Friday, November 20, 2015

ترڪيءَ کي يورپ ۽ ايشيا ۾ ورهائيندڙ باسفورس - الطاف شيخ

ترڪيءَ کي يورپ ۽ ايشيا ۾ ورهائيندڙ باسفورس
الطاف شيخ
هتي ڪجهه سٽون ”باسفورس“ بابت لکڻ چاهيان ٿو جيڪو لفظ ترڪي کان ايندڙ هر هڪ کان ٻڌبو آهي. جن ڏينهن ۾ اسان جهاز هلائيندا هئاسين ان وقت به، خاص ڪري ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ يا بلقاني رياستن: بلغاريا، رومانيا يا روس لاءِ بحر اسود (Black Sea) ۾ گهڙندي يا نڪرندي هر وقت باسفورس (Bosporus) ذهن تي سوار رهيو ٿي.


باسفورس هڪ ڳچي سمنڊ آهي جنهن کي اڙدوءَ ۾ آبنائي ۽ انگريزيءَ ۾ Strait سڏجي ٿو. ڳچي سمنڊ (Strait) درياهه جهڙو سوڙهو سمنڊ ٿئي ٿو جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي ٿو جيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي وچ واري سامونڊي گهٽي ”ملاڪا اسٽرئٽ“ يعني ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ سڏجي ٿو جيڪو هڪ طرف ”هندي وڏي سمنڊ“ کي ۽ ٻي طرف ”ڏکڻ چيني سمنڊ“ کي ملائي ٿو. هن ڳچي سمنڊ تي نالو ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا تان پيو جيڪو هن ڳچي سمنڊ جي ڪناري تي آهي. هن شهر ملاڪا ۾ ڏهه سال لڳاتار رهي اتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ مون ملائيشيا جي نوجوان جهازرانن کي پڙهايو ۽ ان کان اڳ ۱۵ سال کن جهاز هلائڻ دوران چين، ڪوريا، جپان، هانگ ڪانگ، فلپين جهڙن ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ هن ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) مان گذري ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ گهڙڻو پيو ٿي. اهڙي طرح ائٽلانٽڪ سمنڊ مان  ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ”جبرالٽر ڳچي سمنڊ “ نالي هڪ سوڙهي سامونڊي گهٽي آهي جتي يورپ جو اسپين ملڪ ۽ آفريڪا جو مراقش ذري گهٽ هڪ ٻئي سان جهڙو ملن ٿا. اهڙي طرح هي باسفورس ڳچي سمنڊ آهي جنهن جي هڪ پاسي وڏو ۽ اهم سمنڊ ميڊيٽرينين آهي ته ٻئي پاسي ڪارو سمنڊ (Black Sea) جنهن ۾ روس جو مشهور بندرگاهه اوڊيسا، رومانيا جو ڪانسٽنزا، بلغاريا جو ورنا ۽ جارجيا ۽ يوڪرين ملڪن جا بندرگاهه آهن.
هي باسفورس ڳچي سمنڊ ٻين ڳچي سمنڊن کان گهڻي اهميت ان ڪري رکي ٿو  جو هن جي ٻنهي پاسي فقط ترڪيءَ جو ملڪ آهي ان ڪري هن تي هڪ ئي ملڪ جو قبضو آهي جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري. ترڪي چاهي ته رومانيا، بلغاريا يا ويندي روس جهڙي ملڪ جي جهازن جو هتان لنگهه بند ڪري سگهي ٿي ۽ ان صورت ۾ انهن ملڪن جي بندرگاهن ۾ پهچڻ جي ٻي ڪا واهه واٽ ناهي. دنيا جي هر جهاز کي ٻئي ملڪ جي اندران لنگهڻ جي موڪل وٺڻي پوي ٿي.
اسان کي به هر دفعي پنهنجي جهاز کي باسفورس ڳچي سمنڊ جي منهن وٽ لنگر انداز ڪري ترڪي جي حڪومت کان باسفورس ٽپي ڪاري سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت وٺڻي پوندي هئي. گهڻي رش جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي واري لاءِ ڏينهن ٻه ترسڻو پوندو هو. ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون ته هر وقت لاتعداد پيون اچن وڃن پر سرڪاري انگ اکرن موجب گذريل سال ۷۳۰۰۰ وڏا جهاز (جن ۾ ۶۰۰۰ کن تيل بردار ٽئنڪر جهاز به شامل آهن) هن ڳچي سمنڊ مان گذريا. ٿلهي ليکي حساب ڪيو وڃي ته روزانو ۲۰۰ جهاز ٿيا يعني ڪلاڪ ۾ ۸ کن جهاز لنگهن ٿا. ذرا تصور ڪريو ته باسفورس ڳچي سمنڊ ..... درياهه جهڙي سوڙهي گهٽي جي ٻنهي ڪناري تي گهمندڙ ڦرندڙ يا گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ڪهڙو ته خوبصورت نظارو هوندو. هو ڏينهن رات هر وقت دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي خوبصورت جهاز کي پنهنجي اڳيان لنگهندو ڏسندا رهن ٿا. اهو به لکندو هلان ته اسان جهاز تي موجود ماڻهن لاءِ هن ڳچي سمنڊ مان گذرڻ وقت ٻنهي پاسي جنگل يا رڻ پٽ نه پر ترڪي جو سهڻو شهر استنبول هوندو آهي.
