Thursday, October 06, 2011

“ميرا رنگ دي بسنتي چولا” وارو شهيد - الطاف شيخ


“ميرا رنگ دي بسنتي چولا” وارو شهيد
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته ممبئي جو ڏاکڻو حصو جنهن ۾ فورٽ، ناريمن پوائنٽ ۽ ڪولابا وارا برٽش راڄ جا جهونا علائقا اچي وڃن ٿا، باقي ممبئي کان بلڪل مختلف آهي. هتي توهان کي سئنٽا ڪروز، انڌيري، کار، سيان، دادر ۽ ڌروي وارو گوڙ شور، ٽرئفڪ،  ماڻهن جي پيهه پيهان،  پيٽرول، ڊيزل، رستن تي ڪيل ماڻهن جي مُٽَ ۽ ڍڳين جي ڇيڻن جي ڌپ نه ملندي، پر خاموشي ڪري هتي توهان کي فٽ پاٿ تان هلندي مٿي وڻن تي ويٺل پکين جون لاتون به ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪنهن گهر اڳيان تازي ڪٽيل ڇٻر جي سڳنڌ به ايندي.هتي توهان کي ڪوبه جلدي ۾ نظر نه ايندو. ڪن ڪن گهٽين مان لنگهندڙ پوڙهي پارسي جوڙي کي يا اسڪرٽ ۾ ملبوس ڪرسچن ڇوڪريءَ کي پنهنجي بواءِ فرينڊ سان هٿ هٿ ۾ ملائي هلندو ڏسي مون کي سٺ جي ڏهائيءَ وارو ڪراچي جو صدر ۽ ڪلفٽن ياد آيو ٿي  يا وري هانگ ڪانگ ٻيٽ جو وڪٽوريا هِل (پهاڙي) وارو ۽ لورينزو مارڪس (جيڪو اڃا ’مپوتو‘ نه ٿيو هو) ان جو پارڪ لين جو علائقو 1970ع يا ان کان اڳ وارن سالن جو ياد آيو ٿي. جڏهن نه هانگ ڪانگ کي انگريزن ۽ نه اڃان آفريڪي ملڪ موزمبيق کي پورچوگالين آزادي ڏني هئي. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ انگريز، لارينزو مارڪس (موپوتو) ۽ لئانڊا ۾ پورچوگالي ۽ بيروت ۾ فرينچ، جنهن سڪون سان پنهنجين مخصوص ريسٽورنٽن ۽ بار هائوسن ۾ اندر يا ٻاهر فٽ پاٿ تي رکيل ڪرسين تي ويهي ڪاري ڪافي يا ٿڌي بيئر جون چسڪيون ڀريندا هئا، اڄ به هن ڏکڻ ممبئي جي انگريز دور جي ڪيفي موديگار (Mondegar)، ڪيفي ليو پولڊ (Leopold)، نيو مارنٽي بار جهڙين هوٽلن ۾ هندستان جا امير واپاري، رٽائرڊ سرڪاري ڪامورا ۽ فوجي جرنيل زندگيءَ جون پرسڪون گهڙيون گذارين ٿا.
