Thursday, October 20, 2011

ننڍي کنڊ جي آڳاٽي يونيورسٽي - الطاف شيخ

ننڍي کنڊ جي آڳاٽي يونيورسٽي
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي لاءِ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان، ته انگريزي طرز جي هيءَ پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا انگريزن ممبئيءَ ۾ 1854ع ۾ قائم ڪئي. هيءَ يونيورسٽي پهريون سال ٻه ممبئي جي آڳاٽي ۽ مشهور ڪاليج ”ايلفنسٽن ڪاليج“ جي بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي، ان بعد اتي ئي فورٽ جي علائقي ۾ 1857ع ۾ نئين بلڊنگ ٺهڻ تي شفٽ ڪئي وئي. هيءَ ائين آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي پهرين حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ نوودياله اسڪول جي بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي، ان بعد ڄامشوري ۾ شفٽ ڪئي وئي.


ممبئي يونيورسٽي جيتوڻيڪ 1857ع ۾ پنهنجي بلڊنگ ۾ شفٽ ڪئي وئي، پر اڳتي هلي ممبئي يونيورسٽيءَ لاءِ هڪ نئون ۽ وڏو ڪئمپس 230 ايڪڙن جي پکيڙِ ۾ سانٽا ڪروز ۾ ٺاهيو ويو. هي علائقو ڪالينا سڏجي ٿو. ان ڪري هن ڪئمپس جو نالو ”ڪالينا ڪئمپس“ مشهور ٿي ويو آهي. ان سان گڏ پراڻو فورٽ وارو ڪئمپس به قائم آهي، جتي ممبئي يونيورسٽي جي ائڊمنسٽريشن ڊويزن ڪم ڪري ٿي.
ايلفنسٽن ڪاليج ۽ ممبئي يونيورسٽي جو فورٽ وارو ڪئمپس هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ سندن آڳاٽي زماني جون عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. توهان جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ به ممبئي آيل آهيو ته توهان جو ايندي ويندي هتان ضرور لنگهه ٿيندو. جيئن حيدرآباد گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو سنڌ يونيورسٽي جو ڄامشورو وارو ڪئمپس کڻي نه ڏسي سگهي، پر سندن سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۽ سول اسپتال حيدرآباد وٽان ضرور لنگهه ٿيندو هوندو. ممبئي جو فورٽ وارو علائقو ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جو صدر وارو علائقو جتان هر هڪ جو لنگهه ٿئي ٿو. جيڪو شهر جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو. انگريزن جي دور ۾ فورٽ جو علائقو ۽ ان جي آس پاس جيڪا ڏکڻ ممبئي سڏجي ٿي، ڪُل ممبئي اهو ئي هو. جيئن انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪراچي معنيٰ ٽاور کان صدر تائين. اڄ وارو لياقت آباد (لالو کيت)، ماڙيپور، ملير، لس ٻيلا چوڪ، لانڍي وغيره سڀ ڏورانهان ڳوٺ هئا، جيڪي هاڻ ملي گريٽر ڪراچي بڻجي ويا آهن. تيئن ڏکڻ ممبئي ۾ اڄ سانتا ڪروز ۽ کار کان وکرولي، انڌيري، مالاد وغيره ملي ويا آهن.
ممبئي جي هن علائقي جو نالو Fort (قلعو) هتي جي جهوني قلعي ’سينٽ جارج فورٽ‘ تان پيو آهي، جيڪو انگريزن (برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني) ممبئي جا ست ٻيٽ 1668ع ۾ حاصل ڪرڻ بعد يڪدم ٺهرايو هو. هن قلعي جا ٽي دروازا هئا: اپولو گيٽ، چرچ گيٽ ۽ بازار گيٽ. قلعي ٺهڻ سان ان جي چوڌاري گهر دڪان، عبادت گهر، هوٽلون ٺهڻ شروع ٿي ويون. بهرحال اڄ اهو قلعو موجود ناهي. 1860ع ۾ ممبئي جي گورنر سر بارٽل فريئر (جنهن جي نالي ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ، فريئر مارڪيٽ ۽ فريئر باغ آهي) ان کي ڊهرائي ڇڏيو جو اهو هاڻ ڪنهن ڪم جو نه رهيو هو. چرچ گيٽ وٽ ممبئي جي آخري ريلوي اسٽيشن آهي، جنهن جو نالو ئي ”چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن“ رکيو ويو آهي. چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽان توهان ناريمن روڊ جو اڌ ڪلوميٽر پنڌ ڪري مهاتما چوڪ (جيڪو فلورا فائونٽين به سڏجي ٿو) پهچي سگهو ٿا يا ممبئي جي ٻي آخري اسٽيشن CST (جيڪا وڪٽوريا ٽرمينس به سڏجي ٿي) وٽان ڊاڪٽر دادا ڀائي نائوروجي مارگ (روڊ) ڏئي فلورا فائونٽين پهچي سگهو ٿا. جتان پوءِ مهاتما گانڌي روڊ شروع ٿئي ٿو. جنهن تي ايلفنسٽن ڪاليج ۽ ممبئي يونيورسٽي (فورٽ ڪئمپس) آهي.
