Tuesday, October 25, 2011

ماڻهو منهنجي ديس جا - الطاف شيخ

ماڻهو منهنجي ديس جا
 الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ ممبئي جي يهودي فئملي ساسون جي خير جي ڪمن جي ڳالهه ڪئي، جيڪي هنن ممبئي ۾ قائم ڪيا. هن فئملي جي وڏي ڊئوڊ ساسون جيڪو بغداد کان لڏي ممبئي آيو هو، تنهن 1867ع ۾ هڪ اسپتال پوني ۾ پڻ ٺهرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ هتي جي وڏين اسپتالن مان هڪ آهي، جنهن سان پوني جوB.J  ميڊيڪل ڪاليج ۽ نرسز ٽريننگ اسڪول پڻ لاڳو آهي. ٺهڻ وقت هيءَ اسپتال 144 بسترن جي هئي. اڄ اها 1500 بسترن جي آهي ۽ منجهس يتيم ٻارن جي رهائش جو بندوبست پڻ آهي.
 
ممبئي جو ”ساسون ڊاڪس“ ۽ ساسون لائبريري ته بعد ۾ ممبئي پهچي ڏٺم. ان کان اڳ پوني ۾ رهائش دوران پهرين هيءَ اسپتال جيڪا اڄ ڪلهه ساسون جنرل اسپتال سڏجي ٿي نظر آئي. پوني ۾ جتي منهنجي رهائش هئي، يعني ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ، اتان پوني جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن ايترو پري هئي جيترو ڪراچي جي صدر پوسٽ آفيس کان زينب مارڪيٽ. پوني ريلوي اسٽيشن وٽ ئي ساسون روڊ آهي جنهن تي هيءَ ساسون اسپتال آهي، جنهن تائين جهڙالي موسم ۾ آئون اڪثر واڪ ڪري ويندو هوس.
انڊيا اچڻ کان اڳ جيڪڏهن سائين جي ايم سيد صاحب جو ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب نه پڙهي اچان ها ته شايد هن اسپتال جو ذڪر به نه نڪري ها، پر پوني ۾ ساسون روڊ تان واڪ ڪندي يڪدم سنڌ جو اديب، تاريخدان، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايت ۽ زبان بابت کوجنا ڪندڙ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ياد اچي ويو. جنهن بابت سائين جي ايم سيد جن لکيو آهي ته هندستان جي ورهاڱي بعد ڪاڪو ڀيرومل ڪراچيءَ ۾ رهيل هو. پر گذر جي تنگيءَ ڪري مجبور ٿي نومبر 1949ع ۾ بمبئي لڏي ويو، جتي هو ڪجهه عرصو پوني جي ساسون اسپتال ۾ رهڻ بعد 7 جولاءِ 1950ع ۾ گذاري ويو.
۽ هاڻ پوني ۾ هن ”ساسون جنرل اسپتال“ وٽان هر وقت لنگهندي مون کي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي ياد ٿي آئي، جنهن جا زندگي جي گذريل اڌ صديءَ ۾ مون جهڙن مطالعي جي شوقينن خبر ناهي ڪيترا ڪتاب پڙهيا هوندا. تازو ٻه ٽي سال اڳ ڪاڪي ڀيرومل جي سنڌ جي هندن جي تاريخ جا ٻه جلد جيڪي 1947ع ڌاري ڇپيل هئا، انهن جو گڏيل ڇاپو حيدرآباد جي روشني پبليڪيشن ڇپرايو آهي. اڄ جو نوجوان جيڪو ننڍي هوندي کان انگريزي پڙهي ٿو، اهو هن عظيم انسان جي ادبي خدمتن کان شايد اڻ واقف هجي، جنهن بابت پير علي محمد راشدي صاحب جن پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ لکيو آهي ته:
”... ڪاڪو ڀيرومل ڊگهو ۽ هڏن جو پڃرو هو. آبڪاريءَ مان استاديءَ کي پهتو. سنڌي گرامر کي سمهوئي ويو. درسي ٻاراڻا ڪتاب جيڪي لکين ٻارن پئي پڙهيا، سي سندس لکيل هئا. ٻوليءَ جي مسئلن ۾ سندس راءِ آخري حرف هوندي هئي...“
ماءُ جي پيار بابت بيت ”ڪنهن مون کي ٿي کير پياريو“، لاباري بابت ”ِاِجهو اسوءَ جو مهينو آيو“، ماکيءَ جي مک بابت ”وقت چوي مان بادشاهه آهيان“ جهڙا ٻارن جي درسي ڪتابن لاءِ جوڙيل بيتن جو شاعر ڪاڪو ڀيرومل سن 1875ع ۾ حيدرآباد ۾ منشي مهرچند آڏواڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. منشي مهرچند سيٽلمينٽ کاتي ۾ هيڊ منشي هو ۽ ڪاڪي ڀيرومل جو ڏاڏو آئل مل اجو مل مختيارڪار هو. ڪاڪو هڪ هنڌ پنهنجي پيءُ مهرچند لاءِ لکي ٿو ته هن جو 40 رپيا پگهار هو. 1888ع ۾ پنشن تي لٿو ته 20 رپيا پگهار ٿيو. سندس انگريز عملدار مسٽر گلبرٽ ڪوپر کيس انعام طور 500 ايڪڙ زمين ڏني ۽ هو زندگيءَ جا باقي ڏينهن پنهنجي سوٽ خداآبادي عامل پئنچائت جي مکي (۽ ديوان نولراءِ ۽ ساڌو هيراند جي ڪاڪي) ديوان خوبچند آڏواڻيءَ سان گڏجي کاٽين جا ٺيڪا کڻندو رهيو.“
