Friday, November 20, 2015

دنيا جي سمنڊن کي مون گجندي ڏٺو - الطاف شيخ

دنيا جي سمنڊن کي مون گجندي ڏٺو ....
الطاف شيخ
هتي هڪ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ ڪجهه سمنڊن بابت لکان ٿو ته جيئن هن لاءِ مونجھارو نه ٿئي ته هن ڳچي سمند باسفورس، بحر اسود (Black Sea) ۽ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) جي جاگرافيائي پوزيشن ۽ هڪ ٻئي سان تعلق جي Idea ٿي وڃي. دنيا جا وڏا سمنڊ جن کي انگريزيءَ ۾ ”اوشن“ سڏجي ٿو جيئن ته ائٽلانٽڪ، پئسفڪ يا انڊين اوشن (هندي وڏو سمنڊ) کليل کليل آهن جن ۾ ڏهن هنڌن کان به داخل ٿي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڪيترا ننڍا ننڍا سمنڊ پڻ کليل آهن جيئن ته اسان وارو عربي سمنڊ آهي. انڊيا حڪومت کڻي اسان جي جهازن کي ممبئي وٽان لنگهڻ کان روڪي پر اهي ايران کان ته اچي سگهن ٿا .... اهڙي طرح دبئي، جدي، عدن ۽ ٻين هنڌن کان ڪراچي پهچي سگهن ٿا. پر ڪي سمنڊ جيئن ته ڪارو سمنڊ، اڊيارٽڪ سمنڊ، ڳاڙهو سمنڊ ۽ ويندي ميڊيٽرينين سمنڊ پيالي يا حوض وانگر آهن جن جي چوڌاري ٻَني طور ايتري ته ڌرتي آهي جو انهن سمنڊن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي جيئن ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ فقط جبرالٽر ڳچي سمنڊ وٽان ئي رستو آهي ۽ ان سوڙهي سامونڊي چئنل ذريعي ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي روزانو هاءِ ٽائيڊ ۽ لو ٽائيڊ ۾ مڪس ٿئي ٿو ۽ پاڻيءَ منجهه لوڻ (Salt) جو مقدار برابر ٿئي ٿو. اهڙي طرح ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ .... يعني يمن، سعودي عرب، اٿوپيا جي بندرگاهه اسمارا، سوڊان ۽ مصر جي بندرگاهه قاهري ۾ وڃڻ لاءِ (جيڪي ڳاڙهي سمنڊ ۾ آهن) هر جهاز کي عدن وٽان هڪ سوڙهي رستي تان گهڙڻو پوي ٿو. اهو به سٺو جو سئيز ڪئنال ڳاڙهي سمنڊ کي ٻئي پاسي کان ميڊيٽرينين سمنڊ سان ملائي ڇڏيو آهي. ۽ هاڻ مثال طور سوڊان وارن جو عدن سان ڦڏو ٿي پوي ۽ يمن جي حڪومت سوڊان جي جهازن کي پنهنجي بندرگاهه عدن واري گهٽيءَ مان نڪرڻ نه ڏئي ته سوڊان وارن جو نڪرڻ بنهه بند نه ڪري سگهندا جو سوڊان جا جهاز ٻئي پاسي ٺهيل سئيز ڪئنال مان نڪري  ميڊيٽرينين ۽ اڃان اڳيان آمريڪا وڃڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ به داخل ٿي ويندا.


سو ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته ”ڪارو سمنـڊ“ جنهن جي ڪناري تي ”ڳاڙهي سمنڊ“ کان به اهم ملڪن جا بندرگاهه آهن، سخت بد نصيب آهي  جو هن سمنڊ جي جهازن کي دنيا جي ٻين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ يا ٻين سمنڊن ڏي رخ ڪرڻ لاءِ فقط ۽ فقط هڪ گهٽي ”باسفورس“ آهي جنهن تي ترڪيءَ جو قبضو آهي .... يعني ترڪي جي چاهي ته ”ڪاري سمنڊ“ جي ڪنهن به ملڪ جي جهازن کي ڪاري سمنڊ کان ٻاهر نڪرڻ ئي نه ڏئي. ڪاري سمنڊ اندر جن ملڪن جا بندرگاهه آهن، اهي آهن: جارجيا، روس، يوڪرين، رومانيا ۽ بلغاريا.