سال 1857ع ۾ بمبئي يونيورسٽي برپا ٿي ۽ 1887ع ۾ ڪراچي ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج کليو. انهن 31 ورهين جي عرصي ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌ جا پندرنهن سورنهن گرئجوئيٽ ٿيا يعني سراسري ٻن سالن ۾ هڪ گرئجوئيٽ ٿيو. ايم اي يا سائنس جي ڊگري ته ڪنهن هڪ ڄڻي به حاصل نه ڪئي جو سنڌ وارن لاءِ ممبئي ڏي وڃڻ جي سهولت نه هئي. ان دور جي ڪجهه گرئجوئيٽن جا نالا حاصل ڪري سگهيو آهيان جن ممبئي جي هن ايلفنسٽن ڪاليج مان پڙهي ڊگري حاصل ڪئي.
·           چوهڙ مل ڪندن مل پنجابي 1865ع.
·           آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي 1867ع.
·           مرزا صادق علي فريدون بيگ 1872ع
·           ٽيڪچند اوڌو داس واسواڻي 1875ع.
·           ڏيارام گدومل شهاڻي 1878ع.
·           هرچند راءِ وشنداس ڀارواڻي 1882ع (جنهن جو پوٽو ڪاڪو ڪشنچند حيدرآباد ۾ وڪيل آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيسن جي به هو وڪالت ڪندو آهي).
·           وزيرمل اتمچند لالواڻي 1884ع.
·           ٽهلرام کيمچند وزيراڻي 1884ع.
·           بولچند ڪوڏومل جڳتياڻي 1884ع.
·           هيرانند کيم سنگهه آڏواڻي 1886ع.
·           مٿرا داس جواهري 1886ع.
·           همت سنگهه گج سنگهه آڏواڻي 1886ع.
·           دلپتراءِ روچيرام لالواڻي 1886ع.
مٿين مان ٻه ڄڻا ديوان ڏيارام ۽ ديوان ٽهلرام اتان ئي 1886ع ۾ وڪالت پاس ڪري وڪيل ٿيا.
سال 1887ع کان اڳ (يعني ڪراچيءَ ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج کلڻ کان اڳ) فقط ٻن ڄڻن انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هڪ پريتمداس پرسومل جندناڻيءَ 1875ع ۾ ۽ ٻيو کيئا سنگهه رام سنگهه لُلا 1881ع ۾ انجنيئري پاس ڪئي. ڊاڪٽري جي ڊگري (يعني پهريون سنڌي ڊاڪٽر) 1886ع ۾ تارا چند جيرامداس واڌواڻي ٿيو.
بهرحال هيءَ فورٽ ڪئمپس واري ممبئي يونيورسٽي اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ شروع ٿي ۽ ان ئي سال 1857ع ۾ ڪلڪتي ۽ مدارس ۾ پڻ يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون. ممبئي يونيورسٽي برطانيا جي يونيورسٽين جي طرز سان هلائي وئي، جنهن جو ڪم ڪاليجن جي معرفت شاگردن کي تعليم ڏيڻ هو. اڄ هيءَ يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ مڃي وڃي ٿي ۽ کيس فائيو اسٽار رينڪ ڏني وئي آهي. ممبئي ۽ ڀر وارن ضلعن ٿاڻي (Thane) راءِ گاد، رتنا گري ۽ سنڌو درگ جا سمورا ڪاليج ممبئي يونيورسٽي سان Affiliated آهن. سڀ کان پهريون ڪاليج جيڪو ممبئي يونيورسٽي سان لاڳو ٿيو، اهو 1868ع ۾ سينٽ زئويئرڪاليج هو. ممبئي جو هي آڳاٽو ڪاليج اڄ به ڌوٻي تلاءَ واري علائقي ۾ مها پالڪا مارگ تي موجود آهي ۽ سندس خوبصورت بلڊنگ ڏسڻ وٽان آهي. هي ڪاليج 16 صديءَ جي هسپانوي سينٽ فرانسز زئويئر نالي ٺاهيو ويو، جيئن هن ۾ رومن ڪئٿولڪ عيسائي تعليم حاصل ڪري سگهن. اڄ به هن ڪاليج ۾ 50 سيڪڙو ڪئٿولڪ عيسائي شاگرد کنيا وڃن ٿا. هتي جي مشهور مئگزين India Today جي جون 2006ع واري پرچي ۾ هن ڪاليج جي ٽائيٽل تي تصوير آئي هئي ۽ هن ڪاليج کي انڊيا جو بهترين ڪاليج قرار ڏنو ويو هو.
