃي نه مَن جو مير،
مڇي سدا رهي پاڻيءَ ۾ ڌپ نه ڇڏي مور

ڪبير لڄا لوڪ کان تو نه ڳالهايو سچ
ڄاڻي واڻي سون ڇڏي، ڇو تو جھليو ڪچ

ڪبير بيٺو بازار ۾ سڀ جو گهري خير
نه ڪنهن سان دوستي ۽ نه ڪنهن سان وير

ڪبير ڇو ٿو ڊڄين، تو سِرِ، سرجڻهار
هاٿيءَ چڙهي ڊڄ نه تون، ڀلي ڪتابهن هزار

چوي ڪبير ڪمال کي، هي ٻه ڳالهيون لک
مالڪ جي ڪر بندگي ۽ بکئي لاءِ ماني رک

 ڪبير ستو ڇا ڪرين، اٿي عملن تي رَو،
جنهن جو ٺڪاڻو مٽيءَ ۾، سکيو سمهي نه سو.


No comments:

Post a Comment