Sunday, October 02, 2011

ممبئيءَ جون جهونيون سئنيمائون - الطاف شيخ


ممبئيءَ جون جهونيون سئنيمائون
 الطاف شيخ
ممبئي گهمڻ لاءِ ايندڙن کي آئون فورٽ واري علائقي جو چڪر هڻڻ جي صلاح ڏيندس. توهان خريداري يا چڪر لاءِ ڪراچي يا حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ وڃو ٿا، پر بولٽن مارڪيٽ ۽ ان جي آس پاس واري علائقي کوڙي گارڊن، موٽڻ داس مارڪيٽ، جوڙيا بازار وغيره، يا ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صدر واري علائقي جو مزو ئي پنهنجو آهي. اتي توهان کي ڪيترن ئي وڏن دڪانن کان علاوه ننڍا دڪان نظر ايندا، فوٽ پاٿ تي شيون رکي وڪڻڻ وارا نظر ايندا، مختلف کاڌن پيتن جون ريسٽورنٽون ۽ ريڙها ملندا ۽ هر شيءِ جي ورائٽي ۽ گهڻائي نظر ايندي ۽ اگهه به مناسب ملندو. ان کان علاوه مختلف ماڻهن- مردن توڙي عورتن جي پيهه پيهان هوندي. انگريزن جي ڏينهن جون ڪيتريون ئي جهونيون ۽ تاريخي عمارتون ايمپريس مارڪيٽ ۽ ڊينسو هال کان پارسين جو مندر ۽ عيسائين جو گرجا گهر نظر ايندو. اهو ئي حال ممبئي جي فورٽ واري علائقي جو آهي، جتي نه فقط انڊيا جي مختلف رياستن ۽ مختلف قومن جا ماڻهو ۽ سندن لباس نظر ايندا، پر دنيا جي مختلف ملڪن جا ٽوئرسٽ پڻ ملندا. تاريخ ۽ عمارتسازي جي خيال کان ته ڪيتريون ئي عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. ظاهر آهي ڪراچيءَ ۾ ته انگريزن جو فقط هڪ سؤ سال کن اثر رهيو سو به پاسرائتو، هيڏانهن ممبئي (بمبئي) ته سندن ٽي سؤ سالن کان ڳڙهه هو.
 