بهرحال اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي هفتو کن گهمڻ لاءِ اچي ڪنهن ڪاليج ۾ ڪا داخلا نه وٺڻي آهي، پر ان جي خوبصورت عمارتن اڳيان بيهي تصوير ضرور ڪڍائڻي آهي. ان ڳالهه لاءِ پڻ هي ڪاليج بهترين آهي. ٿي سگهي ٿو هن ڪاليج جي عمارت وٽ پهچي توهان کي لڳي ته ان عمارت جي تصوير توهان ضرور ڏٺي آهي ۽ پڪ ڏٺي به هجي جو جتي ممبئي جي ڳالهه هلي ٿي، اتي ممبئي جي ميونسپالٽي، ڪرائفرڊ مارڪيٽ،CST  ۽ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن، ايلفنسٽن ڪاليج ۽ سينٽ زئويئر ڪاليج جي عمارت جي تصوير جو هجڻ به لازمي سمجهيو وڃي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته هي ڪاليج ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ به نظر اچي ٿو. سال 2008ع جي فلم ”جاني تو... يا جاني نا“ فلم جي گاني ”ڪبهي ڪبهي عادتي...“ ۾ هن ڪاليج جي بلڊنگ استعمال ٿيل آهي. سال 2004ع جي انڊين فلم ”مين هون نا“ ۾ هن ڪاليج جي لائبريري استعمال ٿيل آهي. ان کان علاوه سال 2003ع جي فلم ”ڪچهه تو هي“ ۾ به هي ڪاليج ڏيکاريو ويو آهي. گذريل سال هن ڪاليج جي 140هين سالگرهه جي فنڪشن تي آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ هيلري ڪلنٽن هن ڪاليج کي وزٽ ڪيو ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه جو سيشن رکيو. هن ڪاليج ۾ داخلا ملڻ اڄ به وڏي فخر جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. هن ڪاليج مان ملڪ جي ڪيترين ئي نامور شخصيتن تعليم حاصل ڪئي آهي. اسان جا ماڻهو انڊيا جي فلمي ماڻهن کي وڌيڪ سڃاڻن ٿا سو انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن، جن هن ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي: انيل ڪپور، فريدا پنٽو، تابو، سميتا پاٽل، شبانا اعظمي، فاروق شيخ، پنڪج اداس، اسماعيل مرچنٽ، زبن مهتا وغيره. فريدا پنٽو پنهنجي پهرين فلم سِلم ڊاگ ملينر ۾ لاتيڪا جو پارٽ ادا ڪرڻ ڪري مشهور ٿي. فريدا پنٽو جيڪا ماڊل ۽ فلمي ائڪٽريس آهي 1984ع ۾ ممبئي ۾ ڄائي. سندس پيءُ سينٽ جان هاءِ اسڪول، گوريگائون ممبئي جو پرنسپال آهي. فريدا سينٽ زئويئر ڪاليج مان انگلش ۾ MA ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ بالي ووڊ جي سڀ کان ڳري في وٺندڙ فلم ائڪٽريس مڃي وڃي ٿي.
بهرحال هي ڪاليج گهمڻ دوران هڪ هنڌ لکيل هيءَ دعا نوٽ ڪئي اٿم جيڪا پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکي رهيو آهيان.
Take and receive, O Lord my liberty,
Take all my will, my mind my memory,
Do thou direct and govern all and sway,
Do what thou wilt, command and I obey.
Only thy grace and love on me bestow,
Possessing these, all riches I forgo.
All things I hold and all I own are thine,
Thine was the gift, to thee I all resign.