 
ممبئيءَ ۾ رهائش دوران منهنجو جڏهن به ريل ۾ سفر ٿيو ٿي، ته ڪڏهن انڌيري ۾ ته ڪڏهن باندرا يا کار مان چڪر هڻي CST ريلوي اسٽيشن پهچي ويس ٿي، جتان ٽئڪسي ذريعي گيٽ وي آف انڊيا يا تاج هوٽل طرف هليو ويس ٿي،  جيڪي ممبئي جي بلڪل ڏکڻ ۾ آهن. جيئن ڪراچي ۾ ڪياماڙي بلڪل ڏکڻ ۾ آهي، جنهن بعد چوڌاري سمنڊ آهي. ممبئي جو ڪولابا يا ناريمن پوائنٽ به اتي ئي ڏکڻ ۾ آهي. هن علائقي ۾ ٽي چار اهڙا اهم ۽ ويڪرا رستا آهن جن تان هر وقت لنگهه ٿئي ٿو. مهاتما گانڌي روڊ، داد ڀائي نورو جي روڊ، مهارشي ڪاروو(Karve)  روڊ، نيتاجي سڀاش چندرا روڊ ۽ هڪ ٻيو روڊ جيڪو مهاتما گانڌي روڊ جي ئي مقابلي جو ڊگهو ۽ ويڪرو آهي، ڊاڪيارڊ ريلوي اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿو ۽ مسجد روڊ ۽ CST ريلوي اسٽيشنن وٽان ٿيندو ناريمن سرڪل (چوراهي) تائين اچي ٿو. جتان پوءِ وڌيڪ ڏکڻ ۾ “شياما پرساد مکرجي چوڪ” وٽ اچيو ٿو دنگ ڪري. هي روڊ انگريزن جي راڄ ۾ پي. ڊي ميلو روڊ سڏبو هو، پر انگريزن کان خودمختياري ملڻ بعد هن جو نالو شهيد ڀڳت سنگهه روڊ رکيو ويو آهي. شهيد جي انگريزي اسپيلنگ Shahid لکيل هجڻ ڪري آئون هن روڊ جو نالو شاهد ڀڳت روڊ پڙهندو رهيس پر پوءِ خبر پيئي ته هي لفظ ’شهيد‘ آهي يعني هي روڊ ڀڳت سنگهه نالي شهيد همراهه سان منسوب ٿيل آهي. ٻن ٽن ٽئڪسي ڊرائيورن ۽ دڪاندارن کان هن شخص نالي پڇيم جنهن جي ياد ۾ ممبئي جي هن سهڻي علائقي جو هي اهم رستو آهي. پر ڪنهن کان خبر نه پئي.
هڪ ڏينهن هن روڊ (شهيد ڀڳت روڊ) جي ليو پولڊ ڪيفي ۾ هڪ سک وڪيل ملي ويو. مون کي اڳئين محسوس ٿيو ته هي پڙهيل ڳڙهيل به آهي ته سک به آهي. پڪ ڀڳت سنگهه کان واقف هوندو جنهن جي نالي مان صاف ظاهر آهي ته اهو هڪ سک جو نالو ٿي سگهي ٿو. منهنجي پڇڻ تي سک وڪيل جواب ڏيڻ بدران سوال ڪيو:
“تسي پنجابي هو؟” مرهٺن جي ديس ۾ هن منهنجو ڊگهو قد ڏسي سمجهيو ته آئون ڪو لڌيانا وغيره جو پنجابي هندو آهيان.
“نه سرڪار،” مون وراڻيومانس، “آئون ته ٽوئرسٽ آهيان پاڪستان جو رهواسي آهيان.”
“پوءِ ان صورت ۾ ته پاڻ مون کي پڇڻ کپي ته شهيد ڀڳت سنگهه ڪير هو؟” سردار جي کلندي چيو. مون کي سندس چرچو يا ڳجهارت سمجهه ۾ نه آيو.
“ڇو ڀلا؟” مون پڇيو.
“ڏسو نه اهو ماڻهو جيڪو توهان جي ملڪ ۾ ڄائو، توهان جي ملڪ جي آزادي لاءِ وڙهندو رهيو ۽ توهان جي ملڪ ۾ زندگي گذاري اتي مئو، ان بابت ته توهان کي ئي معلومات هجڻ کپي.” سردارجيءَ چيو.
“چڱو ڀلا هڪ ڪافي ٿي وڃي.” مون سردار جي کي ڪرسي آفر ڪندي چيو.
“ضرور،” سک وڪيل ويهندي چيو، “پر منهنجي طرفان. تون اسان جو مهمان آهين.”
بهرحال وڪيل صاحب ٻڌايو، ته شهيد ڀڳت سنگهه هڪ انقلابي نوجوان سک هو، جنهن وطن جي آزادي لاءِ انگريز راڄ سان بغاوت ڪئي. ڀڳت سنگهه پاڪستان جي شهر لائلپور ۾ 1907ع ۾ ڄائو، انهن ڏينهن ۾ سکن جا ٻار بنيادي تعليم گهڻو ڪري لاهور جي “خالصا هاءِ اسڪول” مان وٺندا هئا، پر ڀڳت سنگهه کي سندس پيءُ سردار ڪشن سنگهه هڪ ويدڪ اسڪول (ديانند ائنگلو ويدڪ هاءِ اسڪول) ۾ داخل ڪرايو.