ممبئيءَ ۾ رهائش دوران منهنجو ٽي چار دفعا هن علائقي فورٽ ۽ ان جي آسي پاسي اچڻ ٿيو ۽ هن علائقي ۾ گهمڻ ڦرڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. ڪراچيءَ ۾ به مون کي بولٽن مارڪيٽ ۽ ان جي آس پاس وارين گهٽين ۾ اڄ به چڪر هڻندي مزو ايندو آهي. پراڻا سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب هتان وٺندو آهيان. انجنيئر جي حيثيت ۾ گهر جي ڪم ڪار لاءِ مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل اوزار (Tools) هتان خريد ڪندو آهيان، ويندي ماني به هتي کائيندو آهيان، ڪڏهن گاڏي ۾ دال ڀت رکي وڪڻڻ واري وٽ، ڪڏهن مڇي فراءِ ڪرڻ واري وٽ يا وري هن علائقي جي سنڌي هندوءَ جي هوٽل ’تاج ريسٽورنٽ‘ ۾ دال يا ڀاڄي ماني کائيندو آهيان. جيڪو دال کي ”ڪنواري مرغي“ سڏيندو آهي. اهڙي ئي هڪ ريسٽورنٽ ڪالباديوي روڊ تي، شري ناٿ جي چوڪ وٽ ”سنڌي هندو“ نالي آهي.
ڪالباديوي فورٽ واري علائقي ۾ ئي اچي ٿو. ڪالباديوي (Kalbadevi) ممبئي جي جهوني بستي آهي، جنهن جو نالو هندو ديويءَ تان پيو آهي. هيءُ علائقو ڪراچيءَ جي جوڙيا بازار ۽ موٽڻ داس مارڪيٽ وانگر خريد و فروخت لاءِ مشهور آهي ۽ رش اور ۾ هلڻ ڏکيو ٿيو پوي. هتي واچن، سائيڪلن، ڪِچن جي ٿانون جهڙين شين جو وڪرو عام نظر اچي ٿو. هي علائقو CST ريلوي اسٽيشن، مسجد بندر ۽ مئرين لائين ريلوي اسٽيشن کان سڏ پنڌ تي آهي.
ڪالباديوي روڊ ميٽرو سئنيما کان شروع ٿي بليشور روڊ تي ختم ٿئي ٿو. ميٽرو سئنيما ممبئي جي پراڻين سئنيمائن مان آهي ۽ هيءُ علائقو ممبئيءَ جو پراڻو هجڻ ڪري اهڙين سئنيمائن کان هر هڪ واقف آهي، جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ لائيٽ هائوس سئنيما يا صدر ۾ ڪئپٽل سئنيما آهي، بلڪ ڪنهن زماني ۾ هيون. کين ڊٺي به ويھارو سالن کان مٿي ٿي چڪو آھي. انهن جي جاءِ تي هاڻ شاپنگ سينٽر ۽ آفيسن جون گهڻ-ماڙ عمارتون آهن، پر تڏهن به اسان جا همعمر ۽ همعصر صدر يا KMC آفيس جي ڀرسان لنڊا بازار وڃڻو هوندو اٿن ته انهن سئنيمائن جا نالا کڻندا آهن. حيدرآباد جي به جهوني علائقي صدر ۾ نيو مئجسٽڪ سئنيما مشهور آهي ۽ اڃا آهي. ننڍي هوندي اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان موڪل ملڻ تي ان سئنيما ۾ انگريزي فلمون ڏسڻ ايندا هئاسين. اڄ به جهڙو ان سئنيما گهر اڳيان منهنجا پيٽارو جا ساٿي خيرپور جو شوڪت جماڻي، انبن جو شهنشاهه رفيع ڪاڇيلو، سئي گئس وارو سراج شيخ، ڏندن جو ڊاڪٽر رضا شيخ، ٽنڊو قيصر جو زميندار رئيس نور احمد، فيڊرل منسٽر لياقت جتوئي ۽ ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، واپڊا جو چيف انجنيئر مرزا بشير چاند ۽ ٻيا ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ دري اڳيان بيٺا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو، جيتوڻيڪ اسان سڀ ڪڏهوڪو سٺ به ٽپي ويا آهيون. ڪي ته هي جهان به ڇڏي ويا آهن.
بهرحال پاڻ ممبئي جي ميٽرو سئنيما جي ڳالهه پئي ڪئي جيڪا ممبئي جي پراڻي علائقي فورٽ ۾ واسديو بلونت ڦاڙڪي (Phadke) چوڪ وٽ آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ هي چوڪ ميٽرو جنڪشن چوڪ سڏبو هو. هن چوڪ وٽ ٽي چار اهم رستا اچيو ٿا لڳن، جهڙوڪ:
·         آنند لعل پودر مارگ (هتي رستي کي Marg به سڏين)
·         جڳن ناٿ شنڪر سيٺ مارگ.
·         ڪالباديوي روڊ.
·         لوڪ مانيا تلڪ روڊ.
·         مهاتما گانڌي روڊ. هن روڊ جو انگريزن جي ڏينهن ۾ اسپلانڊي روڊ نالو هو ۽ اڃا به Esplande سڏجي ٿو، جيئن ايم. اي جناح روڊ کي اڃا تائين ڪيترا سندس پراڻي نالي بندر روڊ سان سڏين ٿا ۽ ڇهون رستو.
·         مها پالڪا روڊ آهي.
هن پراڻي علائقي جون انگريزن جي ڏينهن واريون ٻه ٽي ٻيون سئنيمائون به مشهور آهن جيئن ته:
§        ايڊورڊ سئنيما جيڪا ميٽرو سئنيما جي ويجهو ئي آهي ۽ ڪالبا ديوي روڊ تي آهي.
§        لبرٽي سئنيما به اتي ميٽرو سئنيما وٽ آهي.