ڪاڪي جي پتا جو چالاڻو 1905ع ۾ ٿيو. ڪاڪي بنيادي تعليم ۽ مئٽرڪ حيدرآباد مان ڪئي. 1895ع ۾، ويهن سالن جي ڄمار ۾ سالٽ ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ گهڙيو. ۱۹۲۴ع ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر جي عهدي تان پينشن ورتائين. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو جنهن بمبئي يونيورسٽي مانM.A  ڪئي هئي ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن هو تنهن کي ڊي. جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج ۾ هڪ سؤ رپيه پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو هو. سگهو ئي هو صاحبPh.D  جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت اسهيو ۽ ساڳئي سال ۱۹۲۴ع نومبر ۾ سندس جاءِ تي ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ کي ليڪچرار مقرر ڪيو ويو.
ڪاڪو ڀيرومل پنهنجين يادگيرين ۾ ان بابت لکي ٿو ته؛ ”مون کي پڙهائڻ جو گهڻو شوق هو. سو مون کي جيئن ئي ڊي جي ڪاليج ۾ ليڪچرر جي آفر ٿي ته ايڪسائيز کاتي جي 200 رپين واري نوڪري ڇڏي هڪ سؤ رپيا پگهار تي شاگردن کي اچي پڙهايم. بي اي جي شاگردن ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيم ۽ پنهنجو پورهيو سجايو سمجهيم.
ڪاڪي ڀيرومل 28 سال ايڪسائيز کاتي ۾ ۽ 13 سال ڪاليج ۾ نوڪري ڪئي. انهن ايڪيتاليهه ورهين جي عرصي ۾ هن پنجيتاليهه ڪتاب لکيا. سفرنامي جي حوالي سان پڻ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو هن 1923ع ۾ ”سنڌ جو سيلاني“ جي عنوان سان لکيو. هن ڪتاب جا پيش لفظ ڄيٺمل پرسرام (1948ع-1885ع) لکيا. سندس هڪ ڪتاب ”سوڍن جي صاحبي“ جيڪو ٿر بابت آهي 1924ع ۾ ڇپيو هو. سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”شاهه لطيف جو هنگلاج ڏي سفر ۽ واپس گرنار ۽ ٿر اچڻ“ جيڪو 1929ع ۾ ”لطيفي سئر“ Research work on travels of shah latif  جي نالي سان ڇپيو. هن جي پيش لفظ ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب لکي ٿو ته وڏي عرصي کان آئون هن قسم جو ڪتاب لکڻ جي جستجو ۾ لڳو رهيس، پر ڀيرومل جنهن محنت ۽ ڄاڻ سان لکيو آهي ان سان آئون هرگز نه لکي سگهان ها.“
ڀيرومل جا لکيل ڪجهه مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
·        سنڌي ٻولي 1925ع.
·        سنڌي ٻولي جي تاريخ 1941ع.
·        قديم سنڌ 1944ع.
·        سنڌ جي هندن جي تاريخ ٻه حصا 1946.
ڪاڪي ڀيرومل ڪيترائي ٻارن لاءِ شعرن ۽ ڪهاڻين جا پڻ ڪتاب لکيا آهن. سندس تخلص ”غريب“ هو.
·        گلزارِ نظم (ٻارن جي شاعريءَ جو ڪتاب) 1909ع.
·         موهني ٻائي (ناول 1910ع.
·        آنندا سندريڪا 1901ع.
·        گولن جا گولا 1928.
·        پنگتي مقدمو (ڊرامو)
·        بزازن جو ناٽڪ.
بزازن جو ناٽڪ هڪ مزاحيه ڊرامو آهي، جنهن ۾ ڪاڪي ڀيرومل ڏيکاريو آهي، ته ڪيئن ڪپڙو وڪڻڻ وارا گهوريئڙا در در تي وڃي، چالاڪيءَ سان مٺي زبان استعمال ڪري عورتن کي ڀنڀلائين ٿا ۽ کين ڪپڙو وٺڻ تي مجبور ڪن ٿا.