ڀڳت سنگهه 13 سالن جو مس ٿيو ته هن مهاتما گانڌيءَ جي Non Co-operation تحريڪ جي پوئواري شروع ڪئي. هن کلئي عام انگريزن جي هر ڳالهه سان نفرت جو اظهار ڪيو. ايتري قدر جو هن اسڪول جا انگريزي ڪتاب ۽ ولائتي ڪپڙا عام جلسي ۾ ساڙي ڇڏيا.
سک وڪيل ۽ پوءِ ممبئي يونيورسٽي جي نهرو لائبريري ۾ هن ڀڳت سنگهه بابت پڙهيم ته هن کي ادب ۽ شاعريءَ سان دلچسپي هئي. هن جو دلپسند شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال هو. تيرهن چوڏهن سالن جي عمر ۾ ڀڳت سنگهه نئشنل ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتي. انهن ئي ڏينهن ۾ مائٽن سندس شادي ڪرائڻ ٿي چاهي، پر هو ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي خلاف هو. نتيجي ۾ شادي کان ڀڄڻ ڪارڻ هن پڙهائي ڇڏي “نوجوان ڀارت سڀا” (Youth Society of India) آرگنائيزيشن جو وڃي ميمبر ٿيو. ان کان علاوه هو اهڙن سياستدانن، جوشيلن نوجوانن جا ٽولا Join ڪندو رهيو، جن کي انگريزن لاءِ سخت نفرت هئي ۽ هنن پنهنجو وطن آزاد ڪرائڻ چاهيو ٿي.
8 اپريل 1929ع تي ڀڳت سنگهه پنهنجي هڪ ساٿيءَ سان گڏ هلندڙ اسيمبلي دوران ان جي عمارت جي ورانڊي ۾ بم اڇلايو ۽ “انقلاب زنده باد” جا نعرا هنيا. هن ۾ ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿيو. ڀڳت سنگهه گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس قتل جي الزام ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.
جيل ۾ نظربندي وارن ڏينهن ۾ ڀڳت سنگهه ۽ ڪجهه ٻين قيدين پنهنجي حقن لاءِ مطالبا مڃرائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي. هتي هڪ اهم ۽ دلچسپ ڳالهه پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي لکڻ ٿو چاهيان، ته هو هڪ سياستدان جي حيثيت ۾ ان سينٽرل ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ موجود هو، جنهن جي ورانڊي ۾ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿيءَ بم ڦاڙي انگريزن خلاف نعرا هنيا هئا. پر هڪ وڪيل ۽ سٺي انسان جي حيثيت ۾ هن ڀڳت سنگهه ۽ ٻين قيدين سان پنهنجي همدرديءَ جي اظهار کي ڪنهن به صورت ۾ لڪائڻ نه چاهيو. لاهور جيل جي هنن قيدين جن بک هڙتال ڪئي انهن لاءِ جناح صاحب جا رمارڪس اڄ به تاريخ جو حصو آهن، جيڪي هن ريت آهن:
“The man who goes on hunger strike has a soul. He is moved by that soul, and he believes in the Justice of his cause.”
۽ ڀڳت سنگهه جي هن عمل تي جناح صاحب چيو هو:
...however much you say they are misguided, it is the system, this damnable system of governance, which is resented by the people...
23 مارچ 1931ع تي ڀڳت سنگهه ۽ سندس ٻن ساٿين کي لاهور ۾ ڦاسي ڏني وئي. ان وقت هن جي عمر 24 سال هئي. سندس لاش جو ڪريا ڪرم ستلج نديءَ جي ڪناري فيروز پور ضلعي جي ڳوٺ حسين آباد ۾ ڪيو ويو.