Lord teach me how to serve,
Gladly as you deserve,
To give and not to count the cost, to fight not heeding pain,
May I give of my best, may I not seek for rest,
And ask for no reward save that, l know l do your will.
هن ڪاليج جي بيحد پڙهيل ڳڙهيل پروفيسرن ۽ وقت جي پابند Disciplined شاگردن سان ملي تمام گهڻو متاثر ٿيس. تقريباً هر سبجيڪٽ لاءِ Ph.D پروفيسر آهي. هن وقت مون کي فقط ٻن ڄڻن جا نالا ياد آهن. هڪ جيالاجي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر نجفي ۽ ٻي هندي زبان جي پروفيسر آشا دياما. اسان وٽ به ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ ته ڪاليج سٺي نموني پيا هلن. باقي اندروني سنڌ جي ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ منهنجي دل چوندي آهي، ته پرنسپال صاحب اهو ئي چوندو آهي ته سائين ٻه چار ڏينهن اڳ ۾ اطلاع ڪجو ته شاگردن کي ٻڌايون، هو ڪاليج اچن ئي ڪو نه ٿا. شاگردن کان پڇ ته هو اهو ئي سبب ڏين ٿا ته سائين ماستر نه اچن ٿا ۽ نه پڙهائين ٿا. اسان ڪاليج وڃي ڇا ڪريون.
افسوس اهو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو جيڪو خراب حال آهي، اهڙو شايد ڪنهن آفريڪا جي ملڪ ۾ هجي ته هجي باقي مون کي ته نٿو سُجهي ته ڪنهن ايشيا جي ملڪ ۾ آهي.

ممبئي يونيورسٽي جو ڪالينا وارو ڪئمپس ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو وانگر تمام وڏو آهي. اٽڪل 9 لک 30 هزار چورس ميٽر چيو وڃي ٿو. سندس سينٽرل لائبريري ”جواهر لعل نهرو لائبريري“ آهي جنهن ۾ ڏهه لک کن ڪتاب، 30 هزار مائڪرو فلمون ۽ 1200 ناياب قلمي نسخا (ڪتاب) آهن. آئون ٻه دفعا هن لائبريريءَ ۾ ويس. ٻئي دفعا سنڌي سيڪشن وارا ڪتاب ڏسندو رهيس. جتي سنڌ  هند جا ڇپيل ڪتاب نظر آيا. پنهنجن ئي همعصر ۽ دوستن جي ڪتابن جا مڪمل سيٽ ڏسي مون کي حيراني ٿي، جو سنڌ کان وڏو عرصو ٻاهر رهڻ ڪري انهن ڪتابن جي ڇپائيءَ کان اڻواقف هوس.
ممبئي يونيورسٽي ۾ مختلف سائنس جي سبجيڪٽن کان علاوه ڪيترين ئي زبانن جا ڊپارٽمينٽ آهن، جهڙوڪ: هندي، مراٺي، سنڌي، اردو، فارسي، عربي، فرينچ، جرمن، گجراتي، روسي، سنسڪرت، پالي ۽ ڪنهڙ (Kanada) وغيره. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ هنڌ ڊپارٽمينٽ آف آفريڪن اسٽيڊيز، ڊپارٽمينٽ آف سينٽرل يوروشين اسٽيڊيز ۽ ڊپارٽمينٽ آف ڊراميٽڪ آرٽس پڻ نظر آيا.
ممبئي يونيورسٽي گذريل ڏيڍ صديءَ کان دنيا جي هن حصي ۾ هڪ اهم تعليمي ادارو رهندو اچي. منجهانئس ڪيتريون اهم شخصيتون تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن، جهڙوڪ: مهاتما گانڌي، پاڪستان جو پهريون صدر اسڪندر مرزا، 1994ع جي مِس ورلڊ ايشوريا راءِ، انڊيا جو سابق وزيراعظم نرسمهارائو، سال 2000ع جي مس ورلڊ لارا دُتا، ڪرڪيٽ پليئر سنيل گواسڪر (جيڪو سينٽ زئويئر ڪاليج جو به شاگرد رهيو)، اهڙي طرح سميتا پاٽل ۽ شبانا اعظمي، تنزانيا جو وزيراعظم (94-1990ع) جان سئميوئل ماليسيلا، ڀولا ڀائي ڏيسائي، سر فيروز شاهه مهتا، رفيق زڪريا، لالا ڪرشنا آڏواڻي، ذاڪر نائڪ Peace چئنل وارو، وغيره.

No comments:

Post a Comment