ڪراچي کان ترڪي يا رومانيا ۽ بلغاريا جي ملڪن جي بندرگاهن ۾ پهچڻ لاءِ اسان لاءِ ٻه راهون آهن. هڪ ته اسين ڪراچيءَ مان لنگر کڻڻ بعد پنهنجو عربي سمنڊ اڪري ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيون جتان ان جي ٻي ڇيڙي وٽ هٿرادو ٺهيل سئيز ڪئنال مان جهاز گذاري ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ داخل ٿيون. سئيز ڪئنال جيڪو ننڍو ناهي .... اٽڪل هڪ سؤ ميل آهي يعني سمجھو ته ڪراچي کان ڄامشور تائين جو سفر آهي. وچ ۾ هڪ ڍنڍ اچي ٿي جتي جهازن کي ترسڻو پوي ٿو جيئن سامهون کان (ميڊيٽرينين سمنڊ واري پاسي کان) ايندڙ جهازن جو قافلو گذري وڃي. اهو ان ڪري جو سئيز ڪئنال ڪو ايترو ويڪرو ناهي جو هڪ ئي وقت جهاز اچي وڃي سگهن. ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ پهچڻ بعد ترڪي يا ڪاري سمنڊ جي ٻين ملڪن جي بندرگاهن تائين پهچڻ آسان ڪم آهي. ان لاءِ رڳو باسفورس ڳچي سمنڊ مان گذرڻو آهي.
ڪراچي کان ڪاري سمنڊ جي بندرگاهن ۾ پهچڻ جو ٻيو طريقو سئيز ڪئنال بنا آهي .... جيئن ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن مصر وارن سئيز ڪئنال بند ڪري ڇڏيو هو ته پوءِ اسان پنهنجي جهاز کي ڪراچي واري عربي سمنڊ مان ڪڍي هندي وڏي سمنڊ ۾ وٺي ايندا هئاسين ۽ آفريڪا جي کنڊ کي ڦيرو ڪرڻ لاءِ ڏکڻ ڏي سفر جاري رکندا هئاسين جيسين آفريڪا کنڊ جو ڇيڙي وارو ملڪ ”سائوٿ  آفريڪا“ اچي. ان جي بندرگاهه ڪيپ ٽائون وٽ پهچي پوءِ اسان پنهنجي جهاز جو رخ مٿي اتر طرف ڪندا هئاسين جيئن جهاز آفريڪا کنڊ جو مغربي ڪنارو يعني نميبيا، ائنگولا، زائر، نائيجيريا، گهانا، لائيبيريا، گئمبيا، سئنيگال، ماريطانيا ۽ مراڪش جهڙا آفريڪي ملڪ لتاڙي مٿي يورپ ڏي پهچي. دراصل مٿين سڀني آفريڪي ملڪن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇهي ٿو. آفريڪا جي ساڄي پاسي يعني اڀرندي ڪناري هندي سمنڊ آهي ته اولهه ڪناري ڏي ائٽلانٽڪ سمنڊ ـــ اهي ٻئي سمنڊ ڏکڻ آفريڪا جي هيٺين حصي ۾ ٽڪرائين ٿا. هونءَ سمنڊ تي ڪي بائونڊريون ٺهيل نه آهن ته ڪهڙو سمنڊ ڪٿي ختم ٿئي ٿو ۽ ٻيو ڪٿان شروع ٿئي ٿو. انهن سڀني جي نشاندهي نقشن تي ٿيل آهي. جتي اهي ٻه سمنڊ ملن ٿا اتي سمنڊ ۾ ڪافي جوش ۽ اٿل پٿل رهي ٿي ۽ وڏيون وڏيون ڇوليون نه رڳو وڏن جهازن کي لوڏيو رکن پر جهاز هلائيندڙن جي دلين کي به جھوريو ڇڏين. جهاز ۾ موجود مسافرن جي ڳالهه نٿو ڪريان .... اهي ته ننڊ جي گوري کائي اهو ڏينهن به ڏکيو سکيو ننڊون ڪندي گذاريو ڇڏين. مون دنيا جي مختلف سمنڊن کي بگڙندو ۽ گجگوڙون ڪندي به ڏٺو آهي ته آرسيءَ وانگر ماٺو به. پر ٻارهن تيرهن سال هن علائقي مان جهازن کي لنگهائڻ وقت ڪڏهن به هن سمنڊ کي سانت ۾ نه ڏٺو. سخت Seasickness ۽ عذاب ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ وارا ٻه ڏينهن گذارڻا پيا ٿي ۽ مري جهري چار ڪلاڪ ڏينهن جا ۽ چار ڪلاڪ رات جا جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي ڪبي هئي. ڪيپ آف گڊ هوپ واري ظالم سمنڊ جي ڪري به صدين تائين ڪنهن يورپين جي هن سمنڊ کي ڪراس ڪري، اسان جي پاسي هندي سمنڊ ۾ اچڻ جي همٿ به نٿي ٿي. ڪيپ آف گڊ هوپ سمنڊ وارو حصو سمجهو ته سائوٿ آفريڪا جي پورٽ ايلزبيٿ کان ڪيپ ٽائون بندرگاهه تائين آهي.
