Friday, November 20, 2015

دبئي شهر ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي جهڙو هو.- الطاف شيخ

دبئي شهر ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي جهڙو هو....
الطاف شيخ
صدين تائين عرب ملڪ ڪي امير نه هئا. سعودي عرب ۾ ته وري به مسلمانن جي پاڪ شهرن مڪي ۽ مديني جي ڪري دنيا جي مسلمانن جي حج ۽ عمري لاءِ آمد لڳي رهي ٿي ۽ هڪ قسم جي ”ٽوئرزم انڊسٽري“ واري ڪمائي ٿي وئي ٿي .... يعني ڌاريان ماڻهو آيا ٿي ۽ هنن رهائش، کائڻ پيئڻ ۽ سوارين پٺيان پئسو خرچ ڪيو ٿي. باقي دبئي ۽ دوحا جهڙين عرب رياستن ۾ ته سڃ پئي واڪا ڪيا .... چوڌاري ريتي ۽ واري ٿي نظر آئي. ۱۹۶۰ع واري ڏهي ۾ جڏهن جهاز تي نوڪري شروع ڪيم ته منهنجو پهريون دفعو دبئي وڃڻ ٿيو ته ان وقت جي دبئي سنڌ جي ٿري شهرن مٺي ۽ ڇاڇري کان به گهٽ، اڄ به منهنجي اکين اڳيان ڦري رهي آهي جيڪا بيان ڪندس ته ڪيترا اڄ جا نوجوان يقين نه ڪندا. پر اهو آهي ته زمين هيٺان نڪتل پيٽرول جي پئسي جي اچڻ جي هلڪي شروعات ٿيڻ لڳي هئي جنهن صحيح معنيٰ ۾ ۱۹۷۰ع واري ڏهي کان زور وٺڻ شروع ڪيو ۽ جتي ڪٿي ”پيٽرو ڊالرن“ جون ڪرامتون نظر اچڻ لڳيون.


