Saturday, October 15, 2011

ممبئيءَ ۾ هيمون ڪالاڻي روڊ - الطاف شيخ


ممبئيءَ ۾ هيمون ڪالاڻي روڊ
الطاف شيخ
ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ سان ڊرائيور ڪنهن روڊ جو نالو وٺي چيو ته اتي هن وقت ٽرئفڪ جام آهي، ان ڪري ٻئي ڪنهن روڊ تان هلان؟
مون رعب سان هائوڪار ته ڪئي پر دل ۾ سوچيم ته؛ ”ڀائو اجهو ٿي پنجن منٽن ۾ خبر پوئي ته آئون نه فقط ممبئي ۾ ڌاريو آهيان پر تنهنجي ملڪ ۾ به ڌاريو آهيان. سو تون مون کي ٻڌائڻ بنا ئي غلط سلط رستن تان وٺي ويندين ته به مون کي خبر نه پوندي.“ ممبئيءَ ۾ هي منهنجو پهريون ڏينهن هو جو آئون CST اسٽيشن کان ممبئي يونيورسٽي (سئنٽا ڪروز) وڃي رهيو هوس. ريلوي اسٽيشن وٽان ٽئڪسي ۾ ويهڻ ڪري ٿي سگهي ٿو ڊرائيور سمجهيو هجي ته آئون دهلي، آگري، ميسور، حيدرآباد دکن يا گجرات جي شهرن احمد آباد يا بڙودا مان ممبئي آيو هجان، جو ڊرائيور منهنجي اردو (هندي) جي لهجي مان مون کي گجراتي سمجهيو جو هڪ هنڌ پڇيو ،”آپ گجراتي هين؟“ کانئس پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته هو مرهٺو آهي پر ماءُ ڪوڪني اٿس. بهرحال مون وارو هي ٽئڪسي ڊرائيور خوش هو جو هن کي گهران نڪرندي پهرين ئي سواري وڏي فاصلي واري ملي وئي هئي.


ممبئي جي ڏاکڻي حصي يعني فورٽ ۽ مهاتما چونڪ کان (جنهن جي ويجهو ممبئي جون آخري اسٽيشنون چرچ گيٽ ۽ CST آهن) ڪرلا ۽ سانٽا ڪروز (جنهن جي ڀرسان ممبئي يونيورسٽي آهي)، ائين آهن جيئن ڪياماڙيءَ کان سرجاڻي ٽائون. هونءَ عام حالتن ۾ ممبئي جو رهاڪو ايڏي وڏي مفاصلي لاءِ ٽئڪسي نه ڪندو آهي. جو ممبئي ۾ بس ۽ ٽرين جو سفر بيحد سستو ۽ تيز رفتار آهي، پر مون سان گڏ منهنجي بئگ به هئي ۽ هي پهريون دفعو هو جو آئون ممبئي يونيورسٽي وڃي رهيو هوس. هڪ دفعو پهچڻ بعد، ٻئي ڏينهن کان، هن عمر ۾ به آئون اهڙو سمارٽ ٿي پيس، جو ممبئي يونيورسٽي جي گيٽ کان ڀر واري ريلوي اسٽيشنن ڪُرلا يا سانٽا ڪروز ايسٽ جي ريلوي اسٽيشن تائين فقط سواريءَ ۾ آيس ٿي، سو به آٽو (رڪشا) ۾ ۽ پوءِ ممبئي جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڇهه روپيا ڏئي ريل ۾ سفر پئي ڪيم.
ڪرلا مان هلندڙ ٽرين سيان، ماتونگا، دادر، پاريل ڪَري روڊ، چنچ پوڪلي، باڪلا، سئنڊرسٽ روڊ ۽ مسجد ريلوي اسٽيشن تان ٿيندي آخري اسٽيشن CST (ڇترا پتي شيوا جي ٽرمينل اسٽيشن) تي آئي ٿي. ڪا ڪا ٽرين اها روٽ وٺڻ بدران ڪرلا کان پوءِ چونا ڀٽي، وادالا، سيان، ڪاٽن گرين، ريئي روڊ ۽ ڊاڪيارڊ روڊ ريلوي اسٽيشن تان ٿي، پوءِ سئنڊرسٽ روڊ ۽ مسجد روڊ ريلوي اسٽيشن تان ٿي CST اسٽيشن تي ڇوڙ  اچي ٿي ڪيو.