بهرحال پوني ۾ رهائش دوران واڪ ڪندي يا رڪشا ۾ ڪيڏانهن نڪرڻ مهل ساسون اسپتال وٽان هڪ ٻه دفعو ضرور گذر ٿيندو هو ۽ ڪاڪي ڀيرومل جي ياد اچڻ ڪري هن تي هتي ڪجهه لکيو اٿم. جيئن ممبئي جي هيمون ڪالاڻي مارگ وٽان لنگهندي هيمون بابت لکي چڪو آهيان. هيمون سکر سنڌ جو ويهن سالن جو نوجوان ڇوڪرو هو. تازو مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هئائين. هن ننڍي کنڊ کي انگريزن جي ڄار مان آزاد ڏسڻ چاهيو ٿي. هن انگريزن خلاف بغاوت ڪئي، کيس ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. ان وقت جي اهم سياستدانن جمشيد مهتا، ساڌو ٿانورداس واسواڻي، پيرزادو عبدالستار، سوامي هرنامداس ۽ ويرومل بيگراج جهڙن هيمون ڪالاڻيءَ کي گهڻو ئي سمجهايو، ته هو رحم جي اپيل تي صحيح ڪري پر هن موت کي ترجيح ڏني.
هيمون ڪالاڻيءَ لاءِ پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي پهرين جلد ۾ لکي ٿو، ته ملڪ جي آزاديءَ خاطر جن پروانن شمعِ وطن اڳيان پنهنجين ڳچين جا ڳٽ نذر ڪيا، تن مان هڪ هيمون ڪالاڻي به هو. کيس جڏهن ڦاسيءَ جي سزا ملي ته مٽن مائٽن سندس پاران گهڻيون ئي رحم جون درخواستون ڪيون پر هيمون پاڻ ڪنهن تي صحيح نه ڪئي. ملٽري ڪمانڊر پنهنجا عملدار موڪلي اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ته هيمونءَ کي پنهنجي ڪئي تي شرمندگي محسوس ٿي آهي يا نه، جيئن هو مٿانئس ڦاسي جي سزا معاف ڪري. پر هيمونءَ کي موت کان ڪا ڪنبڻي محسوس نه ٿي. هن چيو: ”جيئرو رهيس ته وري به اهڙا ڪم ڪندس! ۽ اوستائين جاري رکيو ايندس، جيستائين انگريزن جي حڪومت هندستان مان ختم ٿي نه وڃي!“ انگريزن ڪيترا مهينا ڦاسي روڪي رکي ته من ڇوڪرو پڇتائي پر هيمونءَ لاءِ پريشاني ۽ پشيماني ناممڪن ڳالهه هئي. آخر تنگ ٿي، تختي تي چاڙهيائونس. رسيءَ کي چمي ڏنائين ۽ کلندي ساهه سائينءَ جي سپرد ڪري ڇڏيائين...“
ممبئي ۾ آخري ڏينهن تي چمبر علائقي مان لنگهندي ”امر شهيد هيمون ڪالاڻي ميموريل بلڊنگ“ نالي هڪ ڇهه ماڙ بلڊنگ نظر آئي ۽ مون کي سنڌي جي شاعر نند جويري کان خبر پئي ته هيمون ڪالاڻي جي فئملي (ٻه ڀائر ۽ ڀيڻ جو اولاد) پڻ اتي رهي ٿي. افسوس جو مون کي وقت نه هو پر مون فون تي هيمونءَ جي ڀاءُ ٽيڪچند ۽ سندس زال ڪملا سان ٻه ٽي دفعا ڳالهايو ۽ سندس حال احوال ورتو. سکر ۾ رهندڙ پيسومل ڪالاڻي ۽ سندس زال ڄيٺي ٻائيءَ کي ٽي پٽ: هيمون، ٽيڪچند ۽ پوڪرداس هئا ۽ هڪ ڌيءَ هرديوي هئي. پوڪر به سگهو ئي گذاري ويو ۽ کيس ڪو اولاد نه ٿيو. هرديويءَ جي ميلواڻيءَ سان شادي ٿي. پاڻ زال مڙس لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، پر کين چار پٽ ۽ ٽي ڌيئرون آهن جيڪي انڊيا جي مختلف شهرن ۾ رهن ٿا. سو هيمونءَ جي ڀائرن ڀينرن منجھان هن وقت فقط ٽيڪچند ۽ سندس زال ڪملا جيئري آهي ۽ بمبئي جي علائقي چمبر ۾ پنهنجن ٻن پٽن سريش ۽ نريش سان گڏ رهن ٿا. کين هڪ ڌيءَ ڪويتا آهي، جنهن جي شادي ڊاڪٽر گرمک ڪوٽواڻيءَ سان ٿي آهي. ڊاڪٽر گرمک ممبئي جو مشهور چائلڊ اسپيشلسٽ آهي. سريشB.com  ڪرڻ بعد عمارتسازيءَ (Builder) جو ڪم ڪري ٿو، سندس زال  جو نالو الڪا پرياڻي آهي. نريش کي پلاسٽڪ شيٽون ٺاهڻ جو ڪارخانو آهي ۽ سندس زال جو نالو سنگيتا آهي.