۱۹۶۰ع واري ڏهي جي آخري سالن ۾ دبئي ۾ ڪي يورپي يا آمريڪن نظر نٿي آيا. مقامي عربن کان علاوه ننڍي کنڊ جا سنڌي ۽ گجراتي هندو واپاري ۽ دڪاندار هئا .... اهڙيءَ طرح پورهيت ۽ مزدور سنڌي مسلمان، ڪڇي، مڪراني، سک ۽  پٺاڻ نظر آيا ٿي. ان کان علاوه ڏکڻ هندستان جا تامل جيڪي سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ته جام آهن، دبئي ۾ پڻ ڪجهه  نظر آيا ٿي جن لاءِ ٻين ٻڌايو ٿي ته  هتي جي ڪنهن عرب شهزادي ڪنهن تامل ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ڪري اتي جي ماڻهن کي دبئي ۾ سٺيون سهولتون ڏنيون آهن. تقريبن سڀ ماڻهن، عربن سميت، اڙدو ڳالهائي ٿي.
دبئي ۾ پيٽرول جو پئسو اچڻ ڪري، ان جي ترقي لاءِ هڪ طرف مختلف ملڪن کان سامان اچڻ شروع ٿيو ته ٻئي طرف ڪَمين ڪاسبين جي آمد. اسان جو جهاز هڪ دفعو ته بيروت مان سيمنٽ جا پائيپ کڻي آيو ته هڪ دفعي  ڪراچي کان سيمنٽ جي ڳوڻين سان ڀرجي آيو. دبئي جو بندرگاهه اڃان اڄ جهڙو ماڊرن نه ٿيو هو جتي ايڏي سامان سان ڀريل جهاز وڌ ۾ وڌ ٽن چئن ڏينهن ۾ خالي ٿي وڃي. ان وقت اهو بندرگاهه فقط ڪاٺ جي ننڍن ٻيڙن لاءِ هو. اسان جي ۳۰ هزار ٽنن واري جهاز جي بيهڻ لاءِ ته ڪو ڌِڪو (Jetty) به نه هو. بندرگاهه کان ٿورو ٻاهر لنگر ڪيرائي بيهڻو پيو ٿي جتان ٻيڙين ۽ بارجن ذريعي سامان بندرگاهه ويو ٿي ۽ هر دفعي  جهاز ٽي چار هفتا ترسيو ٿي. اسان پاڻ به ٻيڙيءَ رستي ڪڏهن صبح پهر ته ڪڏهن شام جو پنهنجي جهاز کان بندرگاهه پهچي دبئي جا چڪر هڻندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ اڃان ڪمپيوٽر ته ڇا وڊيو ڪئسٽ به ايجاد نه ٿيا هئا. دبئي شروع کان ڊيوٽي فري رهيو آهي .... عربن کي ڊيوٽي ۽ ٽئڪس اوڳڙ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي جڏهن سندن پيرن هيٺان پيٽرول جون نديون وهڻ لڳيون. ان ڪري غريب غُربي هتي جي بازارين مان خريداري ڪئي ٿي. ان وقت جون اهم شيون هونديون هيون؛  جپان جون سيڪو ۽ سٽيزن واچون، انگلنڊ ۽ آمريڪا جون وان هوزن ۽ ايئرو برانڊ وارن نالن جون قميصون، انڊيا جون ساڙهيون، هانگ ڪانگ جا پلاسٽڪ جا گل ۽ تونئريون (Mats)، سنگاپور جا دو نمبري عطر ۽ ميڪ اپ جون شيون وغيره.
اسان انهن ڏينهن ۾ نئون نئون جهاز Join ڪيو هو ۽ بيحد جونئر پوسٽ تي هئاسين. خريدراري جو نه شوق هو ۽ نه پئسو .... بازارين ۽ مارڪيٽن مان لنگهندي ۽ ٽئڪسين ۾ چڙهندي آئون دڪاندارن، گراهڪن ۽ ڊرائيورن سان خبر چار ڪندو وتندو هوس ته ”بهئي آپ ڪهان ڪي هين؟ .... ادهر ڪيسي آئي .... دبئي ڪيسا لگتا هي؟“ ڪيترن ئي سنڌين سان به ملاقات ٿي. ٻن ٽن مهينن بعد  جڏهن وري دبئي وڃڻ ٿيو ته انهن ساڳين ساڳين همراهن سان  وري وري ملاقات ٿي جن مان ڪي دڪاندار هئا .... سندن دبئي ۾ ننڍو ننڍو ڪاروبار هو .... ڪي پورهيت مزدور هئا .... خاص ڪري گهوٽڪي، جيڪب آباد، سبي پاسي جا سنڌي مسلمان يا بلوچ .... جن دبئي جي گرميءَ ۾ به ”هوملي“ محسوس ڪيو ٿي.
ڪمال جي ڳالهه اها ته ان بعد منهنجي ڪنهن به جهاز جو هنن بندرگاهن ۾وڃڻ نه ٿيو. دبئي لاءِ ٻڌندو رهيس ته هاڻ هينئن ٿي وئي آهي .... هاڻ هونءَ ٿي وئي .... ستر جو ڏهاڪو گذري ويو .... اهڙي طرح اسي جو، نوي جو .... منهنجي جنهن به  جهاز تي بدلي ٿي ٿي ته ان جي روٽ ڏور اوڀر جي ملڪن جپان ڪوريا ڏي ٿي وئي ٿي يا يورپ ۽ آمريڪا ڏي .... نئين صدي به شروع ٿي وئي پر چند قدمن تي دبئي جو ديدار نصيب نه ٿيو. ۲۰۰۴ع ۾ سٺ سالن جو ٿيڻ تي رٽائرڊ زندگي اختيار ڪيم. جهاز هلائڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيڻ تي ملائيشيا ۽ سنگاپور کان دعوت  ملڻ تي اتي جي تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ هليو ويس ٿي پر دبئي وڃڻ ڪڏهن نصيب نٿي ٿيو جنهن لاءِ روز خبرن ۾ ۽ دوستن کان ٻڌندو هوس ته اهي شهر (دبئي، دوحا ۽ ابوڌابي) هاڻ ۱۹۶۰ع جي ڏهي وارا ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي ۽ ڏوڪري نه رهيا آهن پر ڪوالالمپور ۽ سنگاپور وانگر سونهن، صفائي، امن امان، ماڊرن سهولتن جي خيال کان يورپ ۽ جپان جا شهر ٿي پيا آهن. دبئي ۾ هاڻ چوڌاري رڳو ريتي نظر نٿي اچي پر ساوڪ، وڻ ٽڻ، گل گلڪاريون به آهن.