ميٽرو سئنيما دراصل واسديو بلونت چوڪ وٽ، آنند لعل پودر روڊ جي شروعات واري حصي تي آهي. اهو روڊ الهندي ڏي ڪلوميٽر کن جي فاصلي تي مئرين ڊرائيو سان وڃي ملي ٿو. مئرين ڊرائيو ممبئي جو سامونڊي ڪنارو آهي، ائين جيئن اسان جو ڪلفٽن وارو سامونڊي ڪنارو آهي. جيڪو Sea View سڏجي ٿو ۽ سمجهو، ته مئڪڊونالڊ ۽ KFC کان اڳيان وليج ريسٽورنٽ تائين هليو وڃي ٿو ۽ هي آنند لعل پودر روڊ (جيڪو انگريزن جي راڄ ۾ فرسٽ مئرين اسٽريٽ سڏبو هو) ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ خيابانِ شمشير جيڪو سعودي قونصل خاني کان شروع ٿي اچي سمنڊ جي ڪناري (سي ويو) تي ٺهيل ريسٽورنٽ مئڪڊونالڊ سان لڳي ٿو. يا کڻي چئجي ته خيابانِ اتحاد جيڪو روڊ پڻ سي ويو ۾ سمنڊ تائين اچي ٿو، پر وليج ريسٽورنٽ واري پاسي پهچي ٿو. ممبئي جو هي مٿيون روڊ آنند لعل پودر روڊ الهندي طرف سمنڊ تائين پهچڻ کان اڳ ئي ان تان هڪ روڊ ڏکڻ ڏي وڃي ٿو، جنهن جو نالو ’سر وٺلداس ٺاڪرداسي روڊ‘ آهي. لبرٽي سئنيما هن روڊ تي آهي. هن روڊ جو اصل نالو ’نيو مئرين روڊ‘ هو، اتي ئي ”سنڌ پنجاب ريسٽورنٽ“ ۽ بمبئي نرسنگ اسڪول آهي. ’سر وٺلداس ٺاڪرداسي روڊ‘ ۽ ان جي Parallel هلندڙ مهارشي ڪاروِ روڊ  (جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪئينس روڊ سڏبو هو. جيئن ڪراچي جو مولوي تميزالدين خان روڊ پڻ Queens روڊ سڏبو هو.) اهي ٻئي روڊ هيٺ ڏکڻ ۾ جنهن چوڪ سان وڃيو ٿا ملن ان جو نالو اهليا بائي هولڪر چوڪ آهي، جتي هڪ ٻي پراڻي انگريزن جي ڏينهن جي Eros سئنيما آهي.
جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور وٽ هڪ اتانهين ۽ نمايان عمارت ”قمر هائوس“ نالي مشهور آهي. تيئن هتي ايروز سئنيما وٽ پودر هائوس، اسٽيڊيم هائوس ۽ هڪ هندو سنڌين جي بلڊنگ واسواڻي مئنشن مشهور آهي. انهيءَ پسگردائي ۾ جئه هند ڪاليج، گورنمينٽ لا ڪاليج، انڊيا ٽوئرسٽ آفيس آهي. هتي انگريزن جي ڏينهن جون پراڻيون نامور ريسٽورنٽون پڻ آهن، جهڙوڪ ائسٽوريا، رٽز، سي گرين وغيره. حيدرآباد ۾ به ان قسم جي هڪ رٽز هوٽل صدر ۾ جنرل پوسٽ آفيس ڀرسان هوندي هئي. انگريز ته هليا ويا، پر انهن جو Tradition قائم رکڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ وارا اسان جا ديسي ان ۾ انگريزن وانگر شراب جو شوق پورو ڪرڻ ويندا هئا. هڪ ٻي هوٽل به ياد اٿم جيڪا شمس سئنيما وٽ ونڊسر نالي هوندي هئي، جتي پڻ حيدرآباد جا ڪامورا، وڏيرا، بزنيس مين شام توڙي صبح جون گهڙيون جوا کيڏندي ۽ وسڪيءَ جون چسڪيون ڀريندي فخر محسوس ڪندا هئا. پر هاڻ وڏو عرصو ٿيو ته ان قسم جون هوٽلون پاڪستان جي شهرن ۾ بند ٿي ويون آهن. شايد ان سال کان جڏهن پاڪستان ۾ سرڪاري طرح شراب تي بندش وڌي وئي. پر انڊيا ۾ ان قسم جون ڪيتريون ئي آڳاٽيون ۽ تاريخي هوٽلون، ريسٽورنٽون ۽ سئنيمائون قائم آهن ۽ شهر جا نوجوان توڙي جهوني جڳ جا پارسي، عيسائي، هندو بزنيس مين ۽ رٽائرڊ ڪامورا پنهنجيون فرصت جون گهڙيون گهارڻ لاءِ انهن عمارت ڏي هڪ خاص ٽور سان ٽهلندي نظر اچن ٿا. اهو ساڳيو اسٽائيل مون ممباسا، نئروبي، سنگاپور ۾ به ڏٺو آهي. هيءُ پوڙها يا جوان، جي پئسو ۽ صحت خراب ڪن ٿا، پر ٻئي ڪنھن جو سک نٿا ڦٽائين. ڪو ڦڏو فساد ته نٿا ڪن. بهرحال ممبئي جي سيان، کار، دادر، سئنٽا ڪروز ۽ ورلي جي گوڙ شور کان هن علائقي ۾ ڪافي سڪون آهي ۽ جي اڃا ٿورو اڳيان ڏکڻ ۾ مادام ڪاما روڊ کان هيٺ سمنڊ جي ڪناري تائين هي علائقو جيڪو ناريمن پوائنٽ سڏجي ٿو، اڃا به وڌيڪ پرسڪون ۽ سانت وارو آهي. حڪومت به هن کي وڌيڪ ماٺ وارو علائقو بنائڻ لاءِ آٽو رڪشا يا ٻين گوڙ گهمسان وارين گاڏين کي هتي اچڻ کان بندش هڻي ڇڏي آهي. توهان هتي ٽئڪسي ۾ اچي سگهو ٿا يا وڏي وقفي بعد هلندڙ بس ۾.
هونئن اهليا بائي چوڪ تائين پهچڻ لاءِ بهترين طريقو ٽرين رستي آهي، جنهن جو آخري اسٽاپ ”چرچ گيٽ“ هن چوراهي وٽ آهي، جتي وري ناريمن روڊ ۽ ايروز سئنيما آهن. هيءَ لوڪل ٽرين اتر کان مالاد، گوريگائون، جوگيشوري، انڌيري، ويلي پاريل، سئنٽا ڪروز، کار، باندرا، ماهيم، مٽونگا، دادر، مهالڪشمي، ممبئي سينٽرل، گرانٽ روڊ جهڙين اسٽيشنن تان ٿيندي ممبئيءَ جو سڄو شهر لتاڙيندي، پڇاڙيءَ ۾ هن آخري اسٽيشن ”چرچ گيٽ“ تي پهچي ٿي.

No comments:

Post a Comment