باسفورس جو سوڙهو سمنڊ ترڪي جي شهر استنول جي وچ مان لنگهي نه فقط استنبول کي پر ترڪيءَ کي به ٻن حصن ۾ ورهايو ڇڏي. بلڪه توهانکي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته هي سوڙهو سمنڊ (باسفورس جو ڳچي سمنڊ) نه فقط ترڪي ۽ ان جي شهر استنبول جا ٻه حصا ڪري ٿو پر ايشيا کنڊ کي يورپ کان پڻ جدا ڪري ٿو. باسفورس جي هڪ پاسي ايشيا آهي ته ٻئي پاسي يورپ. تصور ڪريو جڏهن اسان جو جهاز باسفورس مان لنگهندو آهي ته جهاز جي هڪ پاسي يورپ کنڊ هوندو آهي ۽ يورپ کنڊ واري حصي جو استنبول شهر هوندو آهي جنهن جي روڊن تي اٽلي، فرانس، اسپين، انگلنڊ ويندي ناروي ۽ ڊئنمارڪ جهڙن يورپي ملڪن جي ٽوئرسٽن جون ڪارون نظر اينديون آهن جيڪي ترڪي گهمڻ لاءِ استنبول آيل هوندا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڪارون ترڪي کان اڳيان ايشيا کنڊ جي ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ باسفورس جي ڳچي سمنڊ کي اڪرڻ لاءِ ٺهيل ٻن پلين وٽ قطار ۾ بيٺل هونديون آهن جيئن پل ٽپڻ لاءِ ٽال ٽئڪس ڏئي ايشيا کنڊ ۾ داخل ٿين ۽ جهاز جي ٻئي پاسي ايشيا کنڊ هوندو آهي. استنبول شهر جي هن اڌ جي روڊن تي گهڻو تعداد ايشيائي ملڪن جي ڪارن جو هوندو آهي. ذرا تصور ڪريو ڪراچي جو جناح روڊ باسفورس وارو ڳچي سمنڊ هجي ها ۽ ان تان ٻيڙيون پيون هلن ها ۽ ٻنهي پاسي جيتوڻيڪ ساڳيو شهر ڪراچي ٿيو پر هڪ پاسو ڪراچي يورپ سڏجي ها ته ٻيو پاسو ڪراچي ايشيا سڏجي ها. موتن داس مارڪيٽ ۾ خريداري ڪرڻ وارن جا ڪجهه هن ريت جا ڊائلاگ هجن ها.
”ڪپڙو هتان وٺڻ بدران بولٽن مارڪيٽ ۾ سستو آهي.“
”بولٽن مارڪيٽ ڪٿي آهي؟“
”اها سامهون يورپ واري ڪراچيءَ ۾ ته آهي. پُل ٽپي هليو وڃ يا ٻيڙي واري کي ڏهه رپيا ڀاڙو ڏينس ته درياهه (ڳچي سمنڊ) ٽپائي.“
يا ڪراچي جي چڙيا گهر وٽ بيٺل همراهه دوست کي فون ڪري ها ته: ”ائون يورپ پاسي واري ڪراچيءَ ۾ بيٺو آهيان تون حيدرآباد کان ڪراچي پهچڻ تي ايشيا واري پاسي صدر جي ڪنهن هوٽل ۾ انتظار ڪجانءِ ته آئون ڏهن منٽن ۾ يورپ کان ايشيا پهچي ويندس.“ يا حيدرآباد جو صدر وارو روڊ جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ڊاڪٽرن سرجنن جو ڪلنڪون، دوائن جا دڪان، ايڪس ري ۽ لئبارٽريون آهن، اهو روڊ جيڪڏهن سنهو سامونڊي رستو باسفورس هجي ها ۽ هڪ پاسو ايشيا کنڊ ته ٻيو پاسو يورپ کنڊ هجي ها ته هن قسم جي به گفتگو ٻڌڻ ۾ اچي ها. ايشيا پاسي اکين جي ڊاڪٽر وٽ ويٺل مريض پنهنجي دوست کي ٻئي پاسي جي دڪان تان دوا آڻڻ لاءِ چوي ها ته ”ادا پل ٽپي يورپ کنڊ جي فلاڻي دڪان تان هيءَ دوا ته وٺي اچ .... آئون تيسين هن ايشيا کنڊ پاسي عينڪن جي دڪاندار کي چشمو ٺاهڻ لاءِ آرڊر ڏئي وٺان.“
ترڪي رڳو هڪڙو ملڪ ناهي جنهن جو ڪجهه حصو ايشيا کنڊ ۾ آهي ته ٻيو حصو يورپ ۾. ترڪي وانگر مصر به آهي جيڪو ايشيا ۽ آفريڪا ٻن کنڊن ۾ اچي ٿو. پر ترڪي کي هڪ تمام سوڙهو سامونڊي درياهه ڌار ڪري ٿو ۽ اهو سامونڊي رستو (باسفورس) دنيا جي هڪ خوبصورت شهر استنبول جي وچ مان لنگهي ٿو. بلڪه آئون ته اهو چوندس ته استنبول شهر  باسفورس ڪري ئي وڌيو ويجھيو.
ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ وارن کي احساس هوندو ته اها جڏهن شهرن توڙي ٻهراڙيءَ مان لنگهي ٿي ته چوڌاري نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. پر ريل جيڪا ۱۰۰ ميلن جي رفتار سان هلي ٿي ان مان  نظارو پسڻ ايترو دلڪش ناهي جيترو پاڻي جي جهاز مان جيڪو گڏهه گاڏيءَ کان به آهستي آهستي هلي ٿو. منهنجو جن به پنج ڇهه جهازن تي  باسفورس مان لنگهه ٿيو انهن جي وڌ ۾ وڌ رفتار ۲۰ ميل هئي جيتوڻيڪ اهي جهاز ان وقت جا ماڊرن جهاز هئا. هونءَ به پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار گهٽ ٿئي ٿي. توهان جي انجڻ جي رفتار وڌائيندائو ته جهاز جو پنکو (Propeller) تکو ضرور ٿيندو پر جهاز جي اڳتي وڌڻ جي رفتار هڪ حد بعد ويتر گهٽجي ويندي ڇو جو پاڻيءَ ۾ پنکو تيز هلڻ سان خال (Cavitation) پيدا ڪري ٿو ۽ جهاز جي ڌڪجڻ جو عمل  گهٽجي وڃي ٿو. سو پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار ٽرين يا ڪار وانگر وڌي نه سگهي آهي. ويتر باسفورس جهڙن ڳچي سمندن (سامونڊي سوڙهن Passages) ۽ سئيز ڪئنال جهڙن لنگهن تان جهاز هلي ٿو ته هن جي رفتار اڌ کان به گهٽ رکي وڃي ٿي جو هوا جي تيز رفتاري ڪري يا هلائيندڙ جي بي ڌياني ڪري متان جهاز ساڄي يا کاٻي ڪپر تي نه چڙهي وڃي ۽ سڄي راهداري بلاڪ ٿي وڃي ۽ جهازن جي اچ وڃ بند ٿيڻ تي جهازن جي مالڪن کي هڪ طرف نقصان رسي ته ٻئي طرف ترڪيءَ جي ڪمائي بند ٿي وڃي. هر  جهاز کي باسفورس مان لنگهڻ جي ڪافي وڏي في ترڪي جي حڪومت کي ڏيڻي پوي ٿي.
 سئيز ڪئنال وانگر باسفورس جو لنگهه به پار ڪرائڻ لاءِ ترڪي جي پورٽ اٿارٽي طرفان مقامي پائلٽ (بندرگاهه جو ڪئپٽن) جهاز تي چڙهي ٿو جيڪو خبرداريءَ سان جهاز کي باسفورس ٽپائي ”ڪاري سمنڊ“ ۾ پهچي جهاز کي ڪئپٽن حوالي ڪري ٿو ۽ پنهنجي سروس چارج جي بل تي صحيح وٺي ٿو جيڪا پڻ هڪ ٻه لک رپين برابر ٿئي ٿي..... يعني روزانو فقط ۲۰۰ جهاز جي اچ وڃ جو، في جهاز ٻه لک رپيا کن سان لڳائجي ته فقط Pilotage Fee چار ڪروڙ روز جا ٿي ويا. اسان وٽ ’پائليٽ‘ جو لفظ فقط هوائي جهاز  هلائڻ واري ڪئپٽن لاءِ استعمال ٿئي ٿو پر بندرگاهه يا ههڙن سوڙهن سمنڊن ۾ پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ وارا ڪئپٽن پڻ پائليٽ سڏجن ٿا. باسفورس وارو سوڙهو سمنڊ (ڳچي سمنڊ) پورو ڪري بحر اسود (Black Sea) ۾ پهچڻ ۾ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ لڳيو وڃن جيتوڻيڪ باسفورس وارو اهو ئي سامونڊي درياهه فقط ۳۱ ڪلوميٽر يعني سترهن ارڙهن کن ميل مس آهي ۽ ايشيائي ۽ يورپي پاسي استنبول جي پڪن رستن تي هلندڙ تيز رفتار ڪارون، بسيون ۽ ٽئڪسيون اهو مفاصلو ۲۰ منٽن ۾ طيءِ ڪريو وڃن .... يعني جيڪڏهن ڪو جهاز وارو رستي تي جهاز مان لهي ايشيا يا يورپ کنڊ پاسي استنبول جي ڪنهن هوٽل ۾ چانهه پي آرام سان ٽئڪسي ۾ باسفورس جي ٻئي ڇيڙي وٽ پنهنجي جهاز ۾ چڙهي پنهنجو سامونڊي سفر کي Continue ڪري سگهي ٿو.