ٻه سال اڳ منهنجو داڻو پاڻي دبئي ڏي ٿيو. ڊاڪٽر عبدالقادر سرڪي ۽ امداد بلوچ جي دعوت تي آئون باءِ ايئر دبئي ويس .... يعني ان دبئيءَ کي اٽڪل چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد ڏسڻ ويس جيڪا آخري دفعو مون ۶۹-۱۹۶۸ع ڌاري ڏٺي هئي. ٻين ڳالهين ۽ تاثرن جو احوال ٻئي هنڌ .... نون ماڻهن سان ملڻ ۽ عمارتن جي ڏسڻ جو احوال پڻ ٻئي هنڌ ڪبو .... هتي فقط انهن ٻن پراڻن ماڻهن مان هڪ جو احوال ڪندس جن مونکي دبئيءَ ۾ ڳولي لڌو .... جن سان منهنجي ۴۵ سال اڳ دبئي ۾ ملاقات ٿي هئي .... هڪ مورج منگھناڻي جنهن جو تن ڏينهن ۾ دبئي ۾ ننڍڙو دڪان هو. اليڪٽرسٽي عام نه هجڻ ڪري هن جي ننڍڙي آفيس ۾ رکيل ريفريجريٽر گاسليٽ تي هلندو هو. هن اها فرج ڪجهه سال اڳ عدن مان گهرائي هئي. يمن جيڪو اڄ ڪلهه قنبر، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن جهڙو ڀڙڀانگ، جھيڙن فسادن ۽ اغوائن  جي  وارداتن جي علامت آهي اهو ۱۹۶۰ع واري ڏهي کان اڳ تائين خوشحال ملڪ هو جنهن جي بندرگاهه عدن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اڄ وارا سنگاپور، بئنڪاڪ، ڪوالالمپور (پورٽ ڪلانگ) جهڙا بندرگاهه انهن ڏينهن ۾ ڪجهه به نه هئا. بس سمجهو ته سنڌ جا هالا پراڻا، درٻيلو، مورو ڪنڊيارو هئا. اسان جي ايشيا ۾ عدن، شنگھائي ۽ ڪولمبو بندرگاهن جي ايڏي ته هاڪ هئي جو يورپ جا سياح اهي بندرگاهه ڏسڻ جون سڌون ڪندا هئا. اهو به لکندو هلان ته انگريز راڄ ۾ عدن به سنڌ وانگر هڪ وڏو عرصو ”بمبئي پريزيڊنسي“ سان لاڳاپيل رهيو جيئن سنگاپور ”مدراس پريزيڊنسي“ سان هو.
مورج منگھناڻي اڄ دبئي جي اتم درجي جي امير واپاري ماڻهن مان آهي جنهن جو ڪاروبار سڄي دنيا سان هلي ٿو. مورج ۽ سندس ريفريجريٽر سندس واپار ۽ سندس ڪمپني جي مئنيجر _ سنڌي ۽ انگريزي جي اديب رام بخشاڻي وغيره جو احوال به ٻئي هنڌ ڪنداسين. هتي فقط سڪرنڊ تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”گولو ڏاهري“ جي همراهه حاجي ڪوري (سڄو نالو: حاجي الهه بچايو ڪوري) جو ڪجهه احوال ڪنداسين .... خاص ڪري سندس پيرين پنڌ حج جو.
حاجي ڪوريءَ سان منهنجي جڏهن ۱۹۶۸ع ۾ پهريون دفعو دبئي ۾ ملاقات ٿي ته هو مونکي با اخلاق، محنتي ۽ انسان ذات جو خيال رکڻ وارو ۽ غربت ۾ به صبر ۽ رب پاڪ جو شڪر ڪرڻ وارو لڳو. ان وقت هو ويهن سالن جو نوجوان هو. يعني مونکان ٽي چار سال ننڍو هو. هن کي مٽيءَ مان رانديڪا ۽ پني مان ڦرموٽيون ٺاهڻ آيون ٿي  جن کي هڙ ۾ کڻي پيرين پنڌ عربن جي پاڙن ۾ هوڪا ڏئي عربن جي ٻارن کي وڪڻي پيٽ گذر ڪيو ٿي. هن شخص محنت ۽ فقط محنت سان پنهنجي قسمت ٺاهي. هن پورهيا ڪيا ۽ دبئي جي ترقي سان گڏ هو پنهنجو ڪاروبار به وڌائيندو ويو. هاڻ جڏهن دبئي ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ته هو ۶۴ سالن جو ڪراڙو ٿي چڪو هو ۽  ”نجود جنرل ٽريڊنگ ڪمپني“ جو مالڪ هو. سندس آفيس دبئي شهر جي وچ ۾ هئي جيئن سمجھو ته ڪراچي جوصدر يا بولٽن مارڪيٽ وارو اهم علائقو آهي. سندس ڪم ۾ سندس ڀاءُ مبين ڪوريءَ ۽ ننڍي پٽ پيار علي مدد ڪئي ٿي.
جيڪي ماڻهو سڪرنڊ ۾ رهن ٿا يا سڪرنڊ مان لنگهن ٿا اهي حاجي ڪوريءَ جي ٺهرايل شادي هال کان ضرور واقف هوندا جيڪو هن وفات کان ڪجهه سال اڳ ٺهرايو. سندس وفات گذريل سال ٿي آهي. حيدر آباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ سندس گهر ”ڪوري هائوس“ جو مين روڊ تي لڳل بورد به اتان لنگهندڙ ڏسندا هوندا. سندس وڏو پٽ احمد علي ان ۾ رهي پنهنجي زمينن ۽ ٻئي ڪاروبار جي سار سنڀال لهي ٿو.
” ماڻهو توکي حاجي ڇو ٿا سڏين؟“ مون کانئس پهرين ملاقات ۾ ئي پڏيو هو.

”ان ڪري جو مون حج ڪيو آهي.“ هن کلندي چيو. پوءِ هن پنهنجي حج جي ڪهاڻي ٻڌائي جنهن دراصل سندس حالتن ۾ موڙ آندو ۽ کيس دبئيءَ کان آڻي ڪڍيو. 

No comments:

Post a Comment