شهيد ڀڳت سنگهه بابت ٻه ٽي ٻيون ڳالهيون به لکندو هلان، ته هو هڪ بيحد جوشيلو نوجوان هو. جيتوڻيڪ مهاتما گانڌيءَ هر ڳالهه ڌيرج سان ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي، پر ڀڳت سنگهه ان ۾ ئي يقين رکيو ٿي ته وطن جي آزادي لاءِ جان جي قرباني ضروري آهي. ڀڳت سنگهه وارن جڏهن اسيمبليءَ ۾ بم اڇلايو، ته ان بعد پاڻ ۽ سندس ساٿين “انقلاب زنده باد” جا نعرا هڪ طرف هنيا ته ٻي طرف هنن پاڻ سان آندل پمفليٽ پڻ اڇلايا جن تي انگريزيءَ ۾ هي لکيل هو:
It is easy to kill individuals but you cannot kill the ideas. Great empires crumbled while the ideas survived.
روسي انقلاب بابت ڪتاب پڙهڻ بعد ڀڳت سنگهه مرڻ ئي چاهيو ٿي. جيئن هن جو موت هندستان جي نوجوان ٽهي ۾ اتهاس پيدا ڪري سگهي ۽ هو پاڻ ۾ هڪ ٿي انگريز راڄ سان ويڙهه ڪن.
جيل دوران ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين وائسراءِ کي خط لکيو ته هنن کي جنگي قيدي (Prisoner of war) مڃيو وڃي ۽ کين ڦاهي ڏيئي مارڻ بدران فائرنگ اسڪواڊ ذريعي فائر ڪيو وڃي.
ڀڳت سنگهه جي ڦاهيءَ کان چار ڏينهن اڳ ڀڳت سنگهه جو وڪيل معافي نامي جي درخواست ٺاهي ڀڳت سنگهه کان صحيح وٺڻ لاءِ پهتو، پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀڳت سنگهه جي زندگي ۽ ان دور تي بالي ووڊ ۾ ڪيتريون ئي فلمون ٺهي چڪيون آهن، جن مان سڀ کان جهوني فلم “شهيد” آهي، جيڪا 1965ع ۾ ٺهي. هن فلم ۾ منوج ڪمار ڀڳت سنگهه جو ڪردار ادا ڪيو. ڀڳت سنگهه بابت ٻه وڏيون فلمون سال 2002ع ۾ رليز ٿيون، جن مان هڪ The legend of Bhagat Singh ۽ ٻي فلم23 rd March: Shaheed آهي. ڀڳت سنگهه تي هڪ ٻي فلم شهيدِ اعظم نالي ٺهي، جنهن ۾ سونو سود، ماناوَ، راجيندر گپتا ۽ ساڌنا سنگهه ائڪٽنگ ڪئي آهي. تازي فلم سال 2006ع جي “رنگ دي بسنتي” آهي جنهن ۾ ڀڳت سنگهه کي انڊيا جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هن فلم جا اردو ۽ هندي گانا “سرفروشي ڪي تمنا...” ۽ “ميرا رنگ دي بسنتي چولا...” ڀڳت سنگهه جي وطن لاءِ محبت جي حوالي سان آهن.
سيپٽمبر 2007ع ۾ پاڪستان جي پنجاب صوبي جي گورنر خالد مقبول اعلان ڪيو، ته ڀڳت سنگهه جي ياد ۾ لاهور جي ميوزيم ۾ هڪ يادگار رکيو ويندو. گورنر جي چوڻ موجب “ڀڳت سنگهه ننڍي کنڊ جو پهريون شهيد هو جنهن جو مثال ان دور جي ٻين ڪيترن ئي فالو ڪيو.”