ڪڏهن ڪڏهن گوري گائون يا انڌيري (جتي پروفيسر ٻلديو رهيو ٿي) وڃڻو پيو ٿي، ته پوءِ رڪشا ۾ چڙهي سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن آيس ٿي، جتان اتر ۾ اهي ريلوي اسٽيشنون آهن. سانٽا ڪروز اسٽيشن تان ممبئي جي ڏاکڻي حصي ڏي به ريل هلي ٿي ۽ سانٽا ڪروز بعد کار (جتي جئه موتياڻيءَ جو گهر ۽ آفيس آهي)، باندرا، ماهيم، ماتونگا، دادر، پاريل، لڪشمي، ممبئي سينٽرل، گرانٽ روڊ ۽ مئرين لائين ريلوي اسٽيشن تان ٿي گاڏي هن لائين جي آخري ريلوي اسٽيشن چرچ گيٽ تي اچي دنگ ڪيو ٿي. چرچ گيٽ ۽ CST اسٽيشنون ڪي پري ناهن. ٻنهي جي وچ ۾ بس هلي ٿي، ماڻهو پنڌ به ڪري سگهي ٿو. پر اڄ پهرئين ڏينهن تي ٽئڪسيءَ ۾ سڄي ممبئي جو سير ڪري رهيو هوس. هڪ ٻن هنڌن تي ٽئڪسي بيهاري ڪن خاص، بلڊنگن اڳيان بيهي ڊرائيور کي ڪئميرا ڏنم ته منهنجو فوٽو ڪڍ. ممبئي جون ڪي ڪي ڊي جي ڪاليج ۽ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جهڙيون جهونيون ۽ خوبصورت عمارتون ڏسي دل ته چيو ٿي، ته ان پهرئين ڏينهن ئي سڀني عمارتن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرايان، پر ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس WRIC مان پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جو بار بار فون اچي رهيو هو ته هاڻي ڪٿي پهتو آهيان؟ ۽ هاڻ؟... اڃا اتي ئي آهيو!... لڳي ٿو ته ٽئڪسي ڊرائيور توهان کي نئون سمجهي ساڳين رستن تي پيو ڦيرائي...
ٻلديو کي ڪهڙي خبر ته آئون رستن تي فوٽو ڪڍائيندو پيو اچان. ڊاڪٽر ٻلديو يونيورسٽي جي هن گيسٽ هائوس ۾ منهنجي لاءِ هفتو کن اڳ ڪمرو بڪ ڪرائي ڇڏيو هو ۽ اڄ صبح ساڻ مون کي اهو به ٻڌائي ڇڏيو هو ته منهنجي ڪمري جو نمبر چوٿون آهي ۽ رسيپشن تي فلاڻي نالي وارو ڪلارڪ آهي، جنهن کان چاٻي ملي ويندي. ان هوندي به پاڻ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. شام جا پنج کن ٿي رهيا هئا.
”سائين ٻلديو! توهان ڪمال ٿا ڪريو،“ مون ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي کي چيو، ”توهان ڀلي گهر هليا وڃو. پاڻ سڀاڻي ملنداسون.“
”نه سائين ائين وري ڪيئن ٿيندو،“ مٽلاڻيءَ وراڻيو، ”ڀلي آڌي رات ٿي وڃي. توهان جهڙو معزز مهمان اچي ۽ ميزبان هجي ئي نه. توهان سان ملي پوءِ ويندس.“
دل ۾ مون چيو ته هي شريف ماڻهو مون کي الائي ڇا ڇا سمجهيو ويٺو آهي. هو مون کي هڪ ليکڪ، وڏي عهدي وارو انجنيئر (رٽائرڊ ئي سهي) ۽ پروفيسر ته ضرور سمجهي رهيو آهي، پر هن کي شايد اها خبر ناهي ته آئون هڪ Sailor جهازران (يعني (Seafarer به آهيان جنهن جو ڪم ڌڪا کائڻ آهي، جيڪو تڪلف مان ڄاڻي ئي ڪو نه ٿو. هو نه پاڻ مجنون ٿيڻ چاهي ٿو ۽ نه ٻئي کي ليلا بڻجي پيش ٿيڻ لاءِ چوي ٿو.