هن ”باسفورس ڳچي سمنڊ“ جو پيٽ اٽڪل سنڌو نديءَ جيترو ٿيندو. هي ان سنڌو نديءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪا  مون مئٽرڪ جي ڏينهن ۾، يعني ۱۹۶۰ ۾ پيٽارو وٽ ڏٺي. هاڻ ته غلام محمد بئراج وٽان ٿو لنگهجي ته اها سنڌو ندي ڪڏهن ڪڏهن ڪُئي جي پُڇ جهڙي ٿي لڳي .... سندس سڪل پيٽ ۾ ٻار پيا ڪرڪيٽ کيڏندا آهن. جهاز جي نقشن (چارٽن) موجب باسفورس ٻن کان  ٽن ميلن تائين آهي. هن سوڙهي سامونڊي لنگهه مٿان ٻن هنڌن تي پليون ٺهيل آهن جيئن مقامي ماڻهو يا ٽوئرسٽ يورپ واري استنبول ۽ ايشيا واري استنبول ۾ پنهنجين ڪارن يا بسين ذريعي اچي وڃي سگهن. هڪڙي پل ۱۹۷۳ع ۾ کلي هئي جيڪا Bogazia پل سڏجي ٿي. ’بوگازيا‘ ترڪي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڳچي سمنڊ“. هيءَ پل هڪ ميل جي لڳ ڀڳ آهي. ٽرئفڪ جي اچ وڃ لاءِ ڇهه روڊ آهن. ٻي پل ”FSM برج“ (فتح سلطان محمد بِرج) سڏجي ٿي جيڪا ۱۹۸۸ع ۾ ٺهي راس ٿي. هيءَ به پهرين پل جيتري ئي ڊگهي آهي پر هن تان ۸ قطارون ٽرئفڪ جون هلي سگهن ٿيون. انهن کان علاوه هڪ ٽي پل به ٺهي راس ٿي رهي آهي جيڪا ۲۰۱۶ع تائين تيار ٿي ويندي. هن پل لاءِ ٽرئفڪ لاءِ ۸ قطارون ۽ ٻه ريل لائينون ريل گاڏيءَ جي اچ وڃ لاءِ رٿيون ويون آهن. يورپ ۽ ايشيا کنڊ کي ڳنڍڻ لاءِ نه فقط باسفورس مٿان پليون آهن پر هڪ ٽنل به آهي جيڪو ۲۰۱۳ع کان شروع ٿيو. جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ کي ڪولون (چين جي سر زمين) سان ڳنڍڻ لاءِ سمنڊ جي هيٺان ٽنل ٺاهيو ويو آهي تيئن باسفورس سمنڊ جي هيٺان ٽنل آهي جنهن مان بسون، ڪارون ۽ ريل گاڏيون لنگهن ٿيون. يعني باسفورس ڳچي سمنڊ تي جهاز پيا هلن ۽ انهن مٿان پلين تان ۽ سمنڊ کان گهڻو گهڻو هيٺ ٺهيل ٽنل مان ڪارون، بسيون ۽ ريل گاڏيون پيون هلن.
 شروع جي ڏينهن ۾ باسفورس تي ٺهيل پلين مٿان ماڻهن کي واڪ ڪرڻ جي اجازت هئي پر پوءِ ٻارن ٻچن جي رش ٿيڻ ۽ حادثن ڪري هاڻ بندش پئجي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو حاجي سيناد حاذق پيرين پنڌ يورپ پاسي کان پل تان هلي ايشيا کنڊ واري پاسي اچڻ ٿي چاهيو ته هن کي منع ڪئي وئي پر پوءِ سرڪاري طرح اجازت وٺڻ لاءِ درخواستون ڏيڻ تي  مس مس هفتي ٻن جي انتظار بعد هن کي پُل تان واڪ ڪرڻ جي اجازت ملي ۽ هو پنهنجي يورپ کنڊ کان ايشيا کنڊ ۾ پهتو.


No comments:

Post a Comment