پاڻ ڪاري سمنڊ جي ملڪن ۾ پهچڻ جي ڳالهه پئي ڪئي، ان لاءِ جهاز جيئن ئي مراڪش جو بندرگاهه رباط ٽپي ٿو ته جبرالٽر ڳچي سمنڊ اچي ٿو جنهن جي ٻئي پاسي اسپين جي سرزمين آهي. جبرالٽر جو بندرگاهه به اتي ئي آهي ۽ مراڪش پاسي تاريخي شهر الطنج (Tangier) آهي جتان ۱۳۲۵ ۾ دنيا جي مشهور سياح ابنِ بطوطا پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي. هن ”جبرالٽر ڳچي سمنڊ“ جهڙي سوڙهي راهدريءَ مان جهاز کي خبرداريءَ سان هلائي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو يعني ڪاري سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هر صورت ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو جتان پوءِ ڪاري سمنڊ ۾ گهڙڻ لاءِ هڪڙو ئي واحد رستو باسفورس آهي. ان کان علاوه ٻيو ڪو ناهي. سو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ترڪي ۾ موجود هي سوڙهو سامونڊي لنگهه ڪيڏي وڏي اهميت وارو آهي جنهن کي هر وقت صاف ۽ کليل رکڻ لاءِ نه فقط ترڪيءَ جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي پر رومانيا، بلغاريا، يوڪرين، روس ۽ جارجيا ملڪن جون به ننڊون حرام هونديون آهن ته ان سنهي سامونڊي لنگهه ۾ متان ڪو جهاز نه ٻڏي يا ڪنهن جهاز کي بم نه لڳي جيئن اهو رستو جيڪو مٿين ملڪن ۾ پهچڻ لاءِ واحد لنگهه آهي اهو بند ٿي وڃي.
ترڪي جي باسفورس ۽ مختلف سمنڊن بابت گهڻو ئي ڪجهه لکجي ويو آهي پر جاگرافي جي شاگردن ۽ نيويگيشن جي ڄاڻن لاءِ هتي ٻه سٽون مزيد لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن هو غلط فهمي جو شڪار نه ٿين. مون هر هر اهو ئي لکيو آهي ته ميڊيٽرينين سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ جي وچ ۾ باسفورس ڳچي سمنڊ آهي. هڪ عام پڙهندڙ يا مسافر لاءِ ته ٺيڪ آهي پر جاگرافي، اوشنوگرافي، نيويگيشن ۽ سمنڊن جي ڄاڻ رکندڙ شاگردن لاءِ هتي لکندو هلان ته باسفورس جي اتر ۾ ته ڪارو سمنڊ آهي پر ڏکڻ ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ يڪدم ناهي. ميڊيٽرينين سمنڊ جو اهو پوڇڙ وارو حصو جيڪو ترڪي ۽ يونان جي وچ ۾ آهي اهو ايجين (Aegean) سمنڊ سڏجي ٿو پوءِ اهو هڪ ڍنڍ جهڙي سمنڊ مارمارا (Sea of Maramara) ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪو پوءِ باسفورس ڳچي سمنڊ سان ڳنڍجي ٿو. اصل ۾ ايجين سمنڊ ۽ مارمارا سمنڊ جي وچ ۾ به داردانلس (Dardanelles) نالي باسفورس کان به ڊگهو اٽڪل ۳۸ ميل ڳچي سمنڊ آهي. هي اهو سمنڊ جو حصو آهي جتي گئلي پولي نالي تاريخي علائقو آهي جنهن کي ترڪن کان حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين جنگ عظيم ۱۶-۱۹۱۵ع ۾ اتحادي طاقتن: فرانس، انگلنڊ، نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا وارن سامونڊي جنگي جهازن ۽ هوائي جهاز رستي پنهنجا فوجي لاهي حملو ڪيو. ٽيٽيهه سالن جي جوان ليفٽيننٽ ڪرنل مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ترڪن اتحادي فوجن جو مقابلو ڪيو. اتحادي فوجن جي اها خواهش هئي ته قسطنطنيه (هاڻوڪي استنبول) تي قبضو ڪري ترڪن کي ڪمزور ڪجي ۽ ڪاري سمنڊ جي ملڪن ڏي ايندڙ ويندڙ جهاز جي چُر پُر کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکجي. هيءَ لڙائي سال کن هلندي رهي ٻنهي پاسن جي فوجن جو نقصان ٿيو پر آخرڪار ترڪن جي سوڀ ٿي جيڪا اڄ تائين دنيا نه رڳو مڃي ٿي پر ترڪن جي همت ۽ رٿابندي کي دادا ڏئي ٿي. آخر ۾ زندهه بچيل انگريزن، فرينچن ۽ ٻين سندن اتحادين ڀڄي پنهنجي جان بچائي. هن جنگ ۾ پنج لک اتحادي فوجين حصو ورتو جن مان اڌ لک مارجي ويا ۽ ٻه لک کن زخمي ٿيا. ترڪ فوجين جا به سٺ ستر هزار ماڻهو مري ويا پر سوڀ کين نصيب ٿي ۽ گئلي پولي کان باسفورس تائين علائقي تي سندن ئي قبضو رهيو.