بهرحال وڌيڪ فوٽن ڪڍڻ جو پروگرام ختم ڪري ڊرائيور کي باقي فاصلو طئي ڪري سڌو ممبئي يونيورسٽي هلي ساهه پٽڻ لاءِ چيم. ان بعد فوٽن ڪڍڻ بدران ٽئڪسي ۾ ويٺي ويٺي اهم شين جا نالا چوپڙي جي هڪ صفحي تي ضرور لکندو ويس. هلڻ وقت شروع ۾ هڪ اهڙو علائقو آيو جنهن لاءِ ڊرائيور ٻڌايو ته اهو علائقو ڌوٻي تلاءَ“ سڏجي ٿو. پوني ۾ به هڪ ڌوٻي گهاٽ هو ۽ ڪراچيءَ ۾ به چاڪيواڙي پاسي کان شير شاهه ڏي وڃجي ٿو ته ٻڪرا پڙي ۽ ڌوٻي گهاٽ اچن ٿا. سنگاپور ۾ به هڪ علائقو اڃا تائين ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو. انگريزن به اهڙا لفظ ٻڌي ٻڌي پنهنجي زبان ۾ ائين آڻي ڇڏيا آهن، جيئن اسان هنن جا انگريزي لفظ پنهنجا ڪري ڇڏيا آهن.
هڪ علائقي جو نالو دانا بندر پڙهي نوٽ ڪيم. اهڙي طرح مئز گائون، ڪيف ٽاور ۽ هڪ علائقي جو نالو سنڌونگر به پڙهيم. اهڙيءَ طرح اسان جي ٽئڪسي ڪَري روڊ، دادر ماتونگا، سيان مان ٿي ڪرلا پهتي جتان پوءِS.G. Barne Marg روڊ وٺي اچي يونيورسٽي جي مين گيٽ تي لاٿو. مٿيون روڊ اي. جي باروو روڊ جتان شروع ٿيو. ان جي ڀر واري روڊ جو نالو ”هيمو ڪالاڻي روڊ“ پڙهي مون کي حيرت به ٿي ته خوشي به ته هيمونءَ جو واسطو سنڌ سان آهي. سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪنهن اديب شاعر، صوفي، درويش يا سياسي ليڊر جو نالو ڌارئين ملڪ ۾ ڪنهن روڊ تي يا بلڊنگ وغيره تي ڏسي نه رڳو مون کي، پر مون ڏٺو آهي ته سنڌ سان واسطو رکندڙ منهنجن دوستن کي به خوشي ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آئون ان تي سوچيندو آهيان ته ائين ڇو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو ان ڪري آهي جو اسان جي قومي هيرن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڄاڻي واڻي وساريو ويو آهي. ڪراچي جي شهر جو مثال وٺو، جنهن ۾ هزارين روڊ آهن پر ڪيترا روڊ آهن جن تي سنڌي شخصيتن جا نالا رکيا ويا آهن؟ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جا نالا نظر ايندا جن مان ڪيترن کي سنڌ جا رهاڪو به نٿا سڃاڻن. صرف ڊفينس سوسائٽي ۾ ڏسندئو ته خيابان غازي، حافظ، جامي، مجاهد، بخاري کان وٺي خيابان سحر، اتحاد، جانباز ته رکيا ويا آهن پر آهي ڪو روڊ جنهن تي شاهه، سچل، هوشو، اياز، گدائي، نسيم کرل، استاد بخاري جهڙن مان ڪنهن هڪ جو به نالو رکيو ويو هجي! هڻي ڌڻي دين محمد وفائي ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ نالي تي روڊن جا نالا رکيا ويا آهن، پر اهي روڊ اهڙيون گهٽيون آهن جن کان اتي جو ڀر پاسي وارو به واقف نه هوندو. زيب النساءِ اسٽريٽ ته ٿي سگهي ٿي، پر ڪو خدا جو بندو اهو به ته ٻڌائي مارئي يا سسئي اسٽريٽ ڇو نٿي ٿي سگهي. ڪجهه ڪجهه اسان جي سياستدانن جو به ڏوهه آهي، جيڪي بنهه نٿا ڪڇن. بهرحال اهڙي تناظر ۾ جڏهن مون جهڙو ماڻهو پرديس ۾ پنهنجي ڪنهن ديس واسيءَ جي ڳالهه ٿو ٻڌي يا ڪٿي نالو ٿو پڙهي ته حيرت ۽ خوشي ٿي ٿئي. جيتوڻيڪ بقول سنڌ جي هڪ اديب، مفڪر ۽ پروفيسر اعجاز قريشيءَ جي هيمون ڪالاڻي جهڙا ماڻهو نه فقط اسان سنڌين جا هيرو آهن، پر سڄي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جا هيرو آهن، جن گڏيل هندستان جي مسلمانن، هندن، سکن، سنڌين، پنجابين، مرهٽن، بنگالين کي انگريزن جي غلاميءَ کان جان ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي سر جي قرباني ڏني.