بهرحال ان ڏينهن ليو پولڊ هوٽل مان نڪري، شهيد ڀڳت سنگهه روڊ تي سک وڪيل سان ڪجهه دير واڪ ڪندو رهيس. هاڻ منهنجي لاءِ هي رستو فقط پٿرن ۽ ڏامر جو نه هو پر وطن جي آزاديءَ جو هو. انگريز حاڪمن سان غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ ويڙهه جو رستو هو... مون کيسي مان ڪئميرا ڪڍي هن روڊ جي ڪناري تي لڳل بورڊ جي تصوير ڪڍي ۽ هڪ تصوير هن جهوني ريسٽورنٽ ليوپولڊ ڪيفي جي به ڪڍي، جيڪا ممبئي جي ائين تاريخي هوٽل آهي، جيئن حيدرآباد جي ڪيفي جارج، رٽز، ونڊسر وغيره. جن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي سياستدانن، ڪامورن، اديبن، وڏيرن، ڪارخانيدارن ڪامريڊن ويندي جوارين، شرابين، لچن لفنگن، جوانن ۽ پوڙهن چانهه جي ڪوپ، بيئر جي گلاس يا وسڪيءَ جي پيگ تي ڪچهريون ڪيون هونديون... ناولن جا پلاٽ ڊسڪس ڪيا هوندا، راڳين ۽ ڌوڪڙين ريڊيو پاڪستان تان ڳائڻ لاءِ شاعرن جي گيتن جون ڌنون ٺاهيون هونديون، زميندارن ۽ واپارين هيرامنڊي جي مشهور ڳائڻين کي پنهنجي ڳوٺ جي اوطاق تي نچائڻ جا پلان ٺاهيا هوندا...
سال کن اڳ ۾ جدي بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ۽ لٽريچر جي شوقين چيف انجنيئر راشد ڪاظميءَ واتان ممبئي جي هن ڪيفي ليو پولڊ جو ٻڌو هيم. هو نيول اڪيڊمي جي ڏينهن کان وٺي ڪتابن پڙهڻ جو شوقين رهيو آهي ۽ اڄ به ڪو دلچسپ ڪتاب پڙهڻ تي هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون. ڏهه کن سالن کان هو سعودي عرب جي جهازن جي ديک ڀال ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن جو ممبئي به اچڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ هر دفعي ممبئي جي هن علائقي ڪولابا ۾ يا فورٽ جي ڪنهن هوٽل ۾ هن جو رهڻ ٿئي ٿو. ان ڏينهن ليو پولڊ هوٽل مان نڪرڻ وقت راشد ڪاظمي جو فون اچي ويو.
“ڪراچيءَ فون ڪيم ته خبر پيئي ته ممبئي ۾ آهين.” هن چيو.
“نه فقط ممبئي ۾ آهيان،” جواب ڏنومانس، “پر تو واري ليوپولڊ ڪيفي ۾ آهيان.”
“يار مون واري ڇا گريگري رابرٽ واري چئه.” راشد چيو.
“ڪهڙو گريگري...” مون کي ياد نه پيو سو مون حيرت مان پڇيومانس.
راشد ٽهڪ ڏيئي چيو: “يار ڪمال آهي! تو ئي ته ڪتاب خريد ڪري مون ڏي موڪليو. ايترو جلد “شانتا رام” وساري ڇڏئي.”
“شانتارام” جو ٻڌي مون هڪ دفعو وري هن ڪيفي ليوپولڊ ڏي ڏٺو، ان جي آس پاس نظر ڊوڙائي ۽ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ته هندستان جي آزادي جي متوالي شهيد ڀڳت سنگهه جي معلومات بعد ۽ انگريزي جو ناول ’شانتا رام‘ پڙهڻ بعد، هن ڪيفي ۽ علائقي جي منهنجي دل ۾ هڪ تاريخي ۽ ادبي حيثيت آهي نه ته هتان ائين ئي لنگهه ٿي وڃي ها. بنا ڪنهن سوچ ويچار جي!
انگريزي ناول Shantaram ڪنهن لکيو؟ ۽ ان گوري انگريز ليکڪ جو هن ڪيفي يا ممبئي سان ڪهڙو تعلق هو. ان جو دلچسپ احوال پنهنجي پڙهندڙن سان Share ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو پر ٻئي ڪالم/ مضمون ۾. هي ڪالم هتي End ٿا ڪريون.

No comments:

Post a Comment