هن لڙائي بعد ئي ترڪن خودمختياري حاصل ڪرڻ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ۸ سالن بعد ”ريپبلڪ آف ترڪي“ وجود ۾ آئي. ترڪ حڪومت سڀني غير ملڪين کي آگاهه ڪيو ته هاڻ هن شهر قسطنطنيه کي استنبول سڏيو ويندو. هونءَ ته قسطنطنيه ئي ترڪي جي گاديءَ جو شهر هلندو پئي آيو پر هاڻ اتا ترڪ انقره شهر جي چونڊ ڪئي. انقره شهر جو نالو هتي جي مشهور انگورا (Angora) وول تان پيو اهي جيڪا هتي جي انگورا ٻلي، انگورا سهي ۽ انگورا ٻڪري تي ٿئي ٿي.
اسان جو ”ڪاري سمنڊ“ جي بندرگاهن ڏي ويندي ۽ موٽندي هر دفعي هن ڳچي سمنڊ (باسفورس) مان لنگهه ٿيندو هو جو هن سوڙهي سمنڊ مان لنگهڻ بنا ڪاري سمنڊ ۾ گهڙڻ ناممڪن ڳالهه آهي. اهڙي طرح يورپ جو هر مسافر باءِ روڊ ڪار ذريعي جڏهن يورپ کنڊ کان ايشيا کنڊ ۾ پهچڻ جي ڪري ٿو ته هن کي هر صورت ۾ هن ڳچي سمنڊ (باسفورس) مٿان ٺهيل ڪنهن پل تان گذرڻو پوي ٿو جو اها ئي هڪ راهداري آهي جيڪا ٻن کنڊن کي گڏي ٿي. ان ڪري بوزنيا جي حاجي سيناد حاذق کي به باسفورس سمنڊ کي ٽپڻ لاءِ ان مٿان ٺهيل پل تان لنگهڻو پيو جنهن جي هڪ پاسي يورپ کنڊ آهي ته ٻئي طرف ايشيا کنڊ. پاڻ سن ۲۰۱۱ع جي ڊسمبر مهيني ۾ پنهنجو ملڪ بوزنيا ڇڏيو هئائين ۽ يارهن مهينن جي پيدل سفر بعد ۲۰۱۲ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ مڪي شريف پهتو.
ان ئي سال (۲۰۱۲ع) جي آڪٽوبر مهيني ۾ ”ڪسرتراءِ کرل زادي“ نالي هڪ ۳۷ سالن جو پاڪستاني ڪراچيءَ کان ۶۳۸۷ ڪلوميٽرن (۳۹۶۸ ميلن) جو سفر پيرين پنڌ مڪمل ڪري مڪي پهتو هو. العربيا اخبار موجب مڪي پهچڻ تي کرل زادي جي سعودي عرب حڪومت جي آفيسرن، ڪعبي شريف جي امام جي نمائندي ۽ مڪي ۾ موجود پاڪستان ۽ ٻين  ملڪن جي مسلمان ڪميونٽين وڏي آڌر ڀاءَ ڪئي. ”آئون چاهيان ٿو ته دنيا ۾ امن امان ۽ برابري جي فضا قائم رهي ۽ يورپي يونين وانگر اسان جي مسلمان امت جي به يونين ٺهي“ هن چيو هو.