هيمون (اصل نالو راهي هيمن) 11 مارچ 1924ع تي سکر جي شهر ۾ پسومل ڪالاڻي جي گهر ۾ ڄائو. گهر ڀاتي کيس پيار مان هيمون سڏيندا هئا. پاڻ تحريڪ آزادي جو سورهيه ۽ سچو سپاهي ٿي گذريو آهي. هن وطن جي آزاديءَ خاطر انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو ۽ 19 ورهين جي ڄمار ۾ ڦاهي کي چمي ڏئي پنهنجو سر ڏنو ۽ پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو.
هيمون ڪالاڻي، پرائمري تعليم لوڪمانيه تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتو ته هن سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهو 1941ع وارو زمانو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ انگريزن خلاف نفرت جا مچ پئي ٻريا. هيمونءَ پنهنجي ساٿين سان گڏ دادا ٿانورداس گدومل جي اڳواڻيءَ هيٺ برٽش حڪومت جي ظالم سماج خلاف بغاوت شروع ڪئي. 23 آڪٽوبر 1941ع تي هيمونءَ کي خبر پئي ته انگريز فوج سان ڀريل هڪ ريل گاڏي جنهن ۾ بارود پڻ رکيل آهي، سا روهڙي سکر کان ٿيندي ڪوئيٽا وڃڻ واري آهي، جنهن وسيلي سرحد ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي ڪچليو ويندو. هيمونءَ پنهنجن ساٿين سان پروگرام ٺاهيو ته ريل جا پٽا اکيڙي ريل کي ڪيرايو وڃي. مقرر وقت تي جڏهن هيمون ۽ ان جا ساٿي اهو ڪم ڪري رهيا هئا ته هڪ پوليس واري جي مٿن نظر پئجي وئي. هيمونءَ جا ساٿي ته ڀڄي ويا پر هيمون جهلجي پيو. گرفتار ٿيڻ کانپوءِ 22 ڏينهن پوليس مٿس طرح طرح جا ظلم ۽ سختيون ڪيون پر هيمون ڪجهه نه ڪڇيو. آخر انگريزن ان ڏوهه ۾ مٿس ڪيس هلايو، جيڪو چوڏهن مهينا هلندو رهيو. انگريزن گهڻو ئي چاهيو ته هي فقط پڇتاءُ ڪري ۽ معافي وٺي ته ڇڏي ڏينس پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. سندس ڪيس سکر مارشل لا ڪورٽ ۾ هليو، جتان جنم ٽيپ جو فيصلو ڪري حيدرآباد جي فوجي ڪمانڊر آفيسر ڪرنل رچرڊسن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن ان سزا کي موت جي سزا ۾ بدلائي ڇڏيو. سنڌ جي اعليٰ سماجي ۽ سياسي شخصيتن هن نوجوان جي جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ هيمون کي منٿون ڪندا رهيا ته هو رحم جي اپيل تي صحيح ڪري، پر هن رحم جي اپيل ڪرڻ بدران عزت جي موت کي ترجيح ڏني. 21 جنوري 1943ع جي صبح جو اسر مهل کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.
هيمون شيخ اياز جو همعصر چئي سگهجي ٿو. شيخ اياز هيمون جي جنم کان پورو هڪ سال اڳ مارچ 1923 تي شڪارپور ۾ ڄائو هو. ممبئي ۾ هجڻ دوران مون کي اها به خبر پئي ته هيمونءَ جي هڪ ڀيڻ جيڪا اڃا حيات آهي ممبئي ۾ ئي رهي ٿي.

No comments:

Post a Comment