هيمون جو ڀاءُ ٽيڪچند هن وقت 76 ورهين جو آهي ۽ سندس زال ڪملا 71 سالن جي آهي. کين چمبر ۾ سرڪار طرفان جيڪو پلاٽ مليو، ان تي ٺهرايل هن ڇهه ماڙ عمارت ۾ هيمون ڪالاڻي جونيئر ڪاليج کان علاوه شريمتي جمنا ٻائي واڌوا ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ۽ ڪوٺاري ڪاليج آف مئنيجمينٽ آهن. هنن سڀني ڪاليجن ۾ فقط ڇوڪريون پڙهن ٿيون. هيمون ڪالاڻيءَ جي ڀاڄائيءَ ٻڌايو، ته ڪوٺاري هڪ گجراتي سخي مرد آهي، جنهن ڪاليج ٺهرائڻ لاءِ 60 لک رپيا ڏنا، ان ڪري هن ڪاليج تي سندس نالو رکيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح جمنا ٻائيءَ جي اولاد ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ٺهرائڻ ۾ مدد ڪئي، ان ڪري اهو ڪاليج سندس ماءُ جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. ممبئي ويندڙ لاءِ، هيمون ڪالاڻي جي مائٽن سان ملڻ لاءِ هن بلڊنگ تائين پهچڻ جو سولو طريقو اهو ئي آهي، ته هو بس يا آٽو رڪشا ۾ چمبر هليو وڃي، جتي انلئڪ(Inlaks)  اسپتال پڇرائي جنهن جي سامهون هيءَ ٽن ڪاليجن واري عمارت ”هيمون ڪالاڻي ميموريل بلڊنگ“ آهي، جنهن جو فون نمبر 25531696 (22-0091) آهي. هي علائقو سنڌي ڪالوني به سڏجي ٿو.
هتي اهو به لکندو هلان ته 21 جنوري 1943ع تي هيمونءَ کي سکر جي جيل ۾ ڦاهي اچڻ بعد 26 جنوري تي جواهر لعل نهروءَ هيٺين لفظن ۾ هيمونءَ کي خراج تحسين پيش ڪئي هئي:
“My mind traveled to Sindh where a few days ago a young boy Hemu aged 20 was sent to scaffold by a martial law court for the offence of tampering or attempting to tamper with railway lines. This execution struck me as something which will have far reaching consequences all over India, especially among the youth. The blood of Hemu and others will long stand witness.”
ٻن سالن بعد، سن 1945ع ۾ جڏهن نهرو ڪراچي آيو، ته هو هيمون ڪالاڻيءَ جي گهر سکر ويو ۽ هن جي ماءُ سان ملي خراجِ عقيدت پيش ڪيائين.
هتي اهو به لکندو هلان ته دهلي جي پارليامينٽ هائوس ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي آفيس اڳيان هيمون ڪالاڻيءَ جو پتلو(Statue)  رکيل آهي ۽ هيمونءَ جي ياد ۾ چمبر ۾ به هڪ رستي جو نالو ”هيمون مارگ“ آهي. اندور شهر ۾ هڪ چونڪ جو نالو هيمون چوڪ آهي ۽ اتي پڻ هيمونءَ جو پتلو رکيل آهي. ممبئي جي ڀر واري شهر الهاس نگر (جنهن کي سنڌونگر به سڏين ٿا) جي هڪ چوڪ وٽ پڻ هيمونءَ جو پتلو(Statue)  رکيل آهي. راجستان رياست جي هڪ شهر جوڌپور جي هڪ چوڪ جو نالو پڻ هيمون چوڪ آهي، جنهن جي وچ تي هيمونءَ جو پتلو رکيل آهي. راجستان جي هڪ ٻئي شهر اجمير جي ڊگھي بازار چوڪ وٽ پڻ هيمونءَ جو پتلو رکيل آهي ۽ اجمير جي لاکان ڪوٺڙي علائقي جي هڪ محلي جو نالو هيمون ڪالاڻي محلو آهي. دهلي جي لجپت نگر علائقي ۾ هڪ سينئر سيڪنڊري اسڪول آهي، جنهن جو نالو شهيد هيمون ڪالاڻي سروودايا بال وديالا آهي.

No comments:

Post a Comment