ڪسرت راءِ کرل زادو پيرين پنڌ سفر ڪرڻ کان مشهور آهي. هن ۲۰۰۷ع ۾ به ڪراچيءَ کان خيبر تائين ۲۰۰۰ ڪلو ميٽرن جو مفاصلو ۸۵ ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو هو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ لاهور کان اسلام آباد ۳۲۷ ڪلوميٽرن (۲۰۰ کن ميلن) جو سفر پيرين پنڌ ۱۴ ڏينهن ۾ ڪيو ۽ هڪ ٻيو سفر اسلام آباد کان سندس ڳوٺ ”چاڪُوٿي“ تائين جو ۲۲۲ ڪلوميٽرن جو سفر نون ڏينهن ۾ ڪيو. ڪسرت راءِ پنهنجي حج واري سفر بابت ٻڌايو ته مڪي تائين پهچڻ ۾ جتي ڪيترن ئي هنڌن تي سندس مڪاني ماڻهن مدد ڪئي اتي ڪيترن ئي هنڌن تي سندس سفري ڪاغذن تي اعتراض ورتو ويو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي هن کي پوليس تنگ ڪيو ۽ سندس نيڪ نيتي تي شڪ ڪيو. ”سفر دوران ڪيترا اهڙا مسئلا اڀرن ٿا جيڪي گهران نڪرڻ وقت خواب خيال ۾ به نٿا رهن ۽ ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ توهان شڪ جي بنياد تي قيد حوالي ٿي سگهو ٿا ۽ توهان جي داد فرياد ٻڌڻ لاءِ نه توهانکي لوڪل قاضي نظر ايندو نه پنهنجي سفارتخاني جا سرڪاري ڪامورا ....“

هن وڌيڪَ ٻڌايو ته هن قسم جا پيدل سفر اڄ به ڪافي جوکائتا (Risky) ثابت ٿين ٿا جو مڪي پهچڻ لاءِ پاڪستان بعد ايران ۽ خاص ڪري عراق ۽ اردن مان به گذرڻو پوي ٿو جتي جون حالتون بهتر نه آهن .... شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جو ورلي ڪو پيرين پنڌ حج جي سفر تي نڪري ٿو. انڊين لاءِ ته اڃان به ڏکيو آهي جو هنن کي پاڪستان لتاڙڻ ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش اچي سگهن ٿا .... جيئن اسان کي سنگاپور يا ملائيشيا پيرين پنڌ يا ڪار ۾ پهچڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي جو انڊيا مان لنگهڻ ڪري اتي جي پوليس ۽ اميگريشن کاتو پاڪستانين تي اجايو سجايو شڪ ڪري ٿو ۽ تنگ ڪري ٿو. اڄ به اسان جا ڪيترا پاڪستاني انڊيا جي جيلن ۾ قابو آهن سندن ڪو داد فرياد نٿو ٻڌو وڃي ۽ نه هنن جي ڪا ڪورٽ ۾ شنوائي نٿي ٿئي. حالتون بهتر ۽ دوستاڻا تعلقات هجن ته ڪيترا پاڪستاني جيڪي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ نوڪري ڪن ٿا اهي ڪار ذريعي باءِ روڊ اچن وڃن .... آخرڪار سواءِ برما جي روڊن ۽ اميگريشن جي ٿوري گهڻي جھنجھٽ جي انڊيا، بنگلاديش، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جا روڊ رستا ته اسان کان به سٺا آهن ۽ ٽرئفڪ قانون مطابق هلي ٿي. بنگلاديش کي اسان غريب يا پٺتي پيل ملڪ تصور ڪريون ٿا ۽ ٻارهوئي مينهوڳي لڳي رهي ٿي ته به اتي جا رستا اسان جي ملڪ کان، خاص ڪري سنڌ کان هزار دفعا بهتر آهن .... سڀ کان وڏي ڳالهه آڌي رات جو به توهان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سڪون سان سفر ڪري سگهو ٿا .... نه چوري ڌاڙي جو ڊپ نه اغوا ڪاريءَ جو. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪو مجبور لاچار پنهنجي بيمار ڀاءُ يا پٽ کي سج لٿي کانپوءِ علاج لاءِ پنهنجي ضلعي جي اسپتال ۾ وٺي ويندي به خوف محسوس ڪري ٿو .... پوءِ اهو ضلعي شهر ڪشمور هجي، جيڪب آباد، گھوٽڪي يا ڪو ٻيو. 

No comments:

Post a Comment